سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل جنوري  2025ع

باب:

صفحو:2 

مھر فقير

ڪراچي

ٻاونجاهه اکر ڳالهائين ٿا

الف سان الله، جنھن وڌو ساهُه.

بي سان بابا، چاريندس نه گابا.

ٻي سان ٻار، ٻار گھري پيار.

ڀي سان ڀاءُ، ادا اوري آءُ.

تي سان تمام، علم ڪيو عام.

ٿي سان ٿڪجو، اڳتي وڌجو.

ٽي سان ٽوپي، شان اجرڪ پوتِي.

ٺي سان ٺاھجي، اولاد کي پڙھائجي.

ثي سان ثواب، ضروري آ آداب.

پي سان پيار، پيار سان سنسار.

جيم سان جڳ، اعلى علمي دڳ.

ڄي سان ڄاڻ، علم آھي کاڻ.

جھي سان جھرڪي، سنگ تان ترڪي.

ڃي سان مُڃ، علم بنا رُڃ.

چي سان چاهُه، وڏو آ الله.

ڇي سان ڇانوَ، پيا ڳولھن ڪانوَ.

حي سان حاڪم، ٿجي نه ظالم.

خي سان خير، سوچي کڻو پير.

دال سان دولت، علم وڏي نعمت.

ڌال سان ڌڪ، چڱو ناهي شڪ.

ڏال سان ڏينھن، وسي ٿو مينھن.

ڊال سان ڊوھه، وڏو آهي ڏوهه.

ڍال سان ڍير، چڱو ناهي مير.

ذي سان ذرِي، هل اسڪول ورِي.

ري سان رات، اجھو ٿي پرڀات.

ڙي سان ماڙي، اسڪول وڃو ڏهاڙي.

زي سان زور، پڪڙجي پيو چور.

سِين سان سبق، ياد ڪر ورق.

شِين سان شانُ، محنت سان مانُ.

صاد سان صبر، پڙهه سورت والعصر.

ضاد سان ضمير، خالص ڄڻ کير.

طوئي سان طوطو، آزادي گھري ٿو.

ظوئي سان ظاھر، علم ڪري ماھر.

عين سان عمل، ڪِين ڪجي نقل.

غين سان غربت، پر ضروري عزت.

في سان فڪر، ڪجي سدا شڪر.

ڦي سان ڦيرو، اُڏامي ٿو ڳيرو.

قاف سان قلم، سوچي کڻ قدم.

ڪاف سان ڪوڪو، ڪجي نه دوکو.

کي سان کاڌو، سدا کائجي سادو.

گاف سان گلاب، علم وڏو نواب.

ڳي سان ڳالھائجي، سچ نه لڪائجي.

گھي سان گھڙيال، قيمتي ھر سال.

ڱي سان سڱ، صاف رکجن لڱ.

لام سان لکو، ادب اخلاق سکو.

ميم سان محبت، سُٺي رکجي صحبت.

نُون سان نماز، وڏا اٿس راز.

ڻ سان واڻ، چڱي ناھي گدلاڻ.

واو سان وقت، ڀلو ٿيندءِ بخت.

ھي سان ھاڪ، گلڙن تي ماڪ.

الف ننڍڙو ايئن، سُھڻا ٻار جيئن.

يي سان يڪو، سدا ٿجي سچو.

مھر فقير لکيو آ، سچ سدا چيو آ.

***

عاجز ميرواھي

ٺري ميرواھه/خيرپور

وقت جي اهميت

 

املھه وکر هي آهي ڄاڻ،

ٻچڙا وقت جو قدر سُڃاڻ.

 

وقت سان کائڻ ۽ پيئڻ،

وقت سان آهي اُٿڻ ويھڻ.

 

وقت سان ئي ڪم ڪار ڪجي،

وقت سان پاڻ کي تيار ڪجي.

 

وقت سان ئي تعليم وٺو،

وقت سان ئي پيا راند رھو.

 

وقت وڃائڻ آ نقصان،

وقت زيان نه ڪيو نادان!

 

وقت نه ڄاڻي شاھه و گدا،

پنھنجي هلائيندو آهه سدا.

 

وقت جو جن به ڌيان ڪيو،

تن جو اوچو شانُ ٿيو.

