سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل ڊسمبر  2024ع

باب:

صفحو:5 

محمد حنيف هوت

جُهڏو/ميرپورخاص

هڪ واپاري ۽ ٻيڙيءَ وارو!

هڪ وڏو واپاري ڪنھن ڳوٺ واپار جي سانگي وڃي رهيو هو. ڳوٺ پھچڻ لاءِ واپاريءَ کي ھڪ درياءَ کي پار ڪرڻو ھو. سو ھي ھڪ درياءَ تي بيٺل ٻيڙي ۾ سوار ٿي پنھنجو سفر ڪرڻ لڳو. ٻيڙي وارو ھڪ غريب ملاح ھو، جيڪو ماڻھن کي درياءَ پار ڪرائي ڪجھه پئسا ڪمائيندو هو ۽ پنھنجي زندگي جو گذر سفر ڪندو هو.

ٻيڙي ٿورو هلي، ته واپاري هڪ سوال پڇيو! اوهان لکيل پڙهيل آهيو؟ ته ٻيڙيءَ واري چيو، ته جي نه سائين آئون پڙهيل لکيل نه آهيان. ته واپاري تڪبر واري انداز ۾ هن سان مخاطب ٿي چيو، ته پوءِ توهان جو جيئڻ بيڪار آهي. اهڙي زندگيءَ جو ڪهڙو فائدو. ٻيڙي واري ڳالھه کي در گذر ڪندي، ٻيڙيءَ کي هلائيندو رهيو. ڪجھه دير کان پوءِ واپاري وري هڪ ٻيو سوال پڇيو، ته اوهان مون جھڙو مھانگو ڪپڙن جو جوڙو پاتو؟ ته ٻيڙيءَ واري شرم منجھان ڪنڌ هيٺ ڪري چيو، جي نه سائين! مان غريب آهيان. واپاريءَ وڏو ٽھڪ ڏنو ۽ چيائين، ته توهان واقعي فضول آهيو. اهڙي زندگيءَ جو ڪھڙو فائدو؟ ٻيڙي واري کي ڏاڍو صدمو پھتو! ٻيڙي درياءَ جي سير ۾ اچي وئي هئي ۽ پاڻيءَ جو وهڪرو تيز هو. اچانڪ هڪ جڳھه کان ٻيڙيءَ ۾ سوراخ ٿي پيو ۽ اندر پاڻي ڀرجڻ لڳو، ته ايتري ۾ ٻيڙي واري واپاريءَ کي چيو، ته سائين اوهان کي ترڻ ته ايندو هوندو؟ واپاري پريشان ٿيندي چيو، ته مون کي ترڻ نه ايندو آ، ته ٻيڙيءَ واري کان ٽھڪ نڪري ويو ۽ هن ساڳيا لفظ واپاري کي چيا، ته سائين پوءِ اهڙي زندگيءَ جو ڪھڙو فائدو. واپاريءَ کي پنھنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو ۽ هن معافي ورتي. ٻيڙي واري چيو، ته سائين فڪر نه ڪريو، مون کي نه صرف ترڻ، پر ٻُڏندڙ ماڻھن کي بچائڻ به ايندو آهي. اوهان مون کي قابو پڪڙيو. آئون اوهان کي ڪجھه به ٿيڻ نه ڏيندس. ايئن ٻيڙي واري نه صرف پنھنجي، پر واپاريءَ جي زندگي به بچائي ورتي.

ته پيارا ٻارؤ! هن ڪھاڻيءَ مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو، ته هن دنيا ۾ هر انسان ڪنھن خاص مقصد لاءِ آيو آهي، ۽ اسان کي ڪنھن کي به گھٽ ۽ ڪمتر نه سمجھڻ گھرجي.

