سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل جنوري  2025ع

باب:

صفحو:4 

جمنا

پبلڪ اسڪول ميرپورخاص

سچي خوشي

ننڍپڻ کان وٺي مون کي نوان نوان وڳا پائڻ جو ڪافي شوق هو. آئون پنھنجي خرچيءَ مان پئسا گڏ ڪري، نوان وڳا خريد ڪري رکندي هيس ۽ پوءِ پنھنجي مٽن مائٽن کي به وڏي فخر سان ٻُڌائيندي هيس ۽ ان عمل سان مون کي بيحد خوشي ۽ راحت ملندي هئي. آءٌ نوان وڳا پھري پنھنجي سؤٽن ۽ ماساتن تي رعب ڄمائيندي هيس ۽ ڪافي ڏينھن تائين اندر ۾ سرهاڻ محسوس ڪندي هيس.

ننڍپڻ گذري ويو، مان يونيورسٽي پاس ڪري پنھنجي ڳوٺ هلي آيس ۽ ويجھي شھر ۾ پرائيويٽ اسڪول ۾ نوڪري ڪرڻ لڳس. عمر وڌڻ سان شوق به وڌي ويا، پر نوَن ڪپڙن جو شوق نه ويو. انھن ڏينھن ۾ اسان جي اسڪول ۾ سڀ مِسون (ماسترياڻيون) سُٺا سُٺا ويس وڳا ڪري اينديون هيون. مون کي ته ويس وڳا پائڻ جو ننڍي هوندي کان ئي شوق هو. تنھنڪري مون سوچيو، ته هن ڀيري مان هڪ مھانگو سُوٽ خريد ڪنديس ۽ سڀني جي توجھه جو مرڪز ٿينديس. مون پئسا گڏ ڪرڻ شروع ڪيا. پئسا گڏ ڪندي، آءٌ اندر ۾ سرهاڻ پئي محسوس ڪندي هيس. نئون وڳو اکين اڳيان گُھمڻ لڳو ۽ آئون خوش ٿيندي رهيس. نئين وڳي جي لاءِ مون ڪافي پئسا گڏ ڪري ڇڏيا هئا.

تڏهن هڪ رات ماسي مُرادي، اسان جي گھر آئي ۽ امان کي منٿَ ميڙ ڪندي چوڻ لڳي، ته مھرباني ڪري مون کي ڪجھه پئسا اُڌارا ڏيو. منھنجي ٻچي کي پيٽ ۾ سخت سُور ٿي پيو آهي. ربّ نه ڪري جو ڪجھه ٿي پويس. امان وٽ ان مھل پئسا نه هئا. ماسي مُرادي جا درد ۾ ٻُڏل لفظ جڏهن منھنجي ڪنَن تي پيا، تڏهن مون سندس مدد ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ کيس پنھنجا گڏ ڪيل پئسا ڏئي ڇڏيا.

ٺيڪ ٻن ڏينھن کان پوءِ ماسي مُرادي اسان جي گھر آئي. سندس چھرو چوڏهين جي چنڊ وانگر چمڪي رهيو هو. سج جي سفيد ڪرڻن وانگر اڇي ۽ روشن لڳي رهي هئي. سندس ٻچي جي صحتيابي جو اندازو سندس مُنھن مان لڳي رهيو هو. هُوءَ مون کي ۽ امان کي دل سان دعائون ڏئي رهي هئي. وڌيڪ هن امان کي الائجي ڇا چيو، پر مون اندر ۾ هڪ ٿڌي سرهاڻ محسوس ڪئي. اڄ مون کي سچي خوشيءَ جي خبر پئي ته سچي خوشي ڇا ٿيندي آهي.

پيارا ٻارؤ! جيڪڏهن توهان به سچي خوشي حاصل ڪرڻ چاهيو، ٿا ته ٻين جي دل سان مدد ڪريو.

جَلِي جي ٻين کي سُھائو ڏِين ٿا،

لکين گھور تن تان پتنگا ٿين ٿا.

 نويد ناز ڀٽي

زندگيءَ جون روشنيون

 

