معشوق جنجھي
ڳوٺ وڪڙيو، اسلام ڪوٽ/ٿرپارڪر
غزل
نصيحت ٻُڌو هي نصيحت او ٻارؤ،
وطن آ اسان لئه هي نعمت او ٻارو.
سچائيءَ سان جيڪر سچا ٿي هلو ٿا،
وڏي تنھن ۾ آهي عظمت او ٻارو.
وڻن کي ئي پوکڻ چڱي ڪار آهي،
ٿِئي باغُ دُنيا هِي جنت او ٻارو.
وڏن جو ادب ئي وڏي ڳالھه آهي،
وڏن جي هٿن ۾ آ شفقت او ٻارو.
اوهان مستقبل جي معمارن ۾ ڳڻجو،
اوهان آئيندي جي ضرورت او ٻارو.
***

مسڪين جان محمد رند
مقصودو رند/سانگھڙ
غزل
اچوڙي ٻارو لغڙ اُڏايون،
ڪوشش ڪري آسمان تي پُڄايون.
ھر ھنڌ متل آ اھو شور،
’محمد
جان‘
جو لغڙ اٿوَ زور،
گڏجي سڏجي تنھن کي ھارايون،
اچوڙي ٻارو لغڙ اُڏايون.
ڪاڳر سڀن جا رنگ رنگيلا،
ڳاڙھا اڇا ڪار نيرا،
آسمان پيو لڳي سُھڻو رڳو مٿي نھاريون،
اچوڙي ٻارو لغڙ اُڏايون.
گرمي سردي ڪونه ڏسون پيا،
ڀڄي ڀڄي بيمار ٿيو پئون ٿا،
پيا مائٽن لاءِ پريشاني وڌايون،
اچوڙي ٻارو لغڙ اُڏايون.
راند سان گڏ علم به آ ضروري،
پڙهڻ سان ٿئي آس اُميد پوري،
محنت ڪري پنھنجو مستقبل سُڌاريون،
اچوڙي ٻارو لغڙ اُڏايون.
’مسڪين‘
ڳوٺ بخش علي جا گڏجي ٻِار سارا،
’جان
محمد‘
سلام، اسد، مدھوش ۽ فدا وارا،
’رند‘
راند ڇڏي پڙھڻ سان دل لڳايون،
اچوڙي ٻِارو لغڙ اُڏايون،
ڪوشش ڪري آسمان تي پُڄايون.
***
حڪيم ميمڻ
حيدرآباد
ٽيڙو
مون جي ساري زندگي،
سرجيــــا گــــيت امڙ،
تــــو لاءِ سنــــڌڙي.
مــــرڻ مھانگو نــــاھي،
جي تــــون ساٿي سچ جو،
ســــر جو سانــــگو لاھي.
سُــــڻي ســــوريءَ سڏڙا،
ڪــــيم ڪنڌ لنوايو،
پريت جا پــــانڌيئڙا.
آءُ ته جــــوت جــــلايون،
ســــچ جي سيــــن هڻي،
پنھنــــجو پاڻ ملھايون.
جن سچ سان لنوَ لاتي،
جن جو مــــاڳ مــــقتل،
تــــن ماڻي آھي حــــياتي.
ڪيئي ســــورھيه سيس،
سنــــــــــــڌڙي امــــــــــــڙ،
ڪيــــڏا ڏٺــــئي ڪيس.
منھنــــجو آھي ايــــمان،
ڌاريــــــــا ڌڪـــــــاريندا،
منھنجــا جــــوڌا جــــوان.
ھٿ ۾ جھنڊا ڦڙڪن ٿا،
ھــــو ڏيــــــــھه ڏيــــا،
اوچــــي ڳــــاٽ اچن ٿا.
***
نويد سنڌي
چڪ
وائي
دائــــم قائـــم وهـــندو رهـــندو،
سنڌڙي جو ساهه سنڌو شير درياهه.
ڪمند ڪڻڪ ڦٽيون ساريون،
ڦٽندو رهندو سائو گاهه.
سنڌڙي جو ساهه سنڌو شير درياهه.
پنھنجي سنڌي ٻوليءَ جي،
دنيا پوري ۾ ساراھه.
سنڌڙي جو ساھه سنڌو شير درياهه.
’نويد‘
سنڌو سنڌ جي شھه رڳ،
سنڌو ندي سنڌ جو ماهه.
سنڌڙي جو ساهه سنڌو شير درياهه.
