سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل مارچ 2025ع

باب:

صفحو:4 

 

خالد ڀٽي

شڪارپور

ڪهاڻي نه

هڪ  ڳوٺ ۾ ساجد نالي هڪڙو ڇوڪر رهندو هو، جيڪو نھايت با اخلاق، مُھذب ۽ سٺو ٻالڪ هو. ساجد ۾ بس رڳو هڪ اڻ وڻندڙ عادت اها هئي، جو هُو ڪنهن کي به نه چئي نه سگھندو ھو. جيڪڏهن ڪو به کيس ڪنھن ڪم ڪار لاءِ چوندو هو ته، هو هڪدم ها چوندو هو ۽ اهو ڪم ڪرڻ لڳندو هو، پوءِ اهو ڪم اڻائو ۽ غير ضروري ڇونه هجي.

هڪ ڏينھن سندس دوست هالار اچي کيس چيو: ساجد! هل ته ھلي ڀر واري باغ مان انب پٽي اچون. ساجد جيتوڻيڪ ڄاڻي پيو، ته اھو ڪم بلڪل غلط آهي، پر پوءِ به هو نه چئي نه سگھيو ۽ هڪدم ساڻس گڏ هلڻ جي لاءِ اُٿي کڙو ٿيو. جڏهن ٻئي دوست باغ ۾ پھتا ۽ هڪ انب جي وڻ تي چڙهي انب پٽڻ شروع ڪيائون ، ته پري کان باغ جي مالڪ کين ڏسي ورتو ۽ پوءِ ٻنھي کي اچي سوگھو ڪري سيکت ڏيڻ لاءِ سندن ڪَنَ مَھٽ به ڪيائين. پوءِ ٻئي شرمسار ٿي رهيا هئا.

ٻئي ڏينھن تي ساجد وٽ  پاڙيسري حاتم آيو، ۽ چيائين، ادا ساجد! منھنجون ٻه ڪاپيون لکڻ کان رهجي ويون آهن، اُستاد  کان اڄ دڙڪا به کاڌا اٿم ۽ اڄ اُستاد ڪاپيون پوريون ڪرڻ لاءِ چيو آهي. ساجد! مون سان ڀلائي ڪر ۽ مون کي اڄ ٻئي ڪاپيون لکِي ڏئي. ساجد کي خبر هئي ته، اھو ڪم حاتم کي پاڻ کي ڪرڻ گھرجي، پر وري به هو نه چئي نه سگھيو ۽ سڄو ڏينھن حاتم جي ڪاپين لکڻ ۾ لڳي ويو. هو لکِي لکِي ٿڪجي پيو، پر ڪاپيون پوريون نه ڪري سگھيو.

نيٺ ساجد پنھنجي امڙ سان ڪاپين لکڻ واري ڳالھه ڪئي. ماءُ کيس چيو، پٽ! اها ڳالھه ياد رکج ته، نه چوڻ غلط ناهي، پر جيڪڏهن ڪو ڪم غلط آهي، يا تون ان ڪم جي لاءِ وقت نٿو ڪڍي سگھين، ته نه چوڻ به سِکُ. انھيءَ ۾ ماڻھوءَ جي عزت به آهي، ته پنھنجو پاڻ تي ڀروسو ڪرڻ به آھي.

هڪ ڏينھن هالار وري ساجد وٽ آيو ۽ کيس چيائين، اڄ هل ته ھلي ڪنھن ٻئي باغ مان ميوو پٽي اچون. پر هن ڀيري ساجد هالار کي تُرت ئي ٺُپ جواب ڏيندي، نه ڪئي، ساجد جي انھيءَ اوچتي انڪار تي هالار حيران ٿي ويو، پر ساجد کي پنھنجينه تي سُرهائي محسوس ٿي.

سبق:

نه چوڻ به ضروري آهي، خاص ڪري جڏهن ڪو ڪم غلط يا غير ضروري هجي. اها عادت اوهان جي زندگيءَ ۾ اعتماد پيدا ڪري ٿي ۽ اوهان کي گُڻ اوَگُڻ جا سبق به سيکاري ٿي.

***


 

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي

ڪراچي

خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ

 

تنھن ڏينھن  ھلڪي ھلڪي بارش  ٿي رھي ھئي. اڪبر اسڪول وڃڻ جي لاءِ اڃان گھر کان ٻاھر قدم رکيو ئي مس ته ماءُ کيس هدايت ڪئي، ته پنھنجو برساتي ڪوٽ ۽ ڇَٽي کنيو وڃ ۽ ھا! برسات ۾ پاڻ کي آلو نه ڪجانءِ نه ته زڪام ۽ بخار ٿي پوندءِ.

اڪبر پنھنجي ماءُ جو چيو مڃيو برساتي ڪوٽ پاتائين ۽ ڇَٽي مٿان کولي ماءُ کان موڪلائي، گھر کان ٻاھر نڪري آيو. کيس خبر ھئي ته سندس ماءُ ساڻس تمام گھڻو پيار ڪندي آھي ۽ سندس ڀلو چاھيندي آھي. تنھنڪري ھو پنھنجي ماءُ جي ھر ڳالھه اکيون ٻُوٽي مڃيندو آهي ۽ کيس ناراض ڪرڻ جو سوچي به ناهي سگھندو.

روڊ تي اڪبر کي اسڪول ويندي ڪيترائي ٻار نظر آيا. ڪن کي برساتي ڪوٽ پاتل ھئا ته ڪن وري پنھنجي مٿان ڇَٽيون کولي رکيون ھيون. اڪبر خوش ھو ته هن پنھنجي ماءُ جو چيو مڃيندي برساتي ڪوٽ پاتو ھو ۽ ڇَٽي به کنئي هئي. هُو پنھنجي ماءُ جو بيحد شڪر گذار ھو. رستي ۾ اڪبر کي وسيم مليو. ٻنھي ھڪ ٻئي کي ڏسي مُسڪرايو. وسيم کي نه برساتي ڪوٽ پاتل هو ۽ نه ئي وري هو ڇٽي کڻي آيو هو. بارش جي ڪري سندس قميص، ڪالر ڪُلھي وٽان آلي ٿي چڪي ھئي. اڪبر چيو وسيم! تون آلو ٿي رھيو آھين. منھنجي ڇَٽي وٺ، نه ته اسڪول تائين پھچندي پھچندي تون صفا آلو ٿي ويندين. پر تون ڇا ڪندين؟ وسيم پڇيو. منھنجي ڳڻتي نه ڪر. مون کي برساتي ڪوٽ پاتل آهي. اڪبر جواب ڏنو. پر تنھنجي برساتي ڪوٽ ۾ مٿو ڍڪڻ لاءِ ڪا ٽوپي ناھي. تنھنجو مٿو ته آلو ٿي ويندو. وسيم فڪرمند ٿيندي چيو.

اڪبر چيو، ڪا ڳالھه نه آهي. هينئن ٿا ڪريون ته اسان ٻئي هيءَ ڇٽي گڏجي استعمال ٿا ڪريون. تون منھنجي ڇَٽيءَ جي ھيٺان اچ اسان گڏ گڏ ٿا ھلون. وسيم اڪبر جي ڇَٽيءَ جي ھيٺان ساڻس گڏ ھلڻ لڳو. اھو پھريون ڀيرو ھو جو ھو ٻئي گڏ وڃي رھيا ھئا. اھي ته هڪ ٻئي کي چڱيءَ طرح سُڃاڻندا به ڪونه هئا. ايترو هو جو هو هڪ ئي اسڪول ۾ مختلف ڪلاسن ۾ پڙهندا هئا. ڇَٽيءَ هيٺان گڏ هلڻ جي ڪري اهي هڪ ٻئي جي ويجھو اچي ويا.

جڏھن اسڪول ۾ رسيس ٿي، ته سڀ ٻار پنھنجن پنھنجن ڪلاسن مان نڪري مکيه دروازي سان لڳولڳ وڏي هال ۾ گڏ ٿيا. هنن پنھنجن پنھنجن ٿيلھن مان ناشتي جا دٻا ڪڍيا ۽ ناشتو ڪرڻ لڳا. وسيم ڏٺو ته اڪبر ڪجھه پرڀرو بيٺي دريءَ مان بارش جو نظارو پئي ڪيو. هو وٽس ويو ۽ چيائين، ڇا ڳالھه آهي اڪبر، تون ڪجھه کائين نٿو؟ اڪبر کيس ٻڌايو ته تڪڙ ۾ کانئس ناشتو کڻڻ وسري ويو هو. وسيم چيو اچ مون سان گڏجي کاءُ. منھنجا سينڊوچ ڪجھه آلا ٿي ويا آهن. پر نه هجڻ کان بھتر آهن. ۽ پوءِ اهي ٻئي گڏجي سينڊوچ کائڻ لڳا.

پيارا ٻارؤ! پنھنجي شين ۾ ٻين کي شريڪ ڪرڻ دوست ٺاھڻ جو بھترين طريقو آھي. شيون ونڊي ورھائي کائڻ ۽ ھڪ ٻئي جو خيال رکڻ سان خوشين ۾ واڌارو ٿيندو آھي. ھڪ ٻئي جي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ سان خوشيون وڌنديون آھن ۽ اھڙيءَ طرح ڏک ونڊڻ سان ڏک گھٽ ٿيندا آهن.