***

 

عبدالحئي ڀٽو

ميرپور ماٿيلو/گھوٽڪي

 

سنڌي ماڻهو

سنڌي سھڻا من مھڻا پيارا ماڻھو،

ثقافت ڏينھن ملھائڻ وارا ماڻھو.

 

ديس ۾ خوش ھجن ٿا،

سنڌ جا ھي سارا ماڻھو.

 

ڌرتي سان پيار تن جو آھي،

ساري ڏيھه ۾ نيارا ماڻھو.

 

اجرڪ ۽ ٽوپي ھردم پائن،

آھن ھي جيءَ جيارا ماڻھو.

 

دودا دولھه ۽ سورهيه آهن،

سخي ۽ مھمان نواز پارا ماڻھو.

 

سنڌ ڌرتيءَ سان محبت ڪن ٿا،

سادا سُودا سارا ماڻھو.

 

ڀٽائي سچل جا آهن پيروڪار،

سچا پچا ڀاڳ ڀلارا ماڻھو.

 

پوپٽ جي پرڙن وانگر آھن نازڪ،

حئي جي اکين جا ھن تارا ماڻھو.

***


 

سلام اُڄڻُ خيرپور ميرس

نظم

اسان جي ذات تي ڌاڙو،

اسان جي بات تي ڌاڙو،

اسان جي دين ايمان ۽،

اسان جي ڏات تي ڌاڙو.

اسان جي يار پاڇي تي،

ڪارونجھر ۽ ھا ڪاڇي تي،

مٺا مامي ۽ چاچي ھا،

سڳي ماسات تي ڌاڙو.

ڪراچي تي ڏسو جھيڙو،

کسڻ چاھن پيا ويڙھو،

اسان جي سوچ سالم ۽،

فھم فڪرات تي ڌاڙو.

مٺي ٻولي مٺي لولي،

چمن ۾ چاھه جي چولي،

سچل ۽ شاھه جي ٻوليءَ،

سچي ان لات تي ڌاڙو.

سکر ۽ ها بکر تي ڀي،

اسان جي هن وکر تي ڀي،

پيا نظرون وجھن ويري،

ڪھاڙي ڪات تي ڌاڙو.

ٻني ٻارن ۽ ٻيٽن تي،

اسان جي يار کيتن تي،

اسان جي ڏينھن تي ۽ پڻ،

اسان جي رات تي ڌاڙو.

اچو گڏجي اُٿون مٺڙا،

اُٿو تن جا ڪيون ڳترا،

سڄي سوغات تي ڌاڙو.

***


 

اظھر آزاد مغل

شڪارپور

وائي

مالڪ کي ٻاڏاءِ،

سُٽ مُنجھيل سُلجھاءِ،

دم تي ڪھڙو ڀروسو!

پاسو پرور جو نه ڇڏ،

پانڌ وجھي پرچاءِ،

دم تي ڪھڙو ڀروسو!

شڪرانو شب روز ڪر،

وقت نه يار وڃاءِ،

دم تي ڪھڙو ڀروسو!

منزل ماڻيندين سگھو،

حيلو خوب ھلاءِ،

دم تي ڪھڙو ڀروسو!

آڌي ڌاري تون اُٿي،

سائينءَ کي سرچاءِ،

دم تي ڪھڙو ڀروسو!

***


 

ڪلائميٽ چينج (Climate Change) جي معنيٰ آهي، ماحول جي گرمي پد، مينھن پوڻ جي رجحان، ۽ موسمي حالتن ۾ وڏي ۽ ڊگھي عرصي تائين تبديليون. اھو عمل عام طور تي ڌرتيءَ جي گرمي پد وڌڻ سبب ٿئي ٿو، جيڪو گرين ھاؤس گيسز (جيئن ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ، ميٿين، ۽ نائٽرس آڪسائيڊ) جي وڌندڙ مقدار جي ڪري ٿيندو آھي.

ڪلائميٽ چينج جا ٻه اهم سبب آهن.

انساني سرگرميون:

صنعتي ڪمن، گاڏين مان نڪرندڙ دونھون، ۽ زراعت سان جڙيل سرگرمين سبب فضائي گيسن ۾ اضافو ٿئي ٿو، جيڪي گرمي کي ڌرتيءَ تي قيد ڪري ڇڏين ٿا.