سنڌ جي تاريخي ماڳ ماٿيلو مومل جي ماڙي جي سنگت آفيس ۾ ٻالڪ ادبي فورم سنڌ پاران سنڌي ٻاراڻي ادب جي نامياري اديب، شاعر ۽ ماهوار گُل ڦُل رسالي جي اڳوڻي ايڊيٽر اڪبر جسڪاڻي جي 25 هين ورسي، ٻالڪ ادبي فورم سنڌ جي مرڪزي صدر ۽ سنڌي ٻاراڻي ادب جي ليکڪ ۽ شاعر عبدالحئي ڀٽو جي صدارت ۾ ڪوٺائي وئي. جنھن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ناليوارن اديبن، سُگھڙن، اُستادن ۽ دانشورن عبدالحئي ڀٽو، علي حسن منگي، عبدالوحيد شيخ، يونس ڀٽو، محمد عمر ڪلادي ، عجب گل شيخ، علي شير منگي، عبدالباري ڀٽو، امتياز علي منگي، احسان علي ڀٽو، رضا منگي، راشد ڀٽو، سھيل احمد منگي، سليمان ڀٽو، علي محمد منگي، ياسر علي ڀٽو، مير محمد سومرو، عبدالباقي ڀٽو، علي گوهر منگي، عمران علي ڀٽو، سراج احمد ڀٽو، مير حسن سومرو ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته اڪبر جسڪاڻي سنڌي ٻاراڻي ادب جو ورڪر ۽ جاکوڙي ڪردار هو. ان سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ ڪافي ڪھاڻين، شاعري ۽ مضمونن جا ڪتاب لکي پاڻ ملھايو. هن کي سنڌي ٻاراڻي ادب جي وڏن ليکڪن، شاعرن ۽ ڪھاڻيڪارن ۾ شُمار ڪيو وڃي ٿو، هنن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته اڪبر جسڪاڻي سنڌي ادبي سنگت جو سچو پچو ۽ محنتي ڪارڪن  کان علاوه هڪ بھترين شخصيت جو مالڪ ھو، جيڪو سنڌ جي جھرجھنگ وڃي سنڌي ٻاراڻي ادب کي وڌيڪ مضبوط ۽ سگھارو ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجھد ڪئي. ان پنھنجي زندگيءَ ۾ ضمير جو سودو ڪڏھن به نه ڪيو. اڪبر جسڪاڻي فقيري طبيعت جو مالڪ هو، جنھن سموري سنڌ سميت ڪاڇي جي باري ۾ علمي ادبي شعور آندو. اڪبر خود سنڌي ٻاراڻي ادب جو هڪ اڪيڊمي هو. هن جي دوستي صرف سادڙن ۽ پيرن اُگھاڙن ٻالڪَن سان هوندي هُئي.
 

ٻار مستقبل جا معمار، ٻار من جا ٺار ۽ ٻار آئيندي جا مھندار ٿيندا آھن. ڪنھن به ملڪ ۽ قوم جو ڪُل سرمايو ٻار ئي ھجن ٿا. انھيءَ لاءِ ضروري آھي، ته اسان ٻارن جي جسماني نشو ونما سان گڏ سندن ذھني، اخلاقي ۽ سماجي تربيت به بھتر کان بھتر طريقي سان ڪريون. انھيءَ لاءِ گھڻي قدر اسان ليکڪن جو فرض بڻجي ٿو، ته  ٻارن لاءِ مُثبت ۽ سگھارو ادب لکي، انھن تائين پھچايون.

اسان جڏھن ٻاراڻي ادب تي نظر ٿا ڦيرايون، ته اسان کي کوڙ اھڙا نالا ملن ٿا، جن ٻاراڻو ادب لکي، ان ۾ پنھنجو حصو ڳنڍيو آھي. پر ٻولي ۽ ادب جا چند اھڙا به خاموش خدمتگار آھن، جن پنھنجي ھڙان وڙان ڏيئي، ادب جي واڌ ويجھه لاءِ ڪم ڪيو آھي. اھڙن خاموش خدمتگارن ۾ کلڻي ۽ ملڻي ماڻھوءَ فقير محمد سنڌي جو نالو به اچي ٿو. فقير محمد سنڌي، سنڌي ٻولي، ادب ۽ خاص طور تي ٻاراڻي ادب جي ڪتابن تي جيڪي تبصرا، تاثر، تجزيا ۽ تعارف لکيا آھن، اھي سڀ جو سڀ ادب جو قيمتي سرمايو آھن. ھاڻي وري ھن پنھنجي ان سرمائي کي ڪتابي شڪل ۾ آڻي، ٻاراڻي ادب جي خدمت ۾ ھڪ وِکَ اڳتي وڌائي آھي.