***
رمضان المُبارڪ جي مھيني جون بيشمار ۽ بي حساب
فضيلتون آھن. هن ڀلاري مھيني کي ربّ تعالى پنھنجو
مھينو سڏيو آهي. هن مھيني کي غمخواري، ھمدرديءَ،
صبر، رحمت ۽ مغفرت وارو مھينيو سمجھيو وڃي ٿو. ھن
مُبارڪ مھيني ۾ ربّ تعالى پنھنجي پياري محبوب
حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليھ وسلم جن تي آخري
آسماني ڪتاب
”قرآن
مجيد“
نازل فرمايو آهي. اهڙو پاڪ ڪتاب، جيڪو نه صرف
مذهبي نقطن سان مالامال آهي پر ان جي
”نزول“،
دنيا وارن کي حق و باطل جو فرق ڪرڻ سيکاريو ۽ دنيا
کي امن سلامتيءَ جو پيغام ڏنو. قرآني تعليم تي عمل
ڪري، انسان ديني ۽ دنياوي حاصلات ماڻي ٿو ۽ ربّ
تعاليٰ جي آڏو سرخرو ٿئي ٿو، پوءِ اسان مسلمان
ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ ايمان ۽ مُسرت و شادابي جو ٻيو
ڪھڙو ڏينھن ٿي سگھي ٿو.، جيڪو رمضان مھيني کان
علاوه هوندو. رمضان المبارڪ جي فضيلت ۽ عظمت ان
کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي ٿيندي جو ھن مھيني ۾ قرآن مجيد
نازل ٿيو ۽ رب تعالى ھن مھيني کي پنھنجو مھينو
سڏيو.
ھن ئي مھيني ۾
”عبادت
صوم“
کي ربّ تعالى پنھنجن بندن تي فرض بڻايو، جنھن ۾

آسمان ۽ جنت جا دروازا کوليا وڃن ٿا. ھر نيڪيءَ جي
عيوض ڏھوڻو ثواب ملي ٿو. روزيدار جو ھلڻ چلڻ، اُٿڻ
ويھڻ، کائڻ پيئڻ سڀ ڪجھه عبادت ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.
هيءُ ئي اهو بابرڪت مھينو آھي، جنھن منجھه هڪ رات
اهڙي ته فضيلت ۽ بزرگيءَ واري اچي ٿي. جنھن ۾
عبادت ڪرڻ ھڪ ھزار مھينن جي عبادت کان به بھتر ۽
افضل ليکي وڃي ٿي. سبحان الله.
لفظ
”صوم“
جي لغوي معنيٰ آهي، امساڪ يعني روڪڻ، روڪي وٺڻ.
مطلب اهو آهي ته
”روزو“
هڪ اهڙي عبادت جو نالو آهي، جيڪو هڪ مسلمان جي
فطرت ۽ حدودالله تي قائم رهڻ ۽ روزيدار کي احڪام
الاهي جو مُطيع ۽ فرمانبردار بڻجڻ تي مجبور ڪري ٿو
۽ انسانن کي پنھنجي جسم ۽ روح ٻنھي تي پورو پورو
ضبط ۽ قابو ۾ رکڻ سيکاري ٿو ۽ اھا ئي اصل ۾ روزي
جي حقيقت آھي. جيڪڏھن ان حقيقت کي نظر ۾ رکي روزو
رکبو ته اهو
’عبادت‘
۾ شمار ٿيندو. ورنه جيڪڏهن صرف رسمي طور تي ڏيکارڻ
لاءِ روزو رکيو ويندو ته اُن منجھان ڪو به فائدو
حاصل نه ٿيندو نه دنياوي ۽ نه دينوي.
”روزي“
جي اصطلاحي معنيٰ آهي، سج اُڀرڻ کان وٺي سج لھڻ
تائين کائڻ پيئڻ ۽ پنھنجي خواھشن کي ترڪ ڪرڻ. اھا
روزي جي ظاھري معنيٰ آهي. هاڻي اچو ته باطني معنيٰ
۽ مفھوم ڏانھن. روزي جو باطن اھو آھي ته روزيدار
پنھنجو پاڻ کي الله تعاليٰ جي نافرمانيءَ کان ۽
گناهن کان روڪي ۽ ربّ جي حضور عبادت ۾ مشغول رهي ۽
پنھنجا ڪيل ڏوهه بخشرائي ۽ آئنده جي لاءِ نيڪ راهه
تي هلڻ جي دعا گھري. محض رسمي طور تي روزو رکي
ظاھري طور بُرن ڪمن کي ڇڏي ڏيڻ سان به مقصد نٿو
ملي. پر حقيقي معنيٰ ۾ پنھنجو پاڻ کي پرھيزگار
بڻائجي ۽ پنھنجي اندر روحاني پاڪيزگي پئدا ڪجي.
