سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل جنوري  2025ع

باب:

صفحو:5 

ذوهيب علي ڌونئرو

پبلڪ اسڪول ميرپورخاص

لالچ بُري بلا آهي

هڪ ڏهاڙي چار دوست سفر لاءِ روانا ٿيا. هلندي هلندي واٽ تي هنن هڪ سونِي سِرَ لڌِي. چار يار  ڏاڍا خوش ٿيا ۽ سِرَ کي کڻي هلندا هليا، واٽ تي هڪ کُوهه جي ڀر ۾ ويٺا ۽ صلاح ڪيائون ته هن سِرَ کي چار ٽُڪر ڪري ورهائينداسين. هنن صلاح ڪئي، ته هڪ ماڻھو وڃي ۽ شھر مان سيڌو سامان خريد ڪري اچي ته کاڌو کائون.

هڪ دوست شھر ڏانھن روانو ٿيو، ته پوين ٽن ماڻھن صلاح ڪئي ته هي واپس اچي ته هن کي کُوهه ۾ ڌڪو ڏئي مارينداسين. جڏهن هو شھر مان سامان وٺي موٽي آيو. ھوڏانھن وري شھر واري سوچيو، ته سامان ۾ زهر وجھي کڻي ھلان ته هي ٽيئي ڄڻا کاڌو کائي مري ويندا ۽ سڄي سِرَ آئون کڻندس. اهو پَھهُ پچائي زهر سامان ۾ وجھي آيو. ۽ ھو ٽئي ڄڻا تيار ٿيو ويٺا ھئا. ھي آيو ھن کي کُوھه ۾ ڌِڪو ڏئي ماري ڇڏيائون ۽ پاڻ کاڌو پچائي کائڻ لڳا ته ٽئي مري ويا!

پيارا ٻارؤ! اوهان ڏٺو ته لالچ بُري بلا آهي.  اها دولت اُتي ئي رهجي وئي، هي دولت خاطر دوستي وڃائي ويٺا ۽ چارئي دوست مري ويا!!

خليل الله ميمڻ

ڪوٽڙي سائيٽ/ڄام شورو

همدرديءَ واري زبان

 

ڍولوءَ جو اصل نالو ته مزمل هو، پر سندس پيءُ ماءُ کيس پيار مان ڍولُو چوندا هئا. سندس عمر ڏهه سال هئي. ڍولوءَ  جو معصوم چھرو گول مٽول هو. هو ڏھاڙي اسڪول ويندو هو. ھو شام جو مدرسي مان موٽي اچڻ کان پوءِ، وري پنھنجي ننڍڙن  ھٿن سان اسڪول جو ھوم ورڪ پڻ ڪندو ھو. ھو شين تي غور ڪندو ھو ۽ پنھنجي ماءُ پيءُ کان عجيب غريب سوال ڪندو ھو.

سندن  گھر ننڍڙو ھو، پر ڏاڍو خوبصورت ھو. جتي ٻن ڪمرن ۽ ورانڊي کان پوءِ ننڍڙي آڳند تي دروازي وٽ ھڪ خوبصورت ولِ ھوندي ھئي. جيڪا سال ۾ ٻه ڀيرا ڏاڍي سائي ٿيندي هئي ته ڳاڙها گُل پڻ جھليندي ھئي. جڏھن به اھا سائي ٿيندي هئي ۽ گُل ڪندي هئي، ته ان  ۾ جھرڪي  اچي پنھنجو آکيرو ٺاھي، آنا لاھي ٻچا ڪندي ھئي. ڏينھن جو ٻيا پکي پڻ اچي اتي ٻوليون ٻوليندا ھئا. سچ به ته اهو منظر ڏاڍو وڻندڙ ٿيندو هو.

هڪ منجھند جو ڍولوءَ کي اچي خيال ويٺو، ته آئون جھرڪيءَ جي آکيري مان سندس ٻچڙا ڪڍي پاڻ وٽ پاليان. جڏهن شام ٿي، ته  ڍولوءَ گھر مان ڪُرسي کڻي ول هيٺيان رکي، ڄاري واري لڪڙي جي مدد سان سندس آکيري کي لوڏيندو رهيو. هڪڙي ٻي ڪوشش سان نيٺ آکيري مان هڪ ننڍڙو ٻچڙو اچي هيٺ ڪريو. ڍولو يڪدم لڪڙو اُڇلائي ڪرسيءَ تان لھي ٻچڙو کڻي وٺي ڪمري ڏانھن ڀڳو.

ڍولوءَ جي ماءُ جڏھن ڪنھن ڪم سانگي ڪمري ۾ آئي، ته ڍولو ٻچڙي کي هٿ ۾ جھلي، ٻچڙي سان ڳالھائي رھيو ھو. ڍولوءَ جي ماءُ ڏاڍي رحمدل ھئي. اھڙو لقاءُ ڏسي، ھن کان  رڙ نڪري وئي. بابا ھيءُ تو ڪٿان آندو آھي؟ ھن ڍولوءَ کان پڇيو.

ان تي ڍولوءَ سڄي ڳالھه ماءُ کي  ٻڌائي.

ڍولوءَ جي ماءُ پريشان ٿي وئي، ھن ڍولوءَ کي چيو، ته پٽ! کڻ هن ٻچڙي کي، ته هلي ان کي پنھنجي آکيري ۾ رکي اچون. ھن جي ماءَ ڏاڍي پريشان ھوندي. پر ڍولو ضد ڪندو رھيو ۽ روئڻ سان گڏ مسلسل انڪار ڪندو رھيو. سندس ماءُ کيس سمجھائيندي رھي. پر ڍولوءَ کي اھو ننڍڙو ٻچڙو ڏاڍو وڻي پيو. جنھنڪري ھو نھڪر ڪندو رھيو.

او نادان! ھيءُ ٻچڙو پنھنجي ماءُ پيءُ کان پري تنھنجن ھٿن ۾ ته مري ويندو! ماءُ کيس وري به سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي. نيٺ ماءُ کيس هڪ مثال ڏيندي چيو ته، بابا ڏسو! جيڪڏھن توکي ڪير کڻي وڃي ۽ تون اسان کان ائين پري هجين ته پوءِ؟ سوچ ڪر، ته تون ڪيڏو پريشان ٿيندين! ۽ اسين پڻ توکان سواءِ ڪيئن گذارينداسين؟

ٻچڙو  کڻي پکيءَ جو هجي يا انسان جو، پر اهو ماءُ پيءُ کي ته پيارو هوندو آهي. هو پنھنجن ٻچڙن کان سواءِ ناھن رھي سگھندا. اھو ٻڌي ڍولوءَ جي اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا.

