
[26]
اَٺَئِي پَهَرَ اوڙاهَه تي مَنجِهه گرِهَ گهاري
وَسِ نه ويچاري، ته ڪا ماڳِ ڍُڪَندِي مَڪُرِي.
سمجھاڻي:
(زندگيءَ جي) هيءُ ٻيڙي جيڪا رات ۽ ڏينھن اونھي
پاڻيءَ جي اوڙاھه تي پيئي هلي (ان جا مسافر) هر
وقت ڳڻتي ۽ فڪر ۾ آهن. هن ٻيڙيءَ (وارن) جي وس ۾
ته ڪجھه آهي ڪونه، ان ڪري ارمان ۾ آهن ته اها ٻيڙي
الائجي منزل تي پھچندي يا نه!
[27]
دُنيا سَڀ دَرِياهُ، ڪو ڪو تارُو تَنھِ ۾
هِڪِڙي لَهَرِ لَوڀَ جِي، ٻِئو آتَشِي اوڙاهُ
طِالِبَنِ توڙاهُ، موڙي چاڙهي مَڪُرِي.
سمجھاڻي:
دنيا جو هيءُ جھان وڏي درياھه ۽ سمنڊ جيان آهي،
جنھن ۾ اھڙا انسان تمام گھٽ آھن جيڪي تارو آھن ۽
تري پار پون ٿا. انھيءَ درياھه ۾ (وڏي ۾ وڏي) لھر
لوڀ ۽ لالچ جي آھي ۽ ٻيو باھه جھڙو حرص ۽ ھوس وارو
اوڙاھه آهي (انھن ٻنھي کان عام انسانن جو بچڻ مشڪل
آھي.) ليڪن جيڪي (حق جا) طالب آھن انھن ھميشه
پنھنجي ٻيڙيءَ کي پاسو ڏئي ڦيرائي (بچائي) پئي
ھلايو آھي (حرص جي ڪُنن ۾ ڪِرڻ کان پاڻ کي بچايو
آهي).
[1]
اَڳَهِين اُتومانءِ، ته مَک پَنهِنجِي مَڪُري
ڀورا شَڪُ مَ ڀَانءِ، لَهرِيون صَحِيءُ
لَڳَندِيُون.
سمجھاڻي:
مون توکي اڳ ۾ ئي چيو هو ته پنھنجي ٻيڙيءَ کي (تيل
وغيره جو) مکُ ڏيندو رهه. (اڳلي سفر جي تياري ڪندو
رهه.) اي سمجھه جا کُٽل، انھيءَ ڳالھه ۾ ڪھڙو شڪ
آھي ته سمنڊ جون لھرون دستور موجب پنھنجو پورو زور
ڏيکارينديون (توکي پنھنجي تياري ان مطابق ڪرڻ
گھرجي.)
[2]
وَڻجارا ويٺي، تو نه سَرندِي شاهَ ري
مَکِ پَنهِنجِي مَڪُرِي، چَڱي ڪَرِ چيٺي
پاسَا پاکَڙِينِ جا سَمُنڊُر تو سيڪي
جي لُنڊا مَنجِهه ليکي، وِيرِ وِڙَهندِي تَنِ سين.
سمجھاڻي:
اي وڻجارا، ماٺ ڪري (هٿ تي هٿ رکي) ويھڻ سان
تنھنجو گذر سفر نه ٿيندو. تنھنجو واسطو سمنڊ ۾
گھڙڻ وقت بندر جي حاڪم سان ضرور پوندو (جنھن کي
حساب ڪتاب سان توکي محصول ڏيڻو آھي) (انھيءَ ڪري
توکي گھرجي ته) پھريائين پنھنجي ٻيڙيءَ کي چڱيءَ
ريت جاچي (سمنڊ جي سختيءَ کان بچڻ واسطي) مَکَي
تيار ڪرين. (توکي خبر آھي ته) سمنڊ ۾ جيڪي ٻيڙيون
هلن ٿيون، وڏيون ڇوليون انھن جي پاسن سان ٽڪرائي
کين ڪيئن ڪمزور ڪريو ڇڏين ٿيون. (دراصل) جن جو
حساب ڪتاب کٽل آهي، پورو ناهي (تياري مڪمل ناهي)
وِيرَ انھن کي ضرور نقصان رسائيندي.
شاهه جو رسالو
]سُر
سري راڳ - داستان ٻيو/ٽيو.
محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سمجھاڻي ۽ مفھوم:
ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ[

نياز پنھور
ڄام شورو
دعا
جنھن مالڪ جا خلقيل آھيون،
تنھن در تي ٿا ٻاڏايون.
موليٰ مھر اسان تي رکجانءِ،
ساٿ اسان جو ڏيندو رھجانءِ.
پڙھڻ لکڻ ۾ اڳرا ٿيون شل،
ھر ڪنھن دل جا ٽڪڙا ٿيون شل.
تارن وانگر ٽم ٽم ٽمڪون،
خوش ھميشه ٻھه ٻھه ٻھڪون.
ڏک اسان کان ڏُور رکجان،
سُک جون جھوليون ڀري ڏجان.
تنھنجو نالو ور ور ڳايون،
تنھنجي در تي ٿا ٻاڏايون.