قدرتي عمل:

آتش فشان ڦاٽڻ، سج جي روشنيءَ ۾ تبديليون ۽ سمندري ڪرنٽس جون تبديليون پڻ ڪلائميٽ تي اثر انداز ٿي سگھن ٿيون، پر اھي اڪثر انساني سرگرمين جي ڀيٽ ۾ گھٽ اثرائتيون ھونديون آھن.

ڪلائميٽ چينج جا اثر دنيا ۾ وڏي پيماني تي ڏسي سگھجن ٿا، جھڙوڪ سمندري سطح ۾ اضافو، وڌيڪ تپش وارين موجن جو اچڻ، ۽ مينھن پوڻ جي انداز ۾ تبديليون، جيڪي انساني زندگي ۽ ماحوليات تي اثرانداز ٿين ٿيون۔ڪلائميٽ چينج جا ڪجھه فائدا به ٿي سگھن ٿا، پر انھن جي ڀيٽ ۾ نقصان تمام گھڻا ۽ وڏا آھن. ھتي ان جا فائدا ۽ نقصان ڏنا ويا آھن:

فائدا

ڪجھه علائقن ۾ زراعت ۾ واڌارو: ڪلائميٽ چينج سان ڪي ٿڌا علائقا گرمي پد ۾ اضافي سبب زراعت لاءِ وڌيڪ موزون ٿي سگھن ٿا.

ناردرن پولر علائقن ۾ واپار لاءِ نوان رستا:

برف جي گھٽتائي سبب ناردرن پولر علائقن ۾ نوان واپاري رستا ٺھي سگھن ٿا، جيڪي يورپ ۽ ايشيا جي وچ ۾ سامونڊي ٽرانسپورٽ کي تيز ڪري سگھن ٿا.

نقصان

انتھائي موسمي حالتون:

ڪلائميٽ چينج سبب وڌيڪ تيز گرمين، سردين، ۽ تيز طوفانن جو سامھون ٿي سگھي ٿو، جيڪي ماڻھن ۽ زراعت تي تباھي مچائي سگھن ٿا.

پاڻي جي کوٽ:

گرمي وڌڻ ۽ موسم جي تبديلين سبب ڪي علائقا خشڪ ٿي سگھن ٿا، جنھن سبب پاڻي جي کوٽ ۽ خشڪ سالي جي صورتحال پيدا ٿي سگھي ٿي.

زراعت تي خراب اثر:

زرعي پيداوار تي منفي اثر پوي ٿو، خاص طور تي گرمين ۽ سيلاب جي اضافي سبب. ھي کاڌ خوراڪ جي کوٽ ۽ قيمتن ۾ واڌ جو سبب بڻجي سگھي ٿو.

جنگلي جيوت تي اثر:

ڪيتريون ئي جاندار نسلون ماحول جي تبديليءَ سان گڏ مطابقت نٿيون رکي سگھن، جنھن سبب انھن کي خطرناڪ حالتن جو منھن ڏسڻو پوي ٿو، ۽ ڪي نسل ته مڪمل طور ختم ٿي سگھن ٿا.

انسان جي صحت تي اثر:

ڪلائميٽ چينج سبب مختلف بيماريون جھڙوڪ ڊينگي، مڇر جي پيدائش واري علائقن جي وڌڻ سان تيزيءَ سان پکڙجن ٿيون، ۽ گرمي سبب واڌ ٿي سگھي ٿي.

سمندري سطح ۾ واڌ:

برف جي ڳرڻ ۽ پاڻي جي مقدار وڌڻ سبب سامونڊي ڪنارن ۽ ٻيٽن تي آباد علائقا ٻڏڻ جو خطرو وڌي سگھي ٿو.

ڪلائميٽ چينج جا نقصان انسانيت لاءِ وڏا چئلينج آڻي سگھن ٿا، ۽ ان کي مُنھن ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي ڪوششون جاري رکڻ ضروري آھي.

