زرار علي جوڻيجو
ڪلاس ٻارهون ڪيڊٽ ماڊل اسڪول ڏوڪري/لاڙڪاڻو
سُهڻا سخن
·اهو
بدبخت آهي جنھن والدين کي پوڙهائپ واري حالت ۾ ڏٺو
۽ انھن جي خدمت ڪري جنت حاصل نه ڪئي.
(حضرت محمد ﷺ)
·مُسڪراهٽ
دل جو دروازو کولي ڇڏي ٿي.
(البيروني)
·ڪجھه
ڪتاب چکڻ جي قابل هوندا آهن ۽ ڪجھه ڳِھڻ جي، پر
تمام گھٽ ڪتاب چٻاڙڻ ۽ هضم ڪرڻ جي قابل هوندا آهن.
(فرانس بيڪن)
·زيادتي
جو جواب انصاف سان ۽ نيڪيءَ جو جواب نيڪيءَ سان
ڏيو.
(ڪنفيوشس)
·دنيا
جي باري ۾ معلومات دنيا ۾ رهي حاصل ٿيندي آهي.
(اسٽين هوپ)
·قرآن
مجيد هڪ اهڙو آئينو آهي، جنھن ۾ اسين دنيا ۽ آخرت
کي ڏسي سگھون ٿا.
(امام احمد بن حنبل)
·سُٺي
تعليم ته ضروري آهي ئي، پر سُٺي تربيت ان کان به
وڌيڪ ضروري آهي.
(شھيد حڪيم محمد سعيد)
***

ٻارن جي ليکڪ ۽ شاعر وفا منظور چوهاڻ جو ٻارن لاءِ
لکيل ناٽڪن جو ڪتاب
”ابا
مون کي پڙهاءِ“
جنوري
2024ع
۾
”مهراڻ
ادبي سنگت شڪارپور“
پاران شايع ٿي مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي. هن ڪتاب جو
مهاڳ مشهور ليکڪ ۽ شاعر وحيد محسن لکيو آهي، جڏهن
ته ڪتاب ۽ ناٽڪ نويس جي باري ۾ ٻين جا رايا آهن،
تن ۾ ارباب علي
”عادل“
چوهاڻ ۽ وفا منظور چوهاڻ شامل آهن ۽ ڪتاب جو بئڪ
ٽائيٽل راقم المحروف (عبدالجبار
”عبد“)
جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ جملي پنج ناٽڪ شامل آهن،
جيڪي هي آهن:
”ابا
مون کي پڙهاءِ، اسڪول ۾ برسات، ماٽيلي ماءُ،
پاڪستان زنده آباد ۽ همدردي.“
ابا مون کي پڙهاءِ“
ڪتاب جو
’ٽائيٽل
ناٽڪ‘
آهي، جيڪو تعليم جي موضوع تي لکيل آهي، جنهن ۾
جهانگير نالي هڪ مال چاريندڙ ٻار آهي، جيڪو ٻين
ٻارن کي روزانو اسڪول ويندي ڏسي ٿو، ان جي انهن
ٻارن سان ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي، اهي ٻار راحيل ۽
شڪيل آهن، هو راحيل جي سهڻن گُفتن ٻڌڻ کان پوءِ
کائنس متاثر ٿئي ٿو ۽ کيس به پڙهڻ جو شوق پيدا ٿئي
ٿو،.... هو پنهنجي پيءُ سومر کي چوي ٿو ته
”ابا!
مون کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو.... سومر پنهنجي پُٽ
جهانگير کي مال چارڻ تي مقرر ڪيو هو، پر هو
جهانگير جي گهڻي اسرار تي کيس اسڪول ۾ داخلا وٺي
ڏئي ٿو ۽ پوءَ جهانگير به اسڪول پڙهڻ وڃي ٿو.
ناٽڪ نويس ٻارن ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ ناٽڪ ۾
موقعي جي مناسبت سان ٻاراڻا گيت ۽ نظم ڏنا آهن ۽
اهي ٻارن کان ادا ڪرايا ويا آهن. مطلب ته ناٽڪ
دلچسپ ۽ اثرائتو آهي ۽ ان جي پڙهڻ سان تعليم جي
اهميت اجاگر ٿئي ٿي.