ڍولوءَ ڏک وچان ڳيت ڏني ۽ ھو ٻچڙي کي آکيري ۾ رکڻ لاءِ راضي ٿي ويو. ھاڻي ماءُ پٽ ٻئي پريشان ھئا، ته هو جھرڪيءَ جي ننڍڙي ٻچڙي کي واپس آکيري ۾ رکن ڪيئن؟

جڏهن ٻئي ول جي ويجھي پھتا، ته جھرڪيءَ جا ماءُ پيءُ پڻ ول جي لامن تي هر هِتي، هر هُتي ويھندي ڦٿڪي رھيا ھئا. اھي پنھنجي ٻچڙي کي ماڻھن  جي ھٿن ۾ ڏسي وٺي گوڙ شور ڪرڻ لڳا. ڍولوءَ جي امڙ ٻچڙي کي ھٿن سان مٿي ڪري آھستگيءَ سان ول جي ھڪ لام مٿان ويھارڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻچڙي پنھنجن  ننڍڙن  چنبن سان ول کي پڪڙي ورتو. ڍولو ۽ سندس امڙ پوئتي ھٽيا. ان ويل جھرڪي اچي پنھنجي ٻچڙي جي ويجھي پھتي ۽ پنھنجي چُھنب سان ان ٻچڙي کي کارائڻ شروع ڪيو.

ٻچڙو عجيب نموني چين چين جا آواز ڪڍڻ لڳو. پوءِ ھو ول جي گھاٽائيءَ  ۾ گم ٿي ويا. سج به لھڻ وارو ھيو. تڏھن ڍولو به ڏاڍو خوش ٿيو.

سندس ماءُ کيس نصيحت ڪئي، ته بابا آئنده لاءِ اهڙي غلطي ڪڏهن به نه ڪجانءِ! ۽ پوءِ ڍولو به هٿ ڌوئي، پنھنجا ڪتاب کولي ھوم ورڪ ڪرڻ شروع ڪيو.

***

مھوش بتُول لغاري

ڪلاس ڇھون، پبلڪ اسڪول ميرپورخاص

سون ورنيون ڳالهيون

                ·اسان کي هميشه سچ ڳالھائڻ گھرجي.

                ·ننڍن جي غلطين کي درگذر ڪندا ڪريو.

                ·ننڍن ٻارن جي اصلاح خاطر پاڻ غلط عادتن کان پاسو ڪريو.

                ·حياتيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ برداشت جو هُنر سکو.

                ·بُرائيءَ جو بدلو ڀلائي سان ڏيو، زندگي آسان ٿي ويندي.

                ·اسان کي پينگھي کان وٺي قبر تائين علم حاصل ڪرڻ گھرجي.

                ·اسان کي پنھنجي ماءُ پيءُ، اُستاد ۽ پاڻ کان ھر وڏي انسان جي عزت ڪرڻ گھرجي.

                ·اسان کي پنج وقت نماز پڙھڻ گھرجي.

                ·اسان کي قرآن شريف کي ترجمي سان گڏ پڙھڻ گھرجي ۽ سمجھجي ۽ ان تي عمل به ڪرڻ گھرجي.

                ·اسان کي ننڍن سان پيار ڪرڻ گھرجي .

                ·اسان کي نبي صلي الله عليه وسلم جن جي هر فرمان تي عمل ڪرڻ گھرجي.

                ·اگر اسان وٽ ايترو مال متاع آھي ته پوءِ اسان تي حج فرض ٿي وڃي ٿو.

***


 

سرمد عباسي                          (قسط: پھرين)

خانواهڻ/نوشھروفيروز

سپِي،  سارنگ ۽ مَتارو

ٻاراڻو ناول

 

آمھون سامھون ٻه جبلَ ھئا. ھڪ جبلَ جي ميداني ڀاڱن تي ٽنڊو مھراڻ نالي ھڪ ننڍو شھر اَڏيلُ ھو.  جڏھن ته ٻئي جبلَ تي ھڪ گھاٽو جھنگ ھو.

ٽنڊي مھراڻ ۾ سياري جي مندَ ۾ ٺاھوڪي برفَ پوندي ھئي. گھرن،  دڪانن ۽ آفيسن جون ٽِڪنڊي ڇِتيون، وڻَ ٽڻَ ۽ جبلَ جي چوٽي به برفَ سان ڍَڪجي وينديون ھيون. جبلَ جي چوٽي ته ٻارھن ئي مھينا برف سان ڍَڪيل ھوندي ھئي. سيءُ به ڄڻ ته سڄو سالُ شھرَ ۾ ترسيل ھوندو ھو. اونھاري جي مندَ ۾ به سجَ لٿي کان پوءِ، ھتان جا رھواسي جيڪيٽون پائي ٻاھر نڪرندا ھئا ۽ راتِ جو سَوِڙيون يا ڪمبلَ پائي سمھندا ھئا. ھتي، اونھاري ۾ زوردار مينھن وسندا ھئا. ان ڪري جبل جا ھيٺيان مَٿيان ڀاڱا ساوڪ سان سينگاريل ھوندا ھئا ۽ ميويدار وڻن جي ٽارين تي ڪيترا ئي ميوا پيا لُڏندا ھئا.

جڏھن ته ٻئي جبل تي گھاٽي جھنگ ۾، شينھَنِ،  چيتن، رڇن ۽ بگھڙن سوڌو ڪيترا ئي ڀوائتا جانور رھندا ھئا. جھنگ ۾ جھنگلي مينھنِ، ھرڻن، ڦاڙھن کان سِواءِ ھر جِنسَ جا پکي به ھئا. انھن سڀني جانورن جي ھَيبتناڪ آوازن ۽ پکين جي مِٺڙين ٻولين سان جھنگ ۾ ھر وقت چَھچٽو لڳو پيو ھوندو ھو. رات جو جڏھن سڄي ٽنڊي مھراڻ ۾ ماٺ پکڙجي ويندي ھئي، ته جھنگ کان ايندڙ مختلف جانورن جا آوازَ، شھرَ ۾ به ٻُڌڻَ ۾ ايندا ھئا.

