سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل مارچ 2025ع

باب:

صفحو:3 

گلشن سنڌو

ڪراچي

ٻاراڻو ادب هر دؤر جي ضرورت

ادب جتي ٻارن جي شعور ۽ ڄاڻ ۾ اضافو ڪندو آهي، اُتي وقت ۽ حالتن پٽاندر، ٻار جي دلچسپيءَ جو سامان، ٻار جي ذهني اوسر ۽ ذهني ليول کي پختو بنائڻ جو پڻ اهم ذريعو ثابت ٿيندو آهي. ڪو دؤر هوندو هو، ته لولِيون، پرولِيون، ٻارن کي سُرُور بخشينديون هيون نانيءَ، ڏاڏيءَ کان آکاڻيون ٻُڌندي ٻار سُڪون جي نِنڊ سُمھي رھندا ھئا. اُھي ڪھاڻيون اڪثر سبق آموز هونديون هيون. جنھن جي انتَ تي ناني سمجھائيندي ھئي، تڏھن ته چيو اٿنتڪڙ ڪم شيطان جو وغيره. اهڙيون  ڪھاڻيون ٻارن ۾ اخلاقي قدرن کي جنم ڏينديون هيون. بادشاهن، شھزادين جون ڪھاڻيون ٻُڌندي، ئي ڄڻ ته تصور ۾ مُلڪن جا مُلڪ گُھمي ايندا ھئا.

ڳجھارتن کي ھڪ ھنڌ ميڙ ڪري ويھي ڀڃڻ جو عمل ٻارن ۾ ايڪو اتحاد جو جذبو پيدا ڪندو ھو.

***

مقبول احمد عباسي

چنيھاڻي/ڪنڊيارو

وساريان نه وسرن

اسان جي علائقي (ڪنڊياري) جو ناليوارو نوجوان علم سان مثالي چاهه رکندڙ مرحوم ڀاءُ مشاهد حسين عباسي 25 ورهين جي حياتيءَ ۾ هڪ المناڪ هاٽ اٽيڪ پوڻ سبب دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.( اِنا للهِ وَاِنَا اِلَيھِ رَاجِعُون.)

هو ننڍپڻ کان پنھنجي تعليم جي پڄاڻيءَ تائين هوشيار ذهين ۽ تجربيڪار اُستادن جو شاگرد ٿي رهيو. ڀاءُ مشاهد حسين عباسي پنھنجي مثالي معياري سڀاءُ، محنت، جانفشاني، لياقت، صلاحيت، شرافت، ديانت کان سواءِ عاجزي، مُرُوَت ماٺيڻي طبيعت سبب سچائي ۽ ساهت جي ستارن ۾ ڄڻ چنڊ پيو لڳندو هو. اڄ هن جي اچانڪ (جدائي) سبب اسان جو ڳوٺ ۽ حبيب بئنڪ (ڪراچي) جا اسٽاف وارا پنھنجو پاڻ کي ھيڪلو ۽ اُٻاڻڪو پيا محسوس ڪن. ھونئن به اوچتا وڇوڙا ۽ جدايون اندر جھوريو وجھن. پر انسان ويچاري وٽ صبر کان سواءِ ڪھڙو چارو. جڏهن هن مايه ناز علمي دوست جي اچانڪ وڇڙي وڃڻ جي خبر، پنھنجي ڳوٺ (چينھاڻي) ۽ ان جي آس پاس جي ڳوٺن ۾ پھتي، ته جيءُ ائين جُھري پيو، ڄڻ ته ڪو ذاتي رت جو رشتيدار وڇڙيو هجي. آخر ائين ڇو نه محسوس ٿئي؟ جو هن سان هڪ عرصي کان اسلامي ڀائريءَ جو پڪو ۽ پائيدار رشتو اڏيل هو. هو نھايت مھربان ۽ قدردان اهڙي ته مخلصانه رويي، مِٺي مُرڪ سان سرفرازي ڪري احترام ڏيندڙ انسان هو. جنھن کي ڪيئن ٿو ايترو جلدي وساري سگھجي. هن طرفان اُستادن، گھر وارن، دوستن ۽ حبيب بئنڪ (ڪراچي) جي انتظاميه کي ڏنل قرب ڪٿي ٿو جلدي وسري سگھي.