***


 

ڊاڪٽر برڪت نوناري

ڳورپٽ Honey Badger

عام ٻھراڙين ۾ چراخ (Hyena) لاءِ ھڪ جاھلاڻو وھم ھئو، ته چراخ تي ڏائڻ سواري ڪندي آھي. تنھنڪري پوري سنڌ مان چراخ جا نسل ماري ختم ڪيا ويا. اھڙيءَ ئي نموني ڳورپٽ (Honey Badger) لاءِ پڻ ھڪ افواهه ڦهلايل آھي، ته ڳورپٽ ھڪ آدم خور بلا آھي. جڏھن ته ڳورپٽ صرف 2 يا 3 فوٽ مس ٿيندو آهي. جيڪو صرف جيتَ، ڪِرڙيون، ڪُوئا ۽ ماڪوڙا کائيندو آھي. ڳورپٽ زمين کوٽي زمين جي اندر لڪي رھندو آھي، تنھنڪري اھو وھم پڻ جام آھي ته ڳورپٽ قبرون کوٽي لاش کائي ويندو آھي. ڳورپٽ جي گُمان ۾ رات جي اوندهه ۾ ڪيترائي انسان مارجي چڪا آھن. تازو ئي بدين ضلعي جي تعلقي ٽنڊو باگو ۾ گرگيزن جي ڳوٺ ۾ ھڪ ڳوٺاڻي کي ڳورپٽ سمجھي ماريو ويو. ھي ڌرتي انسانن سان گڏ جانورن جي به جنم ڀُومي آھي، فطرت سان ڇيڙڇاڙ نه ڪريو. جنگلي جيوت کي به جِيئڻ ڏيو.

***

آزاد زنگيجو

خيرپورناٿن شاهه

ڀُڻڪو

سرءُ جي مُند جا پڇاڙڪا ڏينھن ھئا، گھر جي اڱڻ تي چار پنج کٽون پيون ھيون. ڪُراڙي سانئڻ پنھنجي ننھن اميران سان گڏ کٽ تي ويٺي رليءَ جو تَھهُ سبرائي رهي هئي ۽ ٻي کٽ تي  محمد جان ويٺو هو ۽ اميران کي غور سان ڏسي رهيو هو. هن اميران به ڪنھن ڪنھن وقت نظر کڻي محمد جان ڏانھن ڏسي، وري پنھنجي سَسُ سائنڻ سان رلي سبڻ ۾ مشغول ٿي وئي. ان ڏينھن پاڙي مان ٻڪيءَ جي سڏ تان جيئن ئي اميران موٽي ھئي، ته روز جي معمول جيان اچي پنھنجي سَسُ سان رلي سبرائي رھي ھئي. پر ان ڏينھن اميران ھارَ سينگار ۾ ڏاڍي سھڻي لڳي رھي ھئي. محمد جان ھونئن به پنھنجي زال اميران سان تمام گھڻي محبت ڪندو ھو. تنھنڪري ان ڏينھن محمد جان، اميران کي ڏاڍي غور سان ڏسي رھيو ھو ۽ پريان نِم جي وڻ ھيٺان کٽ تي ننڍڙو احمد فضل پنھنجي اسڪول  جي ھوم ورڪ لکڻ ۾ مصروف ھو.

احمد فضل ٻاراڻي ڪھاڻين جي ڪتابن سان گڏ ٻاراڻا رسالا به پڙهندو هو ۽ اسڪول ۾ ٿيندڙ هر فڪشن ۾ به هر ڀيرو حصو وٺندو هو. پر ان ڏينھن اسڪول جو ھوم ورڪ لکندي لکندي احمد فضل جي واتان شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو هي بيت.....

اَڄُ نه اوطاقن ۾، طَالبَ تنوارَين،

آديسي اُٿي ويا، مَڙهيَون مون مارين،

جي جيءَ کي جِيارِين، سَي لاهوتي لڏي ويا.

جڏهن اهو بيت ڍنڍ تان اُٿيل آڙيءَ جيان ڀڙڪو کائي احمد فضل جي واتان نڪتو، ۽ نڪرڻ کان پوءِ جڏهن محمد جان، اميران ۽ ڪُراڙي سانئڻ  جي سمائتن سان ٽڪرائجندو سڄي گھر ۾ تنبوري جي تار جيان رُون رُون ڪندو رھيو ته سڀ گھر جا ڀاتي وڏي تجسس سان گڏ وات پٽي ننڍڙي احمد فضل کي ائين ڏسي رھيا ھئا، ڄڻ زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو اھڙن لفظن سان ھنن جون سماعتون ٽڪريون ھجن. سڀئي گھر جا ڀاتي ننڍڙي احمد فضل کي حيران نظرن سان ڏسي رھيا ھئا! ڪجھه گھڙين جي خاموشيءَ کان پوءِ محمد جان پنھنجي کٽ تان اُٿي وڃي احمد فضل جي کٽ تي ويٺو. ويھندي ئي احمد فضل کي چيائين ته پُٽ اهو بيت وري ٻُڌائجان.  ها... بابا! احمد فضل وراڻيو.

اَڄ نَه اوطاقن ۾، طَالبَ تَنوَارِينُ،

آديسي اُٿي ويا، مَڙهيون مون مارين،

جَي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.

واهه واهه پُٽ واهه. اهو بيت تو ڪنھن کان سکيو آھي؟ محمد جان پنھنجي پُٽ احمد فضل کان پڇيو. بابا اھڙا بيت اسڪول ۾ سائين علڻ ٻُڌائيندو آھي. اڇا..! جي بابا سائين.

بابا بابا. جيءُ پُٽ.

ٻيو بيت ٻُڌايائين؟ احمد فضل پنھنجي پيءَ کي چيو. ھا.... ٻُڌاءِ.

اڄ نه اوطاقَن ۾ ، سندي جَوڳُين ذاتِ،

سَارَي سَنَاسِيُنِ کي، رُنم ساري رات،

مون تن جَنين جي تاتِ، سي لاهوتي لڏَي ويا.

پُٽ جي واتان شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جو ٻيو بيت ٻُڌي پُٽ کي نرڙ تي چُمي ڏيندي محمد جان ڏاڍو خوش ٿيو. بابا هڪ دفعي اسڪول ۾ سائين علڻ جوڳي فقيرن سان ڪچھري ڪري رھيو ھو، اھي جوڳي فقير به سائين علڻ کي اھڙا بيت به ٻڌائي رهيا هئا، پر سائين علڻ به انھن جوڳين کي بيت ٻڌائڻ ۾ ماري پيو وڃي. پوءِ! محمد جان پُٽ کان پڇيو.

پوءِ بابا ھڪ جوڳي فقير سائين علڻ کي چيو، ته توهان ڪير آهيو ۽ ڪٿي ويٺا آهيو؟

پوءِ سائين علڻ ڇا چيس؟ بابا، سائين علڻ جوڳي فقير کي چيو، ته مان هن سنڌ ڌرتيءَ جي مِٽيءَ جو ڀڻڪو آهيان. ته سڀ جوڳي فقير سائين علڻ کي چتائي ڏسي رهيا هئا. ڪجھه پلَ جي خاموشيءَ کان پوءِ هڪ جوڳي فقير جيڪو سڀني ۾ اڃان جوان هو تنھن سائين علڻ کي چيو، ته سائين اهو ڀڻڪو ڇا آهي؟

پوءِ سائين علڻ ڇا چيس؟ بابا پوءِ سائين علڻ چيس، ته مان سنڌ ۽ ڌرتي ڌڻين جو اهو آواز آهيان جنھن جا پڙاڏا سڏ بڻجي ڀونءَ ۾ صدين تائين گونجندا رھندا ۽ ان آواز کي ھر دؤر جو ڪوبه ظالم ماٺو نٿو ڪري سگھي. اھي لفظ سائين علڻ ان جوڳي فقير کي چيا بابا.

محمد جان پُٽ جون ڳالھيون ٻُڌندو رھيو ۽ احمد فضل ڳالھائيندو رھيو. ڳالھائيندي ڳالھائيندي احمد فضل پيءَ کي چيو ته بابا سائين مان به وڏو ٿي سنڌ ۽ سنڌ وارن جو ڀڻڪو ٿيندس.

گولا جي گِراهَه جَا، جُوٺا سَي جَوڳي،

ڦَٽِل سَي ڦوڳِي، جَنِين شَڪَمُ سانَڍِيَا.

***

 

سعديه عباسي

چنيھاڻي/ڪنڊيارو

انٽرويو

       ·منھنجو نالو سعديه عباسي آهي.

       ·منھنجي پيءُ جو نالو مولانا ولي الله عباسي آهي.

               ·مان ٻيو ڪلاس، دي ناليج پبلڪ اسڪول ڳوٺ چنيھاڻي ۾ پڙھندي آھيان.

               ·ھر ڪم محنت ۽ شوق سان ڪرڻ گھرجي.

       ·مان گھر ۾ اڌ ڪلاڪ شام جو ۽ اڌ ڪلاڪ رات جو پڙھندي آھيان.