مُنھن تي ھر وقت مُرڪ سجائيندڙ فقير محمد سنڌي پنھنجي ھن نئين ڪتاب ٻاراڻي ادب جو تجزيو ۾ جيڪي به مضمون شامل ڪيا آھن، اھي پنھنجا ئي لکيل اٿس. ڪتاب ۾ ٻاراڻي ادب جي ڪل چوڏھن ڪتابن جو ذڪر ملي ٿو، جيڪي سڀ جو سڀ شاعريءَ تي آڌاريل آھن. جيڪڏھن انھن تجزياتي مضمونن ۾ ڪنھن ٻاراڻي ڪھاڻين جي ڪتاب کي به شامل ڪجي ھا ته ھوند، سون تي سھاڳو ٿي پوي ھا.

بھرحال ذڪر ھيٺ آيل ڪتاب ۾ جن چوڏھن ڪتابن تي لکيل تجزياتي، تعارفي ۽ اڀياسي مضمونن کي شامل ڪيو ويو آھي، انھن ۾: مِٺڙا ٻار ( زخمي چانڊيو )، ننڍڙا فرشتا پياريون پريون (ڊاڪٽر ذوالفقار سيال)، حق سُڃاڻ اي ٻار (آزاد بخاري)، گيت گلڙن لاءِ (استاد گل دايو) راقم، چنڊ به منھنجو رانديڪو  (ڊاڪٽر ذوالفقار سيال)، منھنجو ننڍپڻ (ڊاڪٽر ذوالفقار سيال)، منھنجو گُڏڙو منھنجي گڏڙِي (ڊاڪٽر ذوالفقار سيال) بابا مونکي ڪر نه ڌنار (مور مغيري)، قرآني قاعدو (حافظ عبدالستار ڪوريجو)، گِيتن جو گُلدستو  (محمد جواڻ جانب)،  ٽِم ٽِم تارا (عيسى ميمڻ)، پنھنجي دنيا ڌار (ڊاڪٽر ذوالفقار سيال)، شاگردن لاءِ تقريرون (عبدلحليم سومرو) ۽ گُلن جھڙي شاعري پوپٽ جھڙا ٻار (مختيار سمون) قابل، ذڪر آھن.

ڪتاب جي مھاڳ ۾ ناليواري شاعر، اديب ۽ تعليمدان مختيار سمون لکيو آھي، ته، سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ جيترا به ڪتاب موجود آھن، انھن ۾ ھيءُ ڪتاب ٻاراڻي ادب جو تجزيو ھڪ مُنفرد حيثيت جو حامل آھي، ڇاڪاڻ ته ھي ڪتاب نه شاعريءَ تي آڌاريل آھي، نه ئي فڪشن تي، جنھن ڏانھن ڪو ٻار گھڻو مائل ٿي سگھي پر ھي ڪتاب گھڻو تڻُو وڏن جي دلچسپيءَ جو موضوع آھي. ھو وڌيڪ لکي ٿو، ته ھن ڪتاب جو گھڻو مقصد ٻاراڻي ادب جي ڪجھه ڪتابن جو تعارفي، تنقيدي ۽ اڀياسي جائزو پيش ڪرڻ آھي.

محترم مُختيار سمون مھاڳ ۾ ھڪ ٻئي ھنڌ لکيو آھي، ته ھيءُ ڪتاب ٻاراڻي ادب جو تجزيو فقير محمد سنڌيءَ جو ٻاراڻي ادب سان عشق ۽ عرق ريزيءَ جو نتيجو آھي.قلمڪار پبليڪشن لاڙڪاڻي، جنھن ھيءُ ڪتاب شايع ڪيو آھي، انھيءَ جي روح روان جي - ايم رئيساڻي اداري پاران نوٽ ۾ لکي ٿو، ته ھي ڪتاب سنڌي ادب ۾ پنھنجي نوعيت جو پھريون ڪتاب آھي. جيڪو ٻارن جي ادب کي ھٿِي ڏيندو. فقير محمد سنڌيءَ کي اھڙي ڪتاب آڻڻ تي مبارڪون ھجن.