ڪتاب ۾ شامل ٻيا ناٽڪ به دلچسپ ۽ سبق آموز آهن.
رنگين ٽائيٽل سان ڊيمي سائيز جي
48
صفحن واري هن ڪتاب جي قيمت
140
رپيا آهي، جيڪو هر ٻار کي پڙهڻ گهرجي.

مان واري محترمه نجمه پنھور صاحبه السلام عليڪم.
”سدائين
بھار رُت جيان مُرڪنديون رھو.“
جنوري
2025ع
جو گُل ڦُل جو پرچو ھٿن تائين پھتو. جنھن ۾ توھان
منھنجو حمد ۽ خط شايع ڪيو. تنھن لاءِ مان توھان جو
۽ توھان جي پوري سٿ جو شڪر گذار آھيان. اُميد ته
حمد سان گڏ
موڪليل
”سنڌ
۽ سنڌ جي نالي بابت شھادتون“
جي عنوان سان لکيل مقالو به گُل ڦُل ۾ شايع ڪنديون
ته مان توهان جو ٿورائتو رهندس. انھيءَ اُميد سان
ھن ڀيري به توهان ڏانھن پنھنجو ھڪ ٻاراڻو غزل ۽ ھڪ
ٻاراڻي ڪھاڻي
”ڀڻڪو“
جي عنوان سان توھان ڏانھن موڪلي رھيو آھيان. شفقت
ڀريو ھٿ رکي اڳ جيان گُل ڦُل ۾ شايع ڪنديون، ته
توهان جا وڏا وڙ ٿيندا. ايندڙ مھيني مان توھان
ڏانھن سالياني فيس جا پئسا به موڪلي ڇڏيندس.
آزاد زنگيجو
خيرپور ناٿن شاهه
***
بخدمت محترمه ايڊيٽر صاحبه: السلام عليڪم، اُميد
ته اوهان پنھنجي سٿ سميت ۽ گُل ڦُل پڙھندڙ ساٿي
خيريت سان ھوندا. ھاڻي گُل ڦُل رسالو سيد و باغ
مدرسي ۾ به پھچي ويو. محترمه صاحبه: مان گل ڦل
رسالو نئون پڙهندڙ آهيان ڪجھه مختصر وقت ٿيو آهي،
انھيءَ مختصر وقت ۾ ئي گل ڦل جي محبت دل ۽ دماغ ۾
سمائي وئي آهي جو هر مھيني مون کي ان جي اچڻ جو
انتظار رھندو آھي، مون تائين ھيءُ رسالو ڪيئن
پھتو..! ھڪ دفعي مان مدرسي ڪلاس مان نڪري ٻئي ڪلاس
۾ ويُس ته اُتي سائين مقبول عباسي سبق پڙهائي رهيو
هو طالبن کي، سائين جي ڊيسڪ تي هيءَ گل ڦل رسالو
ڏٺم جنھن جي ٽائيٽل تي ٻارڙن جون رنگ برنگي
تصويرون نظر آيون جيڪي ڏسندڙن جي من کي موھي رھيون
ھيون. پوءِ اھو رسالو سائينءَ کان پڙھڻ جي لاءِ
ورتم. جنھن ۾ اسان جي استاد محترم سائين نعمت الله
عباسي جن جي ۽ اسان جي ڳوٺ جي ڀرسان ڳوٺ چنيھاڻي ۾
رھندڙ منھنجا ڄاتل، سڃاتل محنتي شاگرد اخلاق ۽ ادب
وارا ٻه ڀائر محمد اجمل خان ۽ محمد اڪمل خان انھن
جو به مواد ۽ ٻين ساٿين جو به مواد پڙهيم، تمام
بھتر لڳو ان کان پوءِ مون کي به لکڻ جو شوق جاڳيو،
سائين مقبول عباسي همٿ افزائي ڪندو رهيو ته ننڍڙا
”زين
العابدين“
هيءُ جيڪي به اڄ ليکڪ مضمون نگار، مصنف ڏسين ٿو
انھن به ائين ئي پنا ڪارا ڪري اِهو مقام ۽ عھدا
ماڻيا آھن. سو تون به آهستي آهستي لکندو رَههُ!،
انشاءَ الله تون به نيٺ منزل ماڻيندين پوءِ سائين
جي ڳالھه به منھنجي دل ۾ رَچي وئي، جو اڄ سائين جي
دعائن سان قلم هٿ ۾ کنيم. حضرت بلال رضه جي متعلق
هيءُ مختصر مواد ۽ خط لکي اوهان ڏي موڪلي رهيو
آهيان، اميد ته شايع ڪري همٿ افزائي ڪرڻ
فرمائيندا.