”روزا“
ھجرت جي ٻئي سال يعني مديني طيبه ۾ مسلمانن تي
فرض ڪيا ويا.
ربّ تعالى قرآن مجيد ۾ فرمايو آهي ته،
”اي!
ايمان وارو! توهان تي روزا فرض ڪيا ويا آهن.
جھڙيءَ طرح توھان کان اڳ ماڻھن تي فرض ڪيا ويا
ھئا، اُن لاءِ ته توهان متقي ۽ پرهيزگار بڻجي وڃو.“
يعني ته روزا نه صرف مسلمانن تي فرض ڪيا ويا آهن،
پر ان کان اڳين اُمتن تي به فرض هئا. روزو يعني
”صوم“
جي عبادت حضرت آدم عليھ السلام کان وٺي هر نبيءَ
جي اُمت تي فرض هئي ۽ ڪابه اُمت اهڙي نه گذري آهي.
جنھن تي
”روزا“
فرض نه ڪيا ويا هجن. هاڻي اسان کي ڏسڻو هيءُ آهي
ته آخر روزي جو فلسفو آهي ڇا؟ بظاهر جيڪڏهن ڏسجي
ته روزي رکڻ سان ڀلا ربّ تعالى جو ڪھڙو مقصد ٿي
سگھي ٿو. نعوذ بالله. پر ان جو جواب خود ربّ تعالى
قرآن مجيد۾ هن طرح ڏنو آهي ته،
ترجمو: (يعني، توهان تي جيڪي روزا فرض ڪيا ويا
آهن، تن جي غرض ۽ اهميت هيءَ آهي ته توهان مُتقي
بڻجي وڃو) بلڪل واضح طور اهو فرمايو ويو آهي ته،
اهي روزا صرف توهان جي نيڪ، پرهيزگار ۽ متقي بڻجڻ
جي لاءِ فرض ڪيا ويا آهن، جيئن توهان نفس تي
ڪنٽرول ڪرڻ سکو ۽ ان جي معرفت متقي ۽ پرهيزگار
بڻجي وڃو، ربّ تعالى جا شڪر گذار ۽ نيڪ ٻانھا
بڻجي. ربّ کان نيڪيون طلب ڪري سگھو ۽ انعام ۾
بيشمار ثواب حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ جنت جا حقدار بڻجي
وڃو. روزي رکڻ سان نفس اماره جي قوت گھٽجي وڃي ٿي
۽ سڀ عضوا سُست ٿي وڃن ٿا. گناھه جي خواهش گھٽجي
وڃي ٿي. ان سلسلي ۾ بعض بزرگن فرمايو آھي، ته جڏهن
نفس کي بُکيو رکجي ٿو، ته سمورا عضوا به بکيا ٿي
ويندا آهن، پوءِ نه اک ڪنھن خوبصورت منظر جي
متلاشي رهندي آهي. نه وري ڪَنَ ڪجھه ٻُڌڻ جو
سوچيندا آهن، نه زبان کي ڪلام سان رغبت ٿيندي آهي.
ها البته روحانيت ترقي ڪندي آهي، ان جي برعڪس جڏهن
پيٽ ڀريل هجي ٿو، ته سڀ خواهشون به جاڳي پون ٿيون.
روزي رکڻ ڪري فضول ڳالھائڻ، فضول ڏسڻ، فضول ٻُڌڻ،
فضول عمل ڪرڻ جھڙين ڳالھين کان روزيدار
”امن“
۾ رھي ٿو. ان طرح دل به پاڪ و صاف رهي ٿي ۽ عبادت
الاهيءَ ۾ لطف ۽ مزو به ملي ٿو. نيڪ ڪمن ڏانھن
رغبت وڌي ٿي ۽ گناھن کان نفرت محسوس ٿئي ٿي. ان کي
ئي دراصل تقوى پرھيزگاري سڏجي ٿو ۽ روزي جي فرضيت
۽ اصلي غَرض ۽ اھميت به اها ئي آهي، ان کان علاوه
حڪم خدا جي تعميل به ٿئي ٿي. حضرت محمّد صلي الله
عليھ وسلم جن جي اُسوه حُسنه تي عمل پيرا به ٿجي
ٿو. سڄي سال ۾، ان ئي بابرڪت هڪ مھيني اندر
روحاني ۽ جسماني زڪوات ادا ٿي وڃي ٿي. اهو ئي روزي
جو فلسفو آهي ۽ اها ئي اهميت آهي ته هڪ طرف ربّ
تعالى جل شانھ پنھنجن بندن تي روزي جي صورت ۾ سخت
۽ مشڪل فرض عائد ڪيو آھي ته ٻئي طرف پنھنجي رحمتن
جا دروازا کولي ڇڏيا آهن.