پيارا ٻارؤ! اڄ مان توھان کي ھڪ وڻ جي ڪھاڻي ٻڌائيندس، جنھن جي ٿوري غلطيءَ سبب، ھو زندگيءَ ڀر لاءِ اڪيلائي جي ور چڙھي ويو. ڳالھه در اصل ھي آھي، ته ڪنھن خوبصورت باغ ۾ مختلف قسم جا وڻ ھوندا هئا ۽ ھر قسم جا گُل ٻوٽا به ھوندا هئا. پکي پکڻ ڀوئنر پوپٽ جتي جام ھوندا هئا. وڏو وڻندڙ منظر ھوندو هو، وڻن تان روز صبح جو مِٺيون ٻوليون ماڻھن جي ڪنن ۾ گُونجنديون هيون. عجيب ماحول ھوندو هو. دل کي سُڪون ڏيندڙ ساعتون روز رونما ٿينديون هيون. ان خوبصورت باغ ۾ ھڪ وڻ ھوندو هو، جنھن تي ڪوئي پکي ويھڻ لاءِ تيار نه ھوندو هو نه وري آکيري ٺاهڻ لاءِ ڪو پکي سوچيندو هو، وڻ ڏاڍو غمگين رهندو هو. سوچيندو هو، ته ھن باغ جا ٻيا وڻ ڪيڏا نه ڀاڳوند آھن جن تي پکي ويھن به ٿا آکيرا به جوڙن ٿا، پر مان اھو بدنصيب وڻ آھيان، جنھن تي ڪوئي پکي ويھڻ لاءِ تيار ناھي. اھو وڻ ڏاڍو ملول ھوندو هو. ٻين وڻن کي ڏسي پيو لڙڪ ھاريندو هو.

ھڪ ڏينھن ان وڻ تي ڪانوُ اچي ويھندو آھي ڪانوُ من ئي من ۾ چوندو آھي، ٻيا وڻ آکيرن سان ڀريل آھن. پاڻ ڇو نه ھن وڻ تي آکيرو جوڙيان، ھو اڏي وڃي ڪانوليءَ کي وٺي ايندو آھي ۽ ٻئي آکيرو جوڙڻ ۾ لڳي ويندا آھن پر وڻ کي ڪا خوشي ناھي ٿيندي. ھو اندر ئي اندر ۾ انھن ڪانوَن تي سڙندو رھندو آھي، پنھنجي مقدر تي سوچيندو آھي ۽ چوندو آھي ٻيا وڻ ڪيڏا نه خوشنصيب آھن. جو انھن کي مِٺين ٻولين ڪرڻ وارا خوبصورت پکي مليا آھن ۽ مون کي وري ڪارا ڪانوَ. جيڪي ٽان ٽان ڪري منھنجو سُڪون برباد ڪيو اٿن، ھن ھڪ ترڪيب سوچي ۽ نانگ کي ڪانوَن جا ٻچا کائڻ لاءِ اُڪسايو ۽ نانگ به ويرم نه ورتي ۽ ڪانوَن جا سڀ ٻچا کائي ويو، ھوڏانھن ڪانوَ پنھنجي ٻچن جي بُک مِٽائڻ لاءِ کاڌي جي تلاش ۾ نڪتل هئا، جڏهن پنھنجي آکيري ڏانھن موٽيا، ته ڇا ڏسن سندس آکيرو خالي آھي، ھو ڏاڍو غمگين ٿيا، وڻ کان جڏھن ٻچن بابت پڇيو ويو، ته وڻ جي ڳالھين مان سندس دشمنيءَ جو راز فاش ٿي ويو، تنھن تي ڪانوَن سندس ظالم پڻي تي وڻ کي بددعائون ڏنيون ۽ ٻئي ڪانوَ وڻ ڇڏي ڏور ھليا ويا، وڻ ھڪ دفعو ٻيھر اڪيلو ٿي ويو ۽ ڪانوَن سان ڪيل ظلم تي ڏاڍو رُنو ۽ تڙپيو ۽ منَ ئي منَ ۾ چوندو رھيو، ھيترا سارا ورھه اڪيلو ھيس. ڪو پکي مون ڏانهن اک کڻي به نه ڏسندو ۽ جڏھن ڪانوَ اچي مون وٽ آباد ٿيا، ته مان انھن جو قدر نه ڪيو ۽ پنھنجي ڪٺورتا سبب زندگيءَ ڀر لاءِ اڪيلائي جو روڳ وٺي ڇڏيو. سچ ته وڻ امن جو اھڃاڻ ٿيندا آھن.

پيارا ٻارؤ! ھن ڪھاڻيءَ مان معلوم ٿيو، ته ڪنھن جي دل آزاري ڪرڻ نه گھرجي. جنھن سان اڪيلائيءَ جو انڌيرو زندگيءَ جون روشنيون کسي ٿو ڇڏي.

***


 

منير حيدر لغاري

شھدادپور

چنڊ تي نانِي

سرمد روز رات جو آسمان ڏانھن ڏسندي اھو سوچيندو ھو، ته ھي ڪھڙي دنيا آھي! تارن جي خوبصورت ميڙ جو نظارو ھن کي تمام گھڻو وڻندو ھو. سرمد جون، ڪلاڪن جا ڪلاڪ آسمان ۾ اکيون کُتل ھونديون ھيون. اڄ جڏھن سرمد آسمان ڏانھن چنڊ کي ڏسي رھيو ھو، ته سندس جيجل سڏ ڪندي چيو، سرمد پٽ ھيڏانھن اچ ته توکي چنڊ تي ناني پوڙھي ڏيکاريان!