ٻنھي جبلن جي وچ ۾ ذري گھٽ اڍائي ھزار ميٽرن جي اونھائيءَ ۾ ھڪ نَدي وَھندي ھئي. مھراڻ ندي. جيڪا ويڪر ۾ ته ايتري وڏي ڪونه ھئي، پر ان جو وھڪرو ايترو ته تِکو ھوندو ھو، جو ڪو ھاٿي انَ ۾ ڪِري ته انَ کي به پاڻي، ڪِوِلِ وانگر وھائي وڃي. مھراڻ نديءَ جو پاڻي ٿڌو ۽ مِٺو ھوندو ھو.

جيئن ته شھرَ جو نالو ٽنڊو مھراڻ ھو. تنھنڪري جھنگ به شھرَ جي نالي سان ئي سڃاتو ويندو ھو. ٽنڊي مھراڻ جي رھائشي ۽ جابلو ڀاڱن وٽان ئي ھڪ روڊ، نانگ جيان ورَ وڪڙَ ھڻندو ۽ ماٿريءَ جي لنگھنِ مان لنگھندو، پنجٽيھه ڪلوميٽر کن پَري، وڏي شھر وٽ دنگ ڪندو ھو.

ٻنھي جبلن جي وچَ ۾ ٿُلھن رَسن واري پُل ھئي. جنھن تي پنڌ ڪرڻَ لاءِ ڪاٺ جا ويڪرا تختا به لڳل ھئا. اھا پُل ھئي ته ڏاڍي سگھاري، پرَ انَ تان لنگھڻُ، جان جوکي ۾ وجھڻ برابر ھو. ھر ڪو انَ کي ٽَپڻَ جي ھمت نه ڪري سگھندو ھو. ڇو جو اِھا پُل، پير رکڻَ سان ئي کاٻي ساڄي لُڏڻ شروع ٿي ويندي ھئي ۽ تختن جي وِٿين مان، اونھائيءَ ۾ وھندڙ مھراڻ نديءَ تي نِھارَ پوندي، ئي مٿي کي ڦيري اچڻ لڳندي ھئي.  ان ڪري ان پُل تان اچڻَ وڃڻَ وارن جو انگ ڏاڍو گھٽ ھو.

اونھاري جي مُندَ ۾ جڏھن سيءُ ڪجھه گھٽبو ھو، ته پوءِ ٽنڊي مھراڻ ۾ شڪارين جا ڪَٽڪَ پھچي ويندا ھئا. انھن شڪارين سان گڏ ئي، ٽنڊي مھراڻ جا ڪجھه شڪاري اھا پُل ٽُپي، جھنگ ڏانھن شڪار ڪرڻَ لاءِ ويندا ھئا. شڪار ڪرڻَ لاءِ پھريان سرڪار کان اجازت وٺڻي پوندي ھئي. سرڪاري اجازت نامي کان سواءِ شڪار ڪرڻ ڏوھُه ھو.

سياري ۾ وسندڙ برف ۽ برف ۾ اَڇي ٿي ويل جبلَ جي ڏيکن جا مزا ماڻڻ لاءِ سموري ملڪ مان ماڻھو ھتي ايندا ھئا. اھي گھمندا ڦرندا ۽ ھتان جا سواد وارا کاڌا کائيندا ھئا. انھن مان ڪو به جھنگ ڏانھن وڃڻ پسند ڪونه ڪندو ھو. اھي ماڻھو رسن واري پل تائين وڃي، فوٽو ڪڍي ۽ جانورن جا آواز ٻُڌي سرھا ٿيندا ھئا.

وڏي شھر ڏانھن ويندڙ روڊَ جي وَٽِ سان ئي سِنڌو ڪالونيءَ ۾ سِپي رھندي ھئي. سپي ڇھين درجي جي شاگردياڻي ھئي. ڏسڻَ ۾ صفا ڪا ننڍي پَري لڳندڙ سِپي، پڙھڻَ ۾ ھوشيار ۽ سُلڇڻي ڇوڪري ھئي. سِپي پنھنجي امڙ سان گڏ رھندي ھئي. ھنَ جي امڙ ڪِينجھر، پرائمري اسڪول ۾ پڙھائيندي ھئي. سپيءَ جو پيءُ ھالار، ھڪ ڪھاڻيڪار ۽ ڪارٽونسٽ ھو ۽ ڪراچي شھرَ ۾ ھڪ خانگي ٽي وي چئنل گورَک ٽي وي ۾ نوڪري ڪندو ھو. اڄ ڪلھه ان چئنل تي ھالار جي لکيل ۽ ٺاھيل ڪارٽون سيريز سارنگ ۽ مَتارو ھلي رھي ھئي.

سارنگ جھنگ ۾، پنھنجي ڪُٽنبَ سان رھندڙ ھڪ ننڍڙو، نيرين اکين وارو ھرڻ آھي ۽ مَتارو ھڪ بَبَر شِينھن. متارو سدائين سارنگ کي کائڻ لاءِ مٿس ڪاھون ڪندو رھي ٿو ۽ سارنگ توڙي جو ننڍڙو آھي، پر پوءِ به نه رڳو پاڻَ کي، پرَ پنھنجي ڪَھولَ (گھر ڀاتين) کي به بچائيندو آھي.

ھالار، ھٿرادو ڏاھپَ آرٽيفيشل اينٽيليجينس ٽيڪنالاجي کي ڪَتب آڻيندي سارنگ ۽ متارو اھڙي ته ھُنرمنديءَ سان ٺاھيا ھئا، جو اھي ڪارٽونَ نه پر اصل جانور لڳندا ھئا. مٿان وري سندس لکيل ڪھاڻيون ايڏيون ته وِندرائيندڙ ھونديون ھيون جو سارنگ ۽ متارو ڏسڻَ مھلَ ننڍا ٻارَ ته ٺَھيو پر پَڪا پوڙھا به اکيون ڇِنڀَڻُ وساري ويھندا ھئا.

