[17]
وِيرَ وَرَندِيَئه ويسَرا، اُٿِي توههُ طَلَبِ
سائِر ڪَنھِ سَبَبَ، ڪالھه نه وِڌِهِن ڪُنَ ۾.
سمجھاڻي:
اي غافل (جيڪڏهن تنھنجو اھو حال آھي ته پوءِ) سمنڊ
جي وير تو مٿان ضرور چڙهي ويندي. هاڻي به غفلت ڇڏ،
اٿي مالڪ سائينءَ جي مدد ۽ فضل طلب ڪر. ڪالھه به
سمنڊ ڪنھن سبب (رب تعالى جي خاص فضل ڪري) توکي
ڪُنن ۾ نه ٻوڙيو.
[18]
ڪالَھه وِڌائِين ڪُنَ ۾، جاڏا جُنگَ جَھَازَ
تُنھنجي اَڄُ طَرازَ، آهي آرَ اکِينِ ۾.
سمجھاڻي:
انھيءَ سمنڊ ڪالھه تمام وڏا ۽ ڏاڍا مضبوط ٺھيل
شاھي جھاز پنھنجي ڪُنَ ۾ ٻوڙي ڇڏيا. اڄ تنھنجي
ننڍي ٻيڙي انھن اُونھن ڪُنن جي اکين ۾ آھي (ته
ڪڏهن ٿو ان جو وارو اچي) توکي گھرجي ته ان کان بچڻ
لاءِ هر حيلو ۽ وسيلو ڪتب آڻ.
[19]
آهِيين آرَ اکِيِن ۾، ناکُئا ڪِجُ نِگاهَ
وَڏا ٻيڙا ٻوڙِئا سائِرَ ڏيئِي ساهَ
مُلاحِظو مِلاحِ! ڪِجُ ڪو اِنَھِن ڪُنَ جو.
سمجھاڻي:
اي ناکئا، خبردار ٿيءُ ۽ هيڏي هوڏي ڏس جو اونھي
پاڻيءَ جي تيز وھڪري (گرداب) جي بلڪل سامھون اچي
پھتو آھين. سمنڊ جي ڇولي (ساھه کڻڻ) چڙهڻ سان وڏا
ٻيڙا به ٻڏي چڪا آهن. اي ملاح، انھن ڪُنن کان (ھر
حال ۾ ٻيڙيءَ کي) پري ۽ پاسي ٿي ھلائڻ طرف ڌيان ڪر
(ته تنھنجو بچاءُ ٿئي.)
[20]
مُلاحِظو مھِراڻَ جو مُورِ مَ لاهِ مَناءُ
سامُونڊِري سَڀاڳَ کي سُمَھڻَ آيوءِ ساءُ
جاڳِي جَرَ مَٿاءُ، تاري وانءُ طرازَ کي.
سمجھاڻي:
تون مھراڻ (سنڌو درياءُ سمنڊ وانگر آھي) جو انديشو
(ٿوري دير لاءِ به) دل تان هرگز لاهي نه ڇڏ. توکي
الائجي ڪھڙي سڀاڳ منھن ڏنو آھي جو توکي سمھڻ ۾
(غفلت) ۾ مزو اچي ويو آھي. توکي گھرجي ته پاڻيءَ
جي مٿان (ٻيڙيءَ ۾ ) هر وقت جاڳندو رهين، تڏهن ئي
تنھنجي ٻيڙي تري ڪناري تي پھچندي.
[21]
تاري وانءُ طَرازَ کي مَنجھا مَوجَ مَلاحَ!
سُڌيُون ڏِينِ سَمُونڊَر جِيوُن اُونھين جا آگاهَ
سُونھنِ جي صَلاح، وَٺُ تَه وِيرِ لَنگھي وڃِين.
سمجھاڻي:
اي مَلاح، تون پنھنجي ٻيڙيءَ کي (ڪيئن به ڪري) زور
آور ڇولين جي وچ مان ڪڍي وڃ، سمنڊ جا ڄاڻو ان جي
گھراين جون خبرون ڏيندا رهن ٿا. توکي گھرجي ته
اهڙن رهبرن جي صلاح تي عمل ڪرين، تڏهن تون وڏي وير
لنگھي پار پوندين.
شاهه جو رسالو
]سُر
سري راڳ - داستان ٻيو. محقق: ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ، سمجھاڻي ۽ مفھوم: ڊاڪٽر عبدالغفار
سومرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ[
آزاد زنگيجو
خيرپور ناٿن شاهه/ضلعو دادو
حمد
تون اسان تي پنھنجو ڪرم ڪر خدايا،
کول رحمّت جا تون مٿان در خدايا.