سرمد اچرج مان ماءُ کي ڏسندي چيائين.

 چنڊ تي ناني !

ھائو پٽ چنڊ تي ناني.

سرمد ماءُ جي ھنج تي مٿو رکي ليٽندي چنڊ کي غور سان ڏسڻ لڳو. ھو ڏس پُٽ او ھُتي! ناني مٽِي وِلوڙي رھي آھي.

سرمد: امان مونکي ته ڏسڻ ۾ نه پيو اچي!

ماءُ: پُٽ ڌيان سان ڏس توکي ڏسڻ ۾ اچي ويندي!

سرمد چنڊ کي ھر ھر غور سان ڏسڻ لڳو، پر ھر ڀيري سرمد کي ناني نظر نه آئي.

ماءُ مايوس ٿي چيو، پُٽ اڄ شايد نانيءَ جي مينھن کير ناھي ڏنو سڀاڻ ڏيندي ته ڏيکارينديس.

ٻئي ڏينھن تي سرمد صبح جو سوير تيار ٿي اسڪول پھتو. جتي ھن جا دوست سورهه ۽ سارنگ ھن جو انتظار ڪري رھيا ھئا. سرمد کي ڏسندي اشاري سان سڏ ڪيائون. سرمد سارنگ جي ڀرسان ويھي رھيو.

اڄ سائين ٻيجل سائنس پڙهائيندو، اڄ پاڻ سوڀيان، ساک ۽ سانجھه کان گھڻا سوال ڪنداسين. سارنگ وراڻيو.

ايتري ۾ اُستاد جيئن ئي آيو ته آسمان، چنڊ ۽ تارن جون ڳالھيون ڪرڻ لڳو.

پيارا ٻارؤ! اوھان رات جو ڪڏھن آسمان ڏانھن ڏسندي چنڊ ۽ تارن تي غور ڪيو آھي؟ اوھان کي ڇا ڏسڻ ۾ ايندو آھي؟ اُستاد وراڻيو

سرمد: سائين مان روزانو رات جو آسمان ڏانھن ڏسندو آھيان، رات امان مونکي چنڊ تي مَٽِي وِلوڙڻ واري ناني به ڏيکاريائين پئي..

استاد: پوءِ تو ڏٺي؟ نه سائين رات ناني جي مينھن کير نه ڏنو ھو سو نه آئي ھئي. سرمد جي ڳالھه سُڻِي سائين سُوڌو سڀني کڻي ٽھڪ ڏنا.

نه پُٽ چنڊ تي ڪابه نانِي ناھي، بلڪ ڪو به جاندار چنڊ تي نٿو رھي سگھي. اُستاد وراڻيو.

سورهه : ڇو سائين ڇو نٿو رھي سگھي.

اُستاد: پُٽ ڪنھن ساھه واري شيءِ لاءِ آڪسيجن ۽ پاڻيءَ جو ھجڻ تمام ضروري آھي ۽ چنڊ تي نه پاڻي، نه ئي آڪسيجن آھي.

ساک: سائين پوءِ چنڊ تي ڇا آھي؟

پُٽ اڄ اوھان کي نظام سج  (Solar System) پڙھايان ٿو، اوھان کي سڀ سمجھه ۾ اچي ويندو.

سائين ٻيجل نظام سج پڙھائڻ شروع ڪيو، سڀئي ٻارڙا سائين کي شوق سان ٻُڌي رھيا ھئا. سائين ٻُڌائي رھيو ھو، ته ھن ڪائنات ۾ الائي ڪيترا نظامِ سج آھن. رات جو جيڪي اسان کي تارا ڏسڻ ۾ ايندا آھن، اھي سج ئي ھوندا آھن. اسان جي ڌرتي جنھن سج کي گردش ڪري ٿي، ان سج جو نالو سول آھي. سج کي سڀ کان ويجھو گرھه مرڪيوري آھي، جيڪو آھي ته سڀني کان ننڍڙو پر ڊوڙي ٿو سڀني کان تڪڙو تڪڙو. مرڪيوري کان پوءِ وِينس آھي، جنھن کي صبح جو سِتارو به چوندا آھيون.

جيڪڏھن جيئري دوزخ ڏسڻي آھي، ته اوھان کي وِينس تي وڃڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته وِينس تي تيزابي برسات، تمام وڏا طوفان ۽ ٻرندڙ جبل آھن.

سائين جيڪڏھن وينس دوزخ آھي، ته جنت ڪٿي آھي؟ سانجھه سوال ڪيو.

اُستاد: جنت دوزخ جي ڀرسان آھي، يعني وينس جي ڀرسان.

