سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل اپريل 2025ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: نجمه پنهور

 

]

 

 [03

مَکُ ڏِيهاڻِي مَڪُرِي، تُنَ تُنيندو آءُ

سانباهِي سَمُونڊَر جي مَنا مُورِ مَ لاه

اَڄُ ڪِ سَنجِهه صُباح، اُهَر ندين اَتانگَهه تَڙين.

سمجھاڻي: تون پنھنجي ٻيڙيءَ کي روزانو مک ڏي  ۽ منجھس جيڪي سوراخ پئجي ويا آھن، انھن کي (خيال سان) چڱيءَ ريت ڀريندو ۽ بند ڪندو رهه. (اهڙيءَ طرح)  سمنڊ جي ويرن جي چڙهڻ ۽ لھڻ (واري خوفناڪ صورتحال) کي پنھنجيءَ دل تان هرگز فراموش نه ڪر. اڄ يا سڀاڻي توکي پنھنجي انھيءَ ٻيڙي سان ئي ته سمنڊ جي تمام  اونھن ۽ ڏکين تڙن تي وڃڻو آھي (جيڪڏھن تنھنجي اھا ٻيڙي صحيح حالت ۾ نه هوندي ته اهو ڏکيو سفر ڪيئن ڪري سگھندين.)

[04]

مُون ٿي چَيُئِه ڪانڌَ!، ڀُتِي ڀاڙِ مَ مَڪُرِي

سِڙَهه پُراڻا پاندَ، لَهرِيُون صَحِيءُ لَڳنديُون

سمجھاڻي: اي منھنجا ڀتار، (زال جي مڙس کي پارت) مون توکي ڪونه چيو هو ته ڪمزور ڪاٺ واري ٻيڙيءَ کي ڀاڙي تي نه وٺ (اها ڌڪ ڪونه جھليندي). (خاص طور) ان جا سڙهه ڏاڍا پراڻا آهن (جيڪي تيز واءُ جي سٽَ ڪونه سھندا). ڇو ته سمنڊ جون لھرون ھر وقت پنھنجي پوري زور سان پيون ھلنديون آهن (انھن جي زور ۾ ڪا ڪمي نه هوندي.)

[05]

مَنجها پيئِي مَڪُرِيءَ ڪا جا پاڻِيءَ پِڪَ

وَکَرُ هَڻِي وِڻِڪَ، ڪَٽجِي ڪارو ٿِئو.

سمجھاڻي: ٻيڙيءَ ۾ اندران (ڪنھن سوراخ منجھان سِمي) ٿورو ٿورو پاڻي داخل ٿيندو رھيو آھي ان جي ڪري سامان کي ڪس لڳي ويئي ۽ اھو ڪارو (خراب) ٿي ويو آھي.

[06]

مَنجها پيئِي مَڪُرِيءَ ڪا جا پاڻِيءَ بُوندَ

مُون سي ڏِٺا رُوندَ، وَکَرُ جَنِ وِڃائِيو.

سمجھاڻي: ٻيڙيءَ ۾ اندر ئي اندر ڪٿان (ڪنھن سنھي سوراخ مان سِمي) پاڻي جمع ٿيو آھي، جنھن ڪري اندر پيل سامان خراب ٿي ويو. اھڙيءَ حالت ۾ مون سامان جي مالڪن کي رئندي ۽ دانھون ڪندي ڏٺو.

[07]

توڙي تَوائي، توءِ تُنهنجي آسَري

جِئَن وَڻِجاري سين وَکَري، تِئَن مون گهَرِ سَرَهائِي

سَڄَڻَ ڳَرِ لائِي، کِيرُون ڏِيندَيَسِ جيڏِيين.

سمجھاڻي: (وڻجاريءَ جو انديشو) جيتوڻيڪ ٻيڙي تڙ کان توائي (پري) ٿي ويئي آهي (صحيح گس وڃائجي ويو اٿس)، پر تڏهن به (اي مالڪ) اها تنھنجي آسري تي آهي. ليڪن جيستائين وڻجاري وٽ مال (صحيح سلامت) آهي، تيستائين  منھنجي گھر ۾ خوشي ئي خوشي آھي. مون کي اُميد آھي ته جڏهن سڄڻ گھر ورندا ۽ مون سان ملندا ته آءٌ پنھنجي جيڏين سرتين کي انھيءَ خوشيءَ ۾ شامل ڪنديس (مٺائي ورھائنيديس).