       ·مان وڏي ٿي ھڪ سُٺي عالمياڻي ٽيچر ٿينديس. ان شاءَ الله

       ·منھنجي پسند جا اُستاد سائين افضل عباسي ۽ سائين محراب علي عباسي آھن.

       ·مون کي گھر ۾ امڙ، ڏاڏي، بابا سائين ۽ چاچا سائين پيار ڪندا آھن.

       ·مون کي کاڌي ۾ مڇي پسند آھي.

       ·مان واندڪائيءَ ۾ امان ۽ ڏاڏيءَ جي خدمت ڪندي آھيان.

       ·منھنجي پسند جو شھر سکر آھي.

       ·منھنجيون ساھيڙيون ريحانه ۽ فائزه آهن.

       ·اسان کي غريبن ۽ مسڪينن جي مدد ڪرڻ گھرجي.

       ·مون کي انب جو جوس پسند آھي.

       ·مون کي جانورن ۾ اُٺ پسند آھي.

       ·مون کي گُڏي راند ۽ اکٻوٽ راند پسند آھي.

***


 

معصوم حاجي جکراڻي

ڪنڌڪوٽ/ڪشمور

ننڍڙي ماڪوڙي

 

پيارا ٻارؤ! اڄ اوھان کي ھڪڙي ننڍڙي ماڪوڙيءَ جي ڪھاڻي ٻڌايان ٿو. اوھان کي خبر ھوندي ته ماڪوڙين جي پاڻ ۾ محبت ، پيار ۽ ٻڌي هوندي آهي. اهي هميشه هڪ قطار ۾ گڏ هلنديون آهن.. جڏهن هڪ ٻئي سان ملنديون آهن، ته هڪ ٻئي کي هر خطري کان هوشيار ڪنديون آهن.. هڪ ئي جاءِ تي گڏ رهنديون آهن. هنن ۾ ڪنھن به قسم جو نفاق نه آهي. هڪ ٻئي جو هر وقت ساٿ ڏينديون آهن. هنن ماڪوڙين جي ولر ۾ هڪ ننڍڙي ماڪوڙي به هئي. هڪ ڏينھن سڀ ماڪوڙيون خوراڪ جي ڳولا ۾ نڪتيون ته ننڍڙي ماڪوڙي به هنن سان گڏ هلي.

ماڪوڙين جي هڪڙي فطرت هوندي آهي ته جڏهن مينھن وسڻ جي موسم شروع ٿيڻ واري ھوندي آهي، ته هي پنھنجو کاڌو گڏ ڪري رکنديون آھن، ته جيئن ڏکئي وقت ۾ کين ڪم اچي سگھي. سڀ ماڪوڙيون کاڌو ڳولي رھيون ھيون پر ننڍڙي ماڪوڙي  پنھنجي ڌُن ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن گھمي رھي ھئي. ائين ٻيون ماڪوڙيون کاڌو ڳولي کڻي پنھنجي پنھنجي گھر ڏانھن روانيون ٿيون. ننڍڙي ماڪوڙي اُتي ئي رھجي ويئي. جڏھن ھيءَ پنھنجي مستيءَ مان واندي ٿي ته هن ڏٺو ته ٻيون سڀ ماڪوڙيون هليون ويون آهن. هاڻي هيءَ ننڍڙي ماڪوڙي اُداس ۽ پريشان ٿي سوچي پئي! ته هاڻ ڇا ڪجي....! هاڻي آءٌ پنھنجي جاءِ تي ڪيئن رسندس. جيڪڏھن مون کي ڪنھن پکيءَ وغيره ڏٺو ته مون کي کائي ويندو يا ڪوئي پيرن جي هيٺان چيڀاٽي ويندو. ننڍڙي ماڪوڙيءَ کي ڪا ڳالھه سمجھه ۾ نه آئي سا پنھنجي بچاءَ جي لاءِ ڪا جڳھه ڳولڻ لڳي. هن ڏٺو ته هڪ ٻوٽي جي ڀر ۾ هڪ پٿر پيو هو، جنھن ۾ ٿوري جاءِ ڏسڻ ۾ اچي رھي ھئي. ھن سوچيو ته ڪجھه دير اُتي پناهه وٺان ٿي.پوءِ پنھنجي ساٿين جي ڳولا ڪريان ٿي. ھيءَ اڃا پٿر وٽ مس پھتي ته ڪڪرن به وسڻ شروع ڪيو. هيءَ ويتر پريشان ٿي ويئي ته هاڻي ڇا ٿيندو؟ مان گھر ڪيئن ويندس؟ هُتي جڏهن سڀ ماڪوڙيون پنھنجي ماڳ تي پھتيون، ته ننڍڙي ماڪوڙي کي نه ڏسي اُهي به پريشان ٿي ويون. ته خبر نه آهي، ته ننڍڙي ماڪوڙي ڪٿي هوندي؟ يا ڪنھن پکيءَ جو کاڄ ته نه بڻجي ويئي هوندي؟

سڀني ماڪوڙين گڏجي چيو ته مينھن بند ٿئي، ته ان کي ڳولڻ هلون، متان ڪٿي ملي وڃي. شايد هن کي ڪجھه نه ٿيو هجي! هوڏانھن ننڍڙي ماڪوڙيءَ کي اچي بُک ورايو پر کاڌو ڪٿان آڻي؟ جڏھن مينھن بند ٿي ويو، اُتان ھڪ ماڻھو لنگھيو جنھن جي ٿيلھي ٿوري ڦاٽل ھئي ان مان کنڊ ڪري رھي ھئي.ھن به پٿر هيٺان نڪري کنڊ کي کائڻ شروع ڪيو ۽ پنھنجو پيٽ ڀري ڍؤ ڪيو. ھن کي پڪ ھئي، ته ٻيون ماڪوڙيون هن کي ڳوليندي هتي ضرور اينديون. ان وقت تائين آءٌ پنھنجو کاڌو گڏ ڪري رکان. ھن پنھنجي طاقت سارو کاڌو گڏ ڪيو.ٻيون ماڪوڙيون ھن کي ڳولڻ نڪتيون ۽ اچي ان ساڳي جاءِ تي پھتيون  جتي ننڍڙي ماڪوڙي ھئي.  پر اھا ھنن کي ڏسڻ ۾ نه آئي. هنن پنھنجي آواز ۾ ھن کي سڏ ڪيا. ننڍڙي ماڪوڙي ھنن جا سڏ  آواز ٻُڌي ٻاھر نڪري آئي. پوءِ ننڍڙي ماڪوڙي پنھنجن ساٿين ماڪوڙين سان ملي. ھن چيو، ته هتي کاڌو پيل آهي. ان کي به کڻي ٿا هلون سڀني کاڌو کڻڻ شروع ڪيو.

ننڍڙي ماڪوڙي صرف هڪ داڻو کنيو، جيڪو هن جي کڻڻ کان ڳورو هو. سڀني چيس ته اهو نه کڻُ. پر ضد ڪري ويھي رھي ته آءٌ اهو ئي کڻندس. آخر ٻين سڀن هن جي ضد جي ڪري هن جي مدد ڪئي. اهو وڏو داڻو کنيو. سڀئي ماڪوڙيون کاڌو کڻي پنھنجي جاءِ تي پھتيون. سڀ ماڪوڙيون خوش ھيون ته ننڍڙي ماڪوڙي به اچي انھن سان رلي ۽ کاڌو به جام ملي ويس. ننڍڙي ماڪوڙيءَ چيو، ته مون کي معاف ڪجو مان اڳتي جي لاءِ اوهان کان پري ڪانه ٿينديس ۽ ڪابه حرڪت وغيره نه ڪنديس مون کي نافرماني جي سزا ملي ويئي آهي. ٻيون ماڪوڙيون هن جي ڳالھه تي مُرڪيون ۽ خوش ٿيون  ۽ سدائين گڏ رهڻ جو واعدو ڪيائون.

پيارا ٻارؤ! اسان کي هن ڪھاڻي مان اھو سبق ملي ٿو، ته نافرماني نه ڪريون، پنھنجي ساٿين کي ڪڏھن به نه ڇڏيون ۽ هڪ ٻئي جي مدد ڪريون.

***


 

عبدالله سومرو

ٺاروشاهه

قيمتي قول

       ·عزت آبرو پرهيزگاريءَ ۾ آهي.

       ·ڀلائي نِوڙت ۾ آهي.

       ·شاهوڪاري يقين ۾ آهي.

       ·چڱو ماڻھو جيڪڏھن فقير ٿيندو ته نِوڙت ڪندو، ڪمينو ماڻھو جيڪڏھن فقير ٿيندو ته وڏائي ڪندو.

       ·تڪبر جي ڪري گنديون عادتون پئدا ٿينديون آهن.

       ·جنھن پاڻ کي سڀ کان گھٽ ڄاتو تنھن کي بھشت جي سُرهاڻ معلوم ٿيندي.

               ·تڪبر جا ست سبب آهن. 1. عام 2. عابد. 3. ذات 4. سونھن 5. دنيا 6. زور (طاقت) 7. تعبيدارن، شاگردن، نوڪرن ۽ مريدن جي ڪري.