حضرت عباده رضي الله تعالى عنھ جن کان روايت آهي
ته هڪ دفعو حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن رمضان
المبارڪ جي مھيني اچڻ کان اڳ فرمايو،
”رمضان
شريف جو مھينو اچي ويو آھي. جيڪو تمام گھڻو برڪتن
وارو مھينو آھي. ربّ تعالى ھن مھيني ۾ انسانن
ڏانھن متوجھه ٿئي ٿو ۽ پنھنجي رحمت خاص نازل
فرمائي ٿو. خطائون معاف ڪري ٿو ۽ دُعائن کي قبول
ڪري ٿو.“
بدنصيب آھي اھو شخص جيڪو ھن مھيني ۾ ربّ جي رحمتن
کان محروم رھجي وڃي، ٻي جڳھه تي نبي ڪريم صلي الله
عليھ وسلم جن فرمايو آهي ته،
”رمضان
المبارڪ جي هر رات ۽ هر ڏينھن جھنم جا قيدي ڇڏيا
وڃن ٿا ۽ ھر مسلمان لاءِ ھر رات ۽ ھر ڏينھن ھڪ
’دعا‘
ضرور قبول ٿئي ٿي.“
ارشاد نبوي ۾ آھي ته،
”ٽن
ماڻھن جي دعا رد نه ٿيندي آهي. هڪ روزيدار جي
افطار جي وقت، ٻيو عادل بادشاهه جي، ۽ ٽيون مظلوم
جي دُعا.“
حضرت عائشھ رضي الله تعالى عنھ جن کان روايت آهي
ته، جڏهن رمضان شريف جو مھينو ايندو ھو ته، پاڻ
سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جو رنگ بدلجي ويندو
هو . نماز جي قيام ۾ اضافو ٿي ويندو هو، ۽ دعا ۾
تمام گھڻي عاجزي فرمائيندا ھئا ۽ خوفِ خدا غالب ٿي
ويندو هُين. اهڙين
ٻين ڪيترين ئي روايتن منجھان رمضان مھيني جي
”دعا“
جي خصوصيت سان قبول پوڻ جو پتو ملندو رهيو آهي.
حضرت عباده رضي الله تعالى عنھ جن کان روايت آهي
ته، حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو،
مسلمانو! رمضان جو مھينو توھان وٽ اچي ويو، جيڪو
بابرڪت آھي. ھن ۾ ربّ تعاليٰ پنھنجي رحمت سان
توھان ڏانھن متوجه ٿئي ٿو ۽ مھربانيون ڪري ٿو.
گناهه بخشي ٿو ۽ دعائون قبول فرمائي ٿو ۽ فرشتن
سان تعريف ڪري ٿو ته ڏسو منھنجا ٻانھا بُک ۽ اُڃ
جي تڪليف سھي ۽ پنھنجيون ٻيون ضرورتون ڇڏي منھنجي
عبادت ۾ مصروف آھن، نيڪي ۽ ڀلائي جي تمنا ڪري رھيا
آھن. آخر ۾ دُعا آھي ته ربّ العالمين اسان سڀني کي
رمضان مھيني جي برڪتن جي صدقي نيڪ ھدايت نصيب ڪري
۽ صراط المستقيم تي ھلڻ جي توفيق عطا فرمائي.
(آمين)
***
زين الدين عباسي
سيدو باغ/ڪنڊيارو
حضرت بلال بانگو رضي الله تعالى عنھ
حضرت بي بي عائشه صديقه فرمايو، ته رسول الله ﷺ
جن جا ٽي ٻانگا (اذان چوندڙ) هوندا هئا.
1.
حضرت بلال
2.
حضرت عبدالله بن اُم مڪتُوم نابين صحابي
3.