شاهه جو رسالو

]سُر سري راڳ - داستان ٽئو. محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سمجھاڻي ۽ مفھوم: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ[

 

 

 نعيم احمد نورالدين عباسي

سيدو باغ/ڪنڊيارو

حمد

هجين دل ۾ هميشه منھنجي خدا،

ٻيو ڪير نه مون کي ياد هجي

ڪيان عرض هميشه تنھنجي اڳيان

ٻيو ڪنھن نه اڳيان فرياد هجي

 

منھنجو جسم ھجي مان جھاد ڪيان،

تنھنجي راھه ۾ وڙهندي شھيد ٿيان،

جڏھن محشر ۾ سامھون تنھنجي ٿيان،

ڏئين جنت ٻيو نه حساب هجي.

 

سر منھنجو ھجي توکي سجدا ڪيان،

گھر تنھنجي اچي تنھنجي سامھون جُھڪان،

رضا توکان مان ربّ روئي وٺان،

ٿئين راضي نه مون کي عذاب هجي.

 

منھنجيون اکڙيون ھجن تنھنجو قرآن پڙھان،

ڪنھن نامحرم ڏي نه نظرون کڻان،

مون کي اهڙو بڻاءِ جو توکي وڻان،

تنھنجو ھر پل مون سان ساٿ ھجي.

محمد ياسين ڪنڀر

سلطانپور/پنو عاقل

نعت

 

 

رسولن جو سردارُ آ مير مُرسلﷺ،

محمدﷺ مٺو يارُ آ مير مُرسلﷺ.

 

چَتُون چيھا جنھن جي محبت ۾ ڳائن،

سمورن جي دل جو ٺارُ آ مير مُرسلﷺ.

 

محمدﷺ آ شافع محمدﷺ آ رافع،

۽ اڙين جو آڌار آ مير مرسلﷺ.

 

جڳن جوتِ پاتي جمالِ نبيءَ سان،

ٿيو سڀني جو سينگار آ مير مرسلﷺ.

 

نبي نور نافع غمن جو آ دافعُ،

دلي دوست دلدار آ مير مرسلﷺ.

 

نزع وقت صلّ على شل پڙھان مان،

مون ياسين جو ھارُ مير مرسلﷺ.

ارباب علي عادل چوهاڻ

شڪارپور

وڻڪار

رستن کان وڻڪار ڪجي،

هر پاسي ٿڌڪار ڪجي.

صاف شفاف رکون رستا،

گند کان منُ بيزار ڪجي.

چؤراهن تي وڻ پوکي،

شھرن کي گلزار ڪجي.

وڻ اٿئي ماحول دوست سچي،

ڳالھه اها نروار ڪجي.

گھر ۾، ڀر ۾ چوڌاري،

وڻ پوکي سھڪار ڪجي.

وڻ پوکڻ جي مُند آئي،

ٻارن کي به تيار ڪجي.

ننڍڙن وڏڙن تي آ فرض،

فرض ادا هر بار ڪجي.

وڻ ٽڻ قومي دولت اٿئي،

خيال سندن سؤ بار ڪجي.

وڻ ۾ ٿُڙ پن گل ٽارين جو،

تفصيلي اپٽار ڪجي.

عادل سان گڏ مڪتب ۾،

وڻ پوکي مھڪار ڪجي.

امداد سروري

آراضي/سيوهڻ

سنڌ جا ٻار

جتي ٻار سنڌ جا پٽن تي پڙهن ٿا،

اُتان ئي نصيبن جا رستا کُلن ٿا.

 

جتي الف ب کان  سبق ٿئي شروع ٿو،

اُتي ٻار مُرڪي مُرڪي ملن ٿا.

 

اٿن پينَ هٿ ۾، ۽ ٻاراڻي ٻولي،

پڙهن ٿا لکن ٿا جھومي نچن ٿا.

 

ڪيڏي نه مٺڙي آ ٻاراڻي ٻولي،

پڙهي بيت شاهه جا گھڻو خوش ٿين ٿا.

 

هي ڊوڙون ۽ رانديون امتحان تن جا،

ڪڏهن مُرڪ آهي ڪڏهن هي روئن ٿا،

 

هوائن ۾ گونجي ٿو آواز مٺڙو،

جڏهن گڏجي قومي ترانو پڙهن ٿا.

