سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل ڊسمبر  2024ع

باب:

صفحو:3 

 

ڊاڪٽر غلام مصطفى سولنگي

ڪراچي

بُو علي سينا

مسلمان سائنسدان

بخارا جو والي نوح بن منصور هڪ لاعلاج بيماري ۾ مبتلا ٿي ويو. وڏا وڏا ماهر طبيب سندس علاج ڪري ٿڪجي پيا ۽ نيٺ لاچاري ڏيکاريائون. اها ڳالھه جڏهن سترنھن سالن جي هڪ نوجوان جي ڪنن تي پئي، ته هن پنھنجيون خدمتون پيش ڪيون ۽ حيرت انگيز طور تي نوح بن منصور چاڪ چڱو ڀلو ٿي ويو! پاڻ ان ذهين نوجوان کي پنھنجي درٻار ۾ گھرايائين ۽ کيس وڏا وڏا انعام اڪرام ڏيڻ چاھيائين پر ھن نوجوان انڪار ڪيو، ۽ اھا خواھش ظاھر ڪئي، ته کيس شاهي ڪُتب خاني ۾ ويھي ڪتاب پڙهڻ جي اجازت ڏني وڃي.

ٻارؤ! اهو نوجوان ابو علي حسين بن عبدالله هيو. جيڪو تاريخ ۾ شخ الرئيسبو علي سينا يا ابن سينا جي نالي سان مشھور آهي. مغربي ملڪن جا ماڻھو کيس اوي سينا جي نالي سان سڏيندا آهن.

ابو علي حسين بن عبدالله 980ع ۾ بخارا جي ويجھو افشانا ۾ پيدا ٿيو. سندس ڏاڏي جو نالو سينا هيو. هن ڏهن سالن جي عمر ۾ قرآن شريف ياد ڪري ورتو. گڏوگڏ عربي ۽ فارسيءَ ۾ پڻ ننڍي عمر ۾ ئي وڏي مھارت حاصل ڪري ورتي ھيائين. محمود مساح جي نالي ھڪ سبزي فروش کان رياضيءَ جو علم به سکي ورتائين. فلسفي ۽ طبيعات جا علم ابو عبدالله ناتليءَ کان حاصل ڪيائين. سندس گھڻو ڌيان طب ڏانھن ھيو، تنھنڪري ٿوري ئي عرصي ۾ طب تي پڻ گھڻو عبور حاصل ڪري ورتائين.

بو علي سينا شاھي ڪتب خاني مان ڀرپور لاڀ پرايو ۽ لڳ ڀڳ سڀ ڪتاب پڙھي ورتا. گڏوگڏ مکيه لکڻين جا نوٽس به لکي ورتا. انھن ڏينھن ۾ ھو ڪجھه ڪلاڪ سُمھڻ کان سواءِ ڏينھن رات ڪتابن جي مطالعي ۾ مصروف رھندو ھو.

1002ع ۾ ابن سينا خوارزم ھليو ويو. اُتي هو علي بن مامون ۽ پوءِ ابو العباس مامون جي درٻار سان ڏهن سالن تائين واڳيل رهيو. ابو العباس وڏو علم دوست حڪمران هيو. مشھور فاتح سلطان محمود غزنويءَ کي جڏھن خبر پئي ته ابو العباس جي درٻار ۾ بو علي سينا، البيروني خمار، ابو سھل مسيحي جھڙا عالم فاضل موجود آھن، ته هن پنھنجو ايلچي موڪليو ته انھن سڀني عالمن کي هڪدم غزنيءَ روانو ڪيو وڃي.

البيروني ۽ خمار غزني وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويا پر بوعلي سينا ۽ ابو سھل مسيحيءَ جرجان جي راهه ورتي. رستي ۾ هڪ وڏي طوفان اچڻ ڪري اهي ٻئي رستو ڀُلجي پيا، ۽ چئن ڏينھن تائين ڀٽڪندا رهيا. ابو سھل مسيحي بُک ۽ اُڃ برداشت نه ڪري سگھيو پر بو علي سينا هڪ سونھين جي مدد سان بچي نڪتو ۽ نيٺ جرجان پھچي ويو.