حضرت ابو محذوره .
فائدو: حضرت ابن اُم مڪتوم صحابي بي بي خديجة
الڪبرى جي مامي جو پُٽ هو ۽ حضرت مُحمّدُ رسول
اللهﷺ جن پنھنجي غير حاضريءَ ۾ ان کي، مسجد نبويءَ
جو
13
دفعا پيش امام بنايو آهي. هو ڄائو ئي نابين هو.
سورة
”عبس
وتولى“
جون مَنڍ واريون آيتون، ان جي باري ۾ ئي نازل ٿيون
۽ رمضان شريف جي مھيني ۾ گھڻو ڪري فجر جي ٻانگ
حضرت ابن ام مڪتوم ڏيندو هو. پر مؤذنِ رسول يعني،
مُحمّدُ رسول اللهﷺجن جو ٻانگو حضرت بلال ئي سڏيو
ويندو هو. ڇو ته سفر ۾ يا حضر ۾ مُحمّدُ رسول الله
ﷺجن سان گڏ ته حضرت بلال ئي هوندو هو ۽ نماز جي
ٻانگ اهو ئي ڏيندو هو ۽ حضرت بلال جي غير حاضريءَ
۾ ٻانگ حضرت ابن ام مڪتوم يا ابو محذوره ڏيندو
هو ۽ هو مڪي شريف ۾ مسجد الحرام جو مؤذن هو.

حضرت محمد رسول اللهﷺ جن جي زماني ۾ اهڙيون نَوَ (9)
مسجدون هيون. جن جا جماعتي حضرت بلال جي مسجد
نبويءَ ۾ ڏنل ٻانگ ٻڌي نماز با جماعت پڙهندا هئا.
(1)
مسجد نبوي (2)
مسجد بني عمرو بن مندول، (3)
مسجد بني ساعده، (4)
مسجد بني عبيد، (5)
مسجد بني سلمه (جنھن کي مسجد قبلتين به چوندا آهن)
(6)
مسجد بني زريق، (7)
مسجد عفان (8)
مسجد سلم، (9)
مسجد جُھينه.
حضرت بلال نماز جي هر وقت تي ٻانگ ڏئي، حضورﷺ جن
جي حُجري مبارڪ جي دروازي تي بيھي حضورﷺجن جي نڪرڻ
جو انتظار ڪندو هو. نماز جو وقت ٿي ويندو هو، ته
حضرت بلال چوندو هو، الصلوٰت يا رسول الله (سائين
نماز جو ٽائيم ٿي ويو) ايئن چئي دروازي کان ڪجھه
پوئتي هٽي بيھي رهندو هو. حضورﷺ مصلي تي پھچندا
هئا، ته حضرت بلال تڪبير چوندو هو.
***
نواب خاتون ويسر
ڪلاس ڏهون گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ٺري ميرواهه
منهنجو ناناڻو ڳوٺ
منھنجو ناناڻو ڳوٺ جيڪو منھنجي ناني لھڻو خان جي
پيءُ علي بيگ جي نالي سان منصوب آهي، ان ۾ منھنجو
گھڻو ننڍپڻ گذريو. ڪا خبر ئي نه پئي، ته ننڍپڻ جو
اهو زمانو ڪيترو جلدي گذري ويو!
اسان کي ناني ۽ ننڍي مامي قطب تمام گھڻو پيار ڏنو
۽ سندن پيار اسان کي پنھنجي پياري نانيءَ جي نه
هجڻ جو احساس به ٿيڻ نه ڏنو. اسان جو اڪثر وقت
رانديون ڪندي گذرندو هيو ۽ پنھنجي ماروٽ حسينا سان
ڪڏهن گُڏين راند، ته ڪڏهن لِڪ لِڪوٽي ۽ ڪڏهن وري
ناني وارن وٽ موجود جھوني نم جي وڻ ۾ لوڏ لُڏندا
هياسون. ماما وارا اسان ننڍن ٻارن کي لوڏيندا هيا
۽ اسان مٿي لُڏندي، ائين محسوس ڪندا هياسين، ڄڻ
آسمان جا چڪر پيا ڏيون. راند جي مزي ۾ ماني به
وسري وڃي ۽ بُک جو احساس ئي نه رهي، اسان سڄو
ڏينھن راند ۽ راند!