 

عمر  ڪيڏي پياري ته ٻاراڻي آهي،

امداد دل ۾ اُدمان اُٿن ٿا.

 


 

مھر فقير (ڪراچي)

پکين جي فرياد

 

ڳيرو جھرڪي ڪبوتر وڻ تي،

آئي ايئن اُڏامي ڪٻر وڻ تي.

پاڻ ۾ ڪچھري ڪن پيا ھو،

وڏي ڏک مان چون پيا ھو.

ڪٿي ته چُڳجي داڻو هاڻي،

رهيو ناهي راڻي راڻو هاڻي.

چؤڦير بندوقون مارا ماري،

هر وقت آهن ڪڍ شڪاري.

ڪٿي اڏجي آکيرو ٻچن لاءِ،

جت ڪٿ پئي ٻري ٿي باه.

نسل به وڃي ٿو ختم ٿيندو،

ڪير به ته ناهي آٿت ڏيندو.

ڪو وڪڻي ڪو ماري پچائي،

اسان پکين سان وڏو ظلم آهي.

اسان پکي ته سونھن آھيون،

نقصان ڪنھن کي ڏيندا ناھيون.

تتر تلور بُلبليون ٻٽير چڪور،

ڪونج آڙي مارجن پيا مور.

قيديءَ وانگر قيد ۾ سدائين،

ھاڻ ته آزادي نصيب ناهين.

ديس ڇڏي ڪاڏي ته وڃجي،

ملڪ پنھنجو ڪيئن ڇڏجي.

الائي ڇو انسان وحشي ٿيو آ،

دشمنن جان ڪاھي ڪڍ پيو آ.

ڪھڙو اسان ڀلا ڏوه ڪيو آ،

يا ڪنھن سان ڊوه ڪيو آ.

اسان لاءِ ڪا تحريڪ هلايو،

نسل بچايو ديس نه ڇڏايو.

مھر فقير لکيو هي نظم آ ٻارو،

ڪيو پکين سان به پيار پيارا ٻارو!

غريب نواز جمالي

دادو

چڱا ڪم ڪرڻ

چڱو اهو سڏبو جيڪو چڱا ڪم ڪري،

پنھنجن ۽ پراون سان ڀلا ڪم ڪري.

 

علم جا ادب جا جيڪو ڪتاب کڻي،

سو ته ٻار خدا کي به ٿو ڏاڍو وڻي.

 

بُرو ته اهو سڏبو جيڪو بُرا ڪم ڪري،

چڱو اهو سڏبو جيڪو چڱا ڪم ڪري.

 

پاڻ سڀ ٻار آهيون نور ڌرتيءَ جا،

سڀ گڏجي لاهيون سڀ سور ڌرتيءَ جا.

 

وڏو اهو سڏبو جيڪو وڏا ڪم ڪري،

چڱو اهو سڏبو جيڪو چڱا ڪم ڪري.

 

صبح آ ٿيو اُٿون کڻون ڪتاب ٻارو،

سوير اسڪول وڃڻ ڪم سٺو آ يارو.

 

سُٺو اهو سڏبو جيڪو سُٺا ڪم ڪري،

چڱو اهو سڏبو جيڪو چڱا ڪم ڪري.

 

ڇو نه جمالي جان ڌرتيءَ تان گھوري ڇڏجي،

بُرايون بُڇڙايون، سڀ درياءَ ۾ لوڙھي ڇڏجي.

 

ڀلو اھو سڏبو جيڪو ڀلا ڪم ڪري،

چڱو اھو سڏبو جيڪو چڱا ڪم ڪري.

***

عزير احمد علوي

شڪارپور

امڙ

آھه امڙ جو خواب،

ٻالڪ پڙهج ڪتاب.

مستقبل ۾ مٺڙا،

ٿيندين نيٺ نواب.

ٻالڪ پيارا سنڌ جا،

تون آهين گل گلاب.

اونڌاھه جھالت آ،

روشن علم جناب.

سمجھه وڌايو ھرپل،

علم مطالعو آب.

علم سگھارو بلڪل،

سارا ٿيو ڪامياب.

محنت ۾ عظمت آ،

اعلى علمي باب.

لِکڻ پڙھڻ سان ٻالڪ،

پاڻھي سِکندين حساب.

علم سندو دنيا ۾،

ناھه عزير ڪو جواب.