پاڪستان ۾ پڻ ڪلائميٽ چينج جا اثر واضح طور تي نظر اچي رھيا آھن، ۽ ان جا اثر تمام گھڻا منفي آھن. پاڪستان، ڪلائميٽ چينج جي نتيجي ۾ ايندڙ خطري کي منھن ڏيندڙ ملڪن مان ھڪ آھي. ھتي ڪجھه اهم تبديليون ۽ اثرات بيان ڪيا ويا آهن.

]پاڪستان ۾ ڪلائميٽ چينج جا اثر[

گرمي پد ۾ واڌ:

پاڪستان ۾ گرمي پد ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي رهي آهي. هيٺاهين علائقن ۽ وڏن شھرن، جيئن ته ڪراچي، ۾ گرمي جون موجون (هيٽ ويونز) تمام گھڻيون ۽ سخت ٿي ويون آھن، جيڪي ماڻھن جي صحت تي خطرناڪ اثر وجھن ٿيون.

سيلابن جو اضافو:

پاڪستان ۾ گذريل ڪجھه سالن ۾ وڏا سيلاب آيا آھن، جيڪي نه رڳو ماڻھن جي زندگي ۽ ملڪيتن کي نقصان پھچائين ٿا پر زراعت ۽ معيشت کي پڻ تباهه ڪن ٿا. 2022ع ۾، پاڪستان ۾ انتھائي تباھيڪار سيلاب آيو، جنھن سبب لکين ماڻھو متاثر ٿيا، فصل تباهه ٿي ويا ۽ هزارين گھر ڊهي پيا.

برفاني علائقن تي اثر:

پاڪستان ۾ گلگت-بلتستان ۽ ڪشمير جھڙا علائقا، جتي برفاني گليشيئرز آھن، اھي پڻ خطري ۾ آهن. ڪلائميٽ چينج سبب گليشيئرز جلدي ڳرڻ لڳا آهن، جنھن ڪري سامونڊي سطح وڌڻ ۽ دريائي پاڻي ۾ اضافو ٿئي ٿو. ان سان سيلابن ۽ پاڻي جي کوٽ جي صورت پيدا ٿي سگھي ٿي.

زرعي پيداوار تي اثر:

ڪلائميٽ چينج سبب مينھن پوڻ جي انداز ۾ تبديليون ٿي رھيون آھن، جنھن جو اثر زرعي پيداوار تي پيو آھي. خاص طور تي پاڪستان جي مکيه فصلن جھڙوڪ ڪڻڪ، ڪپھه، ۽ چانور جي پيداوار تي منفي اثر پئجي رهيو آهي.

خشڪ سالي ۽ پاڻي جي کوٽ:

ڪجھه علائقن ۾ خشڪ ساليءَ ۾ واڌ آئي آهي، خاص طور تي بلوچستان ۽ سنڌ جا علائقا پاڻي جي کوٽ سان متاثر ٿين ٿا، جنھن سبب اتي رھندڙ ماڻھن جي روزاني زندگي ۽ زراعت کي نقصان پھچي ٿو.

انسان جي صحت تي اثر:

پاڪستان ۾ وڌندڙ گرمي، وڌيڪ آلودگي، ۽ وڌندڙ بيماريون، جھڙوڪ ڊينگي، مليريا، ۽ ٻين موسمي بيمارين ۾ واڌ اچي رھي آھي، جيڪا ڪلائميٽ چينج سان لاڳاپيل آھي.

موسمي تبديليءَ کي ڪلائميٽ چينج مڃڻ لاءِ عام طور تي گھٽ ۾ گھٽ 30 سالن تائين موسمي حالتن ۾ تبديليون ڏسڻيون پونديون آھن.

اھا معيار ورلڊ ميٽيرولوجيڪل آرگنائيزيشن (WMO) ۽ آئي پي سي سي (Intergovernmental Panel on Climate Change) سميت ڪيترن ئي موسمياتي ادارن طرفان مقرر ڪيل آھي. 30 سالن جو عرصو موسمي حالتن ۾ طويل-مدتي تبديلين کي سمجھڻ لاءِ ڪافي سمجھيو ويندو آھي، ڇو ته ان ۾ قدرتي ۽ موسمي ڦيرڦار (جھڙوڪ ال-نينو ۽ لا-نينا جھڙيون حالتون) جي اثرن کي به شامل ڪيو ويندو آهي.