ناني وارن جي مسجد جي ڀرسان مال جو منھُه هوندو
هو. ان جي ڀرسان کٻڙن جا وڏا وڻ جن تي اسان ننڍڙا
ٻار چڙهي ڏاڍا مزيدار پيرُون پٽيندا هئاسين. ان جي
ويجھو زمين ۾ انبن جا وڏا پُراڻا وڻ به هئا ۽
انبڙين جي موسم ۾ روزانو انبڙيون پئي هٿ ڪيون، ته
وري هڪ تمام پراڻي ٻير جنھن ۾ ماکي جھڙا مِٺا ٻير
هوندا هئا. اها ٻير ايڏا ته ٻير ڏيندي هئي،

جو
مھينو سوا مھينو روزانو ڏھه کان پندرھن
ڪلو پڪا ٻير مامي وارا ڌُوڻي ڇاڻيندا هئا، ته
گڏوگڏ مختلف راڄن وارا به ايندي ويندي پٽيندا هئا.
اها ٻير ڪافي سالن جي پراڻي ۽ اسان جي ترَ ۾ ٻيرن
جي مٺاڻ ۽ جھجھي مقدار پيدا ڪرڻ سبب مشھور هئي.
اسان ماما وارن وٽ راتيون رهندا هئاسين. سياري جو
سوير صبح سج اُڀرڻ مھل مامي سان گڏجي ٿالھه کڻي
ٻير ميڙڻ ويندا هئاسين. ماما ٻير جي وڻ تي مٿي
چڙهي، جيئن ڌوڻيندو هو ته اسان جي مٿان ٻيرن جو
مينھن وسندو هو. پنج ڇھه ٻار جھوليون ڀريون ته به
نه کٽن. اڄ به ان ٻير کي ياد ڪري حيران ٿيندا
آهيون.
مامو اسان ٻارڙن کي شھر وٺي هلندو هو ۽ اُتان
قسمين قسمين جا ميوا، شيون ۽ رانديڪا خريد ڪري
ڏيندو هو. خاص ڪري اونھاري جي موسم ۾ آئسڪريم وٺي
ڏيندو هو ۽ اسان دڪان ۾ ڪُرسين تي ويھي پليٽن ۾
ننڍن چمچن سان کائي ڏاڍو خوش ٿيندا هئاسين.
اڄ به ناناڻن ۾ گذاريل ٻالڪپڻ جون دل ۾ سانڍيل
خوبصورت يادون وسرن ئي نه ٿيون. ادي حسينا ۽
منھنجين ننڍين ڀينرن سان گُڏين راند به ڏاڍي
کيڏيسين. اسان کي چار ماما آهن ۽ اسان جي امان
ناني کي اڪيلي ۽ پياري ڌيءَ هئي. انڪري نانو جڏهن
به امان ڏي ايندو هو، ته ڪانه ڪا شيءِ ضرور کڻي
ايندو هو. هر عيد جي موقعي تي اسان پنھنجي بابا
سان گڏ ناناڻن ڏي ضرور ويندا هئاسين. نانو ڏاڍو
خوش ٿي اسان سڀني ڀينرن ۽ ڀائرن کي عيد جي خرچي
ڏيندو هو ۽ چوندو هو، ته هي پئسا پوءِ بابھن کي
ڏجو، ته سنڀالي رکي. اوهان کان ڪِري نه پون. جڏهن
بابھن شھر ويندو، ته اوهان لاءِ شيءِ آڻيندو. نانو
جيتري تائين گُھمڻ ڦِرڻ جھڙو هو، ته اسان ڏي پنڌ
ايندو هو ۽ جڏهن هلڻ جي وصيت نه رهيس، ته امان جي
سؤٽ مامي صحبت جي ڏاند گاڏيءَ تي چڙهي به اچي،
اسان جي گھر هفتن جا هفتا رهندو هو. اسان سان
ڪچھريون ڪندو هو. ناني جو اڪثر وقت ربّ جي ذڪر ۽
تسبيح ۾ گذرندو هو. نانو نوَ نومبر
2018ع
تي اسان کان وڇڙي ويو. شال ربّ پاڪ کيس جنت
الفردوس ۾ جايون عطا فرمائي. (آمين)
***
عنايت الله اوٺو
صادق فقير ايليمينٽري اسڪول (سيف) ٿرپارڪر
سنڌي الفابيٽ بابت ڄاڻ
·سنڌي
الف- ب جي پٽيءَ ۾ ڪل
52
اکر آھن.