هيڏانھن وري محمود غزنويءَ بو علي سينا کي گرفتار ڪرائڻ جي لاءِ سندس تصويرون ٺاھي مختلف شھرن ۾ موڪلي ڇڏيون ھيون، تنھن ڪري گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ هن ري (ايران) جو رخ ڪيو. ري ۾ رهڻ دوران هن پنھنجي جڳ مشھور ڪتاب القانون في الطب جو ڳچ حصو لکي ورتو. ھن ري جي حڪمران مجدد الدوله کي لڳل مرض ماليخوليا جو به علاج ڪيو. ڪجھه عرصي کان پوءِ بو علي سينا همدان جي والي شمس الدوله وٽ هليو ويو.

هڪ ڏينھن شمس الدوله کي قولنج جو سُور پيو، ته بو علي سينا جي علاج سان کيس آرام ملي ويو. شمس الدوله کيس انعامن اڪرامن سان مالا مال ڪري ڇڏيو ۽ جلد ئي کيس پنھنجو وزير اعظم مقرر ڪري ڇڏيائين. شمس الدوله جي وفات کان پوءِ سندس پٽ تخت نشين ٿيو، ته اهڙيون حالتون پيدا ٿيون جو بُو علي سينا کي روپوش ٿيڻو پيو. اُن روپوشيءَ دوران هن الشفاء جو چڱو خاصو حصو لکي ورتو. پوءِ جلد ئي کيس گرفتار ڪري جيل اُماڻيو ويو.

انھن ڏينھن ۾ اصفھان جي والي علاؤالدوله همدان تي حملو ڪيو، ته بوعلي سينا کي جيل مان ڇوٽڪارو مليو. هاڻي هو علاؤالدوله سان گڏ اصفھان هليو ويو. جتي هن القانون ۽ الشفاء ٻئي ڪتاب مڪمل ڪري ورتا. هن دانش نامه علائي به اتي ئي لکيو. هي ڪتاب فارسي ٻوليءَ ۾ سائنس جو پھريون ڪتاب آھي.

بوعلي سينا جو ڪتاب القانون في الطب طبي علمن جو انسائڪلوپيڊيا آھي، جيڪو ڏھن لکن کان وڌيڪ لفظن ۽ پنجن جلدن تي مشتمل آھي. پھرين جلد ۾ انساني جسم جو مڪمل تفصيل لکيل آھي. ان لحاظ کان اھو تشريح الاعضاء يعني (ايناٽامي Anatomy) ۽ افعال الاعضاء يعني (فزيالاجي Physiology) تي مشتمل آھي. ٻئي جلد ۾ سڀئي مفرد دوائن جون خاصيتون لکيل آھن. ٽئين ۽ چوٿين جلد ۾ سوين بيمارين جو تفصيلي ذڪر ٿيل آهي. پنجون جلد مختلف بيمارين جي علاج جي نسخن تي مشتمل آهي. يورپ جي سڀني ميڊيڪل ڪاليجن ۾ اٺن صدين تائين، القانون في طب جا ترجما پڙهايا ويا. هاڻوڪي زماني ۾ جيتوڻيڪ طب تمام گھڻي ترقي ڪئي آهي، پر دنيا جي جديد کان جديد ميڊيڪل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ اڄ به ميڊيڪل پڙهائڻ جو ڍانچو اهو ئي آهي، جيڪو بوعلي سينا ترتيب ڏنو هو.

بوعلي سينا جي ٻئي مشھور ڪتاب الشفاء ۾ فلسفي، طبيعات، ڪيميا، رياضي، حياتيات ۽ موسيقيءَ تي مضمون شامل آهن. هن ڪتاب ۾ بوعلي سينا طبيعات، رياضي ۽ ماجد الطبيعات کي )نظري علم Theoretical Science) ۽ اخلاقيات، معاشيات ۽ سياسيات کي علمي عمل (Applied Science) سڏيو آهي.