 


 

مسڪين جان محمد رند

مقصودورند/سانگھڙ

غزل

مان آھيان غريب جو ٻار،

ڪوبه نٿو ڪري مون سان پيار،

هڪ جيڏا منھنجا پڙھندا آھن،

مون جيان نٿا ٻڪريون چارين،

پيٽ بکيو ڪپڙا ليڙون ناھي ڪو يار،

مان آھيان غريب جو ٻار.

مون جھڙا ڪئين ھن ملڪ ۾ لاچار بڻيا،

گندا ميرا ڪنھن کي ڪين وڻيا،

غريب ۾ اٿئو يار عيب ھزار،

مان آھيان غريب جو ٻار.

ڌڪا ٿاٻا کائي جي ڪو غريب پڙھي پيو،

نوڪريءَ جي ٽائيم سڀ ڪو ڌڪي پيو،

بڻيو آ رھبر اسان جو يار غدار،

مان آھيان غريب جو ٻار.

قانون ھتان جو الائي ڪيئن پيو يار ھلي،

اڻ پڙھيل کي پئي سرڪاري نوڪري ملي،

ناھي ڪنھن تي ڪابه يار معيار،

مان آهيان غريب جو ٻار.

ڀلي اهڙي ڪا يار مھم هلايو،

ملڪ منھنجي مان ڪا بُک ڀڄايو،

ڪيو ڪي نوجوان مانجھي مرد تيار،

مان آھيان غريب جو ٻار.

مسڪين مھانگائي کي وري ڪيئن پُڄي،

جان محمد ويچارو ڏسَيو ڪاڏي وڃي،

رند ڪو ته ھجي ھت يار مڻيادار،

مان آھيان غريب جو ٻار.

ڪوبه نٿو ڪري مون سان پيار.

نويد ناز ڀٽي (لاڙڪاڻو)

ثقافتي گيت

کِڙيا رنگ اجرڪ جا ٽوپي وڻي ٿي،

ڪُلھن تي اجرڪ به سھڻي لڳي ٿي.

ھي موھن دڙو آ اسان جي ثقافت،

رکون پاڻ پنھنجي ٿا ٻوليءَ سان چاھت،

مٺو تنھن جو پاڻي جا سنڌو وھي ٿي.

ڪُلھن تي اجرڪ به سھڻي لڳي ٿي.

ٻنيون روز کيڙي ٿو ھاري نِماڻو،

مڇي روز تازِي ٿو ماري مُھاڻو،

مَلي ٿو مَکڻ جت ۽ ماکي ملي ٿي.

ڪُلھن تي اجرڪ به سھڻي لڳي ٿي.

ڏسان ڏاند گاڏيءَ جو منظر سھانو،

پکين جو وڻن تي ڏسي آستانو،

قسم آ خدا جو ھي دلڙي ٺري ٿي.

ڪُلھن تي اجرڪ به سھڻي لڳي ٿي.

ھلن ريل گاڏيون بسون ۽ ٽرڪون ڀي،

پٺيان ٽريڪٽرن جي ڀڄون ٿا ڊڪون ڀي،

ڏسون ٿا اکين سان ڪا ڇڪڙو وڃي ٿي.

ڪُلھن تي اجرڪ به سھڻي لڳي ٿي.

سٻاجھا ھي سنڌي صفا سادا سودا،

جڙيل سنڌ سان جن جو ازلي وجود آ،

سدائين اُنھن کان محبت ملي ٿي.

ڪُلھن تي اجرڪ به سھڻي لڳي ٿي.

اھا سنڌ سھڻيءَ جي آھي حقيقت،

رکي ٿو جتي ھوشو ھيمون به ھشمت،

ھي تاريخ پنھنجي الڳ ئي رکي ٿي،

ڪُلھن تي اجرڪ به سھڻي لڳي ٿي.
 

اعجاز علي شاهه اعجاز

حيدرآباد

عيد مبارڪ

اچوڙي ٻارو عيد ملھايون،

گلشن پنھنجو گھر هي بنايون.

 

غريب غربي کي سڀڪو ساري،

ڪير نه ڪنھن کي يارو وساري

محبت جا ڪي گيت ڳايون.

 

پاڙي اوڙي جي سار لھجو،

بُکيو نه رهي شل ٻار ڪنھنجو،

مٽن مائٽن ۾ عيد رسايون.

 

عادل ۽ پارس سڀ جو خيال رکجان،

يتيمن جي سار سنڀال به لھجان،

پاڙي ۾ ڏجو عيد واڌايون.