·52
اکرن تي ٽوٽل
72
نقطا آھن.
·مٿي
نقطن وارا
20
اکر آھن.
·ھيٺ
نقطن وارا
14
اکر آھن.
·ھڪ
نقطي وارا
12
اکر آھن.
·ٻن
نقطن وارا
11
اکر آھن.
·ٽن
نقطن وارا
6
اکر آھن.
·چئن
نقطن وارا5
اکر آھن.
·بنا
نقطن وارا18
اکر آھن.
·مٿي
نقطن وارا اکرهي آهن. ت-
ٿ-ٽ-ٺ-ث-خ-ڌ-ڏ-ذ-ڙ-ز-ش-ض-ظ-غ-ف- ڦ-ق-ڱ-ن.
·ھيٺ
نقطن وارا اکر هي آهن: ب-ٻ-ڀ-پ
-ج-ڄ-جھه-ڃ-چ-ڇ-ڊ-ڍ-ڳ-ي.
·ھڪ
نقطي وارا اکرهي آهن: ب-ج- جھه-خ-ڊ-ذ-ز-
ض-ظ-غ-ف-ن.
·ٻن
نقطن وارا اکر هي آهن: ٻ-ت-ٺ-ڄ-ڃ-ڌ- ڍ-ق-ڳ-ڱ-ي.
·ٽن
نقطن وارا اکر هي آهن: ٽ-ث-پ-چ-ڏ-ش.
·چئن
نقطن وارا اکر هي آهن: ڀ-ٿ-ڇ-ڙ-ڦ.
·بنا
نقطن وارا اکر هي آهن:
ا-ح-د-ر-س-ص-ط-ع-ڪ-ک-گ-گھه-ل-م-ڻ-و-ھ-ء.
***
پرمانند راءِ کيماڻي
اسلام ڪوٽ
اڄ جي جنريشن
۽ ٽيڪنالاجي
اڄ جي ٽيڪنالاجيءَ کي اسان جي ڪو به ترقي نه پيو
وٺرائي. منھنجي خيال ۾ ترقي صرف ۽ صرف انھن ڪئي آ،
جن هن ٽيڪنالاجي کي جنم ڏنو. اسان
Tiktok،
WhatsApp،
Facebook،
Instagram
۽
twitter
جيترا به مثال کڻون، اهي سڀ جا سڀ اسان جو وقت
ضايع ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجھه به ناهي. توهان پڙهندڙ
دل تي هٿ رکي پنھنجو پاڻ کي ٻُڌايو، ته جيترو
اوهين وقت، بغير وجھه جي موبائيل کي ڏيندا آهيو،
ايترو پڙهائي کي ڏيندا آهيو؟ جتي پنھنجي عقل جو
استعمال ڪرڻو هوندو آهي، اُتي
chatgpt
۽ ٻيا اي آءِ ٽُول استعمال ڪري مسئلا حل ڪيا ويندا
آهن. جتي دماغ قائل ڪري
Intelligence
وڌائي وڃي، اُتي (Artificial
Intelligence)
جو استعمال ڪيو وڃي ٿو. جيئن پڙهڻ کپي اهو پڙهڻ
ڪٿي آهي؟ هڪڙي ڳالھه ذهين نشين ڪرڻ کپي، ته جيڪا
شيءِ حد کان وڌي ويندي آهي، ته اها ترقي نه پر
تباهيءَ جو باعث بڻبي. رشتا ناتا اڃان اڳ ختم ٿي
چڪا آهن. باقي رهيل هاڻي ٿيندا اگر ائين ئي اهو
سلسلو هلندو رهيو، ته......!!؟
ڏٺو وڃي، ته اسان جا پڙهيل لکيل ماڻھو انھي شيءِ
کي قصور وار ٺھرائيندا آهن. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي، ته
قصور وار اسان پاڻ آهيون. جنھن جو استعمال غلط ٿا
ڪريون. جيئن بندوق جو ايجاد جانورن جو شڪار ڪرڻ
لاءِ ڪيو ويو هو. پر ماڻھن لاءِ ته اسان استعمال
ڪيون. چاڪُو جي ايجاد حقيقت ۾ ته سبزي ۽ فروٽ
جھڙين شين لاءِ هو، پر اسان انھي کي ماڻھن جي قتل
طور استعمال ڪيو. ته ائين ڪا شيءِ خراب ناهي
هوندي، خراب اسان پاڻ ڪندا آهيون. ائين اسان جو
ڪو فرد تباهه ٿيل نظر ايندو آ، شرابي هوندو آ، ته
معاشري کي قصور وار ٺھرايو ويندو آهي. ڇا اسان
ڪنھن ٻي دنيا سان تعلق رکندڙ هوندا آهيون؟ هر
شاگرد ڪنھن نه ڪنھن مرض ۾ مبتلا ٿيل آهي، جنھن ۾
ٿيڻ کپي ان کان نفرت هوندي آهي.