مختصراً ڀاءُ مشاهد علم ۽ ادب اخلاق ۾ مختصر مدت ۾ ئي اهڙو مقام ماڻيو، جيڪو وڏي حياتيءَ کان پوءِ ڪنھن کي مقدر سان ملندو آهي. هونئن به هر ٻوليءَ جي علم، ادب، تھذيب، ثقافت ۽ ڪلچر کي اهڙا ڀاڳ ڀريا پانڌيئڙا دير سان ملندا آهن. جن جا ڳُڻ ۽ ذڪر خير ڊگھي مدت تائين پيا ڳائبا آهن. هن نوجوان گھوٽ جي موڪلاڻيءَ مھل هر آيل انسان جي اَکِ اشڪبار هئي. ڪيترن قرب ڏيندڙن جي نيڻن مان ڳوڙهن جون بُوندون بس ئي نه پئي ٿيون.

مشاهد حسين 1999ع ۾ تعلقي ڪنڊياري جي قديم ڳوٺ چنيھاڻي ۾ علمي شخصيت استاد تاج محمد عباسيرح (سابق هيڊ ماستر هاءِ اسڪول ڪمالديرو) جي گھر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. ڇھين ڪلاس کان مئٽرڪ تائين هاءِ اسڪول ڪمالديرو ۾ پڙهيو. (جتي پھريان ٽي سال مانيٽر ۽ آخري 2 سال سموري اسڪول جو هيڊ بوائز مانيٽر ٿي رهيو). وري انٽر علمي مرڪز پارس پبلڪ هائير سيڪنڊري اسڪول ڪنڊيارو مان پاس ڪيائين. مزيد تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ مائڪرو بائيولاجي ڪورس رات ڏينھن محنت، شوق، جذبي سان ٻن سالن ۾ پڙهي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري اعزاز ماڻيائون.

سال 2022ع کان هيءُ نوجوان حبيب بئنڪ (ڪراچي) ۾ ڊيوٽي ڪري رهيو هو. 27 آگسٽ اڱاري ڏينھن صبح جو جڏهن معمول مطابق آفيس ڊيوٽي ڪرڻ ويو، ته 10 بجي طبيعت ناساز ٿي پيَسِ. بئنڪ جي اسٽاف وارن ان کي علاج لاءِ ويجھي اسپتال ۾ داخل ڪيو. اُتي دل جي اٽيڪ پَوَڻ سبب هن نوجوان گھوٽ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. اسان کان هيءُ زندگي جي ڪنيجھر جو سدا ملوڪ سُھڻو ماڻھو هميشه لاءِ موڪلائي، ڌڻيءَ در حاضر ٿيو. هن جون هميشه يادگار ۽ سِڪ ڀريون ساروڻيون، دل تي نقش رهنديون. ربّ سائين کيس مغفرت سان نوازي ۽ جنت الفردوس ۾ جڳھه نصيب فرمائي.

آمين.

ماڻھــــو سـڀ نه سُــــھڻا پـــــکي ســــڀ نــه هـــنج،

ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجھه اچي بوءِ بھار جي.

***


 

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

هالا نوان

تعليم ۽ تربيت لاءِ خاص نصيحتون

                   ·ٻارن کي رڳو سنڌي ڳالھائڻ نه پر سنڌي لکڻ پڙهڻ به سيکاريو.

                   ·ٻارن جي نفسيات ۾ سنڌي پَڻُ پيدا ڪريو، ڇو ته هو سنڌي آهن.

                   ·ٻارن کي ماءُ، پيءُ اُستاد ۽ سڀني وڏن جي عزت ڪرڻ سيکاريو.

                   ·ٻارن کان سندن عمر سارو ڪم ڪار به ضرور وٺو.

                   ·ٻارن کي صفائي سُٿرائي سيکاريو.

                   ·ٻارن کي اسڪول تعليم سان گڏ گھرو تربيت نه ملندي ته کَري پوندا.

                   ·ٻارن کي پاڻ سان گڏ گھمايو ڦيرايو.

                   ·ٻارن کي سُھڻيون ڪچھريون ڏيکاريو.