پنھنجن گُفتن ۾ ھر وقت ڪا نه ڪا مزاح شامل ڪري اُداس دِلين کي خوشيون ارپيندڙ فقير محمد سنڌي پنھنجي ڪتاب جي مقدمي ۾ لکي ٿو، ته ٻاروتڻ جي عظيم درسگاهه ماءُ جي ھنجَ آھي. جنھن ۾ ٻار ماءُ جي لولِي ۽ ٻولي ٻُڌي سِکي ٿو. اھڙي منظر کي ڪنھن به دور ۾ قيد نٿو ڪري سگھجي. جڏھن کان انساني ماءُ جي ھنجَ جو تصور آھي، تڏھن کان ادب، ٻولي،  قِصا ۽ گِيت سرجيا آھن، اھڙين حقيقتن کي آڏو رکندي دنيا جي اندر ٻارن لاءِ ادب تخليق ٿيو. ھو اڳتي لکي ٿو، ته پاڻ جڏھن سنڌي ادب تي نظر وجھنداسين، ته انگريزن جي دور ۾ جڏھن سنڌي لپي تيار ٿي، ته سنڌ جي ليکڪن آکاڻين، درسي ڪتابن ۽ ترجمن جي لکڻ جي شروعات ڪئي. 1853ع کان 1920ع تائين جي دور کي تعميري ۽ جدت وارو دور چئي سگھون ٿا. فقير محمد سنڌي پنھنجي ھن ڪتاب ٻاراڻي ادب جو تجزيو ۾ 1853ع ۾ مُنشي اُڌا رام ٿانور داس جي درسي ڪتاب ۽ 1854ع ۾ ننديرام ميراڻيءَ پاران، ڪتاب ايسپ جي آکاڻين جي ڪيل ترجمي واري ذڪر کان پوءِ سال 2024ع تائين مختيار احمد ملاح جي ڪتاب ٻاراڻي ادب جي تاريخ“  تائين جي اڪثر ٻاراڻي ادب جي ڪتابن، رسالن ۽ مختلف اخبارن پاران شايع ٿيندڙ ٻارن لاءِ ادبي صفحن جو به باريڪ بينيءَ سان ذڪر ڪيو آھي، جيڪو ھڪ پر مغز ۽ ڏکيو تحقيقي ڪم آھي. انھيءَ ڪم کي فقير محمد سنڌيءَ خوش اسلوبيءَ سان نڀايو آھي. ڪتاب جو ليکڪ انھيءَ محنت طلب ڪم بابت  مقدمي ۾ ھڪ ھنڌ پاڻ ئي لکيو آھي، ته منزل تي پھچڻ آسان ڪونھي، پر ارادي جو اٽل ھئڻ ضروري آھي. ليکڪ جي ھيءَ ڳالھه به  سؤ  سيڪڙو درست آھي.

ڀاءُ فقير محمد سنڌي پنھنجي ھن ڪتاب جي ارپنا سنڌي ٻاراڻي ادب جي سگھارين شخصيتن، ڪشنچند بيوس، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، پروفيسر مختيار سمون  ۽ ٻارن جي ايڌھي حاجي انور علي کوکر جي نانءُ ڪئي آھي. فقير محمد سنڌي پنھنجي ھن ڪتاب ۾ مددي ڪتابن ۽ رسالن جو به ذڪر ڪيو آھي. انھن شخصيتن جو به ذڪر ڪيو آھي، جن  ھن ڪم ۾ سندس مدد ڪئي آھي. انھن نالن ۾: ڊاڪٽر بدر ڌامراھو، سعيد چانڊيو، مختيار سمون ۽ حسن مجتبى شامل آھن.

مددي ڪتابن ۽ شخصيتن جو ذڪر ڪري، فقير محمد سنڌيءَ ايمانداري ۽ نيڪ نيتيءَ جو مظاھرو ڪيو آھي. ھن ڪتاب جي ٽائيٽل تي ھڪ ڪتب خاني جي عڪس سان گڏ، ھڪ ٻار جي خوبصورت تصوير به ڏنل آھي. جنھن مان ظاھر ٿئي ٿو، ته ٻار جو ڪتابن ۽ ڪتب خانن سان ائين ئي ويجھو رشتو ھجي، جيئن ڏيکاريو ويو آھي.