سوڀيان: سائين اھا جنت ڪھڙي آھي؟

اُستاد: اھا جنت اسان جي پياري ۽ حسين سرسبز، فطرت جي رنگن سان رڱيل ڌرتي آھي. جنھن جو جوڙ ھن ڪائنات ۾ ڪٿي به نٿو ملي، ڇاڪاڻ ته ڌرتي تي پاڻي، آڪسيجن ۽ خوشگوار ماحول آھي. جنھن جي ڪري جيون جو بسيرو آھي ۽ ان ڪري توھان ۽ اسان آھيون. سائين ڳالهه جاري رکندي چيو، ڌرتيءَ کان پوءِ جو سيارو آهي مريخ جيڪو ڌرتيءَ جو پاڙيسري آهي، جنهن کي لال سيارو به چون ٿا. مريخ تي مِٽي ۽ پٿر جا وڏا جبل آهن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن اُتي طوفان به اچن ٿا.

سارنگ: سائين پوءِ اُتي ماڻھو ڪيئن رھندا آھن؟ نه پُٽ اتي اڃان سائنسدانن کي زندگيءَ جو ڪو ثبوت نه مليو، اتي ڪا به زنده شيءِ نٿي رهي.

سرمد چاهه سان پڇيو: سائين، مريخ تي زندگي ڇو ناهي؟ سائين وراڻيو، پٽ، مريخ تي پاڻي ته مليو آهي، پر تمام ٿورو، ۽ هوا به تمام گھٽ آهي. ان ڪري اتي زندگي جي اُميد اڃا نه ٿي ملي.

ان کان پوءِ، اُستاد ساٿين کي مشتري جي باري ۾ ٻڌايو. مشتري سڀني سيارن ۾ وڏو آهي، ۽ ان جي چوڌاري ڪيترائي چنڊ به آهن. مشتري تي تمام وڏو طوفان هلندڙ آهي، ان جي واچوڙي جھڙن طوفانن کي ڏسي لڳي ٿو، ڄڻ ڪا مشتري جي اک هجي.

سورهه حيرت مان پڇيو: سائين، مشتري جو طوفان ڪڏهن کان آهي؟

سائين مسڪرائيندي وراڻيو: اها ته قدرت جي عجيب تخليق آهي، پُٽ، ۽ مشتري تي هوا جو وڏو دٻاءُ ۽ ان جي گردش سبب اهو طوفان لڳ ڀڳ 300 سال کان جاري آهي. سائين پوءِ زحل بابت ڳالھائڻ لڳو، جنھن کي انگريزي ۾ (Saturn) چوندا آهن. زحل ڏسڻ ۾ ائين ايندو آهي، ڄڻ ان کي مُنڊي پاتل هجي. سائين ٻڌايو، زحل برف، مٽي ۽ پٿرن جو ٺھيل آهي. جيڪو سج جي روشنيءَ ۾ تمام حسين لڳندو آهي.

ساک جوش مان پڇيو: سائين، زحل تي اسين وڃي سگھون ٿا؟

اُستاد مرڪندي وراڻيو نه، زحل تي وڏا طوفان ھوندا آھن ۽ زحل مشتري جيان گئس جو ٺھيل آهي، انڪري اتي وڃڻ ممڪن ناهي. اتي پاڻي ۽ آڪسيجن به ناهي. آسمان جي ٻين سيارن يورينس ۽ نيپچون سياري بابت ٻڌائيندي، سائين چيو، اها دنيا اسان کان تمام پري آهي، ۽ اتي به زندگي ممڪن ناهي. سڀئي ٻارڙا هن وقت تائين حيران ٿي ٻُڌي رهيا هئا. اُستاد ٻڌايو: پيارا ٻارو، هي سمورو نظام سج هڪ حسين ۽ عجيب دنيا آهي، جنھن جا راز اسان جي عقل کان مٿي آهن، پر سڀني کان عجيب ۽ حسين سيارو اسان جو پنھنجو ڌرتي آهي، جتي زندگي، خوشبوءِ، هوا، پاڻي، ۽ سڀئي قدرتي نعمتون موجود آهن. اڄ سڀني ٻارن کي ڌرتيءَ جي اهميت سمجھه ۾ اچي وئي هئي، ۽ سندن دل ۾ پنھنجي ڌرتيءَ سان وڌيڪ پيار پيدا ٿي ويو.