’وفا‘
مولا بخش
حيدرآباد
نعت

مڙن کان مٿانھان مديني جا سائين،
اسان تي عنايت ڪرين تون سدائين.
زماني ۾ جن جو نه ڪو واهرُو آ،
وسيلو تنين جو فقط تون ئي آهين.
جتي ڪير ڪنھن جو سھارو نه هوندو،
اسان کي اُتي شال پنھنجو بڻائين.
اندر ۾ اها آس سانڍيو وتان ٿو،
حياتيءَ ۾ روضو پرين تون پسائين!
’وفا‘
تنھنجي رحمّت مان مايوس ناهي،
ڪڏهن مھر جو مينھن تنھن تي وسائين.
***
امداد سروري
آراضي/سيوهڻ
طرحي غزل
درد جي ملندي دوا رمضان ۾،
هرڪو روزا رکندو آ رمضان ۾.
بخششون ۽ رحمتون آيون مٿان،
عشق تنھنجو ٿيو رمضان ۾.
خير خيراتون خدا جي نام تي،
ھر مسلمان ٿيو فدا رمضان ۾.
ڏوهه دنيا جا مٿان چڙهندا وڃن،
بخشش ٿئي هر ڪا خطا رمضان ۾.
ڪُفر آهي نااُميدي اي ادا،
هٿ کڻي تون گُھر دعا رمضان ۾.
ھر طرف قرآن ئي قرآن آ،
’الله
اڪبر‘
جي صدا رمضان ۾.
ڇو ڀلا مايوس آهين
’سروري‘،
’امداد‘
در تي ٿي گدا رمضان ۾.

عزير احمد علوي
شڪارپور
نماز
اندر کي ٿي راحت رسائي نماز،
سڌي راھه تي پڻ هلائي نماز.
بُراين کان بلڪل بچائي اها،
خدا جي در تي
سڀ کي جُھڪائي نماز.
اٿئي دين اسلام جو پڻ رڪن،
هدايت ڀريو دڳ ڏيکاري نماز.
جنت جي ڪُنجي آھه ٻالڪ مِٺا،
سڀ کي جنت ڏانھن
لائي نماز.
نبي پاڪﷺ قائم بلاشڪ ڪئي،
صحابا کي آ پڙھائي نماز.
پنجئي وقت جيڪي پڙهندا رهن،
ٻَنَي ٻيڙا تن جا لڳائي نماز.
سچي مؤمنن لئه هي معراج آ،
خدا تائين سڀ کي پُڄائي نماز.
ڌڻيءَ در
’عزير‘
گڏ گھرو سڀ دعا،
ته جيئن پاڪ پرور پڙهائي نماز.
***
اُستاد بخاري
دادو
سَيُن واري عيد
وهــــــواهه آئــــــي پياري عــــــيد،
سِــــــيري ســــــيُن واري عــــــيد!
چنڊ ڏٺو، بندوقون ڇُٽيون،
خوشيون وڌيون، ڳڻتيون کُٽيون،
کائون سَيُون، بُسريون ڪُٽيون،
ڏاتر آهه ڏياري عــــــيد،
وهواهه آئي پياري عــــــيد!
پورا ٽيھه ئي روزا ٿيا،
پورا ٽيھه ختما ٿيا،
خيراتون ۽ فطرا ٿيا،
بيشڪ آ ڀلاري عــــــيد،
وهواهه آئي ڀلاري عــــــيد!
صبح سويل دهل وڳا،
اوڏانھن ننڍڙا ٻار ڀڳا،
وڏڙا سنبرڻ ڌار لڳا،
ھر ڪنھن جي دل ٺاري عـيد،
وھواھه آئي پياري عــــــيد!
ڇيلا، ٻڪرا پاڏائون،
گوشت ۽ ڀاڄيون آندائون،
گھر گھر ڍؤ تي کاڌائون،
ڪئي آ ھاري ناريءَ عــــــيد،
وھواهه آئي پياري عــــــيد!.
***
اويس ساگر سومرو
سکر
پاڪ وطن
پاڪ وطن اي پاڪ وطن!
چمڪي تنھنجو روز چمن.
تنھنجي ڌرتي سوني ساري،
ماکيءَ مُشڪَ ۽ امبرَ واري،
گيتَ وطن جا ڳائي ھرڪو،
سائو پرچم لھرائي ھرڪو.
پاڪ وطن اي پاڪ وطن!
چمڪي تنھنجو روز چمن.
جڳَ ۾ تنھنجو شانُ گھڻو،
خدا ڏنو توکي مانُ گھڻو،
رھين سلامت شال سدا،
’ساگر‘
جي آ خاص دعا.
پاڪ وطن اي پاڪ وطن!
چمڪي تنھنجو روز چمن.