ھن ڪتاب ٻاراڻي ادب جو تجزيو جي بئڪ ٽائيٽل تي ليکڪ جي تصوير سان گڏ نامياري تاريخدان، مُحقق ۽ اديب ڊاڪٽر بدر ڌامراھو جو ڪتاب بابت تاثر به لکيل آھي. پنھنجي تاثر ۾ ڊاڪٽر صاحب ھڪ ھنڌ لکي ٿو، ته سنڌي ادب ۾ حقيقي تنقيد جي تمام گھڻي اڻاٺِ رھي آھي. پر تنھن ھوندي به، حقيقي تنقيد لکجي پيئي. ھيءُ ڪتاب اھڙين تنقيدن جو ڳٽڪو آھي. مواد توڙي مقصديت جي لحاظ کان منجھس بھترين تنقيدون شامل آھن. ھي ڪتاب سنڌي ادب جي تاريخ جي تنقيد واري باب ۾ اھم جاءِ والاريندو.

منھنجو ذاتي خيال آھي، ته ھن ڪتاب ۾ جيڪي به مضمون ڏنل آھن، اھي تجزياتي، اڀياسي ۽ تعارفي مضمون آھن. انھن مضمونن ۾ ھڪ به مضمون تنقيدي ڪونھي. ڇاڪاڻ ته تنقيدي مضمون لکڻ لاءِ لکڻيءَ جي خوبين ۽ خامين وارن ٻنھي پاسن کي ظاھر ڪيو ويندو آھي ۽ ان جي بھتريءَ لاءِ پنھنجي راءِ به رکبي آھي. پر ڪتاب ۾ شامل سڀئي مضمون فقط تعريف، تعارف ۽ تجزيي تي آڌاريل آھن. جيڪڏھن مان غلط آھيان، ته منھنجي رھنمائي ڪئي وڃي.

ايڊيٽر / سب ايڊيٽر

محترمه نجمه پنھور/محترم رفيق جمالي، ڪلاس پنجين کان اٺين ڪلاس تائين جي شاگردن جي لاءِ وقت جي اھميت  تي بھترين  تقرير موڪلي رھيو آھيان. منھنجو اوھان کي عرض آهي، ته  گُل ڦُل رسالي ۾ تقريرن جو سلسلو ھڪ بھترين سلسلو ثابت ٿيندو. جنھن تي ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي بھترين تقريرون لکي سگھجن ٿيون، جنھن سان اسڪولن ۾ ان قسم جي مواد جي کوٽ جو پورائو ڪري سگھجي ٿو. اوھان جيڪڏهن ان سلسلي کي اھميت جوڳو سمجھو، ته ھر مھيني نون عنوانن سان  تقريرون موڪلي سگھجن ٿيون.

منير حيدر لغاري

سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ شهدادپور

محترمه ايڊيٽر صاحبه السلام عليڪم: بھترين ۽ معلوماتي رسالو ٻارن جي ھٿن تائين پھچائڻ ۾ توھان کي ۽ توھان جي پوري ٽيم کي لک مبارڪون ھجن. سنڌي ادب ۾ اھا ھڪ عظيم خدمت آھي. اسان جي پبلڪ اسڪول ميرپورخاص جي ٻارن تائين رسالو پھتو، ٻارن نه صرف واکاڻ ڪئي، پر ڪجھه ڪھاڻيون به لکيون آهن. انھن ۾ حنيف ھوت، جمنا، شيزان ملڪاڻي، محمد عائش، فريحه، صمد مھوش بتول ۽ ٻين ٻارن سٺي ڪوشش ڪئي آهي. منھنجي وڏي خواھش آھي، ته پبلڪ اسڪول ميرپورخاص جي هر هڪ ٻار جي هٿ ۾ هي گُل ڦُل رسالو پھچايان. ان لاءِ تمام گھڻي ڪوشش ڪريان پيو. وقتاً بوقتاً انھن ٻارن جي ڪوششن کي مانُ ڏيندا رھو. ربّ سائين اوهان کي ۽ اوهان جي پوري ٽيم کي سدائين سلامت رکي.