 

عيد نماز پڙهڻي ضرور آهي،

خوشي گڏجي ڪرڻي ضرور آهي،

گيت خوشي جا مُرڪي ڳايون.

 

اعجاز علي جي عيد مبارڪ،

هلو ته گڏجي گھمون پارڪ،

هر جا پيار پريت ورهايون.

اعجاز علي پتافي

حيدرآباد

 

مون کي اهڙو ديس کپي

مون کي اهڙو ديس کپي،

جتي پيار ئي پيار هجي.

 

نه ظلم هجي نه ستم هجي،

نه ڪي ڪو لاچار هجي.

 

جتي روڪ نه ڪي ٽوڪ هجي،

مون کي اهڙو ديس کپي.

 

هر ٻار جي هٿ ۾ ٿيلھو ھجي،

وقت تي تيار ويلو ھجي.

 

ھتِ بُک وگھي نه مُنھن ڀيلو ھجي،

ھر ماڻھو وٽ ڪم ڪار ھجي.

 

ھت ڪنھنجي مٿان نه ڪو بارُ هجي،

هتي چور نه ڪو چڪار هجي.

 

مون کي اهڙو ديس کپي،

نه ڪو رشوت جو ونھوار هجي.

 

هر ماڻھو مڻيادار ھجي،

مون کي اهڙو ديس کپي.

***

 

شفيق عاصم منگي

شڪارپور

ڪڪرن ڪارونڀار

ڪَڪرن ڪارُونڀارَ ته ڏس،

ٽِم ٽِم تِن وسڪارَ ته ڏس.

 

کيج خوشيءَ مان جيءُ جيارن،

ٻالڪن جي ٻھڪار ته ڏس.

 

ڳائن گڏجي سارا سنگتي،

گيتن تن گُونجارَ ته ڏس.

 

ساوڪ سارا ٻنيون ٻارا،

پکين سندِي چھڪارَ ته ڏس.

 

هرڪو هِرکي پَسڻَ لَئه ڄڻ،

پوڙهو جوان ٻار ته ڏس.

 

ڪيڏا عاصم سُھڻا آڏو،

منظر ڀي اکين ٺارَ ته ڏس.

 

 

آزاد زنگيجو

خيرپورناٿن شاهه

غزل

آءُ! ڀنڀوري پڪڙيون ســـھڻي!

ڳاڙھيون ڪاريون ڪڪڙيون سھڻي!

 

جيون جھڙو گھرڙو ٺاھيون،

آءُ کڻي تون پنکڙيون سھڻي!

 

نيڻ نديءَ تي تاري تون مان،

پيار سنديون مڪڙيون سھڻي!

 

اڪَ ڦُلاريا واهه ڪنڌيءَ تي،

تن مان پٽيون اڪڙيون سھڻي!

آءُ ھلي آزاد زنگيجا،

 

 

جيءَ کي جيءَ سان جڪڙيون سھڻي!

نوٽ: سُھڻي منھنجي ڌيءَ جو نالو آھي.

ديپڪ باغي

قاضي احمد

سنڌي ٻارڙا

سنڌي ٻارڙا، صبح جا سج،

ڳاڙهن ڪڪرَن مان اُڀرندڙ روشني،

نئين سحر جا مسافر،

اميدن جا رنگين گلاب!

 

سچ جي جوت سان واٽ وٺندا،

بھار جي ھير وانگر ھر ڪنڊ ڦھلجندا،

چنڊ جھڙي روشني ڏيندا،

ستارن جيان جرڪندا.

 

سنڌ جي مٽيءَ سان نينھن جو ناتو،

سچل جا سنيھا، لطيف جا راڳ،

ڪنول جي گلن وانگر سنڌ جي مٽيءَ ۾ ٽڙندا،

پھاڙن جيان پنھنجي ماڳ تي بيھندا.

 

سورھيه بادشاهه جي بھادري،

دولھه دريا خان جو شان،

جي ايم سيد جو فڪر بڻجي،

سچ ۽ ساڃاهه جا جھنڊا لھرائيندا.

 

آزاد سنڌ جو سج اُڀرندو،

سنڌ جي مٽيءَ جا سچا پٽ،

ڏکڻ ھوائن وانگر آڪاش ۾ ڦھلجندا،

ديپڪ بڻجي روشني پکيڙيندا،

باغيءَ جي يلغار بڻجي اُٿي پوندا!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org