               ·ڪاوڙ ايمان کي خراب ڪري ٿي، تنھنڪري چڱو ائين آھي، جو ڪاوڙ مھل بردبار ٿجي. طمع وقت لاطمع ٿجي ۽ ڏک مھل کڻي صبر ڪجي.

       ·خدا تعالى جو حڪم آھي ته ساڙيلو يا حاسد ماڻھو منھنجي نعمت جو دشمن آھي.

***


 

سرمد عباسي                          (قسط: ٽين)

خانواهڻ/نوشھروفيروز

سپِي،  سارنگ ۽ مَتارو

}ٻاراڻو ناول{

ھوءَ ڪنَ لائي، ماٺ ڪري ڪجھه ٻُڌڻَ جي جاکوڙ ڪندي رھي پر وري ڪو آواز نه ٿيو. متان، مِينھن جو آواز ھجي. مان ھروڀرو ٿي وھم ڪيان. سپيءَ دل ۾ سوچيو ۽ ٿانوَ تان ڪپڙو لاھي ھنَ ھڪ پليٽَ ۾ حلوو کنيو ۽ چمچو کڻي ھال ۾ آئي. ھن جي ھالَ ۾ ايندي ئي بجلي به اچي وئي. ٽي وي به ھلڻَ لڳي. ٽي ويءَ جي اسڪرين تي متارو ڏسڻَ ۾ اچي رھيو ھو.جيڪو وائڙن جيان ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسي رھيو ھو. لڳي ٿو ته سارنگ ڪيڏانھن... سپيءَ پنھنجو پاڻَ سان ڳالھائڻ چاھيو پرَ سندس جملو اڌَ ۾ رھجي ويو. ھوءَ چِتائي پَٽَ ڏانھن ڏسڻ لڳي. ھالَ جو پٽُ، ڪيترن ئي ھنڌن تي پُسيل ھو. ڄڻ ته ڪو ٻاھران اندر آيو ھجي. سپيءَ جي دل ڪنبڻَ لڳي. ھن جا لڱ ڪانڊارجي ويا. ھنَ حلوي واري پليٽ صوفي تي رَکي ۽ ھالَ جي دروازي ڏانھن ڏسڻَ لڳي. دروازي کي اندران بند ڏسي ھنَ ھڪ ڊگھو ساھه کنيو. دروازو ته اندران بند آھي پوءِ ھيءُ پٽُ ڪيئن پُسيو ؟ سپيءَ دل ۾ سوچيو ۽ ڏاڪڻ واري ڀاڱي ڏانھن وڌي وئي. ٽِڪنڊي ڇت ڏانھن کُلندڙ دروازو به اندران بند ھو.

اھو دروازو به بند آھي. سپيءَ، چتائي دروازي ڏانھن نھاريندي سوچيو.

ھوءَ موٽي اچي صوفي جي ڀرسان بيٺي ۽ ھالَ جي دريءَ ڏانھن ڏسڻَ لڳي. دري به بند ھئي ۽ ھوا جو طرفُ به دريءَ جي اُبتڙ ھو جو سوچجي ھا ته دريءَ جي وِٿين مان مينھن جو پاڻي اندر آيو آھي. سپيءَ کي دريءَ وٽ به پَٽُ سُڪل ڏسڻَ ۾ آيو.  ھنَ ڇت ڏانھن نھاريو.تيز وسڪارو ھئڻ کان پوءِ به ڇتِ تي، ٽِمڻَ جي ڪا به نشاني ڪو نه ھئي. سپي مُنجھيل انداز ۾ صوفي تي اچي ويٺي. ھنَ ٽي ويءَ ڏانھن نھاريندي، ڀرسان رکيل حلوي واري پليٽَ کنئي. ٽي ويءَ تي اڃان به وائڙن وانگر گھمندڙ متارو ڏسڻَ ۾ پئي آيو. سارنگ گم ھو.

سارنگ يڪو ڪيڏانھن ويو؟ سپيءَ دل ۾ سوچيو. ھن حلوي جو گِرهه کڻڻ لاءِ جيئن ئي پليٽ ڏانھن ڏٺو ته کيس مغز ۾ ڦيري اچي ويئي. پليٽ ۾ رڳو چمچو پيو ھو. حلوو، گم ھو.

جِن. سپيءَ جي وات مان نڪتو ۽ ھوءَ ھڪدم ڊپَ ۾ وٺجي ويئي. ھنَ چؤڦير نھاريو. ھالَ ۾ ھنَ کان سواءِ ٻيو ڪير به ڪو نه ھو. ٽي ويءَ ۽ مِينھن جي آوازن کان سواءِ، ٻيو ڪو آواز به نه ھو.

پوءِ... پوءِ حلوو ڪنھن کاڌو؟ سپيءَ ڏاڍيان چيو ۽ صوفي ڏانھن ڏسڻَ لڳي. حلوو صوفي تي به ھاريل نه ھو.سپي، تنھنجو حلوو مان کاڌو آھي. کاڌي واري ميز ڏانھن آواز آيو سپي ٽپُ ڏئي صوفي کان پري ٿي وئي ۽ ڊپَ مان ميز ڏانھن ڏسڻَ لڳي. ميز جي ھيٺان نھارَ پوندي ئي سپي وائڙي ٿي ويئي! ھنَ پڪَ ڪرڻَ لاءِ پنھنجون اکيون مھٽيون ۽ ٻيھر ميز ڏانھن ڏٺو.

تَت...تُون!!! ھتي!!! سپيءَ ذري گھٽ دانھن ڪرڻَ نموني چيو. سامھون بيٺلُ، اڳتي وڌيو ۽ سپيءَ کي ويجھو ٿي بيھي، پنھنجين نِيرين اکين سان سپيءَ کي ڏسڻَ لڳو. سپي ميزَ ڏانھن آئي ۽ جُھڪي اچرجَ وچان ڏانھنس نِھارڻَ لڳي.

اھو سارنگ ھو. ڪارٽون سارنگ ھرڻ. جيڪو ڪجھه گھڙيون اڳ ٽي ويءَ ۾ ھو پرَ ھاڻي سچ پچ سپيءَ آڏو بيٺو ھو.سپي،تون ئي ته ڪجھه دير پھريان چيو پئي، ته سارنگ مون ڏانھن اچ، مان تو کي متاري کان بچايان ٿي. سو مان پھچي وَيُس. مھرباني ڪري مون کي متاري کان بچاءِ.سارنگ، نماڻائيءَ وچان سپيءَ کي چيو. پرَ تون ٽي ويءَ مان نڪري، سچَ پچَ ۾ مون وٽ ڪيئن آيو آھين؟ تون ته ڪارٽون آھين. سپيءَ،ٽي ويءَ ڏانھن ڏسندي پڇيو.اھا مون کي ڄاڻَ ناھي سپي. مان ته متاري کان بچڻَ لاءِ سڌو ڊُڪي رھيو ھئس. جو ڪڪرن مان گجگوڙ جو ڏاڍيان آواز ٿيو ۽ منھنجي اکين آڏو اوندهه ٿي وئي. جڏھن اوندهه لَٿي، ته مون پنھنجو پاڻَ کي ھتي ڏٺو. بس مان ته اھو ئي ڄاڻان ٿو. سارنگ ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسندي وراڻيو.

سپي مُرڪي پئي. سارنگ کي ڏسي ھنَ جو ڊپُ به ختم ٿي ويو. ھوءَ قربَ وچان ننڍڙي سارنگ کي ڏسڻَ لڳي. توڙي جو کيس سمجھه ۾ نه پئي آيو، ته سارنگ جيڪو ھڪ ڪارٽون ھو، سو ٽي ويءَ مان نڪري، وٽس ڪيئن پھچي ويو ھو؟

اُمالڪ ٻاھر ھلڪو ڌماڪو ٿيو ۽ ڪجھه گھڙيون سُھائي پکڙجي وئي. اھو ڌماڪو بجليءَ جي ٽرانسفارمر مان ٿيو ھو.لڳي ٿو ته اسان جي ڪالونيءَ جي ٽرانسفارمر ۾ ڪو مسئلو ٿيو آھي. سپيءَ دل ۾ سوچيو. ٽي ويءَ ۾ متارو اڃان به وائڙن جيان ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسي رھيو ھو. پڪَ سان ھُو، سارنگ کي ڳولي رھيو ھو.

اڙي... متارو اچي ويو. مون کي بچاءِ... مون کي بچاءِ. سارنگ جي نھارَ ٽي ويءَ تي پئجي وئي ۽ ھو دانھن ڪري ، وري کاڌي واري مَيز ھيٺان ھليو ويو.

ڊِڄُ نه سارنگ. متارو سچَ ۾ ھتي ڪونھي، پر ٽي ويءَ ۾ آھي. ھُو تو کي ڪجھه به نه ڪندو. ٻاھر اچُ سارنگ. سپيءَ ، سارنگ کي آٿت ڏيندي چيو. پرَ سارنگ ميز ھيٺان نه نڪتو ۽ ڊپَ مان ٽي ويءَ ڏانھن نھاريندو رھيو.