***

صبا سنڌو

گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول قاسم آباد

 

تعارف

منھنجو نالو صبا سنڌو ولد شير محمد آهي. منھنجي پيدائش 9 آڪٽوبر 2007ع حيدرآباد ۾ ٿي. پر منھنجو حقيقي تعلق ضلعي خيرپورميرس سان آهي. آئون گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول قاسم آباد، حيدرآباد جي شاگردياڻي آهيان. هاڻ ئي منھنجي اسڪول ۾ لطيف شناسائي جو پروگرام ٿي گذريو. جنھن ۾ ڪجھه الڳ الڳ قسمن جا مقابلا هئا. جيئن ته سوالن جوابن جو مقابلو، وائي، لطيفي لات، ڪيلِيگرافي، ڊزائننگ ۽ تقريري مقابلو هو. تقريري مقابلي ۾ مون به حصو ورتو. ڇو ته تقرير ڪرڻ منھنجي عادت ۽ منھنجي پسنديده ڪم آهي. الحمّدُلله آئون اسڪول ليول تي چونڊجي به ويس. هاڻ تعلقي سطح جي مقابلي لاءِ تياري پئي ڪريان. محترمه ميم شوڪت آرا ۽ پرنسيپل صاحبه ميدم زاهده پروين جيڪي فيصلو ڪندڙ هيون.

الحمّدُلله منھنجي اسڪول جو نظام ۽ اُتان جا تمام اُستاد صاحبان محنت ڪندڙ ۽ ذهين آهن. آئون پنھنجو پاڻ کي خوشنصيب پئي محسوس ڪريان، ته هن اسڪول جي شاگردياڻي آهيان. جنھن جو واحد عظم سنڌ جي نياڻين کي پڙهائڻ، وڌائڻ ۽ ڪاميابي جي راهه ڏيکارڻ آهي.

***


 

جاويد علي مري

ڪلاس نائون گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ڪاٺڙي/ميرپورخاص

قصو ڏيڏر ۽ ڪوئي جو!

ڏاڏي جنان ڳالھه ڪري ٻُڌائي آهي، ته ڪنھن زماني ۾ هڪ اڏَ جي ڪپ تي هڪڙو ڏيڏر ۽ ٻيو ڪُوئو رهندو هو. ڪُوئو اڏَ جي ڪپ تي خشڪي ۾ پنھنجي ٻِرَ ۾ رهندو هو. جڏهن ته ڏيڏر خشڪي توڙي پاڻي ٻنھي ۾ رهي سگھي ٿو. سو اهو ڪڏهن اڏ جي اندر پاڻي ۾ رهندو هو، ته ڪڏهن وري پاڻي مان ٻاهر نڪري خشڪي تي به ايندو هو ۽ وڏا وڏا ٽُپ ڏئي پيو ملڪ گھمندو هو. ڏيڏر جيئن ته وڏا وڏا ٽُپَ ڏئي پيو پري پري تائين گھمندو هو، سو ربّ پاڪ جي ساري مخلوق سان ملندو کلندو هو. انڪري صبر، سھپ ۽ برداشت وارو هو. جڏهن ته ڪُوئو ورلي ئي ڪڏهن پنھنجي ٻِرَ منجھان ٻاهر نڪري دنيا ڏسندو هو ۽ ٻي مخلوق سان ڪو واسطو ئي نه رکندو هو، سو هُو مغرور هو. سمجھندو هو ته دنيا ۾ بس آهي ئي هڪڙو پاڻ! اهو ئي سبب هو جو ڏيڏر پاڻي منجھان نڪري خشڪي تي ايندو هو، ته ڪُوئو ان کي گھڻو تنگ ڪندو هو. ڪڏهن ڏيڏر جي ٽنگ ۾ چڪ پائيندو هو، ته ڪڏهن وري زور زور سان کُرڙيون هڻي، ڏيڏر جي اکين ۾ مٽي وجھندو هو. ڪوئي جي روز روز جي شرارتن کان تنگ اچي هيڪر ته ڏيڏر اهو خيال ڪيو، ته هن اڏ منجھان هميشه جي لاءِ لڏي وڃجي. پر وري خيال ڪيائين، ته لڏي وڃڻ سان ته رڳو ڏيڏر جي پنھنجي جند آجي ٿيندي. پر ڪوئي ۾ ته ڪوئي سُڌارو ڪونه ايندو. ڏيڏر هليو ويندو، ته هُو ڪنھن ٻئي جاندار کي پيو تنگ ڪندو.

اهو خيال ڪندي ڏيڏر اهو طئه ڪيو، ته هتان وڃبو ڪيڏانھن به ڪونه، پر ڪوشش ڪري ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان ڪُوئي جا لڇڻ سُڌاربا. ڏيڏر ٻئي ڏينھن اڏَ مان ٻاهر نڪتو، ته ڪوئي ٺڪاءُ کڻي، پوئين ٽنگ ۾ چڪُ پاتس. هيڪر ته ڏيڏر کان دانھن نڪري وئي ۽ هُن وڏو ٽُپ کاڌو، پر وري پاڻ سنڀالي ڪُوئي سان مخاطب ٿيو، ادا ڪوئا! تون آخر ائين ڇو مون کي تنگ ڪندو آهين؟ ڇا ٻين کي تنگ ڪرڻ ۾ توکي ڪو سُڪون ٿو ملي؟

