سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل جنوري  2025ع

باب:

صفحو:3 

معشوق محسن ابڙو

مورو

عنى آھي ته هميشه، انسان کي تَڪبَر ۽ غُرور کان بَغير، سدائين سادو کائڻ گُھرجي، سادو پائڻ گُھرجي، ۽ نياز نِوڙت سان پيش اَچڻ گُھرجي. اُن سان ربّ پَاڪَ جي حُڪمَن جي آسانيءَ سان تَڪميل ٿي سَگھي ٿي.

پارل آرشيلي جو هيءُ ڪارائتو جملو، ته انساني نفسيات ۾ ڪجھه نه ڪري سگھڻ واري ڳالھه هڪ ناڪاري طاقت جي حيثيت رکي ٿي. جيڪڏهن توهان زندگيءَ ۾ پنھنجي مرضيءَ موجب وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪرڻ چاھيو ٿا، ته پوءِ توهان، آءٌ ڪجھه به نه ٿو ڪري سگھان ۽ ڪاش آءٌ اُن جي قابل ھجان ھا وغيره جھڙن اصطلاحن بابت سوچڻ ڇڏي ڏيو. اُن بابت سوچي، اوھان پاڻ سان جُٺِ ڪريو ٿا ۽ پڻ پاڻ کي پنھنجي ھٿان بيوس ڪري ٿا ڇڏيو. توھان خود اعتمادي ڇڏي ٿا ڏيو ۽ اھڙا لفظ توھان کي ذھني طور معذور ڪري ڪجھه به نه ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿا ڇڏين.

انساني دماغ اهڙي نموني ٺاهيو ويو آهي، ته جيئن توهان اُن ذريعي پنھنجا سمورا مسئلا حل ڪري سگھو. توھان کي توھان جي مرضيءَ موجب ڪم ڪري ڏيکاري، توھان جيڪي به لفظ سوچيو ٿا، يا ڳالھايو ٿا، اھي توھان جي جسم تي گھرو اثر ڇڏين ٿا. ننڍپڻ ۾ جڏھن توھان ٿاٻُڙِجي ھلڻ لڳندا آھيو، ته توهان کي ڪير به نه روڪيندو آهي. توهان هيڏانھن ھوڏانھن پيا لُڏندا آھيو. پر توھان تي ڪنھن وڏي جي نظر ھوندي آھي. اُن کان پوءِ ٿورا وڏا ٿيندا آھيو، ته ان وقت توهان کي ڪوبه ڊپ وغيره نه هوندو آهي. توهان سوچيندا آهيو، ته  توهان هر شيءِ کي ٽُپُ ڏئي پار ڪري سگھو ٿا. پر پوءِ آھستي آھستي توھان جيئن جيئن وڏا ٿيندا ويندا آھيو ۽ ڪجھه اڳتي وڌڻ چاهيندا آهيو، ته آهستي آهستي توهان جي والدين، دوستن ۽ اُستادن طرفان توهان تي جسماني پابندين باعث توهان جو احساس برتري ختم ٿيندو ويندو آهي ۽ توهان ڪوبه ڪم پنھنجي سِر پاڻ ڪرڻ واري خوداعتمادي وڃائي ويھو ٿا.

1980ع جي ڏھاڪي ۾ مون کي ھڪ اھڙي تربيتي پروگرام ۾ شرڪت جو موقعو مليو. جنھن ۾ اسان کي سيکاريو ويو، ته ٻرندڙ ڪوئلن تي ڪيئن ٿو ھلي سگھجي؟

پروگرام ۾ اسان کي سيکاريو ويو، ته اسين ڪاغذن جي ٽُڪرن تي لکون، ته آءٌ ڪجھه به نه ٿو ڪري سگھان، مون کي سُٺي نوڪري نه ٿي ملي سگھي، آءٌ لک پَتِي نه ٿو ٿي سگھان، مون کي پنھنجي لاءِ سُٺي زال نه ٿي ملي سگھي پوءِ اسان ڪاغذ جي انھن ٽُڪرن کي ٻرندڙ ڪوئلن ۾ اُڇلائي ڇڏيو ۽ انھن کي سڙندو ڏسندا رھياسين. ٻن ڪلاڪن کان پوءِ اسان انھن ئي ٻرندڙ ڪوئلن مٿان ھلندا رھياسين ۽ ڪنھن جو به پير نه سڙيو. پوءِ اُن ڏينھن اسان کي محسوس ٿيو، ته اهو سوچڻ ۽ ڊپ ڪرڻ ته اسان ٻرندڙ ڪوئلن تي نه ٿا هلي سگھون. رڳو ڪوڙ ھو. تنھن کان پوءِ محسوس ٿيو، ته اسان جا ٻيا  به ان قسم جا ڊپ ۽ خدشا ڪوڙا ۽ غلط هئا ۽ اسان جي صلاحيتن کي محدود ڪري رهيا هئا.