سڀ عبادت تنھنجي ڪيون روز شب ٿا،
ھيءَ سڄي ڏس! جيوت ۽ ھيءَ جر خدايا.
روز جھوليون تنھنجي اڳيان ٿا جھليون ڏس،
جھول خالي سڀ جا تون ڀر خدايا.
سنڌ سائي ھرپل سدا ھيءَ رھي بس،
شاد آباد ھجن وَني وَر خدايا.
روز
’آزاد‘
تو در دعا ٿو گھري پيو،
شال جُڳ جُڳ ھاري جِئن ھر خدايا.
***
نعيم احمد عباسي
چنيھاڻي/ڪنڊيارو
نعت
پڙھه تون نبيءَ تي دُرودُ سدا،
دل کي ملندي راحت آ،
صَلَي الله صَلَي الله.
هڪ ڀيرو جو دُرودُ پڙهي،
رحمّت ٿِي ڏهه ڀيرا وسي،
پاڻ سڄڻ فرمايو آ،
صَلَي الله صَلَي الله.
ٿيندي هن سان دعا آ هر قبول،
راضي ٿيندو هن سان آ رسولﷺ،
ربّ جي به آهي هن ۾ رضا،
صَلَي الله صَلَي الله.
آقا جي به دعا ٿي مِلي،
بيمارين کان شفاء ٿي مِلي،
هر مسئلي جو حل هيءُ آ،
صَلَي الله صَلَي الله.
آقا جي به شفاعت ٿئي،
ننڊ ۾ حضورﷺ جي زيارت ٿئي،
ڏِسڻ حبيب جو ڏَس هيءُ آ،
صَلَي الله صَلَي الله.
ربّ کان دُعا آ
’نعيم‘
منھنجي،
نڪري دُرودُ سان جان منھنجي،
پڙھندي دُرودُ مان ان سان اُٿان،
صَلَي الله صَلَي الله.
***
محمد ياسين ڪنڀر
سلطانپور/پنو عاقل
نئون سال
2025ع
نئون سال آيو نوان جذبا آھن،
سڀئي فرض پنھنجا ادا ڪرڻا آھن.
ڪبي خوب محنت شب و روز محنت،
اسانکي سدا ڪم سُٺا ڪرڻا آھن.
وساري سڀئي غم خوشيون خوب ماڻيون،
ڪبي يار ڪوشش خفا ڪرڻا آھن.
مشقت ۽ محنت ۽ ھمت آ ڪرڻي،
ته ملندي پو منزل مزا ڪرڻا آھن.
ڇڏيون يار سُستي ڪريون خوب چُستي،
نه لمحا ڪڏھن به قضا ڪرڻا آھن.
وِيو چوويھه گذري آ پنجويھه آيو،
اڌورا رھيل ڪم پورا ڪرڻا آھن.
وڙھون ڇو اجايو نه ٿيون ڇِڙوِڇِڙ ڀي،
اسانکي ته گُفتا سچا ڪرڻا آھن.
ڪيون پيءُ ماءُ جو اسان نالو روشن،
ڀلو ٿيندو جي ڪم ڀلا ڪرڻا آھن.
ويل وقت ٻيھر نه واپس وري ٿو،
ڪبا پير پختا پڪا ڪرڻا آھن.
ائين زندگي بڻبي گُل ڦُل ۽ خوشبو،
پري پاڻ کان سڀ ڪنڊا ڪرڻا آھن.
او
’ياسين
ڪنڀر‘
ڪريون عھد ٿا سڀ،
ته سُستيءَ کان رستا جدا ڪرڻا آھن.
***
ديدار شهباز
شهدادپور
نَظم
هي چنڊ تارا چِمڪي وارا جوڙيا مالڪ سائين!
اُڀَ ۾ سارا نُورَ نِظارا جوڙيا مالڪ سائِين!
اُڀَ تي جيڪي گولا آھِن گِرهَن جي نالن سان،
سُھڻا پِيارا نِت نِت نِيارا جوڙيا مالڪ سائِين!
ٿو جبلن تي بَرفَ وسائي پاڻِي هيٺ پُڄائي،
ڏُونگر، چارا سَمنڊَ به سارا جوڙيا مالڪ سائِين!
وڻَ ٽِڻَ ٻُوٽا پَکَڻَ پَکِي ٿا ساراھه ڪَن خالِقَ
جِي،
هِي گُلَ پارا خوشبوءَ ھارا جوڙيا مالڪ سائِين!