ڪُوئي وڏا ٽھڪ ڏنا ۽ وراڻيو، هائو! چڪُ پائڻ سان تون وڏو ٽُپ ڏيندو آهين، ته مون کي ڏاڍو  مزو ٿو اچي. ڏيڏر کي اهو ٻُڌي ڏاڍو ڏک ٿيو. هن ڪُوئي کي سمجھائيندي وراڻيو، ڪوئا ڀاءُ، ڪنھن کي تڪليف ڏئي خوش ٿيڻ خراب عادت آهي. ائين نه ڪرڻ گھرجي. ڪوئي وري وڏو ٽھڪ ڏنو ۽ چيو، آئون ته توکي تنگ ڪندس، ڀلي توکي تڪليف ٿئي. تون مون کي ڪندين ڇا؟

اهو ٻُڌي ڏيڏر کي ڏاڍو ڏک ٿيو. هن کي ڪاوڙ به آئي، پر هُن صبر کان ڪم ورتو. ڪجھه گھڙيون ماٺ رهي ڪُوئي کي چيائين، ادا ڪوئا! تون سڄو ڏينھن ٻِرَ ۾ رهندو آهين، جڏهن ته آئون سڄو ملڪ ٿو جھاڳيان. آئون پاڻي ۽ خشڪي ٻنھي تي رهندو آهيان. انڪري مون وٽ جام سارن جاندارن جون کوڙ ساريون خبرون آهن. جيڪڏهن تون مون کي تنگ نه ڪرڻ جي زبان ڪرين، ته آئون توکي روز جام ساريون مزيدار خبرون ٻُڌائي سگھان ٿو. اهو ٻُڌي مغرور ڪُوئي ڏيڏر کي چيو، ٺيڪ آهي، مونکي هينئر ئي ٻُڌاءِ.

پوءِ ان ڏينھن ڏيڏر ڪُوئي کي پاڻي ۾ رهندڙ وڏي شڪاري وهيل مڇي جي باري ۾ ٻُڌايو. ڏيڏر، ڪُوئي کي ٻُڌايو، ته وهيل مڇي هن اڏَ ۾ نه پر وڏي سمنڊ ۾ رهندي آهي. هُو تمام خطرناڪ ٿيندي آهي. تو جھڙا ته ڪيئي ڪُوئا ڳڙڪائي ٿي سگھي. اهو ٻُڌندي ئي ڪُوئي، ڏيڏر جي ٽنگ ۾ زوردار چڪ هڻي ڪڍيو. ڏيڏر کان رڙ نڪري وئي. ٽان ٽان ٽان!! ۽ ڏيڏر رت ڳاڙيندو زور دار ٽُپ ڏئي ڀڄي ويو.

رات جو اڏَ ۾ ٽان ٽان ڪندي ڏيڏر سوچيو،هِن مغرور ڪُوئي ۾ ته ذري جي به سھپ ڪانھي. هن کي راهه تي آڻڻ جي لاءِ ته ڪا نه ڪا اٽڪل ئي ڪرڻي پوندي. ٻئي ڏينھن صبح جو اڏَ مان ٻاهر نڪرندي، ڏيڏر جي اک جڏهن ڪوئي تي پئي ته هُن کيس چيو، ٺلھيون ڳالھيون ٻُڌڻ ۾ ايترو مزو ناهي، جيترو دنيا کي پنھنجي اکين سان ڏسڻ ۾ آهي. انڪري اڄ جيڪڏهن تون مون سان گڏ هلين، ته آئون توکي هن ملڪ جي سڀ کان خاص جاءِ جو سير ڪرائي سگھان ٿو.

ڪُوئي کي اها ڳالھه پسند آئي ۽ هو ڏيڏر سان گڏ سير ڪرڻ لاءِ راضي ٿيو. سفر تي نڪرڻ کان اڳ ڏيڏر ڪُوئي کي چيو، آئون جيئن ته وڏا وڏا ٽُپا ڏيندو آهيان ۽ تون زمين تي ريڙهيون پائيندو آهين. سو ڪٿي پاڻ هڪٻئي کان وڃائجي نه وڃون. انڪري تون ترس ته آئون هڪ ڌاڳو کڻي ٿو اچان. ڌاڳو پنھنجي پير ۽ تنھنجي پُڇَ ۾ ٻڌنداسين، ته جيئن وڃائجي وڃون، ته به هڪٻئي کي ڳولھي ته لهون!