ڪارٽون سيريز سارنگ ۽ متارو جي پھرين قسط، گورک ٽي ويءَ تي ھلندي ئي سڄي ملڪ ۾ مشھوري ماڻي ورتي ھئي. سپيءَ کي به پنھنجي بابا جي لکيل اھا ڪارٽون سيريز ڏاڍي وڻندي ھئي. ھوءَ روز شام جو، گھڻي چاھَه مَنجھان سارنگ ۽ متارو جي قسط ڏسندي ھئي.

 (هلندڙ.....)


 

اشتياق احمد                        (قسط: ستين)

مترجم: مير سردار چنڙ

اله دين جو چراغ

}ٻاراڻو ناول{

چوري جون شيون؟ ته مان دولت ۽ نيرن پنھنجي طرفان ڪٿان آڻي سگھان ٿو. مون وٽ ته پنھنجو ڪوبه ذاتي خزانو ناھي نه ئي خوراڪ جو ذخيرو. تون اله دين جي زماني ۾ به حڪم جي تعميل ان نموني ڪندو ھئين؟

جي ھا! اھو ٻيو زمانو ھو، تو ته بينڪ مان چوري ڪري اسان کي ڏچي ۾ وجھي ڇڏيو. اھو ڪيئن؟ پوليس جاچ پرتال ۾ آھي، اھا تمام جلد اسان تائين پھچي ويندي.

پوءِ .... ان سان ڇا؟ جن پڇيو.

مطلب ته ڪجھه ٿيو ئي ناھي؟

ٻڌايو به ته سھي.

اڙي ادا جن صاحب! پوليس اسان سڀني کي گرفتار ڪري ويندي.....! اسان کي جيل ۾ واڙي ڇڏيندي. پوءِ ڇا ٿيندو؟ ... جن لاپرواهيءَ مان چيو.

مطلب ڪجھه به نه ٿيندو؟ توھان کي جيل مان ڪڍي اچڻ منھنجي کاٻي ھٿ جي راند ھوندي. پر ان وقت تائين اسان جي بيعزتي ٿي چڪي ھوندي. اڇا ته پوءِ مان توھان کي گرفتار ٿيڻ ئي نه ڏيندس. جن ھڪ نئين تجويز ڏني. اھو ڪيئن؟ مان خوشي مان چيو.

مان پوليس کي ھتي اچڻ ئي ڪونه ڏيندس؟ جيڪڏھن انهن ھن طرف اچڻ جو رخ ڪيو، ته مان انھن  جي چٽڻي ٺاھي ڇڏيندس!!

نه! ھي سڄي دولت ملڪ جي ماڻھن جي آ. بينڪ انھن ماڻھن کي ڪٿان ادا ڪندي، ۽ بينڪ به ته ملڪ جي ئي آھي. اسان کي اھڙي دولت نه گھرجي! بابا چئي اُٿيو.

پوءِ.....؟ مان سوال ڪيو. ان کي چئو ....! پيسا جتان اُڏائي آيو آ، اُتي رکي اچي. ۽ سِيرا پوري؟ مان پڇيو. خير! اھي ته اسان کائي ڇڏيون.

اڇا .. مسٽر.. ۽ .. صرف جن صاحب مان توکي حڪم ٿو ڏيان، ته ھي دولت جتان کڻي آيا آھيو، اُتي واپس رکي اچو. ڇا مطلب ؟ جن حيران ٿيندي چيو.

اسان کي اھڙي دولت نه گھرجي، اسان جي اڳيان ھي حرام جي دولت آھي. جيڪو حڪم منھنجا آقا

۽ ھا،  رقم اُتي رکي واپس سڌو ھتي ئي اچجان، متان ٻئي طرف ھليو وڃين. جي بلڪل...! ٻيو ڪو ڪم آھي؟ جي ھڪ تمام ضروري ڪم آ. مان چيو. پوءِ اھو به ٻُڌائي ڇڏيو، ھر ھر پنڌ ڇوٿا ڪرايو، جن جي مُنھن تان ڪاوڙ نظر اچي پئي. نه جيڪو چيو آ، اھو ڪر.

جيڪو حڪم منھنجا آقا ھڪ ڳالھه ٻُڌائي وڃ. مان تڪڙو چيو. جي پڇو!

ڇا تون اله دين جي زماني ۾ به اھڙي طرح ھر ھر ڪم ڏسڻ تي اھڙو ڪاوڙيل مُنھن ٺاھيندو ھئين. جي! بلڪل به نه. اھو ڇو؟

ان لاءِ ته ان زماني جا ماڻھو، جيڪو حڪم ڏيندا ھئا، ان جي نتيجي جي پرواھه نه ڪندا ھئا. مان جڏھن به اله دين يا ٻئي ڪنھن جي حڪم جي تعميل ڪئي، انھن ڪڏھن اھو نه پڇيو، ته اھو ڪم مان ڪيئن ڪيو.

ھممم....! جيڪڏھن تو اڳتي اھڙا احساس ظاھر ڪيا، ته مان روات سان رڳڙي توکي گھرائيندس. نه نه! منھنجا آقا.... ايئن نه ڪجو جن گھٻرائجي ويو. ته وڃ! جلدي اھا رقم رکي اچ جتان کڻي آيو ھئين.

جيڪو حڪم منھنجا آقا جن غائب ٿي ويو.

اڙي! پيسا ته ھن کان کڻڻ ئي وسري ويا. مان گھٻرائيندي ميز طرف ڏٺم، پر ميز خالي ھئي. ٻئي ڏينھن اخبارن ۾ ھڪ حيرت انگيز خبر شايع ٿي. لکين روپين جي رقم واپس اچي وئي. ھيٺيان تفصيل ھئا، ته ڪالھه جيڪا رقم بينڪ مان غائب ٿي وئي اھا سڀ واپس ملي وئي.

ماڻھن جو مٿو ڦري ويو! پوليس جون به وايون بتال ٿي ويون، آخر ھي ڪھڙي قسم جو چور ھو. جنھن ڪاميابي سان رقم کنئي ۽ وري رکي به ويو..... شايد بينڪ جي ڪنھن ملازم رقم چورائي ھوندي ۽ پوءِ پوليس جي ڊپ کان واپس رکي ھجي. ان ڏينھن اسان شام تائين جن جو انتظار ڪندا رھياسين، پر جن نه آيو.

