سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل ڊسمبر 2024ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: نجمه پنهور

[14]

اَتِ اُبَتو آرُ، مُنھنجي موجَ نه سَھي مَڪُرِي

ميڙي مَٺايُن جو بيحَد چاڙهيُم بارُ

چَوَڻُ چارو ناه ڪو بَديُون بي شُمارُ

ڪَپَرُ ڪارُونڀارُ، اُڪاريين اِحسانَ سِين.

سمجھاڻي: سمنڊ جي بي انت پاڻيءَ ۾ تمام تکو ابتو ڦيرو (گرداب) لڳو پيو آهي ۽ منھنجي (ڪمزور) ٻيڙي پاڻيءَ جي موج (زور) ۽ تِک نٿي سھي سگھي. مون پنھنجي زندگيءَ جا سڀ ڏوھه گناهه گڏ ڪري حد کان وڌيڪ بار کنيو آهي.اي مولى سائين، مان ڇا چئي ڇا چوان، منھنجيون بديون (بڇڙايون) بي شمار آهن. اڳيان ڪنارو اونداهو ۽ اونھو آهي، اهڙيءَ صورت ۾ تون ئي پنھنجو احسان (مھرباني) ڪر ۽ مون کي اڪاري پار ڪر.

[15]

جِتي وَنجَھه نه واهَ، چَپا چُرَنِ ڪِينَ ڪِين

ڪِشتِي ڪاغَذ ڪَچَ جي، چاڙِهيمِ مَنجھا چاهَ

پَسِي سَختِي سَمُنڊَر جِي ماندا ٿِيا مَلاحَ

شَرَمُ رَکِين تُون شاهَ، لائِقَ لاڳي جا ڌَڻِي!

سمجھاڻي: ٻيڙي سمنڊ ۾ اهڙي اونھي پاڻيءَ جي ڪُن ۾ اچي ڦاٿي آھي، جو اتي نه ڪو ونجھه لڳي ٿو ۽ نه ڪا ٻي واهه بچي آهي. پاڻيءَ ۾ ايترو زور آهي، جو چپا (ڪيڏي به زور سان) چُرن ئي ڪونه ٿا. (تڏهن مون سمجھيو) منھنجي ٻيڙي ته ڄڻ ڪچن ڪاغذن (بيڪار شين) مان ٺھيل آهي، جيڪا مون حرص مان کڻي هلائي آهي. سمنڊ جي اها دهشت ڏسي (قابل) ملاح ۽ ناکئا به پريشان ٿي ويا آهن. اي مالڪ، تون هاڻي منھنجي پت رک. بيشڪ توکي ئي نذر نياز جُڳائي (اسان کي تنھنجي ٻانھپ ئي سونھي ٿي ۽ تون ئي ھر ڏکئي وقت ۾ حفاظت ڪرڻ وارو آھين.)

[16]

لَھرِين ليکو ناههِ ڪو، ڪَپَرَ ڪُنَ ڪارا

آڇاڙا عَمِيقَ جا اَچَن اوڀارا

اُٿِي اَسَارا، وِيرَ وَرندِيَئِه ويسَرا.

سمجھاڻي: (سمنڊ جي سطح تي) لھرين جو حد حساب ڪونھي (انھن جو اڻ کٽ سلسلو آھي) ۽ اڳيان اونداھا ۽ ڪارا ڪُن ۽ ڪنارا آھن. اونھي سمنڊ ۾ اٿندڙ وڏيون لھرون (اجگر بنجي) مٿي پيون اُڀرن. او غافل، اُٿ خبردار ٿيءُ، جيڪڏھن تنھنجي اھا سستي ڪکن مان ٺھيل ھيءَ ڪمزور ٻيڙي رھي ته وڏي وِير (ڪنھن به مھل) توکي غرق ڪري ڇڏيندي.

شاهه جو رسالو

]سُر سري راڳ - داستان ٻيو. محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سمجھاڻي ۽ مفھوم: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ[

 

 

غلام محمد غازي

شڪارپور

دُعا

 

جا چپن تي ٿي رهي هردم دعا،

سا قبولج تون اسان جي يا خدا.

 

تون خالق، تون ئي مالڪ ربّ رحيم،

تو سوا ڪو، ڪونه آ مشڪل ڪُشا.

 

تنھنجي اڳيان سِرُ جھڪايون ٿا اسين،

توکي ھردم ساريون ربّ الّاعلى،

 

صحت ڏي سڀني کي اي حاذق حڪيم،

درد ڪر سارا دفع ۽ ڏي شفاءَ.