روشنيءَ جي باري ۾ بوعلي سينا لکي ٿو، ته اها اهڙن ذرڙن تي مشتمل هوندي آهي، جيڪي روشن جسم مان نڪرندا آهن. قطر ۽ ويڪر جي پيمائش لاءِ جيڪو پئمانو ورنيئر ڪئليپر استعمال ٿئي ٿو، تنھن جو موجد به بوعلي سينا آهي. بو علي سينا قوت، خلاء، ڪثافت اضافي ۽ انفينٽي (Infinity) تي به وڏي سطح جو ڪم ڪيو. هن هڪ قسم جو هوائي ٿرماميٽر به ايجاد ڪيو هو. پاڻ وقت ۽ حرڪت جي گڏيل لاڳاپن جي پڻ تفصيلي وضاحت ڪئي هئائين. ان کان سواءِ بوعلي سينا معدنيات تي تمام گھڻي کوجنا ڪئي. ان ڏس ۾ سندس کوجنا تيرهين صديءَ جي يورپ جي ارضياتي ماهرن لاءِ بنيادي علم جو ڪم ڏنو. بوعلي سينا ان دؤر جي ان نظريي جو مخالف هيو، ته ٽامي جھڙي ڌات کي سون جھڙي ڌات ۾ تبديل ڪري سگھجي ٿو.

بوعلي سينا مشھور جاگرافيدان بطليموس جي ڪتاب المجسطي جو خلاصو مختصر المجسطي جي نالي سان لکيو. ھي ڪتاب جاگرافي جي علم جو بنياد آھي.

بو علي سينا مختلف علمن تي 450 ڪتاب لکيا، جن مان رڳو 240 بچي ويا.  ھن فلسفي تي 150 ڪتاب، علم طب تي 40 ڪتاب لکيا.

علم ۽ ڏاھپ جو ھيءُ ڏيئو 56 سالن جي عمر ۾ 1037ع ۾ ھمدان ۾ وسامي ويو. پر سندس روشني قيامت تائين جِھيڻي ڪونه ٿيندي.

}ادارو{

انساني دل ڪيئن ڪم ڪري ٿي؟

دل توهان جي جسم ۾ رت جي گردش کي ڪنٽرول ڪري ٿي ۽ جسم جو هڪ اهم حصو آهي. هتي دل جي ڪم ڪرڻ جو طريقو بيان ڪيو ويو آهي.

* دل جا حصا: دل چار خانن تي مشتمل هوندي آهي. ٻن مٿين خانن کي ايٽريا (Atria) ۽ ٻن هيٺين خانن کي وينٽريڪلز (Ventricles) چيو ويندو آهي.

* رت جي گردش: دل سڄي جسم ۾ رت پمپ ڪري ٿي. ساڄو ايٽريا  (Atria)  رت وصول ڪري ٿو. جيڪو جسم مان واپس اچي ٿو ۽ ساڄي وينٽريڪلز ۾ وڃي ٿو. پوءِ هي رت ڦڦڙن ۾ وڃي ٿو، جتي ان کي آڪسيجن ملي ٿي.

* آڪسيجن ٿيل رت. ڦڦڙن مان آڪسيجن ٿيل رت کاٻي ايٽريا  (Atria) ۾ داخل ٿئي ٿو. پوءِ کاٻو وينٽريڪل (Ventricles) سڄي جسم ۾ رت پمپ ڪري ٿو، ته جيئن جسم جي سڀني حصن کي آڪسيجن ملي سگھي.

* دل جا وال: دل ۾ مختلف وال هوندا آهن، جيڪي صحيح رُخ ۾ رت جي وهڪري کي ڪنٽرول ڪندا آهن ۽ رت جي وهڪري کي يقيني بڻائيندا آهن.

* دل جي دهڙڪڻ: دل جي دهڙڪن دل جي پمپنگ عمل کي ڳڻپ ڪري ٿي. هي ڌڙڪن دل جي عُضون جي ٺھڻ ۽ وڌائڻ سان پيدا ٿئي ٿي.