وڏي ڳالھه آ... مان ادا جن کي چيو  ته ھيءُ  پيسا واپس رکي، ھتي ئي موٽي اچجان، پوءِ ھو ڇو ناھي آيو. ڪٿ! پڪڙجي ته نه ويو! نادر پنھنجو خيال ظاھر ڪيو. ڇا ٿو بڪين؟ ڀلا اھو ڪيئن ٿو پڪڙجي سگھي..... ته پوءِ ھو ڇو نه آيو؟ ادا چيو. ڪو ڪم ٿي ويو ھوندس! آخر اھو به جاندار آ. بابا چيو.

اھو به ممڪن آ . باجيءَ چيو.

ڀلا چراغ کي رڳڙيان؟ مان پڇيو. ھاڻ ته شام ٿي وئي آ... ان کي سڏي ڇا ڪندين؟ گھر جي ڳولا  وارو ڪم ڏينداسون مان چيو. صبح جو ..... ھاڻ ان کي آرام ڪرڻ ڏيو. جي ٺيڪ.!

ٻئي ڏينھن صبح جو سوير چراغ کي رڳڙيو ويو. معمول موجب جن چيو. حڪم ڪر آقا. پھرين اھو ٻڌاءِ .... ڪالھه تون پيسا واپس رکڻ بعد ڇو نه آئين؟ مان ڪاوڙجي ڳاڙھو ٿيندي چيو.

جي ... ڇا مطلب؟ توکان وسري ويو . ڪالھه جڏھن تون وڃين پيو ته مان توکي چيو ھو پيسا رکي واپس اچجان.

اوھه! اھا ڳالھه ته مونکي ھاڻ پئي ياد آئي. معذرت.... ٻيھر ويسر نه ٿيندي.

ڇا ان کان پھريان به توکان ويسر ٿي آ.

جي نه... خدا ڄاڻي ڇا ڳالھه آ.... پھريون دفعو ان طرح جي ويسر ٿي آ.. ان ڏينھن  بابت عجيب غريب ڳالهيون ٿي رھيون آھن. خدا ڄاڻي ھي اُنَ دور جي آبھوا جي ڪري آھي يا........

(هلندڙ......)

ٻارن جي خوبصورت ليکڪ ۽ شاعر، حاڪم علي ڪٽوهر جو ٻارن لاءِ لکيل ڪھاڻين جو ڪتاب نئين سوچ ڊسمبر 2022ع ۾  ڊاڪٽر عبدالخالق راز اڪيڊمي شڪارپور/ڪراچي طرفان شايع ٿي مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي. هن ڪتاب جو مھاڳ نامياري ليکڪ ۽ شاعر وحيد محسن لکيو آهي. ان کان پوءِ ڪتاب ۾ جملي ڏهه ڪھاڻيون شامل آهن. جن جو وچور هن طرح آهي.

موبائل، نئين سوچ، سائيڪل، بُرائيءَ جو انجام، آذان جي اهميت، جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي، طوطو، ڳيرو ۽ ڪانءُ، منزل، الزام تراشي ۽ ڪبوتر ۽ ڪوئو.

نئين سوچ ڪتاب جي ٽائيٽل آکاڻي آھي. جنھن ۾ فرحان ۽ ماھنور پاڻ ۾ ڀاءُ ڀيڻ آھن. انھن جو تعلق ھڪ شريف ۽ مذھبي گھراڻي سان آھي. فرحان فقط انٽر تائين تعليم حاصل ڪري سگھيو ھو ۽ ماھنور بي. اي. تائين پڙھيل ھئي. فرحان دڪان هلائيندو هو ۽ ماهنور ٻارن کي ٽيوشن پڙهائڻ سان گڏ، گھر ۾ سِلائي به ڪندي هئي. ائين هنن جي گھر جو گاڏو ھلي رھيو ھو. جڏھن فرحان پاڙي جي پوڙھي حليمه جي ستن سالن جي پُٽ حيدر کي ڇولا کپائيندي ڏسي ٿو، ته هن کي ان تي ڏک ٿئي ٿو ۽ هو ان جي تعليم حاصل نه ڪرڻ سبب پريشان رهي ٿو. پر جڏهن هو اها ڳالھه پنھنجي ڀيڻ ماهنور سان ٿو ڪري، ته ماهنور کيس چوي ٿي، ته
ان کي ۽ سندس ننڍڙي ڀيڻ کي اسان اسڪول ۾
پڙهائينداسين.
پوءِ اهي ٻئي ڀاءُ ڀيڻ پوڙهي حليمه وٽ وڃن ٿا. حيدر ۽ سندس ننڍڙي ڀيڻ کي اسڪول ۾ پڙهائڻ جو ذمو کڻن ٿا. ٻئي ڏينھن حيدر ۽ سندس ڀيڻ اسڪول وڃن ٿا.

هن ڪھاڻيءَ جي مطالعي سان ٻارن ۾ بي سھارا ۽ مسڪينن سان مدد ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿئي ٿو ۽ تعليم جي اهميت اُجاگر ٿئي ٿي. نھايت دلچسپ ۽ سبق آموز ڪھاڻي آهي. ڪتاب ۾ شامل ٻيون ڪھاڻيون به ٻارن جي لاءِ وندر ۽ تفريح سان گڏ نصيحت ڀريون آهن.

رنگين ٽائيٽل سان 32 صفحن  تي مشمتل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 80 رپيا آهي. جيڪو ٻارن کي ضرور پڙهڻ گھرجي.

سعيد چانڊيو

لاڙڪاڻو

شرارتي روبورٽ

}سائنس فڪشن ناوليٽ{

سنڌي ٻالڪ ادب جي سينيئر ليکڪ خالد ڀٽيءَ جو ترجمو ٿيل سائنسي فڪشن ناوليٽ شرارتي روبوٽ هڪ منفرد موضوع تي آڌاريل آهي. جنھن جو بنيادي مقصد شاگردن کي روبوٽڪ سائنس متعلق ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ وڏن ۽ استادن جو احترام ڪرڻ، والدين سان ڪم ڪار ۾ ھٿ ونڊائڻ ۽ رشتن جي اھميت کي اجاگر ڪرائڻ آھي.