(آمين)

امر ادريس درس

پبلڪ اسڪول ميرپورخاص، سنڌ

***

محترمه ايڊيٽر صاحبه السلام عليڪم: ربّ سائين اوهان کي ۽ اوهان جي پوري ٽيم کي حفظ ۽ امانَ ۾ رکي. ڪاميابي ۽ سربُلندي عطا فرمائي. (آمين) گُل ڦُل رسالو ربّ تعالى جي ڪرم سان بُلندين تي پھچي رهيو آهي. هر مضمون، ڪھاڻي، نعت ۽ حمّد پُر اثر هوندي آهي.  اسان جا لکندڙ ڀينر ۽ ڀائر ماشاءَالله وڏي محنت ۽ دلجوئي سان ڪم ڪري رهيا آهن ۽ گُل ڦُل جي پوري ٽيم به مبارڪباد جي مستحق آهي. ربّ تعالى توهان اسان سڀني جي محنتن کي قبول فرمائي. (آمين)

ٻه نعتون اوهان ڏي موڪلي رهيو آهيان جيڪي مان مدرسي ۾ طالب علمي (پڙهڻ) جي دوران ٺاهيون هيون. الحمد لله منھنجي اُستادن کي به پسند آيون. هن کان اڳي به پنھنجي ساٿي (مقبول عباسي) جي مشوري ۽ ترغيب ڏيڻ تي اوهان ڏي موڪليون، جيڪي اوهان شايع ڪيون. سُٺي موٽ ملي. اوهان جو نھايت ٿورائتو آھيان.اُميد ته منھنجي ھڪ درود شريف واري نعت ۽ ٻيو ٻارڙن لاءِ ترانو ٺاھيل، پنھنجي هن قيمتي رسالي ۾ شايع ڪندا.

محترمه، منھنجيون ٻيون به نعتون ٺاهيل آهن اهي به اوهان ڏي موڪليندو رهندس. مان الحمّدلله مدرس (اُستاد) آهيان. شام جو ٻارڙن کي ناظره قرآن شريف پڙهائيندو آهيان . صبح جو پنھنجي مادر علمي مدرسه دارالعلوم فضليه سيدو باغ ۾ ٻارڙن کي پڙهائيندو آهيان. اُميد ته اوهان دعائن ۾ ياد رکندا ۽ موقعو ملي ته اسان جي اداري ۾ تشريف کڻي ايندا، خدمت جو موقعو ضرور ڏيندا. اسان جي ڳوٺ جي ڀرسان چنيھاڻي ڳوٺ ۾ عثمانيه لائبريري آهي، ان ۾ ڪتابن جو ڪافي تعداد موجود آهي. اُتي علم جا اُڃارا پري پري کان علم جي اُڃ اُجھائڻ لاءِ ايندا آهن. ان جو سنڀاليندڙ نيڪ مرد سائين محمد عثمان عباسي صاحب آهن. حقيقت ۾ هيءُ گُل ڦُل رسالو اسان جي تعلقي ڪنڊياري ۾ ان جي ئي محنتن سان هر هڪ پڙهندڙ تائين پھچي رهيو آهي. ربّ پاڪ سائينءَ کي ان جو اجر عطا فرمائيندو.

نعيم احمد عباسي

چنيهاڻي/ڪنڊيارو

***

السلام عليڪم، محترم محمد رفيق جمالي صاحب اُميد ته اوهان پنھنجي ٽيم سان خوش ۽ آباد هوندا. اوهان جي ڪوششن سان هاڻ رسالو باقائده هر مھيني پھچي رهيو آهي. هن دفعي ٻارن جا فوٽو ۽ انٽرويو اوهان جي خدمت ۾ موڪلي رهيو آهيان. اُميد ته انھن کي رسالي ۾ ضرور شامل ڪندا ته نوازش ٿيندي.