***

تارا ڪيئن ڪم ڪن ٿا؟

تارا گھڻو دلچسپ ۽ ڏکيا جسم آهن. جيڪي بنيادي طور تي هائيڊروجن ۽ هيليم گيسن سان ٺھيل هوندا آهن. انھن جو ڪم ڪرڻ جو طريقو ڪجھه هن ريت آهي.

* نيوڪليئر فيوزن: تارا پنھنجي مرڪز ۾ نيوڪليئر جي عمل سان توانائي پيدا ڪن ٿا. ان عمل ۾ ھائيڊروجن جا آئٽم پاڻ ۾ ملي ڪري ھيليم ٺاھيندا آھن، جنھن مان گھڻي مقدار ۾ توانائي خارج ٿيندي آھي.

* توانائي جي ترسيل: ھي توانائي تاري جي مرڪز کان، ان جي سطح تائين پھچندي آهي ۽ پوءِ روشني ۽ حرارت جي شڪل ۾ خلا ۾ خارج ٿيندي آهي.

* توازن: تاري جي اندروني داٻ ۽ ڪشش ثقل جي وچ ۾ توازن برقرار رھندو آھي، جنھن سان تارو پنھنجي شڪل ۽ سائز برقرار رکي ٿو.

* عمر جو مدو: تاري جي زندگي جو مدو ان جي شڪل تي منحصر ھوندو آھي. وڏا تارا تيزي سان فيوزن ڪندا آھن ۽ جلدي ختم ٿي ويندا آھن، جڏهن ته ننڍا تارا گھڻي دير تائين قائم رهندا آهن.

***

سگريٽ نوشي توهان جي جسم کي مختلف طريقن سان نقصان پهچائيندي آهي.

هتي ڪجهه اهم نقصان بيان ڪجن ٿا.

* ڦڦڙن جا نقصان: سگريٽ جو دونھون ڦڦڙن ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ جسم جي ساخت کي نقصان پھچائي ٿو. اھو ڦڦڙن جي بيمارين کي روڪي سگھي ٿو. جھڙوڪ: دائمي برونڪائٽس ۽ ايمفيسيما جو خطرو وڌي ٿو.

* دل جون بيماريون: سگريٽ نوشي دل جي بيمارين جو سبب بڻجي ٿي. اھو دل جي شريانن ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري ٿو. جيڪو دل جو دورو ڪري سگھي ٿو.

* ڪينسر: سگريٽ نوشي مختلف قسمن جي ڪينسر جو سبب بڻجي ٿي، خاص ڪري ڦڦڙن، وات - گلي، مثاني جي ڪينسر جو خطرو وڌي وڃي ٿو.

* نفس جي نظام جا مسئلا: سگريٽ جو دونھون نفس جي نظام کي مُتاثر ڪري ٿو، ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي ۽ کنگھه جھڙا مسئلا پيدا ٿين ٿا.

* چمڙيءَ جو نُقصان. سگريٽ نوشي پڻ چمڙيءَ کي نُقصان پھچائيندو آھي، چمڙيءَ جي عمر ۽ چھري جي عمل کي تيز ڪري ٿي.

سگريٽ نوشي ڇڏڻ سان توھان جي صحت بھتر ٿي سگھي ٿي اُنھن بيمارين جي خطري کي گھٽائي سگھي ٿي.

سگريٽ نوشي سان ٽي. بي (T.B) جھڙو موضي مرض ٿي پوندو آھي. جنھن سبب مريض کي بخار، کنگھه ۽ پوءِ ڦڦڙن مان رت اچڻ شروع ٿي ويندو ۽ پوءِ هيءُ مرض جسم جي ٻين حصن ۾ پکڙندو آهي.