 

علم جي تون سونھن سان سينگار مون،

۽ وٺائج تون سڌو رستو سدا.

 

جھول تنھنجي در تي غازيءَ آ جھلي،

ڀر اھا ئي ڀرجھلا مالڪ مٺا.

 

 

وفا مولا بخش

حيدرآباد

 

 

نعت

مِڙن کان مٿانهان مديني جا سائين!

اسان تي عنايت ڪرين تون سدائين.

 

زماني ۾ جن جو نه ڪو واهرُو آ،

وسيلو تنھن جو فقط تون آهين.

 

جتي ڪير ڪنھن جو سھارو نه هوندو،

اسان کي اُتي شال پنھنجو بڻائين.

 

اندر ۾ اھا آس سانڍيو وتان ٿو،

حياتيءَ ۾ روضو پرين  تون پَسائين!

 

وفا تنھنجي رحمت مان مايوس ناھي،

ڪڏھن مھر جو مينھن تنھن تي وَسائين.


 

اُستاد بخاري

دادو

 

سونهاري سنڌ

جيئي جيئي پياري سنڌ!

سونھاري سوڀاري سنڌ!

جيئي جيئي پياري سنڌ!

ديس مڙيئي سُھڻا، سُٺڙا،

مڙني ۾ موچاري سنڌ!

جيئي جيئي پياري سنڌ!

شاهه، سچل ۽ ساميءَ واري،

تو واري، مون واري سنڌ!

جيئي جيئي پياري سنڌ!

دولھه دريا خان، بلاول،

دودي، هوشوءَ جياري سنڌ!

جيئي جيئي پياري سنڌ!

لاڙ، سرو، وچ، ڪاڇو ۽ ٿر،

چوڌاري گلزاري سنڌ!

جيئي جيئي پياري سنڌ!

جاڳيو هاري، جاڳي ناري،

جاڳي ٿي پئي ساري سنڌ!

جيئي جيئي پياري سنڌ!


 

ارباب علي عادل چوهاڻ

شڪارپور

 

سنڌ جا ٻالڪ

ٻالڪ پائن ڪپڙا سُھڻا،

دل کي خوب لڳن من مھڻا.

 

ٻالڪ گُلڙن وانگر سُھڻا،

سُندر سارا ھردم کلڻا.

 

گُل ڦُل جھڙا تن جا چھرا،

ھردم آھن صاف ۽ سُٿرا.

 

گُلشن ۾ جيئن گُلڙا مھڪن،

گھر گھر ۾ تيئن ٻالڪ ٻھڪن.

 

منھنجي سنڌ جا سارا ٻالڪ،

بلڪل آھن ڏاھا ٻالڪ.

 

ٻالڪ صاف سدائين دل جا،

ڪم ڀي نيڪي وارا ڪن ٿا.

 

ٻالڪ مَن جا اُجرا بلڪل،

شيشي وانگر آهه سندن دل.

 

ٻالڪ سچ ڳالھائن ھردم،

سچ وارن جا سڏجن ھمدم.

 

عادل جي اکڙين جا تارا،

ٻالڪ ھمت ڀريا سارا.

***

اين-ايم سومرو

ڪنڌڪوٽ

 

وڏائي

وڏائي بدن مان ڪڍي ڇڏجي ٻارو،

وڏن سان سدائين، ادب سان هلجي.

 

سڀن ساڻ، شفقت ۽ محبت سان ملجي،

ڪري نياز نوڙت، انھن سان ملجي.

 

بدن ۾ صفائي جو پيدا ڪجي گُڻ،

اندر ۾ سچائيءَ جو پيدا ڪجي گُڻ.

 

اھا ئي اسان جي فضيلت آ ٻارو،

وڏائي تڪبر ڪڍي ڇڏجي ٻارو.

 

 


اياز گل

سکر

سالگرھه جي مبارڪ

گُل ڦُل ڦھلائي سرھاڻ سُرھاڻ،

ٻارن لئه ڪي خوشيون آڻ،

شال هزارين ورهيه ماڻ،

شال هزارين ورهيه ماڻ،

سالگرهه مبارڪ توکي.

تنھنجي ھرھڪ لکڻي پياري،

تنھنجي آھي ڳالھه نياري،

پنھنجي توسان پڪي ياري،

ٽُٽڻي ناھي جيڪا ھاڻ،

شال ھزارين ورھيه ماڻ،

سالگرهه مبارڪ توکي.