ڪجھه نه ڪري سگھڻ جو سوچي زندگي نه وڃايو:

دنيا ۾  هر شخص پنھنجي ارادي جي قوت ۽ ھمٿ سان، ھر ڪم ڪري سگھي ٿو. جيڪڏھن توھان پنھنجي حياتيءَ ۾ اھو ٿا سمجھو، ته توهان ڪجھه به نه ٿا ڪري سگھو، ته توھان پنھنجي حياتيءَ جو قدر ڪرڻ بدران، ان کي ضايع ڪري ٿا ڇڏيو. اُن جي بدران توھان دنيا ۾ ڪٿي به رهندا هجو، ڪھڙي به عمر جا هجو، اهو سمجھو ته ڌڻي تعالى دنيا ۾ توهان کي ڪنھن نه ڪنھن ڪم لاءِ موڪليو آهي ۽ توهان سڀ ڪجھه ڪري سگھو ٿا. بس رڳو ھمٿ جي ضرورت آھي. پوءِ خدا تعالى پاران مدد پاڻھي ٿي ويندي. جيڪڏھن توھان ننڍي عمر جا آھيو، ته به ڪا ڳالھه نه آهي. گھڻا ئي ماڻھو ننڍيءَ عمر ۾ وڏا ڪارناما ڏيکاري ويندا آھن. ان مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ شروعاتي قدم ھاڻي ئي کڻڻ شروع ڪريو. ڪنھن شاعر ڪيڏي نه وڏي ڳالھه ڪئي آهي ته،

ڇو پيرَ پساري ويٺو آن،

اُٿ ڏونگر ڏاري وينداسين.

ڪاميابيءَ لاءِ ڪنھن سَندَ جي ضرورت ناھي:

مختلف قسم جي کوجنائن ۽ انگن اکرن مان ظاھر ٿئي ٿو، ته علم تربيت جي ڀيٽ ۾ پنھنجي ذات تي ڀروسو سڀ کان وڌيڪ اھم آهي. ٻين لفظن ۾ پنھنجو پاڻ تي اعتماد ھڪ اھڙو ھٿيار آھي، جنھن جي وسيلي توھان پنھنجي لاءِ ھر قسم جي ناممڪن کي  ممڪن بڻائي سگھو ٿا. آمريڪا جا ويھه سيڪڙو لک پتِي اهڙا آهن، جن ڪڏهن به اسڪول جو مُنھن نه ڏٺو آهي.  اُن مان ثابت ٿيو، ته جيتوڻيڪ زندگيءَ ۾ ڪاميابيءَ لاءِ تعليم ۽ تربيت ضروري آهي. پر تعليمي سرٽيفڪيٽ جي هرگز ضرورت ڪونھي ۽ اھو اصول انٽرنيٽ جھڙي فني مھارت تي به لاڳو ٿئي ٿو.

 آفتاب حسين چاچڙ

ڄام شورو

انٽرويو

منھنجو نالو آفتاب حسين آهي. منھنجي عمر 14 سال آهي . منھنجو ڪلاس پنجون آهي ۽ منھنجي اسڪول جو نالو گورنمينٽ هائير سيڪينڊري اسڪول سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄام شورو آهي.

مون کي ڪتاب پڙهڻ جو ڏاڍو شوق آهي ۽ مان آکاڻيون ڏاڍي شوق سان پڙهندو آهيان. مان پنھنجا ڪم ڪار وقت سر ڪندو آهيان. منھنجي اُستادن مون کي سُٺيون ڳالھيون سيکاريون آهن. مائٽن جو ادب ۽ ننڍن سان پيار ڪندو آهيان. منھنجو اسڪول مون کي ويجھو آهي ۽ مان نماز به پابنديءَ سان پڙهندو آهيان.

***

حضور اڪرمﷺ جن جي زماني ۾ سج گرهڻ ٿيو. صحابه ڪرام رضي الله اجمعين جن کي فڪر ٿي پيو، ته هن موقعي تي حضور اڪرمﷺ ڪھڙو عمل ڪرڻ فرمائيندا ۽ ڇا ڪندا. جيڪي اصحابي سڳورا رضي الله تعالى اجمعين پنھنجن پنھنجن ڪمن ۾ مشغول هئا، اهي ڇڏي ڪري ڀڄندا آيا. ننڍي عمر جا ڇوڪرا جيڪي تير اندازيءَ جي مشق (سِکِي) رهيا هئا، سي به ان مشق (سِکيا) کي ڇڏي ڀڄندا آيا، ته ڏسون حضور ڪريمﷺ جن هن وقت ڇا ٿا ڪرڻ فرمائين.