**

فقير شان سيوهاڻي (سيوهڻ)

سُٺا ٻار ضد ناهن ڪندا

اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي، ته اسڪول ويندڙ ٻار کي خرچيءَ تي هيرايو ويو آهي. اسڪول وڃڻ لاءِ ڪجھه نه ڪجھه پنھنجي وِتَ آھر خرچي ڏني ويندي آھي، ته جيئن رسيس مھل ٻار ڪا نه ڪا شيءِ وٺي کائي. پر اها خرچي ڪڏهن والدين جي کيسي ۾ هوندي آهي يا وري ڪڏهن نه به هوندي آهي. ٻار اسڪول جي تياريءَ کان پوءِ عادت موجب چوندو آهي، ته خرچي ڏيو. اهڙيءَ طرح منصور کي پنھنجي ماءُ اسڪول جي لاءِ تيار ڪري وڃڻ لاءِ چيو، ته منصور پنھنجي ماءُ کان خرچي گھري. سندس ماءُ خرچيءَ جو ٻُڌي پريشان ٿي وئي. ان ڪري جو سندس وٽ اڄ منصور لاءِ خرچي نه هئي. منصور جو پيءُ مزدور هو ۽ مزدوري ڪري گھر جو پيٽ گذران ڪندو هو. ڪجھه ڏينھن کان مزدوري نه هجڻ ڪري گھر ۾ پئسا ڪونه هئا. هو اڄ به جلدي گھر مان مزدوري جي تلاش ۾ نڪري ويو هو. منصور جي امڙ  منصور کي چيو، ته پُٽَ اڄ خرچي ڪونه آهي. اسڪول ويجھو آھي موڪل ملندئي، ته اچي ماني گھر کائجان. اھو جواب ٻُڌي منصور پنھنجو ڪتابن جو ٿيلھو لاھي کٽ ٿي رکي روئڻھارڪو ٿي بيھي رھيو ۽ ضد ڪري بيھي رھيو ۽ چوڻ لڳو، ته امان ٻيا ٻار رسيس ۾ شيءِ وٺي کائيندا ۽ آءٌ انھن کي ويٺو ڏسان؟ نه نه مون کي خرچي ڏي ته پوءِ اسڪول ويندس. اهو ٻُڌي ماءُ جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي آيا ۽ بيوس ٿي پُٽ ڏي نھارڻ لڳي. منصور جو ابو ۽ امان اها خواهش ڪري پُٽ کي اسڪول ۾ پڙهائيندا هئا، ته منصور پڙهي لکي علم وارو بنجي ۽ سندس زندگي سُٺي گذري. منصور هينئر پنجين ڪلاس ۾ پڙهندو هو ۽ سوچ سمجھه وارو هو. پر هو اڄ ضد ڪري رهيو هو. هر ڪنھن ٻار جا والدين چاھيندا آھن، ته سندن ٻار پڙهن لکن ۽ معاشري ۾ سُٺا انسان بنجن. پر ٻار کي انھن ڳالھين جي پوءِ خبر پوندي آھي، جڏھن وڏا ٿين ٿا ۽ اڻ پڙھيلن کي ڏسي اھو ضرور سوچيندا آھن، ته آءٌ جيڪڏهن پڙهان ها، ته جاهل نه هجان ها! علم جو قدر جيڪڏهن ڏسڻو آهي، ته اڻ پڙهيلن کان پڇو.

پيارا ٻارؤ! ان ڪري ڪڏهن به خرچيءَ لاءِ ضد نه ڪجي. والدين اوهان تان قربان ٿيڻ لاءِ تيار هوندا آهن. توهان جا انگل کڻندا آهن. هو توهان کي خوش ڏسڻ چاهين ٿا. اها سوچ ضرور رکو، ته ابو ۽ امان توهان جي سُک لاءِ ڇا ڇا نٿا ڪن. خرچيءَ جي نه هجڻ جي ڪري، پنھنجي پڙهائي نه ڇڏڻ گھرجي. اچو ته اھو عھد ڪريون، ته پنھنجي والدين سان ضد نه ڪنداسين. هنن وٽ اوهان لاءِ پئسا هوندا، ته هو توهان کي ضرور ڏيندا ۽ توهان کي سڪائيندا ڪونه.