ڇو 30 سال؟ اهو عرصو موسمي نمونن، جھڙوڪ سالياني برسات، گرمي پد، طوفانن جي شدت، ۽ ٻين موسمي رخن ۾ واضع رجحانن کي طئي ڪرڻ لاءِ ڪافي ثابت ٿئي ٿو. ان کي ماپڻ سان محقق ۽ سائنسدان اھو سمجھي سگھن ٿا، ته آيا هي تبديليون قدرتي موسمي چڪر جو حصو آهن يا انسان جي سرگرمين، جھڙوڪ صنعتڪاري ۽ آلودگي، جو نتيجو آھن.

موسمي اثرن کان بچڻ:

ڪلائميٽ چينج کي روڪڻ ۽ ان جي اثرن کان بچڻ لاءِ فردن، ادارن ۽ حڪومتن کي گڏجي قدم کڻڻا پوندا. ھتي ڪجھه اهم قدم ڏنا ويا آهن، جيڪي ڪلائميٽ چينج کي گھٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھن ٿا:

*. توانائي جي استعمال کي گھٽايو:

بجلي بچائڻ لاءِ توانائي موثر (energy-efficient) اوزار ۽ بلب استعمال ڪريو. غير ضروري روشنيون ۽ اوزار بند رکو.

شمسي توانائي (solar energy) ۽ ھوا جي توانائي (wind energy) جھڙا صاف توانائي جا ذريعا استعمال ڪريو.

*. گاڏين ۽ ٽرانسپورٽ ۾ تبديليون آڻيو:

ماحول دوست گاڏيون استعمال ڪريو، جيئن ته بجليءَ تي هلندڙ گاڏيون يا گھٽ اينڌن (ٻارڻ) وارا ماڊل. عوامي ٽرانسپورٽ استعمال ڪرڻ، سائيڪل ھلائڻ يا پيدل ھلڻ کي ترجيح ڏيو، جيئن اينڌن (ٻارڻ) جي استعمال ۽ فضائي آلودگي ۾ گھٽتائي ٿئي.

3. ري سائڪلنگ ۽ ٻيھر استعمال کي وڌايو:

روزمره جي استعمال وارين شين، جيئن ته پلاسٽڪ، ڪاغذ، ۽ ڌاتو کي ري سائيڪل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. فضول ۽ فضائي آلودگي کي گھٽائڻ لاءِ ھڪ ئي پراڊڪٽ کي ٻيھر استعمال ۾ آڻڻ کي اھميت ڏيو.

*. وڻ پوکيو ۽ جنگلات جي حفاظت ڪريو:

وڻ پوکڻ سان ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ٿئي ٿي، جيڪا ماحول کي ٿڌو رکي ٿي. جنگلات جي ڪٽائي کي روڪڻ ۽ جنگلات جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻا پوندا.

*. پاڻي جو بچاءُ ڪريو:

پاڻي کي ضايع ڪرڻ کان بچايو ۽ گھرن ۾ پاڻي جي محفوظ استعمال کي فروغ ڏيو. زراعت ۽ صنعت ۾ پاڻي جي موثر استعمال لاءِ جديد طريقا اختيار ڪريو.

*. آلودگي جي ڪنٽرول لاءِ قانون سازي ۽ پاليسين تي عمل ڪرائڻ:

حڪومتن کي آلودگي تي ڪنٽرول لاءِ سخت قانون ٺاھڻا پوندا ۽ انھن تي عمل به ڪرائڻو پوندو. آلودگي پيدا ڪندڙ ڪارخانن، گاڏين، ۽ ٻين ذريعن تي مناسب پابنديون لاڳو ڪرڻ ضروري آهي.

*. شعور پيدا ڪرڻ لاءِ تعليم ڏيو:

ماڻھن ۾ ڪلائميٽ چينج جي خطري بابت شعور وڌايو ۽ ماحول جي تحفظ لاءِ آگاھي پيدا ڪريو. تعليمي ادارن ۾ ماحوليات ۽ ڪلائميٽ چينج بابت تعليم ڏيندي مستقبل جي نسلن کي تحفظ جا طريقا سيکاريو.