ھن ناوليٽ جا مکيه ڪردار عظيم ۽ ڇوٽو ميان (روبوٽ) آھن. ناوليٽ جا ٻيا ڪردار آھن: عظيم جو والد احمد علي (يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر)، انڪل احسن آھن. عظيم والدين کي اڪيلو پٽ آھي، جيڪو ڪاليج ۾ ڪمپيوٽر انجنيئرنگ جي آخري سال جو شاگرد آھي. عظيم گھر ۾ اڪيلائي جو شڪار آھي، جنھنڪري  کيس ھڪ ننڍو ڀاءُ ھجڻ جي ڪمي محسوس ٿئي ٿي. جنھن سان ھو کيڏي سگھي ۽ ڪچھريون ڪري سگھي، اھا ڳالھه ھو پنھنجي  والدين سان ڪندو رھندو آھي. عظيم ھڪ خواب ڏسي ٿو جيڪو پنھنجي والده کي ٻڌائي ٿو، ممي! مون عجيب خواب ڏٺو...! مون ڏٺو ته، مون ھڪ روبوٽ ٺاھيو آھي، جيڪو بلڪل انسانن وانگر سوچي ۽ ڳالھائي ٿو ۽ انڪل احسن چوي ٿو ته ھن روبوٽ ۾ تنھنجو دماغ آھي...!

ھن ناوليٽ جي اھم خوبي اھا آھي ته والدين جا ڪردار اتساھڪ ڪردار ڏيکاريا ويا آھن، جيڪي پنھنجي ٻار کي ھمٿائن ٿا، خواب کي حقيقت جو روپ ڏيارڻ لاءِ کيس ھر طرح جي مدد ڪن ٿا، بلڪ ان خواب کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ پنھنجي پٽ سان ڪُلھو ڪُلھي ۾ ملائي بيھن ٿا.

جڏھن عظيم جي والد کي ان خواب جي سُڌ پوي ٿي ته ھو پنھنجي پٽ کي ھمت ۽ حوصلو ڏيندي چوي ٿو، تهپٽ! پوءِ انھيءَ ۾ ڪھڙي مشڪل ۽ ڏکيائي آھي؟  همت نه هار ۽ پنھنجي خواب کي حقيقت جو روپ ڏي، تون ته تمام ھوشيار شاگرد آھين، سڄيءَ دنيا ۾ او ليول ۽ اي ليول ۾ ٽاپ ڪري چڪو آھين، ھينئر ان شاءَ الله ڪمپيوٽر انجنيئرنگ ۾ به ٽاپ ڪري وٺندين. ڪو شاندار سونھري ڪارنامو ڪري ڏيکار ته جھان کي خبر پوي!! تون پاڻ روبوٽ ٺاھ، تنھنجو انڪل احسن ان ۾ دماغ وجھندو.

اڄڪلھه جا نوجوان موٽرسائيڪل تي ون ويلنگ ڪن ٿا، موٽر سائيڪل جي ڊوڙ ۾ شرطون رکن ٿا. انھن خطرناڪ حرڪتن سبب نوجوان پنھنجون حياتيون وڃائي ويٺا آھن. ان عمل کي روڪڻ لاءِ سرڪار طرفان پڻ ٿورا ڪي گھڻا اپاءُ ورتا ويا آھن، پر نوجوانن جو گرم خون آھي کين ڪير روڪي؟ روڊ حادثي جو اھڙو واقعو پڻ ھن ناوليٽ جي اھم ڪردار سان پيش اچي ٿو، ليکڪ ان حادثي ذريعي ھيلمٽ جي اھميت کي ظاھر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.  عظيم کي ھيلمٽ نه ھجڻ سبب روڊ حادثي ۾ دماغ ۾ ڌڪ لڳي ٿو، جنھن سبب انڪل احسن جيڪو نيورو سرجن آھي، اھو آپريشن ذريعي سندس علاج ڪري ٿو. عظيم کي تندرست ٿيڻ لاءِ ڪجھه مھينا لڳي وڃن ٿا.

جڏھن عظيم تندرست ٿي وڃي ٿو ته انڪل احسن، عظيم سان انوکو ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪري ٿو، ته اسان تنھنجي دماغ جو رڳو ھڪ خليو يعني جيوَگھرڙو (Cell) چوري ڪيو آھي. اسان ان تي ڪجھه تحقيقات ڪرڻ چاھيون پيا، انھيءَ ھڪڙي جيوَگھرڙي جي پرورش ڪري اسان ھڪ مڪمل دماغ ٺاھڻ گھرون ٿا. ھيل تائين سائنسدانن مصنوعي دل ۽ جگر ته ٺاھي ورتو آھي، جيڪي ڪاميابيءَ سان ڪم ڪري رھيا آھن، پر دماغ جھڙي اھم ترين حصي تي اڃان تائين ڪا خاص ڪاميابي حاصل ناھي ٿي سگھي. ڇو ته دماغ جسم جو پيچيده حصو آھي.

ھن ناوليٽ ۾ سائنسي تجربن جي اھميت کي پڻ ڏيکاريو ويو آھي. تجربن ۽ مشاھدن سان ئي سائنس جي دنيا ۾ ڪاميابي حاصل ٿيندي آھي.  عظيم سائنسدان رابرٽ چوي ٿو، ته هر شيءِ نظرياتي طور تي ناممڪن آهي، جيستائين اها عمل ۾ نه اچي. عظيم، انڪل احسن سان گڏ مڪينيڪل انسان ٺاھڻ واري پروجيڪٽ ۾ جنبي وڃي ٿو ۽ جينيٽڪ انجنيئرنگ ۽ بايو ٽيڪنالاجي جي ذريعي ھو ھڪ روبوٽ ٺاھڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا. ھڪ ٽن فوٽن جي روبوٽ جو نمونو ڪمپيوٽر گرافڪ جي مدد سان ڪيو ويو، تنھن کان پوءِ ھزارين اھڙا پرزا تيار ڪيا ويا، جيڪي مشيني ھوندي به انساني عضون جھڙا لڳي رھيا ھئا.