                   ·ٻارن کي اھو به سيکاريو ته ڪتاب ادب سان کڻن ادب سان رکن.

                   ·ٻارن کي پنھنجو مذھب سمجھايو ۽ ان تي عمل ڪرڻ سيکاريو.

                   ·ٻارن کي هُنر ضرور سيکارڻ گھرجي.

                   ·ٻارن کي بُرين عادتن جي نيتجن کان واقف ڪندا رھو.

***

 


 

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

حيدرآباد

ديني معلومات

       ·جنھن ماڻھوءَ قرآن پاڪ پڙهي ياد ڪيو ۽ ان جي تلاوت کي قائم رکيو ان جي والدين کي قيامت جي ڏينھن تاج پھرايو ويندو.

       ·سورةالڪھف لاءِ چيو وڃي ٿو ته جمع جي ڏينھن پڙھڻ خاص برڪت جو موجب آھي.

       ·قرآن پاڪ کي آھستي ۽ صحيح طريقي سان پڙھڻ جي تلقين سورة المزمل ۾ آھي.

       ·قرآن شريف ۾ ڄاڻايل آھي ته هن پاڪ ڪتاب کي پاڪائيءَ کان سواءِ هٿ نه لڳايو.

       ·سورة فاتحه قرآن پاڪ جي اها سورة آهي، جنھن جي تلاوت ھر نماز جي ھر رڪعت ۾ ھر ھڪ کي پڙهڻ فرض آهي.

       ·سورة فاتحه جو ٻيو نالو سورة الشڪرآهي.

       ·قرآن شريف ۾ نماز جي سڀ کان گھڻي تاڪيد ڪيل آهي جا تقريبن ست سؤ دفعا آهي.

               ·قرآن پاڪ رمضان شريف جي مھيني ۾ نازل ٿيو.

       ·قرآن شريف ۾ ڪثير جڳھين تي صدقه و خيرات ڏيڻ جو ذڪر ڪيل آهي.

       ·قرآن شريف جي هر هڪ حرف جي پڙهڻ جون ڏهه نيڪيون آهن.

       ·قرآن جي نازل ٿيڻ جو ذڪر سورة القدر (ٽيھون سيپارو) ۾ آھي.

       ·دين اسلام جا پنج رڪن آھن.

       ·پھريون ڪلمو طيب جنھن کي پڙھڻ سان ماڻھو دين اسلام ۾ داخل ٿئي ٿو، ٻيو نمبر نماز، ٽيون روزو، چوٿون زڪوات ۽ پنجون حج آھن.

       ·پنج وقت نماز ھر مسلمان تي فرض آھي.

       ·رسول پاڪﷺ جو فرمان آھي، ته نماز جنت جي ڪُنجي آهي.

       ·نماز کان پوءِ ٽيون رُڪن روزو آهي.

       ·رمضان شريف ۾ قرآن پاڪ سڀ کان گھڻو پڙھيو وڃي ٿو. گھرن توڻي مسجدن ۽ مدرسن ۾  قرآن جا دور پڄايا وڃن ٿا.

       ·سال ۾ ھڪ دفعو رمضان جي مھيني ۾ ٽيھه روزا هر بالغ مسلمان مرد توڻي عورت تي فرض آهن.

       ·جيڪڏهن ڪو بيمار آهي، ته ان کي اهو روزو اڳيان هلي قضا ڪرڻو آهي. جيڪڏهن بلڪل مجبوريءَ سبب نٿو رکي سگھي، ته کيس ڪنھن به مسلمان روزيدار کي پنھنجي روزن جو فديو (مقرر پئسا يا اناج) ڏيڻو آھي.

       ·روزو صبر، ايمان ۽ استقامت جو امتحان آھي.

       ·الله تعاليٰ روزي کي فقط پنھنجي لاءِ خاص عبادت طور وقف ڪيو آھي،  جنھن جو اجر روزي دار کي قيمت جي ڏينھن الله تعاليٰ پاڻ ڏيڻ فرمائيندو.

       ·روزن کان پوءِ الله تعاليٰ شوال جي چنڊ ڏسڻ بعد عيد الفطر خوشي ۽ انعام جو ڏينھن مقرر ڪيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org