*. مقامي، قومي ۽ عالمي سطح تي گڏيل ڪوششون:

دنيا جي ملڪن کي گڏجي موسمياتي تبديلين کي منھن ڏيڻ لاءِ گڏيل پاليسين ۽ معاھدن جيئن پيرس ايگريمينٽ تي عمل ڪرڻ گھرجي. ملڪن کي گرين ھاؤس گيسز جي گھٽتائي لاءِ پنھنجون ڪوششون وڌيڪ ڪرڻيون پونديون.

*. کاڌ خوراڪ جي نقصان کي گھٽايو:

کاڌي کي ضايع ڪرڻ کان بچايو، ڇو ته کاڌ خوراڪ جي پيداوار دوران تمام گھڻو اينڌن (ٻارڻ)۽ وسيلن جو استعمال ٿئي ٿو، جيڪو ماحول تي دٻاءُ وجھي ٿو. نامياتي کاڌ خوراڪ کي ترجيح ڏيو ۽ ماحول دوست کاڌ خوراڪ واريون عادتون اختيار ڪريو.

ڪلائميٽ چينج جي روڪٿام ھڪ ڊگھو ۽ گڏيل عمل آھي، جنھن لاءِ ھر فرد جي ڪوششن جي ضرورت آھي. ھر ننڍڙو قدم، چاھي اھو ذاتي سطح تي ھجي يا قومي سطح تي، موسمي تبديلين کي گھٽائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو.

اچو ته ڪلائميٽ چينج جي اسٽرائيڪ ۾ شامل ٿي اسين پنھنجو حق ادا ڪيون.

امداد سروري

آراضي/سيوهڻ

غريب ٻارن جو مستقبل!

 

ملڪ ۽ قوم جو مستقبل ۽ ان جي سُٺي تعمير جو دارومدار ان ملڪ جي ٻارن جي بھترين تعليم ۽ تربيت ۾ شامل ھوندو آھي. ٻارن کي وڌ ۾ وڌ اھميت ڏيڻ ۽ انھن ۾ ڪا نه ڪا صلاحيت پيدا ڪرڻ ۾ ئي ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي هوندي آهي. اسان وڻ جو ننڍو ٻوٽو ته پوکيندا آهيون ۽ ان کي پاڻي ڏئي، اهو ڪونه ڏسندا آهيون، ته هي وڻ ڪھڙي طرف وڌي رھيو آھي. جو ان کي ڪاٺيءَ سان ٻڌي زماني جي لڳندڙ ھوائن کان مضبوط ڪريون. جيڪا خبر ناھي ھن وڻ جي لامن کي ڪھڙي طرف وٺي وڃي ۽ وڻ وڏو ٿي بيڊولو (ٽيڏو) ٿي وڃي ۽ پنھنجي زندگيءَ جي ساري سُونھن وڃائي ويھي رھي. اھڙي طرح اسان معصوم ٻارن کي ننڍي ھوندي کاڌو خوراڪ ته کارائيندا آهيون. مگر انھن جي اُٿڻ ويھڻ ۽ خراب عادتن تي ننڍي ھوندي کان ئي نظر نه رکندا آهيون ۽ انھن کي ادب اخلاق جي سُتِي ناھيون پياريندا، ته ان کي زماني جي هوا اسان کان کسي وٺندي آهي! اهو ٻِار اڳتي هلي اسان جي هٿن مان نڪري ويندو آهي. اڄ جو معصوم گُلن جھڙو ٻارڙو سڀاڻي جو سُٺو شھري ڪونه ٿي سگھندو آھي. اھو ٻار جيڪو ملڪ ۽ قوم جي عروج جو، قسمت جو چمڪندڙ ستارو آھي. ان جي مَنَ ۾ جيڪڏھن اسان مستقبل جي سوچ پيدا نه ڪئي ۽ ان جي دماغ کي علم و ادب جو ريج ڏئي، مٿي نه اُڀاريو ته ملڪ ۽ قوم جو  عروج زوال ۾ تبديل ٿي ويندو!