نيٺ ڇھن مھينن جي لڳاتار محنت کانپوءِ ھڪ اھڙي انساني ٻار جو ڍانچو تيار ٿي ويو، جيڪو ڏسڻ ۾ بلڪل انسانن وانگر ٿي لڳو، ڇو ته ان جي مٿان انساني کل جھڙي مصنوعي کل چڙھيل ھئي. آخري مرحلو انھيءَ روبوٽ جي کوپڙيءَ ۾ دماغ رکڻو ھو. اھو ڪم ڊاڪٽر احسن پاڻ ئي ڪيو. تنھنڪري اھو ڪم به خير خوبيءَ سان ٿي ويو. دماغ ۾ آڪسيجن ۽ رت جي پھچائڻ (موجود ڪرڻ)  جو به پورو انتظام ڪيو يو ته جيئن ھو زندھ رھي ۽ پنھنجا سڀئي ڪم بھتر طريقي سان انجام ڏيئي.

ھڪ اھڙو روبوٽ تيار ٿيو جنھن جو جسم ته مصنوعي ھو پر دماغ انساني ھو. روبوٽ جي تيار ٿيڻ سان عظيم جي ويڳاڻپ ختم ٿي وئي. ڇوٽو ميان (روبوٽ) گھر جي ھر قسم جا ڪم ڪار ڪندو ھو، عظيم جي ڪتابن جو مطالعو ڪندو ھو، عظيم سان راند کيڏندو ھو، ساڻس ڪچھريون به ڪندو ھو.

ھيءُ ناوليٽ سائنسي تجربن جي اھميت کي اجاگر ڪري ٿو، جنھن سماج ۾ سائنس جي ترقيءَ جي راھه هموار ھوندي آھي، اھو سماج دنيا ۾ ترقيءَ جا مينار اڏيندو آھي. اسان وٽ ته اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ شاگردن کي رڳو ٿيوري پڙهائي ويندي آھي، سرڪاري ادارن ۾ ته شاگردن ڪڏھن سائنس ليبارٽريون ئي ناھن ڏٺيون.  اسان وٽ ٽيڪنالاجيءَ جي مشاھدن ۽ تجربن جي رستا روڪ ڪري جھالت کي ھٿي ڏني وئي آھي. ٻئي پاسي دنيا جا سڌريل ملڪ تجربا ڪري سائنس جي ميدان ۾ گوءِ ماريون ويٺا آھن. ھر آئي ڏينھن قسمين قسمين جا روبوٽ ايجاد ٿي رھيا آھن، جيڪي اڪيلا ھزارن انسانن جو ڪم ڪري سگھن ٿا. جتي انساني صحت يا حياتيءَ کي خطرو ھجي اتي روبوٽ ڪم ڪري رھيا آھن.  سائنس ۾ تجربن يا مشاهدن مان حاصل ڪيل معلومات کي عقلي ۽ منطقي دليلن ذريعي جانچيو ۽ گڏ ڪيو ويندو آهي.  سائنس ۾ ڪنھن به علم جي تصديق يا رد ڪرڻ جو واحد ۽ معياري حل تجربو ئي آهي.  سائنس جو علم ڪائنات جي علم ۽ انساني وجود جي اصليت سان گڏ دنيا جي ٺوس حقيقتن جي نزول جو علم آهي.

اسان جي نوجوانن کي به اي . آءِ ٽيڪنالاجي، جينيٽڪ انجنيئرنگ ۽ بايوٽيڪنالاجيءَ ۾ اڳتي وڌڻ گھرجي. ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ جديد تعليم ڏني وڃي ۽ اھڙن قسمن جا مشاھدا ۽ تجربا ڪرايا وڃن، جيڪي ھن ناوليٽ ۾ ڊاڪٽر احسن ۽ عظيم جي ٽيم کان ڪرايا ويا آھن.

64 صفحن تي مشتمل ھيءُ ناوليٽ تسنيم جعفري جو لکيل آھي، جنھن کي سنڌي ٻالڪ ادب جي سينيئر ليکڪ خالد ڀٽيءَ سنڌي ويس پارايو آھي. سندس ترجمي جي ٻولي اھڙي ته سلوڻي ۽ رسيلي آھي جو پڙھڻ وارو اھو محسوس نه ڪري سگھندو ته ڪو ھو ترجمو پڙھي رھيو آھي.  ھيءُ ناوليٽ مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور طرفان شايع ٿي پڌريو ٿيو آھي.

***


 

فريحه سعيد

ڪلاس ڇھون پبلڪ اسڪول ميرپورخاص

نبوي نسخا

       ·سلام جو جواب سُٺي نموني سان ڏيو.

       ·مريض جي عيادت ڪريو.

       ·ڪنھن غريب جي ننڍڙي دعوت به قبول ڪريو.

       ·جڏهن نِڇَ اچي ته شُڪر الحمّد لله چئو.

***

محرم علي شيخ

ليلا آباد/لاڙڪاڻو

سونهري ڳالهيون

       ·محبت الله سان ڪجي ته عبادت بڻجي ويندي آهي. محبت والدين سان ڪئي وڃي ته اطاعت بڻجي ويندي آهي. محبت اُستاد سان ڪجي ته عزت بڻجي ويندي آهي. محبت ننڍن سان ڪجي ته شفقت بڻجي ويندي آهي.

       ·توهان هڪ اهڙي شمع (ڏيئو) وانگر آهيو، جيڪا پاڻ ته ٻرندي (سڙندي) آهي، پر ٻين کي روشني فراهم ڪندي آهي.

       ·هڪڙو دوست حاصل ڪرڻ جي خواهش کان پھرين پاڻ سُٺا دوست بڻجو.

       ·جيڪو بُرن جي صحبت ۾ ويھندو آھي، اھو سلامت ڪونه رهندو آهي.

               ·گناهه اونداهه آهي. ان جو چراغ توبھه آهي.

***

 


 

مانَواري سانئڻ، محترمه ايڊيٽر صاحبه السلام عليڪم.

سدائين بھار رُت مُرڪنديون رهو.

نومبر 2024ع گُل ڦُل جو تازو ايڊيشن هٿن تائين پھتو، پڙھي ڏاڍي خوشي ٿي. جنھن جي سٽاءُ مان، توھان ۽ توھان جي سٿَ جي صلاحيتن جي پرک جي شاھدي ڏئي رھيو آھي. ان ڳالھه کي نظر ۾ رکندي مان توهان کي گُل ڦُل جي پوري سٿَ سميت دل جي اُٿاهه گھراين سان مبارڪ باد ڏيان ٿو.