ڪُوئي کي ڳالھه ۾ وزن لڳو. سو هن ڏيڏر جي اها ڳالھه تسليم ڪئي. اهڙي ريت ڏيڏر هڪدم هڪ مضبوط ۽ ڪجھه ڊگھو  ڌاڳو آندو، جنھن جو هڪ پاسو پنھنجي پير ۾ ٻڌائين ۽ ٻيو پاسو ڪُوئي جي پُڇ ۾. هاڻي ڏيڏر سمجھي ورتو، ته ڪُوئي کي سبق سيکارڻ جو اهڙو موقعو وري نه ملندو. سو هن هڪدم زور سان اڏَ جي پاڻي ۾ ٽُپ ڏنو. ڏيڏر جي  زوردار ٽُپ ڏيڻ سان ڪُوئي جي پُڇ ۾ ٻڌل ڌاڳي کي به زوردار ڇڪ آئي ۽ ڪوئو گِھلجي وڃي، پاڻي ۾ ڪِريو ۽ غوطا کائڻ لڳو!

ان مھل ڏيڏر کيس چيو، تون سدائين مون کي اجايو تنگ ڪندو آهين، هاڻي ڪيئن؟

ڏيڏر جي اها ڳالھه ٻُڌي ڪُوئي جو دماغ جاءِ تي آيو ۽ هن رڙ ڪري چيو، مون کي معاف ڪر ادا ڏيڏر! ڪوئي وڏي ڪوشش سان ڪنڌ ٻاهر ڪري ڏيڏر کي چيو، آئون اڄ کان پوءِ ڪنھن کي به تنگ ڪونه ڪندس واعدو! ڪوئي جي واعدي ڪرڻ تي ڏيڏر هڪدم زور سان ٻاهر ٽپ ڏنو ۽ ڪُوئو به ڇڪجي ٻاهر نڪري آيو. بس ان ڏينھن کان پوءِ ڪُوئو ۽ ڏيڏر هڪٻئي جا دوست ٿي ويا.

پيارا ٻارؤ! ڏاڏي جنان جي ٻُڌايل هن ڪھاڻيءَ مان اسان کي اهو سبق ٿو ملي، ته اسان کي به ڪنھن ٻئي کي پاڻ کان گھٽ نه سمجھڻ گھرجي ۽ نه ئي اجايو ڪنھن کي تنگ به ڪرڻ گھرجي.

***

فقير شان سيوهاڻي

سيوهڻ شريف

ويٺي جا ڪم

انسان  به عجيب ڪيفيت وارو آهي. ڪو انسان چاهي ٿو، ته آءٌ محنت مشقت ڪريان ۽ ٻچن لاءِ روزي ڪمايا، ڪو انسان چاهيندو آهي، ته ويٺو هجان. ڪوبه ڪم نه ڪريان ۽ ويٺو ڏسَ ڏيان ته هينئن ڪريو هونئن ڪريو ڪم ٿي ويندو ۽ واهه واهه به ٿئي. اهڙيءَ طرح، هڪ بادشاهيءَ ۾ ٻه ڀائر رهندا هئا، هڪ ڀاءُ محنت مزدوري ڪري پيو گذاريندو هو ۽ ٻيو ڀاءُ ڪو به ڪم ڪار نه ڪندو هو، گھر ۾ ويٺو هوندو هو ۽ پيو مفت جي ماني کائيندو هو. سندس ڀاءُ کيس چوندو هو، ته ادا! ڪونه ڪو ڪم ڪر.