نبي ڪريمﷺ ٻه رڪعتون نماز ڪَسوفُ (سج گرهڻ) پڙهي. جيڪا ايتري ته ڊگھي هئي، جو ماڻھو بيھوش ٿي ڪرڻ لڳا. نماز ۾ پاڻ ڪريمﷺ جن رُنا  پئي  ۽ فرمائين پيا، ته اي ربّ پاڪ ڇا تو مون سان اهو وعدو نه ڪيو آهي، ته تون هنن ماڻھن کي منھنجي موجودگيءَ ۾ عذاب نه ڪندين ۽ اهڙي حالت ۾ به عذاب ڪرڻ نه فرمائيندين. جيستائين هي سڀ استغفار ڪندا رهندا. (سورة الانفال ۾ الله جل جلالھ انجو واعدو فرمايو آهي.) پوءِ حضور اڪرمﷺ ماڻھن کي نصيحت ڪرڻ فرمائي، ته جڏهن به اهڙو واقعو يعني سج يا چنڊ گرهڻ ٿئي، ته نه گھٻرائجي. نماز ڏانھن متوجه ٿيندا ڪريو. جڏهن به ڪا اهڙي حالت پيش اچي ته نماز پڙهو. دعائون گهرو ۽ صدقو ڪريو.

پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو، ته آئون جيڪي آخرت جون حالتون ڏسان ٿو، اهي جيڪڏهن توهان کي معلوم ٿي وڃن، ته جيڪر توهان کِلڻ گھٽائي ڇڏيو ۽ روئڻ وڌائي ڇڏيو.

ربّ سائينءَ کان دعا آهي، ته اسان سڀني کي حضور پاڪﷺ جن جي مبارڪ تعليمات جي مٿان عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

 (آمين).

***


 

امر ادريس درس

ميرپورخاص

جذباتي

بيشڪ ڏاهن سچ چيو آهي، ته ڪاوڙ عقل کي کايو ڇڏي. (PST) جي ٽيسٽ پاس ڪري پرويز عرف پرُو ماستر ٿي پيو. نوڪري ملڻ تي هو اندر ۾ سرهاڻ محسوس ڪندو هو. (PST) ماستر ٿيڻ کان اڳ ۾ هو چانھه جي هوٽل هلائيندو هو. گراهڪن کي مڪس کير جي چانھه ۽ نلڪي جو ٿڌو پاڻي پياري خوش ڪندو هو. انھن سڀني ڳالھين جي باوجود، ان ۾ ھڪ اھا به عادت هئي، ته کيس ڪنھن ڪنھن مھل ڪاوڙ چڙھي ويندي ھئي. ڪاوڙ کان پوءِ ڪنھن نه ڪنھن گراھڪ کي ڌڪ ھڻي ڪڍندو ھو. سندس ان عمل جي ڪري ھو ھڪ جاءِ تي ٽڪي نه سگھندو ھو ۽ ھميشه جڳھه مٽائيندو رهندو هو.

ماستر ٿيڻ کان پوءِ به سندس اها عادت ساڻ رهي. ڪڏهن ڪڏهن هو جذبات ۾اچي، جيڪا شيءِ سندس هٿ ۾ هوندي هئي، اها ٻارن کي هڻي ڪڍندو هو. اسان جي ڳوٺ ۾ سڀاڳيءَ نالي هڪڙي بيواھه رهندي هئي. کيس سڀ پيار منجھان مائي ڀاڳ ڀري چوندا ھئا. کيس دين و دنيا ۾ ھڪڙو ئي پٽ ھو. جيڪو سندس پوڙھائپ جو سھارو ھو. کيس ساھه کان به پيارو هو، سندس نالو منير هو. منير جڏهن پھرين ڏينھن اسڪول ويو، تڏھن مائي سڀاڳيءَ جي خوشي ڏسڻ وٽان ھئي. سندس مُنھن چوڏھين جي چنڊ جيان چمڪيو پئي. سندس خوشي ڏسي کيس سڄي ڳوٺ جا ماڻھو سڏي مبارڪون ڏيڻ لڳا. منير به ماستر پرويز وٽ پڙھڻ لڳو.

اچانڪ هڪ ڏينھن مائي سڀاڳيءَ جي دنيا اُجڙي وئي. جڏھن کيس خبر پئي، ته ماستر پرويز سندس ساهه جي ڌاڳي کي ڇنِي ڇڏيو آهي. ڪاوڙ ۾ کيس مٿي ۾ ڌڪ هنيو آهي ۽ منير بيھوش آھي. جلد ئي منير کي اسپتال ۾ آندو ويو. جتي ڊاڪٽرن ٻڌايو، ته معصوم منير کي ڏاڍو زورائتو ڌڪ لڳو آهي. جنھن ڪري دماغ ۾ رت ڄمي ويو آھي ۽ نسون ڦاٽي پيون آھن. ڇھه ڏينھن اسپتال ۾ رھڻ کان پوءِ، منير سندس جيجل امڙ کي ھميشه لاءِ اڪيلو ڪري هليو ويو. سموري ڳوٺ ۾ماستر پرويز جي خلاف نفرت وڌڻ لڳي، ماستر پرويز کي ته پوليس ٻَڌي وئي، پر ويچاري سڀاڳيءَ جي دنيا اُجڙي وئي.

ان ڪري اُستادن کي گھرجي، ته ٻارن کي پيار سان پڙهائين ۽ جذبات ۾اچي ڪوبه غلط قدم نه کڻن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org