ادب ھر قوم ۽ هر ڌرتيءَ جي سڃاڻپ رهيو آهي. جنھن جا پنھنجا فني ماڻ ۽ ماپا هوندا آهن. ادب/تخليق هرهڪ ليکڪ جي شعوري ڪوشش هوندي آهي. پوءِ جنھن به اديب شاعر جي شعوري سگھه جيترو ڪم ڪندي، اهو اديب شاعر اوتري سگھاري تخليق سرجي سگھي ٿو. گُل ڦُل ۾ توهان جي محنتن کي ڏسندي پھريون ڀيرو توهان ڏانھن پنھنجو مواد هڪ مقالو ٻه عنوان سنڌ ۽ سنڌي نالي بابت شھادتون ۽ هڪ حمد توهان ڏانھن موڪلي رهيو آهيان. اُميد ته شفقت ڀريو هٿ رکي گُل ڦُل ۾ شايع ڪندا، ته توهان جي وڏي مھرباني ٿيندي.

سنڌ سلامت، ساٿ سلامت

آزاد زنگيجو

پوسٽ آفيس خيرپور ناٿن شاهه ضلعو دادو.

***

محترم سائين رفيق جمالي صاحب، سب ايڊيٽر ماھوار گُل ڦُل، اميد ته خيريت سان ھوندا. عرض ته ماھوار گل ڦُل جو ھر مھيني ائين منتظر رھندو آھيان، جيئن پنھنجي ديس ٿر جي اُڃايل واري، نيري ابر مان ڪارن ڪڪرن  جي وسڻ جو انتظار ڪندي آھي. ھر مھيني ماھوار گُل ڦُل پڙھي ٻاراڻي ادب پڙھڻ واري پنھنجي ادبي اُڃ اُجھائيندو آھيان. سلسلي شاھه جو پيغام کان وٺي سلسلي لطيفي لات تائين سڄو رسالو معلومات جي موتين سان ڀريل ھوندو آھي. آئون ناچيز توھان جي محبتن جو بيحد مقروض آھيان. جو توھان منھنجي مواد کي رسالي ۾ جڳھه ڏيئي مڻين محبتون ۽ پيار ارپيندا آھيو. آئون ڪو وڏو شاعر يا اديب ناھيان، پر ادب جو ھڪ ننڍڙو شاگرد آھيان ۽ ماھوار گُل ڦُل، ۾ ڇپجڻ پنھنجي لاءِ اعزاز سمجھان ٿو. ھڪ پڙھندڙ  جي حيثيت ۾ ماھوار گُل ڦُل سان رشتو تمام پراڻو آھي ۽ رھندو. ان شاءَ الله ھاڻي توھان سان احساسن جو رابطو به جڙيل رھندو.

غلام نبي اوٺو

گورنمنٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول (GBLSS) عبدالقادر  جوڻيجو۔ ضلعو ٿرپارڪر

***

السلام عليڪم ادي سدا سلامت رهو

عرض ته گل ڦل ۾ اُستاد _ شاگرد وچ ۾ مناظرو شايع ڪرڻ تي ٿورائتو آهيان , اميد ته اڳتي به موٽ ملندي رهندي.

مهر فقير

ڀٽائي چوڪ چڪرا ڳوٺ ڪورنگي 1ڏ ڪراچي سنڌ

لطيفي لات جو نتيجو

ڊسمبر 2024ع جي ماهوار شماري  ۾ لطيفي لات جي سلسلي ۾ ڏنل بيتسُر سامونڊي جي داستان چوٿين جو نائون نمبر بيت آهي.

بيت جي سمجھاڻي ۽ مفھوم:

(وڻجارن جي موٽڻ جي مند آئي آهي) سَرن (جي ٻوڙن) جون چوٽيون نسري (ڦولارجي) چڪيون آهن ۽ اُتر جو واءُ لڳڻ شروع ٿي ويو آهي. (هڪ سياري ۾ سپرين سفر تي روانا ٿيا ۽ ٻيو سيارو اچڻ وارو آهي.) اي منھنجا ڀوتار، هاڻي ته موٽي اچ. مون انھيءَ وچ ۾ تنھنجي (سلامتيءَ سان) واپسيءَ خاطر ڪيتريون ئي باسون پئي باسيون.

بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:

*سعد الله ڏاهري: ڪلاس ستون، اسد پبلڪ هائير سيڪينڊري اسڪول شاهپور جھانيان.

*مزراب غلام حيدر: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول آراضي سيوهڻ.

*ذوالقرنين علوي: ڪلاس ڇھون، اقصى ماڊل اسڪول هالا نوان.

*جواد علي سوڍڙو: ڪلاس پنجون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول هالا نوان.

*رونق علي: ڪلاس چوٿون، اقصى ماڊل اسڪول هالا نوان.

*ڪونين زهرى: ڪلاس ٻيون، گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول آراضي سيوهڻ.

*فيروز علي: ڪلاس اٺون، مخدوم غلام حيدر گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا نوان.

*حسنين علي: ڪلاس اٺون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول هالا نوان.

*انيبا فرحان: دي رائيٽ وي ايجوڪيشنل اڪيڊمي ڳوٺ باغ ڀٽي حيدرآباد.

*مهراڻ ياسين آرائين: ڪلاس ڏهون، هاءِ اسڪول ڦلجي اسٽيشن دادو.

*ميرب زهرى: ڪلاس ٽيون، روشني گرامر اسڪول آراضي سيوهڻ.

*عبدالسميع: ڪلاس ستون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري اسڪول بکر جمالي.

*عمار علي: ڪلاس پنجون، هادي بخش ڇٽو اسڪول آراضي سيوهڻ.

*آذان علي: ڪلاس ٽيون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول آراضي سيوهڻ.

*شهزاد علي: ڪلاس اٺون، مخدوم غلام حيدر گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا نوان.

*علي حيدر علوي: ڪلاس چوٿون، اقصى ماڊل اسڪول هالا نوان.

بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان انيبا فرحان جو ڪُڻو نڪتو آهي، کيس سنڌي ادبي بورڊ پاران گُل ڦُل جي ڪاپي موڪلجي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org