چڱو تَرسُ ڀَلا. مان ٽي وي بند ٿي ڪيان. سپيءَ چيو ۽ صوفي تي رکيل ريموٽ کڻي، اُنَ جو رُخُ ٽي ويءَ ڏانھن ڪيو، ته جيئن ٽي وي بند ڪري پرَ ايئن ڪرڻ کان پھرين ئي بجلي بند ٿي وئي. ٽي وي بند ٿيندي ئي ڪا ڳري شيءِ پَٽَ تي ڪِرڻَ جو آواز به آيو. آواز ٻُڌي سپي ڏَڪي وئي. ھنَ کي لڳو، ته ڪا گڙٻڙ ٿي وئي آھي. ڪا وڏي گڙٻڙ.

بجلي ٻيھر ڪو نه آئي. سپيءَ ھٿ ۾ جھليل ٽارچ ٻاري ۽ ان جو رخ ٽي ويءَ واري پاسي ڪيو. ٽارچ جي سُھائيءَ ۾ ھن جيڪو ڪجھه ڏٺو، تنھن سندس ساهه سُڪائي ڇڏيو. کيس پنھنجي دِيدَ تي پَتِ ئي نه پئي ٿِي. ٽي ويءَ وٽ ھُو بيٺو ھو.

بَبر شينھن... متارو. سِنڌو ڪالونيءَ کان ڪجھه ئي پري، ھڪ گھرَ ۾ چار ماڻھو ويٺا ھئا. چار ئي ڄڻا پينٽ شرٽ ۾ ھئا. ڪپڙن جي مٿان کين پيراشوٽ واري ڪپڙي جا جُبا (برساتيون) پڻ پاتل ھئا. ھنن جي ڀرسان ھڪ ميز تي شِڪاري بندوقون رکيل ھيون. اھي چار ئي، ٽنڊي مھراڻ جا رھواسي شڪاري ھئا. گھڻي ڀاڱي ته اڻڄاڻائيءَ ۾ رسن واري پُل ٽَپي آيل ننڍن جانورن کي پڪڙيندا ھئا. ڪڏھن ڪڏھن ھمت ڪري جھنگ ڏانھن به مُنھن ڪندا ھئا. اُتان پڻ جيڪو جانور ھٿ ايندو ھئن، اُنَ کي ھُو جھنگلي جانورَ پالڻَ جي شوقينن وٽ کپائي ڇڏيندا ھئا. جيئن ته اھو ڪم ڪرڻ غيرقانوني ھو. سو ھُو، اھو سڀ ڪجھه ڳُجھي نموني ڪندا ھئا. ھنن جا نالا فواد، شفيق، نويد ۽ شعيب ھئا. ھن ڀيري، شھر ۾ جھنگلي جانورَ پالڻ جي شوقين اورنگزيب کين رِڇَ جا ٻَچا ھٿ ڪري ڏيڻَ لاءِ چيو ھو. اونگزيب ڏاڍو پئسي وارو شخص ھو. وٽس پنھنجي زمين تي ڪيترن ئي ايڪڙن ۾ ٺھيل بنگلو ھو. جنھن ۾ ھنَ ڪيترا ئي گاھه خور ۽ گوشت خور جانور واڙيا ھئا. ھاڻي کيس رڇَ جي ٻچن جي گھرجَ ھئي. اُنَ ئِي سلسلي ۾ ھُو سڀ فواد جي گھر ۾ ويٺا، مِينھن بند ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ ھئا، ته جيئن پنھنجي ڪمَ لاءِ نڪري سگھن.

ھنَ مِينھن ۽ سيءَ ۾ رڇَ جا ٻچا ڪٿان ايندا؟ جيڪرَ، اونگزيب کي ھا نه ڪرين ھا. نويد چيو. تون صحيح پيو چئين نويد. مِينھن ۾ مادي رِڇ، پنھنجا ٻچا کڻي گھمندي ڪو نه ھوندي. ڪٿي لڪي پئي ھوندي. وڏو مسئلو ٿيندو. نويد جي ڀرسان ويٺل شفيق چيو.

اڙي يارَ، رڇُ پاڻيءَ کي پسند ڪندو آھي. سيءَ کان بچڻَ لاءِ ربّ سائينءَ کيس گھاٽا وارَ ڏنا آھن. سو ڳڻتي نه ڪيو. ڪو به مسئلو ڪو نه ٿيندو. فواد وراڻيو.

ھا. فواد جي ڳالھه غلط ناھي. پاڻَ وٽ ته ٻارھن مھينا ئي سيءُ آھي. ٻيو ته مھينو ڏيڍُ اڳ ئي رڇَ جي ٻچا ڏيڻَ جي مُندَ پُوري ٿي آھي. ٻَچا ھنَ مھل ئي کڻبا ته اورنگزيب لاءِ سولائي ٿيندي. شعيب چيو. اھو به نه وساريو، ته رڇ جا ٻچا اڄ ئي ھٿ ڪري، فجر تائين اورنگزيب تائين پھچائڻا آھن. جي ايئن نه ڪري سگھياسين، ته ايندڙ وقتن ۾ اورنگزيب اسان سان ڪو به سودو نه ڪندو. فواد چيو. اڄ ٽِئين رات ٿيندي. ٻه راتيون ته خالي موٽيا آھيون. شفيق ھٿ مَھٽيندي چيو.

اڄُ ضرور ڪم ٿي ويندو. مان چانھه ٺاھي اچان، پوءِ نڪرون ٿا. فواد وراڻيو ۽ رڌڻي ڏانھن ھليو ويو. فواد جا گھرَ ڀاتي مائٽن ڏانھن ويل ھئا. نويد، شفيق ۽ شعيب پنھنجا ٿيلھا چڪاسڻَ لڳا. بيھوشيءَ جي سُئي فائر ڪرڻَ واري بندوقَ، ڪچي گوشت جا پاڪيٽَ، ٽارچون، ضروري دوائون، ڦَٽن تي ٻڌڻَ واري پَٽي ۽ کائڻ لاءِ چپس جون ٿيلھيون. سڀُ سامان ھٿيڪو ھو. جڏھن ته جانورن کي واڙڻَ وارو وڏو پِڃرو ۽ ڳرن جانورن کي کڻڻ لاءِ ھڪ ننڍي جديد قسم جي ڪِرين ھنن جي ٻاھر بيٺل ننڍي ٽرڪ (مِنِي ٽرڪ) جي پوئين ڀاڱي ۾ اڳي ئي موجود ھئا....                                         (هلندڙ.....)


 

اشتياق احمد                   (قسط: نائين)

مترجم: مير سردار چنڙ

اله دين جو چراغ

}ٻاراڻو ناول {

مان الماڙي جو تالو کوليو، ان مان چراغ ڪڍيو ۽ آڱوٺي سان ان کي رڳڙيو، اسان حيران ٿي وياسين. نه زلزلو آيو نه وري جن!

اڙي ھي ڇا! ڪٿي چراغ بي اثر ته نه ٿي ويو؟ ادا گھٻرائجي ويو.

اھو ڪيئن ٿو ٿي سگھي. مان چيو. ٿي سگھي ٿو، جن بيمار ٿي پيو ھجي. ھا! اھو به ممڪن آ. امان چيو.

ھڪ دفعو ٻيھر رڳڙيس. بابا چيو.

منھنجي خيال ۾ ھر ھر رڳڙڻ سھي ناھي. جيڪڏھن ھو بيمار ھوندو، ته ان کي به تڪليف ٿيندي. مان اعتراض ڪيو. اڇا.. گھٽ ۾گھٽ ھڪ دفعو ته وري رڳڙي ڏسو.

جي بھتر. مان چيو ۽ چراغ کي آھستي رڳڙيم. ٻئي لمحي زلزلو شروع ٿي ويو. ان سان سڀ خوش ٿي وياسين. واھه! جن اچي پيو.

ڪٿي ھي قدرتي زلزلو نه ھجي؟ نادر خوف محسوس ڪيو. پر پوءِ سڀ مطئمن ٿي ويا، ڇو ته اڱڻ ۾ ٻئي ٺلھه موجود ھئا. مان ڄاڻان ٿو منھنجا آقا، ته اوھان ڇا ٿا ڄاڻڻ چاھيو. اُن چيو.

پھريان اھو ٻڌاءِ، پھريون دفعو رڳڙڻ سان ڇو نه حاضر ٿئين؟

جديد ڪمري جي بندوبست ۾ لڳل ھئس. ڇا مطلب! اڃا تائين ڪمرو تيار ناهي ٿيو. جي نه! آخر ڇو.

ٻين شھرن مان سرون ۽ سيمنٽ وغيره گھرائڻو ھو. ھڪ ھزار جِنن کي اوڏانھن موڪليو ويو. پر حيرت جي ڳالھه ته ڪنھن به سرن جي بٺي تي سِرون تيار ٿيل نه مليون. ھا باقي سيمينٽ اھي کڻي آيا آھن. ٻيو سامان به اچي ويو آ..سِرون تيار ٿيڻ جي دير آ. ڪمرو تيار ٿي ويندو.

ھِن شھر جي بٺن تان کڻي اچ . وري اوھان کي پوليس جي ڳڻتي ٿي ويندي. ھا .... ٺيڪ آ.... خير ڪا ڳالھه ناهي، سڀاڻي تون پاڻ ئي اچي ويندين يا چراغ کي رڳڙيان؟ مان پڇيو.