گُلن جھڙا ٻار والدين، ملڪ ۽ قوم جو اھو فصل آھن، جنھن جي سار سنڀال نشونما تمام ضروري آھي. انھن جي سار سنڀال کان سواءِ اسان سُٺي فصل جي ڪھڙي اُميد رکي سگھون ٿا؟ معصوم ٻارن ۾ اسان جون جيڪي به اُميدون آهن، سي سڀئي تڏهن پوريون ٿينديون، جڏهن اسان انھن تي محنت ڪنداسون. انھن جي هر عمل تي نگاهه رکنداسون. هنن کي اعتماد ۽ ڀروسو ڏينداسون. اگر اسان وٽ ڪا دولت مال ملڪيت آهي، ته اها دولت گُلن جھڙن ٻارن جي صورت ۾ موجود آھي. ان دولت کي نھايت احتياط سان  استعمال ڪريون. انھن جي اُٿڻ، ويھڻ ۽ ٻاراڻي ٻوليءَ جي گفتگو کي سمجھون. ان کي نظر انداز نه ڪيون. معصوم ٻارن جي نظر هر وقت گھر جي ڀاتين جي ڳالھائڻ ٻولھائڻ، اُٿڻ ويھڻ ۽ ڪم ڪار تي ھوندي آھي. ھو جيڪي ڏسندا آھن يا محسوس ڪندا آھن، اھو عمل پاڻ به ڪندا آهن. ٻارن جي ذهن تي گھر جي ماحول جو اثر ضرور ٿيندو آھي، چوڻي آھي ته پٽ تي ڪريل گل ڪڏهن به گلدستي جي زينت ڪونه بڻبا آهن. گھٽين ۾ رُلندڙ ٻار ڪڏھن به پنھنجو مستقبل ڪونه سنواري سگھندا آهن. قوم جو نظر انداز ٿيل ذهين ٻار اڳتي هلي، ملڪ جي ترقيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار نٿو ٿي سگھي. جيڪڏھن گھٽين ۾ رُلندڙ ٻارن کي اسان وقت ۽ حالات تي صاحب حيثيت هجڻ جي باوجود ڇڏي ڏنو، ته معاشرو اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو ۽ اڳتي به حساب ڏيڻو پوندو.

غريب جو ذهين ٻار فقط ان ڪري اسڪول ڇڏي ٿو وڃي، جو ان وٽ ڪتابن ۽ ڊريس خريد ڪرڻ جي لاءِ پئسو نه هوندو آهي. حالانڪ اسان ڏسون به پيا ۽ محسوس به پيا ڪريون، ته هن ٻار ۾ منزل تي پھچڻ جي ھر صلاحيت موجود آھي. اسان ان ٻار کي اھو چئي نظر انداز ٿا ڪريون، ته هي غريب جو ٻار پڙهي سُڌري ڇا ڪندو؟ پوءِ نتيجو اهو ٿو نڪري جو ملڪ ۽ قوم جي اها قيمتي دولت شھر، بازارن، گھٽين، مڪانن ۽ خراب صحبت ۾ اچي ضايع ٿيو وڃي. جن گُلن جھڙن ٻارن کي اسڪول جي گلدانن ۾ ھئڻ گھرجي، سي شھر جي ڪچري واري ڍير تي ويھي، اسڪول ڏي ايندڙ ويندڙ ٻارن کي عجيب نگاھن سان ڏسندا رھندا آھن، ۽ چوندا رھندا آھن ته هن ملڪ جي سربراهن اسان کان ڪتاب کسي، اسان کي ڪچري جي ڍير جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي!!

قدرت واري جي انصاف واري عدالت به انھن وڏن ماڻھن طرف ڏسي رھي آھي، ته انھن ماڻھن جو ضمير ڪڏھن ٿو سجاڳ ٿئي. جيڪي گيم ڪلبن، هوٽلن ۾ ويٺل ٻارن ۽ گھٽين ۾ رُلندڙ ٻارن کي ڪڏھن ٿا اسڪول جو ٿيلھو، ڪتابن سميت وٺي ڏين ۽ انھن جو مستقبل روشن ڪري نيڪيءَ جو عَلمُ بُلند ڪن؟

انھيءَ سوچ ۾ گذرن اسان جون راتيون امداد سروري،

ته يتيمن غريبن کي ڪيئن منزل جو رستو ڏيکارجي؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org