سُٺا ٻار ضد ناهن ڪندا.

 

آخوند نور احمد ڏهوٽ

ڦلجي اسٽيشن دادو

موچيءَ جو پُٽ ”باٽا ڪمپني“ جو مالڪ ڪيئن بڻيو؟

 

قديم دور ۾ هڪ ڳوٺ هو، جتي اڪثر موچي رهندا هئا ۽ جوتا ٺاهي روزي روٽي ڪمائيندا هئا. زلين ڳوٺ جيڪو هن وقت دنيا جو وڏو ڪاروباري مرڪز آهي. هيءُ شھر چيڪو سلوواڪيا ۾ آھي. ٽامس باٽا به موچي جو پٽ هو. هن جو خاندان سالن کان هي ڪم ڪري رهيو هو. هن سوچيو ته هو ائين زندگي نه گذاريندو، هن جي ڀيڻ آنا، ڀاءُ انٽوني باٽا ۽ هن گڏجي 21 سيپٽمبر 1894ع ۾ باٽا ڪمپني ٺاهي. هنن جي ڳوٺ ۾ ريل جون پٽڙيون نه هيون ۽ گھٽيون به ڪچيون هيون. هنن ڪجھه مزور رکيا ۽ ڪم هلندو رهيو. آهستي آهستي مشينون لڳايون ۽ هنن جي پروڊڪٽ وڌيڪ به ٺھي پئي ۽ ملڪن ۾ مشھور به ٿي وئي، وڏي ترقي پڻ ڪئي. باٽا هڪ ڏاهو ۽ دورانديش شخص هو ۽ هن محسوس ڪيو ته چمڙي جا جوتا سخت ۽ ڀاري آهن، هن 1896ع ۾ ڪينوس جا جوتا ٺاهيا جيڪي هلڪا، ديرپا، سستا ۽ خوبصورت هئا. ان وقت هنن وٽ 120 ماڻھو ڪم ڪن پيا، جڏھن ريل جي پٽڙي وڇائي وئي، ته انھن اتي ڪمپني شفٽ ڪئي ۽ ڪيترائي شوروم کوليا. ڪمپنيءَ ۾ ٻاڦ جو

پريشر لڳرايو، ورڪشاپ ٺاهيو ۽ مشينون لڳايون. 1904ع ۾ هن آمريڪا ۽ جرمني جي فيڪٽرين جا دورا ڪيا، هن هينري فورڊ کان ڪيتريون نيون شيون سکيون ۽ باٽا کي بين الاقوامي ڪمپني ٺاهيو. باٽا پنھنجي فيڪٽري کي ته بھتر ڪيو، پر ڳوٺ لاءِ روڊ، رستا، اسڪول ۽ قرض لاءِ بينڪ به ٺاهي. ان کان سواءِ ٽرانسپورٽ، گرڊ اسٽيشن ۽ ورڪرس لاءِ گھر پڻ ٺھرايا.

سال 1910ع ۾ پھريون ڀيرو فوجي بوٽ ٺاھيو، پھرين جنگ عظيم ۾ لکين فوجي بوٽ ٺاھڻ جو آرڊر مليو ۽ سندس ورڪر 4000 تائين پھتا. ڏسندي ڏسندي باٽا دنيا جي وڏين ڪمپنين ۾ شمار ٿيڻ لڳو ۽ سندس ڪاروبار پوري دنيا ۾ ڦھلجي ويو، گڏيل ھندستان ۾ 1942ع ۾ باٽا جا شوروم کُليا ھئا ۽ 1951ع ۾ پاڪستان ۾ ھنن جو ڪاروبار شروع ٿيو، جنھن پاڪستان جي اڪنامي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. ھن وقت به پاڪستان ۾ هزارين دڪان آهن، جن تي ڪيترائي ماڻھو روزگار ڪري رهيا آهن. باٽا ڪمپني جي پروڊڪٽ جو نالو پوري دنيا ۾ مشھور ۽ بھترين ڪوالٽي لاءِ آھي.