آئون پنھنجي اکين ڏٺي ڳالھه ٿو ٻڌايان، ته شاگرد
ستين اٺين ڪلاس کان غلط صحبت ۾ وڃڻ شروع ڪندا آهن،
جيڪا مائٽن کي خبر ئي ناهي هوندي، ته اسان جو
اولاد گھر کان ٻاهر ڇا ڇا ڪندو آهي، منھنجي خيال ۾
ان جي خراب ٿيڻ جي وجھه ان جا مائٽ ئي هوندا آهن.
جيڪي هر طرح جي آزادي ڏئي ڇڏيندا آهن. انھن کي
تيستائين پنھنجي ڪنٽرول ۾ رکڻ گھرجي، جيستائين هڪ
ٻار يا ڪو شاگرد پنھنجي زندگي کي پوريءَ طرح سمجھي
نه وٺي. پر هتي ڪڏهن ڀروسي لائق نه بڻائبو آ، پر
انڌو ڀروسو ڪيو ويندو آهي. انھي ٻار تي. جنھنجو
پنھنجو پاڻ تي ئي ڀروسو ناهي هوندو!
ڇو ٿا ڏيو موبائيل فونس، هڪ
Limit
رکو موبائيل کي استعمال ڪرڻ جي. بس خرچي ڏيڻ سان
ڪو مائٽ جو فرض پورو ڪونه ٿيندو آهي. ۽ اڄ جي
جنريشن کي جيڪڏهن ٽيڪنالاجيءَ سان
Relate
ڪيو وڃي، ته اڄ جي جنريشن سؤ دفعا
ٽيڪنالاجيءَ کان ئي تيز آهي، پر ان کي ٽيڪنالاجي
جي هٿان انھيءَ جو غلط استعمال ڪري تباهه ڪيو پيو
وڃي.
آئون اهو نه پيو چوان ته اها ٽيڪنالاجي تباهي جو
ڪارڻ آهي. پر ان کي تباهيءَ جو باعث بڻايو پيو
وڃي. ٿورو غور ڪيو ته هينئر اسان جي شاگرد جي اها
حالت آهي، ته ڪجھه سالن کان پوءِ ڇا منظر هوندو؟
خاص طور تي پاڪستان جي ڳالھه ڪئي وڃي، ته رات جو
ٻه بجي تائين، چار بجي تائين موبائيل تي ويھڻ
وارا، وري صبح جو ڪلاسس
Attend
ڪندا آهن. توهان کي لڳي ٿو، ته
99
سيڪڙو پڙهندا هوندا؟ جيئن هجڻ کپي.
منھنجي اوهان شاگرد ڀائرن کي گذارش آهي، ته خدارا
پنھنجو پاڻ کي نٿا ڏسو، ته انھن کي ڏسو جيڪي اوهان
۾ انڌو ڀروسو ڪندا آهن. انھن جي ڀروسي کي بچائڻ
لاءِ پاڻ تي رحم ڪريو. اگر توهان پنھنجي هٿن سان
پاڻ کي ٽوڙي ڇڏيندا، ته اوهان جا مائٽ اوهان تي
ڀروسو ڪري ٽُٽي ويندا. اهڙي تباهي کان بچڻ لاءِ
سُٺا ڪتاب پڙهو، سُٺيون فلمون ڏسو، ۽ پنھنجي گھر
جي حالتن ۽ هڪ مائٽ جي مجبوري کي ڏسو، ته اوهان جي
زندگي اسان کي پاڻھي
Motivate
ڪندي، ڪنھن موٽيويشنل اسپيڪر کي ٻُڌڻ جي ضرورت
ناهي. اگر ڪو
100
سيڪڙو مان هڪ سيڪڙو منھنجي وجھه کان ڪنھن مظلوم
مائٽ ۽ پنھنجي زندگي جو همسفر ٿو ٿي پوي، ته
منھنجي لاءِ اها وڏي خوشيءَ جي ڳالھه هوندي. |