قِسمين قِسمين گُلَ ڦُٽَن ٿا جيڪر خوب وسن ٿا،
بادَل ڪارا رَحمَتَ ڌارا جوڙيا مالڪ سائِين.
دلڪش مَنظَر وِک وِک تي هي رَبَ جِي ڪَن ٿا
تَسبيح،
ڏيک سُونھارا قَلبَ قَرارا جوڙيا مالڪ سائِين!
جَنھن مِٽِيءَ ۾ رُوحُ سَمائي رِشتا ناتا اَرپِيا،
ساھه سَھارا جِيءَ جِيارا جوڙيا مالڪ
سائِين.
عزيز احمد علوي
شڪارپور
ثقافت
ثقافت اٿئي سنڌ جي افضل ۽ اعلى!
اسان جا به هن ڀاڳ ۽ بخت بالا.
ثقافت ڏهاڙو وڏو ڏڻ اسان لئه،
اٿئي ان ۾ اجرڪ ۽ ٽوپي حوالا.
سنڌين جي ڏسو پاڻ همت سدائين،
ته ڪيئن هاري مزدور ڪن ٿا ڪشالا.
سنڌين جي ڏسي پاڻ ۾ پيار الفت،
لڳا دشمن جي وات تي چيني تالا.
سنڌي ٻولي هرجا ٻُڌڻ ۾ ته ايندي،
سکر دادو توڙي گھمو شھر هالا.
ثقافت نياري سڄي سنڌڙيءَ جي،
مڪان ماڳ جا پڻ عجب سارا نالا.
ثقافت سندر ڏينھن تي جا بجا اڄ،
ننڍا ۽ وڏا سڀ ٿا ڳائن جمالا.
زمين پوک لئه سنڌ جي ساري آ بھتر،
ٿين ٿيون ڦٽيون، ڪڻڪ، ساريون ۽ ڇولا.
سدا سنڌڙيءَ جي حفاظت ڪجان پيو،
’عزيز‘
توکي ٻاڏائي ٿو رب تعالي!
غلام محمد غازي
شڪارپور
پرولِي
ٻارن گھر ۾ ڪنڙي چاڙهي،
پاڻ ۾ ويھي ڪئي چوياري.
چوياريءَ ۾ آئي ڳجھارت،
ڀڃو پرولي نر ۽ ناري.
ماس آ کاڌو ماڻھن ڙي،
ھڏ تي بچيا وار ڀلوڙي،
ھيڊو ويس تنھن کي آھي،
سِر تي آھي ٽوپي ڪاري.
ايڏي ڀَڃَڻَ ۾ دير ڪيوَ ڇو؟
سولي آھي پرولي ساري.
کولي صاف ٻڌايو مون کي،
ذھن ۾ اوھان جا ويھارِي.
ارباب علي عادل چوھاڻ
شڪارپور
علم
سڀ چَوَن ٽِين اک اٿوَ انسان جي،
ڳالھه ڪر اُن علمَ عاليشان جي.
فرشَ کان جيڪو پُڄائي عرش تي،
آجيان ٿِئي علمَ اُن ذيشان جي.
ڀَل ثَنا نظمن ۾ ڪر هر دم ادا،
حد پکيڙ نه آهه جنھنجي شانَ جي.
گھر اٿئي مڪتب مدرسو علم جو،
نرسري ٿي خاص علمستان جي.
جانچ ڀَل اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون،
اعلى تعليم ملڪ پاڪستان جي.
سوچ ٻي ڪا ناھه جڳَ ۾ ڪارگر،
سمجھه رکجي علم ۽ عرفان جي.
دل مُعطر ٿي پوي
’عادل‘
سدا،
علم خوشبو ساري چمنستان جي.
***
بيخود بلوچ
وڻ
وڻ پوکڻ جي مھم ھلايو،
ڌرتيءَ واري دانھن ڪنايو.
دنيا ٿي پئي کوري آھي،
وڻ جي ڇانوَ ضروري آھي.
آلودہ ماحول به ويندو،
وڻ آ سڀ کي راحت ڏيندو.
سورج ٿو ڄڻ ڄر اُڇلائي،
وڻ ٿو ان ڄر کان به بچائي.
جيڪو وڻ کي وڍي پٽَي ٿو،
پاڻ کي آتش منجھه سَٽي ٿو.
’بيخود‘
ان ۾ ڪو شڪ ناھي،
وڻ ڌرتيءَ جي رونق آھي.
|