جيڪڏھن ڪمرو تيار ٿي ويندو ته مان پاڻ ئي اچي ٻڌائي ويندس . ڏاڍو سٺو، ڇا تون اھو ٻڌائي سگھين ٿو، ته ھي چراغ ڪنھن طريقي سان بي اثر ته نه ٿيندو. ھا ٿي سگھي ٿو. جيڪڏھن ھن کي خالص ديسي گيھه ۾ ٻوڙيو وڃي، ته اصل لاءِ بي اثر ٿي ويندو ۽ مان ان غلاميءَ مان هميشه هميشه لاءِ آزاد ٿي ويندس. ڇا تون  چاھين ٿو ، ته تون آزاد ٿي وڃين؟

آزادي ڪير نه چاھيندو. تون آزاد ٿي ڪري ڇا ڪندي؟

پوءِ مان ڪوھه قاف ۾ خودمختيار حڪمران جي حيثيت سان حڪومت ڪندم.

اھا ته تون ھن وقت به ڪري سگھين ٿو. نه! ھن وقت ته مان توھان جو غلام آھيان. ته ڇا ٿي پيو! تون ھر وقت ته ھتي ناھين ھوندو.

پر  مان ھر وقت اتي به ته ناھيان ھوندو. مثال طور: درٻار لڳل ھجي، سڀ درٻاري جن حاضر ھجن ڪو فيصلو ھلي رھيو ھجي، شاھدن جا بيان ھلي رھيا ھجن ۽ منھنجي فيصلي ٻُڌائڻ جو وقت اچي ۽ ھيڏانھن توھان چراغ کي رڳڙيو. پوءِ جڏھن مونکي سڀ ڪجھه ڇڏي ھتي اچڻو پوي. اھا ڪھڙي بادشاهت چئبي. بادشاھه ته خودمختيار ھوندو آھي. جيڏانهن دل چوي ھليو وڃي، جيڪو ڪري پر مان ته اوھان جي مرضي جو محتاج آھيان.

ٺيڪ آ! مان سمجھي ويس! خير ايترو بيوقوف ناھيان جو گھر آيل دولت کي ھٿ مان وڃايان. مان ان کي خالص ديسي گيھه کان سدائين پري رکندس. توھان جي مرضي جن مايوس ٿي چيو.

ھڪ ڳالھه سمجھه  ۾ نه آئي! مان پڇو.

اھا وري ڪھڙي؟

جيڪڏھن تون اسان کي ديسي گيھه واري ڳالھه نه ٻڌائين ھا، ته ٿي سگھي ٿو ڪنھن ڏينھن چراغ منھنجي ھٿن مان ديسي گيھه واري ڪرمنڊل ۾ ڪِري پوي ھا ۽ تنھنجي آزاد ٿيڻ جا امڪان ھئا، پر تو مون کي اھا ڳالھه ڇو ٻڌائي؟

توھان پڇيو ۽ مان ٻُڌائي ڇڏيو.

تون ڪوڙ ڳالھائي سگھين پيو، ڪا ٻي شيءِ ٻُڌائي سگھين پيو.

ڪڏھن به نه! جنھن شخص وٽ چراغ ھجي، مان اُن سان ڪوڙ نٿو ڳالھائي سگھان.

ڇو......؟ ان سان ڇا ٿيندو؟

مون تي عذاب ٿيندو آھي.

اوهه! مان سمجھي ويس، ھاڻ تون وڃ جلدي جلدي ڪمرو تيار ڪر. جيڪڏھن ھن دفعي به محل مان ڪو نقص نڪتو، ته مان چراغ کي روات سان رڳڙيندس.

نه نه ! روات جو نالو ٻڌي جن ڏڪڻ لڳو ۽ غائب ٿي ويو. ٽئين ڏينھن شام جو ان ٻڌايو، تهڪمرو تيار ٿي ويو آ. اسان سڀ خوش ٿيڻ لڳاسين. اسان سڀني کي اتي کڻي ھل. ٻن منٽن کان پوءِ ھن اسان کي محل جي ڇت تي لاٿو. اسان ھيٺ لٿاسين ۽ پوءِ ڪمرو ڏٺو دل خوش ٿي وئي.  ڪمرو سڄو جديد طرز تي ٺھيل ھو. فلش سسٽم اعليٰ قسم جو ھو، ٽيبل فين موجود ھو، ٻه عدد ريفريجريٽر به نظر آيا. اسان ھڪ ڪمري ۾ گھڙياسين، ته حيران ٿي وياسين. اتي ھڪ وڏي ٽي وي موجود ھئي. ان جي اسڪرين سئنيما جيڏي وڏي ھئي. اڙي ايڏي وڏي ٽي وي اسان جا وات پٽجي ويا. ھي نه صرف ٽي وي آ پر سئنيما به آھي. جن ٻاھران جواب ڏنو، جيڪو اڱڻ تي موجود ھو.

ڇا مطلب؟ مان حيران ٿيندي پڇيو.

ھن ٽي وي تان اوھان شھر جي سينيمائن ۾ ڏيکاري ويندڙ ڪا به فلم ڏسي سگھو ٿا. اڙي! اھو ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟

ھن وقت ٽائم گھڻو ٿيو آ؟ جن پڇيو.

پنج ٿي رھيا آھن. ڇا ھن وقت سينيمائن ۾

(هلندڙ......)


 

ليکڪ: نامعلوم (ڪنڊيارو)

وقت جو قدر

پيارا ٻارؤ! عمران ۽ نعمان ٻه ڀائر هئا. جن جو تعلق هڪ ديندار گھراڻي سان هو. اهي هر وقت سڀني جي چڱائي سوچيندا رهندا هئا. انھن جي ڪلاس ۾ شاهه محمد ۽ توفيق احمد نالي ٻه دوست هئا. جن جي تربيت صحيح نه ٿي هئي. جنھن ڪري نه اهي پڙهائيءَ ۾ دل لڳائيندا هئا، ۽ نه ئي منجھن ڪا چڱائي هئي. هر وقت رُلڻ ۽ جهيڙو فساد ڪرڻ، چغل خوري ڪرڻ لاءِ تيار رهندا هئا. مطلب ته اهي عادتن جا خراب هئا. پنھنجي دوستن جي ڪَڌَن لڇڻن سبب عمران ۽ نعمان به پريشان ٿيڻ لڳا. هڪ ڏينھن اسڪول جي موڪل ٿي، ته عمران نعمان کي چيو، ته ادا عمران ڳالھه اها آهي، ته امتحان ۾ ڪجھه ئي ڏينھن بچيا آهن. اسين محنت به ڪري رهيا آهيون ۽ اسان کي امتحان جو اونُو به آهي. عمران چيو، ادا اها حقيقت آهي. اسان جا دوست شاهه محمد ۽ توفيق احمد رڳو وقت وڃائي رهيا آهن. ڪلاس ۾ رڳو کِل ڀوڳ، موبائل ۽ گانن جون ڳالھيون ڪندا رهن ٿا. نه ئي اهي اُستادن جي چئي ۾ آهن. امتحان به مٿان آهن. هنن جو ڇا ٿيندو. عمران ادا مون به وَسَ ڪيا آهن هنن کي سمجھائڻ جا، پر اهي ڪنھن جي به ٻُڌن ئي ڪونه ٿا. اوهان ٻڌايو ڪجي ته ڇا ڪجي؟

نعمان: ادا عمران ڪجھه ڏينھن اڳ ئي شاهه محمد مون سان خادم مِٺائيءَ واري جي دڪان تي مليو هو. مون کيس سلام ڪيو، ته سلام ورائڻ بدران هو کِلڻ لڳو ۽ توفيق احمد کي چيائين، ته هي ڏسو پڙهاڪُو ٻار اجايو ويٺو اسڪول ۾ ڪتاب پڙهي وقت ٿو وڃائي. مون چيو، شاهه محمد وقت جو قدر ڪريو ۽ علم حاصل ڪريو. پڙهي لکي قابل ٿي، هن زماني ۾ عزت ۽ مانُ ڪمايو. ماءُ پيءُ جو نالو روشن ڪريو. تنھن تي شاهه محمد کِلي ڪري چيو، ته توهان پڙهو ٿا، اهوئي گنج آهي. باقي اها تقرير وڃي ٻي ڪنھن جاءِ تي ڪجان. آئون ان کان مايوس ٿي گھر هلي آيس. شاهه محمد ۽ توفيق احمد لاپرواهيءَ سان هوٽلن تي فلمون ڏسي وقت گذاريندا رهيا. امتحانن کان هڪ ڏينھن اڳ ۾ عمران جي توفيق احمد سان ملاقات ٿي. عمران کيس چيو، ته ادا توفيق احمد سڀاڻي کان امتحان شروع ٿيندا. اوهان تياري ڪئي آهي؟ تنھن تي توفيق وراڻيو، ته ها ادا هي امتحان اسين روز ٻين کان وٺندا آهيون. اسڪول جو به ڪوئي امتحان آهي! جنھن لاءِ ٻئي ڀائر نصيحتون ڪندا ٿا وتو. سڄي ملڪ ۾ ڍنڍورو ڏيندا ٿا وتو.