ان تي ٽوٽي ڀاءُ چوندو هو ته آءٌ ويٺي ڪم ڪندس، ويٺو هوندس ۽ پيو ڪم ٿيندو. سندس ڀاءُ اهي ڳالھيون ٻُڌي عجب ۾ پئجي ويندو هو، تهويٺي جا ڪم ڪھڙا آهن ماڻھو کانئس پُڇندا هئا، ته ادا تنھنجو ڀاءُ ڪو روزگار به ڪندو آهي يا رڳو ويٺو هوندو آهي. ان تي ڀاءُ وراڻيندو هو، ته ادا! منھنجو ڀاءُ ويٺي جا ڪم ڪندو آهي ۽ چوي ٿو، ته آءٌ ويٺو هوندس، ته جيڪو ڪم چوندس پاڻھي ٿي ويندو. ماڻھو اها ڳالھه ٻڌي کلي چوندا هئا تهادا! تنھنجي ڀاءُ کي ڪو الادين جو چراغ هٿ آيو آهي يا جادوگر آهي! آخرڪار اها ڳالھه وڃي ملڪ جي بادشاهه وٽ پھتي، ته ڪو ماڻھو ويٺي جا ڪم ڪندو آهي. بادشاهه کي دلچسپي پيدا ٿي ته ان ماڻھوءَ کي درٻار ۾ گھرائي ڏسجي ته هو ويٺي جا ڪم ڪيئن ڪندو آهي. بادشاهه وزير کي چيو ته ان ماڻھوءَ کي وٺي اچو ۽ چئوس ته بادشاهه توکي ويٺي جا ڪم ڪرڻ جي نوڪري ڏيڻ ٿو چاهي. وزير ان ٽوٽيءَ جي گھر جي دروازي تي سندس ڀاءُ کي سڏ ڪيو ۽ بادشاهه جو نياپو ٻڌايو. ڀاءُ ان ٽوٽيءَ کي خوش ٿي ٻڌايو ته ٻاهر بادشاهه جو وزير بيٺو آهي ۽ توکي بادشاهه نوڪري ڏيڻ لاءِ گھرايو آهي. ٽوٽيءَ، ڀاءُ کي چيو ته آءٌ پنڌ ڪونه ويندس. وزير واپس وڃي بادشاهه سان اها ڳالھه ڪئي. بادشاهه اهو ٻڌي شاهي گھوڙو موڪليو ۽ ان ٽوٽي شخص کي گھوڙي تي چاڙهي اچي بادشاهه جي دربار جي اڳيان لاٿو ويو. ٽوٽي بادشاهه اڳيان حاضر ٿيو. بادشاهه پڇيو ته مون ٻڌو آهي ته تون ويٺو هوندين ۽ جيڪو ڪم چوندين اهو ٿي ويندو ان تي ٽوٽي شخص چيو ته جِي بادشاهه حضور اهو بلڪل سچ آهي آءٌ ويٺو هوندس ۽ ڪم پيو ٿيندو. بادشاهه ان شخص کي هڪ پاسي ويھاري ڇڏيو ۽ بادشاهه سڄو ڏينھن بادشاهي جي معاملن ۽ فيصلن ۾ سڄو ڏينھن گذاريو ۽ شام ٿي ته دربار برخواست ڪئي وئي بادشاهه جي هاڻ توجھه ان شخص ڏانھن ٿي ته هاڻ هن شخص جا ويٺي جا ڪم ڏسجن اُٿي ڪم ٿو ڪري يا ويٺو هوندو.

بادشاهه ان شخص کي چيو ته ٻاهر جھڙالي موسم آهي ٻاهر نڪري ٻُڌاءِ ته مينھن وسي ٿو يا نه؟ ان شخص ٻاهران هڪ ٻليءَ کي ايندي ڏٺو ۽ بادشاهه کي وراڻيو، بادشاهه حضور ٻاهران ٻلي پئي اچي هٿ گھمائي ڏسوس پُسيل آهي ته مينھن وسي پيو جي پُسيل نه آهي ته مينھن ڪونه ٿو وسي.

بادشاهه عجب ۾ پئجي ويو ته واهه جي ڳالھه ڪري ويو. پر بادشاهه به پڪو پھه ڪيو ته ان شخص کي اُٿاري ڪم ضرور وٺبو. ڪجھه دير کان پوءِ سج لھي ويو ۽ اوندهه ٿيڻ لڳي. بادشاهه چيو ته هاڻ بتيون ۽ گولا وساءِ ته آءٌ سُمھڻ ٿو وڃان ۽ تون به سُمھي رههُ. ان تي ٽوٽي شخص جواب ڏنو ته بادشاهه حضور اکيون پوربيون ته پاڻھي اوندهه ٿي ويندي. بادشاهه لاجواب ٿي ويو. آخرڪار بادشاهه سوچي سمجھي آخري سوال ڪيو ته ڀلا اُٿي دروازو بند ڪر ته آءٌ وڃي رهيو آهيان. ان تي اُن ٽوٽي شخص وراڻيو، ته بادشاهه حضور ٻه ڪم مون ڪيا آهن، اهو ٽيون ڪم توهان ڪري وڃو ۽ ٻاهران دروازو بند ڪري درٻارين کي بيھاري وڃو. بادشاهه اهو ٻڌي دربان جو چھبڪ کڻي اچي اُن ٽوٽي کي ڪُٽڪو ڏنو ۽ چيو ته اڳتي ويٺي جا ڪم ڇڏي هٿن سان محنت ڪري ڪمائيندين يا نه؟ اُن شخص دانھون ڪري چيو، سائين آءٌ ھاڻي محنت ۽ مزدوري ڪندس مون کي معاف ڪريو.

صبح ٿيڻ سان ان شخص کي بادشاھه ڀاءُ جي حوالي ڪيو ۽ ان ڏينھن کان  اھو شخص محنت ۽ مشقت ڪري روزي ڪمائڻ لڳو.

ڳالھه جو حاصل مطلب ته ، ويٺي سان ڪم ڪونه ٿيندا آهن ڪجھه هٿ پير هلائڻا پوندا آهن. ان تي هڪ چوڻي آهي، ته جو ڪمائي سو کائي، جيڪو سُستي ڪري سو سِڪي مري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org