علي محمد پلهه

ڳوٺ: پلهه شاهپور چاڪر

***

محترمه ايڊيٽر صاحبه السلام عليڪم، اوهان جا رسالا مارچ ۽ اپريل 2024ع جا ورتا. ٻارن جا انٽرويو دادو ۽ ڄام شوري جا پڙهيا ڏاڍا اسان کي پسند آيا. لطيفي لات جو سلسلو ڪارائتو آهي. سلسلو خطن وارو ٻه پنا ڪيو وڃي ته بھتر ٿيندو، ته جيئن اسان مسڪين خط لکي سگھون. گُل ڦُل رسالي ۾ هي اسان جو مواد شايع ڪندا ۽ آءٌ پراڻو ساليانو خريدار به آهيان.

محرم علي شيخ

ليلا آباد محلو لاڙڪاڻو.

***

محترمه ايڊيٽر نجمه پنھور صاحبه ۽ محترم سب ايڊيٽر رفيق جمالي صاحب عرض گذارش آهي، ته منھنجو ھيءُ لکيل گيت سنڌي ٻولي، سنڌي ثقافت، سنڌي تھذيب ۽ سنڌي ادب جي شان ۾ لکيل آھي، جنھن کي اوھان پنھنجي رسالي گُل ڦُل ۾ شامل ڪندا. اوھان جو نھايت شڪرگذار رھندس.

محمد پناهه بروهي

شڪارپور سنڌ.
 

لطيفي لات جو نتيجو

نومبر 2024ع جي ماهوار شماري  ۾ لطيفي لات جي سلسلي ۾ ڏنل بيت ”سُر بلاول جي داستان ٻئي جو يارهون نمبر بيت آهي.

بيت جي سمجھاڻي ۽ مفھوم:

جکري جھڙو (عظيم) انسان (ھن دنيا جي) ڪنھن طرف ۽ ڪنھن ڏس ۾ ڪٿي به نظر نٿو اچي (هجي ته نظر اچي!) هو (حضرت محمد صلي الله عليه وسلم) سڀني پيغمبرن ۽ رسولن  جو اڳواڻ ۽ مھندار آھي (انھيءَ ڪري سندس مانُ ۽ مرتبو به سڀني کان وڌيڪ آهي.) اهو انھيءَ مالڪ ۽ ۽ آقا جو وڏو احسان آھي. جنھن اھڙو ھادي ۽ رھبر ملايو.

بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:

*شهزاد علي: ڪلاس اٺون، مخدوم غلام حيدر گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا نوان.

*علي حيدر علوي: ڪلاس چوٿون، اقصى ماڊل اسڪول هالا نوان.

*عمار علي: ڪلاس پنجون، هادي بخش ڇٽو اسڪول آراضي سيوهڻ.

*آذان علي: ڪلاس ٽيون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول آراضي سيوهڻ.

*ڪونين زهرى: ڪلاس ٻيون، گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول آراضي سيوهڻ.

*فيروز علي: ڪلاس اٺون، مخدوم غلام حيدر گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا نوان.

*ذوالقرنين علوي: ڪلاس ڇھون، اقصى ماڊل اسڪول هالا نوان.

*جواد علي سوڍڙو: ڪلاس پنجون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول هالا نوان.

*انيبا فرحان: دي رائيٽ وي ايجوڪيشنل اڪيڊمي ڳوٺ باغ ڀٽي حيدرآباد.

*مهراڻ ياسين آرائين: ڪلاس ڏهون، هاءِ اسڪول ڦلجي اسٽيشن دادو.

*ميرب زهرى: ڪلاس ٽيون، روشني گرامر اسڪول آراضي سيوهڻ.

*عبدالسميع: ڪلاس ستون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري اسڪول بکر جمالي.

*سعد الله ڏاهري: ڪلاس ستون، اسد پبلڪ هائير سيڪينڊري اسڪول شاهپور جھانيان.

*مزراب غلام حيدر: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول آراضي سيوهڻ.

*رونق علي: ڪلاس چوٿون، اقصى ماڊل اسڪول هالا نوان.

*حسنين علي: ڪلاس اٺون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول هالا نوان.

بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان ڪونين زهرى جو ڪُڻو نڪتو آهي، کيس سنڌي ادبي بورڊ پاران گُل ڦُل جي ڪاپي موڪلجي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org