ٻئي ڏينھن صبح جو اهي چارئي دوست امتحان ڏيڻ لاءِ گھران نڪتا. رستي ۾ انھن جي هڪ ٻئي سان ملاقات ٿي. شاهه محمد ۽ توفيق احمد پنھنجي دوستن نعمان ۽ عمران تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا ۽ طنز ڪندي چوڻ لڳا، ته اڄ اسان پڙهاڪُن سان گڏ اسڪول وڃي رهيا آهيون. هي پيءُ ماءُ جو نالو روشن ڪندا. هو وڏا ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳا. عمران به کين چيو، ته اوهان ٻنھي کي وقت اهو ٻڌائيندو، ته پڙهائي ڪندڙ ۽ محنت ڪندڙ ڪيئن ٿا ڪامياب ٿين ۽ وقت وڃائڻ وارن جو ڪھڙو حال ٿئي ٿو. توفيق ۽ شاهه محمد چيو ٺيڪ آهي. اسان ڏسنداسين.

امتحان شروع ٿي ويا. اهي دوست روزانو گڏجي اسڪول ويندا هئا. وري امتحانن کان پوءِ گڏجي واپس ايندا هئا. انھن جا سڀ پيپر پورا ٿي ويا. اڄ سڀني شاگردن کي انتطار هو، ته پرنسيپال صاحب اچي ۽ رزلٽ ٻُڌائي. نيٺ انتظار جون گھڙيون ختم ٿيون ۽ پرنسيپال صاحب تاڙين جي گُونج ۾ اسڪول جي ڊرائنگ حال ۾ داخل ٿيو. اُستادن مان سر علم الدين ڊائس تي موجود هو. جنھن پنھنجي مخصوص انداز ۾ چيو، ته پيارا ٻارؤ! اوهان کي رزلٽ جو بيچينيءَ سان انتظار آهي. هينئر آئون جناب پرنسيپال صاحب کي گذارش ڪندس، ته اهي ڊائيس تي اچي اوهان سان مخاطب ٿين. پرنسيپال صاحب ڊائيس تي آيو ۽ شاگردن سان مخاطب ٿي چوڻ لڳو،

پيارا ٻارؤ! جنھن ٻار پنھنجي ڪلاس ۽ اسڪول ۾ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي آهي، اهو ذهين شاگرد آهي، عمران جڏهن ته سيڪنڊ پوزيشن نعمان حاصل ڪئي آهي ۽ ٿرڊ پوزيشن وليد حاصل ڪئي آهي. ان کان سواءِ پرنسيپال صاحب فيل ٿيندڙ شاگردن جا نالا ٻُڌايا ۽ چيائين ته شاهه محمد ۽ توفيق احمد اسان جي اسڪول جا اهڙا ته نالائق شاگرد آهن، جيڪي سڀني سبجيڪٽن ۾ فيل ٿيا آهن. باقي ٻيا جيڪي شاگرد آهن، انھن پاس مارڪون کنيون آهن. ان ڪري انھن کي وڌيڪ محنت جي ضرورت آهي. سڀئي شاگرد ۽ اُستاد عمران، نعمان ۽ وليد کي مبارڪون ڏيڻ لڳا ۽ کين ساراهڻ لڳا. عمران ۽ نعمان پنھنجي دوستن شاهه محمد ۽ توفيق کي چيو، ته ادا ڏسو اسان اوهان کي ڪيترو سمجھايو هو، ته وقت جو قدر ڪيو ۽ محنت ڪريو. ڇاڪاڻ ته ويل وقت موٽي نه ايندو آهي. ادا اوهان درست هئا ۽ اسين غلط هئاسين. اسان کي پنھنجي انھيءَ عمل تي پڇتاءُ آهي. ان شاءَ الله اسين هاڻ اوهان وانگر محنت ڪنداسين ۽ وقت نه وڃائينداسين. شاهه محمد ۽ توفيق وراڻيو.

ٻارؤ! ڏسو عمران ۽ نعمان وقت جو قدر ڪيو ۽ محنت ڪئي، ته هنن ڪاميابي ماڻي. پر شاهه محمد ۽ توفيق وقت وڃايو، ته اهي ناڪام ٿيا. ان ڪري اسان کي وقت جو قدر ڪرڻ گھرجي ۽ محنت ڪرڻ گھرجي.

***

ھيءَ جھنگ جي ڪھاڻي آھي، جھنگ اُن علائقي کي چوندا آهن، جتي انسان کان سواءِ ھر قسم جا جانور، پکي پکڻ، جيت جڻيا رھندا آھن. جھنگ ۾ انسان رھن ته ان کي ڳوٺ يا شھر چوندا آھن، جتي انسان ھوندا آھن، اتي جانور نه رھندا آھن. ھي ڪھاڻي به اُن جھنگ جي آھي جتي تمام پراڻا خوفناڪ وڻ ھوندا ھئا. انھن وڻن تي ويٺل پکي ۽ ٻيا جانور مثال طور ڀولڙي جي خاندان جا جانور وڻن جي پنن ۾ ايئن لڪي ويھندا ھئا، جو دوربين سان به ڏسڻ ۾ نه ايندا هئا. جڏھن ڪو ڀولڙو ھڪ ٽاري کان ٻي ٽاريءَ تي ٽُپ ڏيندو ھو، ته خبر پوندي ھئي، ته وڻن تي پکي آباد آھن. پکي گڏ ائين اُڏامندا ھئا، جو سندن کنڀن مان جادوئي آواز ايندا ھئا. ڪڏھن ڪو نانگ رڙھندو ڪنھن آکيري ڏي ويندو ھو ته پکي ائين دانھون ڪندو هو، ڄڻ قيامت آئي ھجي. ڪجھه وڻ ايڏا گھاٽا ھئا، جو سج جي روشني به نه گذري سگھندي ھئي. اتي ڏينھن جي وقت به رات جو گمان ٿيندو ھو، اتي ڪير رھندو ھو، اھو ھڪ راز ھو. جنھن جي اڄ تائين ڪنھن کي به خبر نه پئجي سگھي آھي. ھن ڪھاڻي ۾ انھن رازن تان پردو کڻنداسين.

ھونئن ته ھر جھنگ جي پنھنجي ڪھاڻي ھوندي آھي، پر ھن جھنگ ۾ ڀانت ڀانت جا وڻ، ٻوٽا، گل، وڏا وڏا جبل، نديون، تلاءُ، مٺي پاڻي جا چشما ھئا، انھن سڀني جي الڳ الڳ ڪھاڻي ھئي. توھان وٽ جيڪي ڪھاڻين جا ڪتاب آھن، انھن ۾ به ڪھاڻيون آھن ۽ جانورن جون تصويرون به آھن، ھر جانور جي پنھنجي ھڪ ڪھاڻي آھي، گھڻيون ڪھاڻيون ملي ھڪ وڏي ڪھاڻي ٺاھينديون آھن، جنھن جو نالو ھڪ وڏو جھنگ آھي. وڏي جھنگ ۾ مختلف قسمن جا جانور ۽ پکي رھندا ھئا، ھاڻي به رھندا آھن. پر توھان انھن سان نٿا ملي سگھو، انھن سان دوستي جو هٿ نٿا وڌائي سگھو. ڇو ته اتي خوفناڪ جانور به رھندا آھن پر ايئن به ناھي جو توھان انھن سان دوستي نه رکي سگھو. وڏي جھنگ ۾ ڪيترائي جانور رھندا آھن، انھن سڀني جون ڪيتريون ئي ڪھاڻيون آھن، ھاڻي جيڪڏھن ڪو ھي ڪھاڻيون ٻُڌائيندو، ته ان کان ڪا ڳالھه رھجي سگھي ٿي. ان ڪري ھي ڪھاڻي ٻن راوين کان ٻُڌون ٿا. ڊڊو ۽ لڊو ٻه ڀائر آهن، ڊڊو وڏو ۽ لڊو ننڍو آھي، جڏھن ھنن جي ماءُ حيات ھئي، ته ھن ڊڊو کان واعدو ورتو ھو، ته ھو لڊوءَ جو ھر طرح سان خيال رکندو. جڏھن ڪا مصيبت اچي ته ھو پنھنجي جان جوکي ۾ وجهي به پنھنجي ننڍي ڀاءُ جو خيال رکندو. انڪري ڊڊو لڊو جو ھر وقت گھڻو خيال رکندو ھو. لڊو کي سُمھڻ جي گھڻي عادت ھوندي ھئي، ڊڊو جڏھن به ڪا ڳالھه ٻڌائيندو ھو، ته ھو سُمھي رھندو ھو. چوندا آهن نه، جيڪو سُمھندو آھي، اھو وڃائيندو آھي، پر ھتي جيڪو سُمھي ٿو اھو لڊو آھي. توھان کي ڪيڏي مھل ھن ڪھاڻيءَ جا ڪردار راوي لڳندا، ھن ڪھاڻي ۾ توھان کي ڪيتريون ڳالھيون پريشاني واريون به ملنديون پر توھان کي پريشان ناھي ٿيڻو. پريشاني واري ڳالھه تي به توھان کي پريشان ناھي ٿيڻو. ڊڊو ۽ لڊو ھي ٻيئي ڏيڏر ھئا. جيڪي سؤ سال پراڻي کوھه ۾ رھندا ھئا ۽ کوھه کي پنھنجي ڪل ڪائنات سمجھندا ھئا. ھڪڙي ڏينھن اتان ھڪ اُڃايل ڪتو گذريو، ھو ڪيترن ئي ڏينھن جو اُڃايل ھو. ڪجھه ڏينھن پھرين ھو پاڻي پيئڻ درياھه تي ويو ھو، پاڻي پيئڻ لاءِ جيئن ويجھو ويو، ته ھن تي مانگر مڇ حملو ڪيو.