محترمه صاحبه: جيئن ته آءٌ مدرسي ۾ درجه اوليٰ ۾
پڙهي رهيو آهيان، توهان ۽ سڀ گل ڦل پڙهندڙ دعا
ڪريو ته الله سائين مون کي عالم با عمل بڻائي ۽
دين جي خدمت جي لاءِ قبول فرمائي
”آمين“
زين العابدين
ڳوٺ سيد و باغ عثمانيه لائبريري چنيهاڻي

لطيفي لات جو نتيجو
فيبروري
2025ع
جي ماهوار شماري ۾
”لطيفي
لات“
جي سلسلي ۾ ڏنل بيت
”سُر
سري راڳ“
جي داستان پھرئين جو پھريون نمبر بيت آھي.
بيت جي سمجھاڻي ۽ مفھوم:
(اي خالق) ھن جھان (ڪائنات) ۾ جيڪي ڪجھه (مخلوقات
يا شيون) آهن، اهي سڀ تنھنجي سھاري تي پيون ھلن
(اهي، سڀ تنھنجون محتاج آھن، پر تون ڪنھن جو محتاج
نه آهين.) عبداللطيف چوي ٿو (اي سٻاجھا سائين) تو
وٽ مھر ۽ ٻاجھه جي ڪا کوٽ يا گھٽتائي ڪانھي (اھا
اڻ کُٽ آھي). عدل انصاف (حساب ڪتاب) ٿيندو ته آءٌ
بچي ڪونه سگھندس، تون ڪا بخشش ڪر! (وڏي مھرباني
ڪر!)
بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:
*مهراڻ ياسين آرائين: ڪلاس ڏهون، هاءِ اسڪول ڦلجي
اسٽيشن دادو.
*ميرب زهرى: ڪلاس ٽيون، روشني گرامر اسڪول آراضي
سيوهڻ.
*عبدالسميع جمالي: ڪلاس ستون، گورنمينٽ هائير
سيڪينڊري اسڪول بکر جمالي.
*محمد يعقوب جمالي: ڪلاس پنجون، گورنمينٽ بوائز
پرائمري اسڪول بکر جمالي.
*حسنين علي: ڪلاس اٺون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول
هالا نوان.
*انيبا فرحان: دي رائيٽ وي ايجوڪيشنل اڪيڊمي ڳوٺ
باغ ڀٽي حيدرآباد.
*ڪونين زهرى: ڪلاس ٻيون، گورنمينٽ گرلس
پرائمري اسڪول آراضي سيوهڻ.
*فيروز علي: ڪلاس نائون، مخدوم غلام حيدر گورنمينٽ
هاءِ اسڪول هالا نوان.
*ذوالقرنين لاکو: ڪلاس ڇھون، اقصى ماڊل اسڪول هالا
نوان.
*قرةالعين سومرو: ڪلاس نائون، پروفيسر محمد هارون
سومرو هاءِ اسڪول ٺارو شاهه ضلع نوشھروفيروز
*ام حبيبه: ڪلاس ڇھون، مريم ايليمينٽري اسڪول
حيدرآباد.
*احسان سوڍڙو: ڪلاس پنجون، گورنمينٽ
پرائمري اسڪول ھالا نوان.
*عمار علي: ڪلاس پنجون، ھادي بخش ڇٽو اسڪول آراضي
سيوھڻ.
*آذان علي: ڪلاس ٽيون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول
آراضي سيوھڻ.
*حيدر علوي: ڪلاس ٽيون، ڪراچي.
بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان
حسنين علي جو ڪُڻو نڪتو آھي، کيس سنڌي ادبي بورڊ
پاران
’گُل
ڦُل‘
رسالي جي ڪاپي موڪلجي ٿي.


|