ٻار سِکن جيئن سِڪ ۽ پيار،

ڪونه گذاري ڪنھن کان ڌار،

گُل ڦُل! اهڙو ٻارڻ ٻار،

چوڌاري تنھنجي واکاڻ،

شال هزارين ورهيه ماڻ،

سالگرهه مبارڪ توکي.

 

عزيز احمد علوي

شڪارپور

سنڌ سُونهاري

سنڌ سونھاري پياري آھي،

سُھڻي ساوڪ واري آهي.

 

آڳاٽِي آ، سنڌ اسان جي،

سنڌُو ندِي جت جاري آهي.

 

قسمين قسمين ميوا هن ۾،

هر جا باغ بھاري آهي.

 

گُل ڦُل وڻ ٽِڻ ساوا ٻُوٽا،

اهڙي هت گُلزاري آهي.

 

سنڌ ۾ اعلى گئس ذخيرا،

کاڻ ٿرڪول نياري آهي.

 

پنھنجي ٻولي سنڌي پياري،

بلڪل سا ٻاجھاري آهي.

 

شھر، جبل، ٻيلا، وادِي،

ڪينجھر پڻ موچاري آهي.

 

سنڌ جي ڇا ساراهه ڪيان مان،

بيشڪ ڀونءَ ڀلاري آهي.

 

ساري عزيز نصيب واري،

اُلفت واري سارِي آهي.

***

ناشاد شوڪت شنباڻي

ڪوٽڏجي/خيرپور

سنڌڙي

باغ بھاريون ديس نرالو،

سنڌڙي تنھنجو ويس نرالو.

 

تنھنجا هاري کيتَ کٿُوري،

خوشبو خوشبو سنڌ سموري.

 

موهن ۽ مڪليءَ جا ڀاڻا،

ماڻھو مور مکڻ جا چاڻا.

 

سورهيه جھڙا مور ڄڻيا تو،

هوشو ڪي شھزور ڄڻيا تو.

 

سنڌ ۾ شاھ سچل جو ديرو،

ايندو شل ڪوئي نه انڌيرو.

 

ڀينڊَ ڀِتر سان چاھ رهي ٿو،

تو ۾ سڀ جو ساھ رهي ٿو.


 

علي محمد سولنگي

دادو

اجرڪ

اجرڪ سنڌ جي آهي ثقافت،

اجرڪ ساڻُ اسانکي محبت.

 

اجرڪ عزت شانُ اسانجو،

اجرڪ آهي مانُ اسانجو.

 

اوڇڻُ آ عورت جو اجرڪ،

اهڃاڻ آ الفت جو اجرڪ.

 

ڪنھن کي نياڻي، سام ڪبو آ،

ان جي مٿي، اجرڪ رکبو آ.

 

مرد جي اوڍي، سوڍو سڏجي،

ھوشو، ھيمون، دودو سڏجي.

 

گھوٽ کي ٽوپي اجرڪ پارائين،

ڪي اجرڪ جي پڳ ٻڌرائين.

 

ھالن جو مشھور آ اجرڪ،

گلڪاريءَ ۾ اعلى بيشڪ.

 

ٻار اگر، اجرڪ پھرن ٿا،

گرميءَ سرديءَ کان ته بچن ٿا.

 

اجرڪ پنھنجي سڃاڻپ آهي،

اجرڪ جھڙو تحفو ناھي.

خاور قبولائي

قاضي احمد

هل اسڪول

منھنجي ڳالھه کي مَڃُ مقبول،

آءُ هـــــــلي آ هـــــــل اســـــــــڪول.

 

ٽن ٽن ٽن گھنڊُ وڳو،

منھنجي پويان آءُ ڀڳو،

منھنجو رايو ڪر قبول،

آءُ هلي آ هل اسڪول.

 

توکي ڪھڙي مونجھه مُجھايو،

چئُه ته ڀلا ڪنھن ٿئي ڳالھايو،

ڳالھه لڪاءِ نه مون کان مولَ،

آءُ هلي آ هل اسڪول.

 

صبح سان اُٿندو ڪر تون ساجھر،

علم ئي ڪم ايندو آ آخر،

روز جو ڪر تون هي معمول،

آءُ هلي آ هل اسڪول.

 

ايڏو ڇا لئه ٿو گھٻرائين،

مار کان پيو ٿو لھرائين،

سائين ناھي هڻندو رول،

آءُ هلي آ هل اسڪول.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org