پھرين جنگ عظيم کان پوءِ 1918ع ۾ باٽا ڪمپني لاءِ معاشي بحران آيو ۽ پھريون ڀيرو قيمتن ۾ گھٽتائي ڪري سيل لڳايو ويو، جنھن ۾ 40 سيڪڙو رعايت ڏني وئي. يورپ ۾ ڪيترائي دڪان کوليا ويا، جن جي اڄ تائين ڪاروبار جاري آھي. پھرين جنگ عظيم کان پوءِ باٽا 14 فيڪٽريون ٺاھي چڪو ھو. ھن زلين شھر کان 10 ڪلوميٽر پري ننڍا جھاز ٺاھڻ جي فيڪٽري لڳائي، بدقسمتيءَ سان ٽامس باٽا 12 جولاءِ 1932ع ۾ ھڪ جھاز حادثي ۾ فوت ٿي ويو.

ھن پنھنجي شھر جي ماڻھن لاءِ گھڻي کان گھڻا ادارا ۽ سھولتون پيدا ڪيون. ھن جي شھر جي خواندگي شرح 100 سيڪڙو ٿي وئي، ھر ماڻھو روزگار سان ھو. ھن اتي پھريون دفعو سو منزله عمارت ٺھرائي، جيڪا اڄ تائين قائم آھي. پوءِ ھن جي پٽ جونيئر باٽا فيڪٽريون سنڀاليون، ٻي جنگ عظيم ۾ ھن جون فيڪٽريون تباھه ٿي ويون. پوءِ هي ڪئناڊا شفٽ ٿي ويو. اتي بزنس شروع ڪيو ۽ ڪجھه وقت کان پوءِ واپس زلين شھر آيو ۽ پنھنجي فيڪٽرين کي شروع ڪيو.

سال 1970ع ۾ 98 فيڪٽريون ۽ 90000 ورڪر هئا. اڍائي ڪروڙ سالانه جوتا ٺاهيندا هئا. انھن 5000 کان وڌيڪ ڊزائينون ٺاھيون. جنھن ۾ اسڪول شُوز، اسپورٽس شُوز ۽ ڪيترن قسمن جا بوٽ ۽ سينڊل ٺاھيا. زلين پراگ کان 400 ڪلوميٽر پري آھي. جتي ھن ھڪ يونيورسٽي پڻ ٺاھي ھئي. باٽا جي خاندان جا ماڻھو زلين شھر ۾ نه ٿا رهن، هو الڳ الڳ ڪاروبار ڪن ٿا. اتي هڪ عجائب گھر به آهي. جنھن ۾ مالڪن جون تصويرون، شيون ۽ جوتا رکيل آھن. دروازي تي ٽامس باٽا جو مجسمو لڳل آھي. باٽا ڪمپني بند ته ٿي سگھي ٿي، پر ٽامس باٽا جو نالو ھميشه زنده رهندو. هو نه فقط ڪاروباري شخص هو، پر انسانيت جو محسن پڻ هو. بھترين ڪردار جو مالڪ هو. ان ڪري جيترو باٽا جي پراڊڪٽ کي ياد ڪن ٿا، اوتروئي ٽامس باٽا به ياد رهندو.

}پيارا ٻارؤ! توهان ڏٺو ته هڪ شخص جڏهن ڪنھن ڪم جو پڪو ارادو ڪري ٿو، ته اهو ڪامياب ٿئي ٿو. هڪ موچي جو پُٽ جنھن ارادو ڪيو، ته مان پنھنجي ابن ڏاڏن وارو ڪم ڪري مري ويندس. پر ان ڪاروبار کي مشيني طريقي سان ترقي وٺرائي. دنيا ۾ ان جو اڄ به ڪاروبار جاري آهي ۽ ٽامس باٽا کي انساني خدمت ڪرڻ جي ڪري به ياد ڪيو وڃي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org