مھر فقير
ڪراچي
ڌيءُ
مون ڏي ڏسي مُرڪندي آھي،
خوش ٿي ڏاڍو کِلندي آھي.
ٻول ته ٻُڌيس من ٻاتِڙا ٻاتِڙا،
ٻاتِڙن ٻولن سان ٻَھڪندي آهي.
ڀيري ڀيري سان ڀاڪر پائي،
هنجَ ۾ وري پوءِ سُمھندي آهي.
سُھڻي سُھڻي سونھن کان سُھڻي،
سُتل هجي به سُونھندي آهي.
جيءُ جيءُ آيس جيءُ چوانءِ،
سڏ سان سڏڙو ڏيندي آهي.
خُوب رکندي آ خيال منھنجو،
ڏاڍو پيارو آهين چوندي آهي.
هن سان هر دم هٻڪار آ گھر ۾،
گُلاب جيان پئي ٽِڙندي آهي.
شوق وڏو ٿس پڙهڻ سان الا،
کولي قرآن هوءَ پڙهندي آهي.
ڏيندي وٺندي چُميون آ سدا،
دل سان دعائون ڪندي آهي.
هر عادت ڏاڍي محبوب اٿس،
سوير سُمھندي ۽ اُٿندي آهي،
’مھر
فقير‘
چئي ڌيءُ آ منھنجي،
پيار کان به پياري لڳندي آهي.
***
ارباب علي
’عادل‘
چوهاڻ
شڪارپور
ٻالڪ
قطار ٺاهي هلن ٿا ٻالڪ،
ڪلاس ۾ پو اچن ٿا ٻالڪ.
ڪتاب کولي سبق پڪو ڪن،
وري پو اڳتي وڌن ٿا ٻالڪ.
پَٽيُون سنوارن، اکر سُڌارن،
ڌيان اُن تي ڏين ٿا ٻالڪ.
سنڌي، سماجي اڀياس ۽ سائنس،
پڙهڻ سان گڏ گڏ لکن ٿا ٻالڪ.
لَڪُڻ جو کُڙڪو ڪري ٿو ٽيچر،
سِڌا ٿي سارا ويھن ٿا ٻالڪ.
’بليڪ
بورڊ‘
تي سوال جو هر،
جواب لکندا وڃن ٿا ٻالڪ.
سوير مڪتب پڙهن
سدائين،
۽ شام جو فنُ سکن ٿا ٻالڪ.
رسالو
’گُل
ڦُل‘
هجي يا
’ساٿي‘،
مطالعو پاڻ ڪن ٿا ٻالڪ.
عجب عجائب اسرار عالم،
پڙهي پرائي پچن ٿا ٻالڪ.
خيال
’عادل‘
لکيو نظم ۾،
صحيح سارا چون ٿا ٻالڪ.
***
اسماعيل سليم ميمڻ
حيدرآباد
عيد ۽ ٻار
سنڌو تنھنجي ديس ۾ عيد ملھائي ٻارن اڄ،
ننڍڙن توڙي وڏڙن ۾ خوشي ورھائي ٻارن اڄ.
پائي رنگ برنگي ڪپڙا، بوٽ پيرن ۾ نوان،
گھٽي گھٽي ۽ پاڙي پاڙي جوت جڳائي ٻارن اڄ.
ابي امڙ کان عيد وٺي کڻي وياسين کيسي ۾،
پنھنجي پنھنجي شوق سان ساري کپائي ٻارن اڄ.
مٺو کاڌن، چھرو کاڌن، گرم ۽ ٿڌو به پيئن،
ڇڏي نه ڪنھن شيءِ ۾ ڪسرنه ڪائي ٻارن اڄ.
شام جو گڏ مڙئي ٿيئڙا ميدان تي هي مٺڙا ٻار،
ملھه ٻلھاڙو، ونجھه وٽيءَ جي راند رچائي ٻارن اڄ.
’سليم‘
سڀئي خوش ويا ٿي گھرن پنھنجي موٽي پو،
دلڙي ھر ڪنھن دل واري جي خوب کِلائي ٻارن اڄ.
***

جوهر بروهي
فريدآباد/دادو
گُل ڦُل گيت
گُل ڦُل آندا گيت جمالا،
ننڍڙن وڏڙن لاءِ حوالا.
انڊلٺ وارا رنگ سجائي،
آندا اوندهه منجھه اُجالا.
امجد، گلشن، پيرو نانڪ،
سُھڻا ٻالڪ سُھڻا نالا.
”ميھڙ“
”دادو“
”مورو“
”مڪلي“،
سنڌ جا آهن ماڳ نرالا.
صبح پھر جو گھنڊ وڄن ٿا،
پڙهڻ وڃن ٻارن جا اٽالا.
ملڪ به ٿيندو ڀيڄ ڀٽائي،
ڀڄنديون کوليون ٽُٽندا تالا.
منھنجي هر هڪ گيت ۾
”جوهر“،
ساڃھه سوچ ۽ نور مشالا |