ڪُتو اتان جان بچائي وٺي ڀڳو. ڀڄندو ته اُڃ به لڳندي نه.. ڪُتي جي نظر کوھه تي پئي ته ڏاڍو خوش ٿيو، جيئن ھيٺ ڏٺائين ته کوھه ۾ پاڻي نظر آيس. پر ھي ڇا.. ھن کي پاڻي ۾ ٻيو ڪتو نظر آيو، اصل ۾ اھو ڪُتي جو  پنھنجو عڪس ھو. پر ھن سمجھيو ته پاڻي ۾ ٻيو ڪتو به آهي، ڪتو ڀونڪڻ لڳو، اھا ڪُتن جي عادت آهي ته اجنبي ڪتن کي ڏسي ڀوڪندا آھن، ڪتي جو عڪس به ڀونڪڻ لڳو. ڪتي کي پنھنجي عڪس تي ڪاوڙ آئي ۽ کيس سيکت سيکارڻ لاءِ کوھه ۾ ٽُپ ڏنائين. کوھه ۾ لڊو ۽ ڊڊو گھري ننڊ ۾ سُتل ھئا، زوردار شپڪي ٿيڻ ڪري سندن ننڊ ڦٽي وئي، ٻئي ڊڄي ويا. ھي ڪھڙي بلا آھي، لڊو ڊڊو کي چنبڙي پيو. ايڏو وڏو ڪتو اڳ ۾ ھنن نه ڏٺو ھو. ڊڊو پنھنجي ياداشت تي زور ڏيندي ڪُتي جي آواز مان اندازو لڳائي ورتو، ته ھي ڪتو آھي. ڪتو ويچارو جوش ۾ ھوش وڃائي ويٺو ھو. ڪتو پاڻي ۾ ٽنگون ھڻڻ لڳو. ڪجھه جانور پاڻي ۾ تري ويندا آهن. ڪتو به ترڻ ڄاڻندو هو. پر ڀت تي چڙهي نه سگھندو ھو. کوھه جي ڀِتِ ڊگھي ۽ ويڪري ھئي ۽ ڀِتِ تي ڄارو ڄمي ويو ھو. ڪُتي ٽپ ڏيئي ٻاھر نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس ھر ڪوشش ناڪام وئي. ڊڊو ۽ لڊو ڪُتي جي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھو ننڍڙا ھئا. چاھڻ باوجود به مدد نه پئي ڪري سگھيا. لڊو جذباتي ٿي ويو ۽ ڪتي جي مدد ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو. پر ڊڊو روڪيندي چيس، ويجھي متان ويو آھين، چڪ ھڻندئي. جيڪڏھن ڇتو ڪتو ھوندو ته تون به ڇتو ٿي ويندين. لڊو معصوميت مان پڇيو. ادا ڇتو ڇا ٿيندو آهي؟ ڊڊو سمجھائيندي چيس، جيڪو اُبتيون سُبتيون حرڪتون ڪري، اھو ڇتو ھوندو آھي. ھي ڪتو به ڇتو آھي، تڏھن ته کوھه ۾ ڪِريو. لڊو چيو، ادا امان ته چوندي ھئي، جيڪو وعدي خلافي ڪري اھو ڇتو ھوندو آھي. لڊو لاجواب ٿي ويو. ڪتو ويچارو جان بچائڻ لاءِ پاڻي ۾ ٽنگون ھڻڻ لڳو ۽ غوطا کائڻ لڳو. ھر غوطي کائڻ کان پوءِ پاڻي منھن مان پيٽ ۾ ويندو رھيو. گھڻو پاڻي وڃڻ ڪري ڪُتي جو پيٽ ڦوڪڻي وانگر ڦوڪجي ويو. وزن وڌي ويس ۽ ڪنن تائين پاڻي ۾ ٻُڏي ويو، ۽ پوءِ ٿورو ڦون جو آواز آيو ۽ ڪُتو ٻڏي ويو! ڊڊو ۽ لڊو پھرين دفعي ڪنھن کي پاڻي ۾ ٻُڏندي ڏٺو ھو. ٻئي غمگين ٿي ويا. ڪجھه وقت کان پوءِ...

(هلندڙ.....)


 

سنڌ حڪومت پاران مليل مُفت ڪتاب ڪي. جي کان وٺي ڏهين ڪلاس تائين جي ٻارن ۾ تقسيم ڪرڻ واري هڪ تقريب گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول ماٿيلو مومل جي ماڙيءَ ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن پرائمري آفيسر گھوٽڪي سيد اسرار احمد شاهه بخاري جي صدارت ۾ ڪوٺائي وئي، جنھن جو مھمان خاص تعليمي ماهر ۽ گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول ماٿيلو مومل جي ماڙي جو ايف.اي غلام مرتضى شيخ هو. جڏهن ته اعزازي مھمان ٻالڪ ادبي فورم سنڌ جو مرڪزي صدر ۽ سنڌي ٻاراڻي ادب جو ناميارو ليکڪ ۽ شاعر عبدالحئي ڀٽو، تعليمي ماهر اُستاد محمد بخش ڪلوڙ ۽ اُستاد عبدالغفور ميراڻي هئا.

ڪوٺايل تقريب ۾ تعليمي ماهرن ۽ اُستادن نصرالله ڀٽو، سڪندر اعظم ڪڪڙو، محمد قاسم پتافي، مقصود احمد مھر، غلام مجتبى شيخ، عبدالڪريم مھر، ڪامران حسن مغل، حماد الله ڀٽو، غلام حسين شيخ، لطف الله منگي، مولاداد ڀٽو، سيد حاڪم علي شاهه، عبدالفتاح ڪڪڙو سميت گُلن جھڙن اسڪولي ٻارڙن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڪي.جي ڪلاس کان وٺي  ڏهين  ڪلاس جي تقريبن 300 اسڪولي ٻالڪن ۾ سيد اسرار احمد شاهه بخاري، عبدالحئي ڀٽو ۽ ٻين مُفت درسي ڪتاب تقسيم ڪيا.

آخر ۾ سيد اسرار احمد شاهه بخاري ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو، ته سنڌ حڪومت سنڌ جي تعليم کي وڌيڪ بھتر ۽ اجاگر ڪرڻ لاءِ نج ميرٽ جي بنياد تي لاتعداد اُستاد ڀرتي ڪيا آهن ۽ تعليم به مُفت ڪئي آهي. انھيءَ جي ڪري سنڌ حڪومت سرڪاري اسڪولن لاءِ مُفت درسي ڪتاب موڪليا آهن. جيڪي اڄ اسين ڪي.جي ڪلاس کان وٺي ڏهين تائين جي ٻارن ۾ ورهائي رهيا آهيون.

ٻارن جي والدين کي گھرجي، ته پنھنجن ٻارڙن کي گورنمينٽ جي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ سان گڏ ٻارن کي اسڪول پابنديءَ سان موڪلين، ڇو ته تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي. سنڌ جي تعليم کي بچائڻ ۽ ان جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ سماج جي هر فرد کي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو هنن وڌيڪ چيو ته اسان وٽ اڄ به ڪافي اُستاد ايماندار، ڊيوٽي جا پابند ۽ سچا آهن، جيڪي وقت جي پابنديءَ سان اسڪول پھچن ٿا ۽ پنھنجي قوم جي ٻارن کي مخلصي ۽ سچائيءَ سان تعليم ڏين ٿا.

سنڌ جي تاريخي ماڳ ماٿيلو مومل جي ماڙي جو هي قديمي اسڪول آهي، جتي هميشه علمي، اصلاحي ۽ تعليمي پروگرام ٿيندا رهن ٿا.

اهو سنڌ جو واحد اسڪول آهي، جتان سنڌي ٻوليءَ جي برک شاعر، صحافي ۽ اديب سيد سردار علي شاهه ذاڪر، سنڌ جو ناميارو ليکڪ، شاعر ۽ صحافي سيد امير بخاري ۽ دانشور سيد اختر علي شاهه بخاري ۽ تعليم کاتي ۾ وڏن عھدن تي رهندڙ سيد محمد عالم شاهه بخاري، غلام محمد شيخ، غلام نبي شيخ، واحد بخش منگي، احمد خان ڀٽو، محمد حسن شيخ، ارباب علي ڪڪڙو ۽ عالم دين مولوي محمود ڀٽو هن اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي. سنڌ جو قديمي قلعو ماٿيلومومل جي ماڙي هميشه علم ۽ ادب جو مرڪز رهيو آهي. تعليم جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ اسان جي جدوجھد هميشه جاري رهندي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org