شفيق عاصم منگي
شڪارپور
ننڍڙا ٻار
نَنڍِڙا ٻارَ جيءَ جيارَ،
اَبيَ اَمڙ جا اکين ٺار.
سُھڻا ٻُولِن ٻَاتا ٻولَ،
ڪيڏا پِيارا اَکَر اُچارَ.
عِلمُ شَمعَ جي جوتِ جَلائي،
دَيسَ ۾ ھرسُو ڪَن اُجارَ.
ٿِڙَڻُ ٿاٻِڙڻ وِکَ وَڌائڻُ،
مِڙئِي سي مَنِزل آثارَ.
سوچَ مَٿانھين اَعلى عَقُل جن،
جُرڪَي تَن سان سَڀ سَنسار.
محنَت عَظمتَ ڄاڻِن سارا،
ڏِس سَمجَھن ٿا عِزتَ وقار.
جوشُ جَذبا
’عاصم‘
اُتاھان،
ڪِٿ پئي پُسجَي تِت ماٺار.
منظور گل صديقي
سهڻا ٻار
ننڍڙا مٺڙا سُھڻا ٻار،
پنھنجي حالت پاڻ سُڌار.
وڏن جو جي تون چوڻ مڃيندين،
وڏو ٿي تون صاحب ٿيندين.
ھرڪو توتان ويندو ٻلھار،
شوق سان ننڍڙا تون جي پڙھندين.
ھر ڪنھن کي پيو تون ئي وڻندين.
ھرڪو توسان ڪندو پيار.
ھاڻي ئي ڪر جو توکي ڪرڻو آ،
ھي وقت نه تولاءِ ورڻو آ،
وقت جي تيز اٿئي اُڏار،
ڪوڙ کان هردم پاسو ڪر.
سچن جي دل ۾ واسو ڪر،
ڪوڙ جو دل ۾ ڌيان ئي نه ڌار.
وڏو ٿي شل جوڌو ٿئين،
هيمون دريا ۽ دودو ٿئين.
غلام نبي اوٺو
ٿرپارڪر
غزل
ايڪ ڏُون ڏُون، ٻه ڏُون چار,
پُٽڙا! ٿي اسڪول لئي تيار.
ٽي ڏُون ڇھ، چار ڏُون اٺَ،
جلدي تياري ڪري تون وٺ.
پنج ڏُون ڏھه، ڇھ ڏُون ٻارھن،
بس بيٺي آھي گھر جي ٻاھران.
ست ڏُون چوڏھن، اٺ ڏُون سورھن،
سبق به ياد ڪيا ٿم پورا ٻارھن.
نوَ ڏُون ارڙھن، ڏھه ڏُون ويھه،
بابا! ھل ڏي اسڪول جي فيء.
***
محمد پناهه بروهي
شڪارپور
سنڌي گيت
اچو پيارا سنڌي پنھنجي ڪيون مٺي ٻولي،
تنھنجي منھنجي پياري ٻولي سنڌي سٺي سؤلي.
سدائين سلامت سنڌ آ صَدين کان،
ڪري ربّ آباد بچائي بَدِينِ کان،
سنڌ امڙ واهه، تنھنجي ڇانوَ ۽ جھولي.
سنڌ جي ثقافت، تھذيب پراڻي،
سونھن حُسن ۾ دنيا جي راڻي،
دري اسلام لاءِ سنڌ آ کولي.
سنڌي ٽوپي اجرڪ پيار مروت،
سنڌي سڀ سورھيه نڪي نٺ نفرت،
امن واري سندِين ماءُ ڏني آ لولي.
رهندا سدائين سنڌ جا هي خيري،
مري ويندا مٽجي دشمن ۽ ويري،
سُھڻو ويس سنڌي آھي گگھو ۽ چولي.
’بروهي
پناهه‘
پاڻ سنڌ جو سڏائي،
سنڌ جي شان ۾ پيو شعر گيت ڳائي،
جيئي سنڌ جيئي سدا سنڌ جي ٻولي.
ريحانه فتح خان کوسو
عمرڪوٽ
ٻار جي نفسيات ۽ اسڪول
ٻار جي اسڪول ڏانھن پھرين وک، والدين لاءِ خوشيءَ
جو لمحو ھوندو آھي. والدين پاران اولاد جي بھتر
مستقبل لاءِ سانڍيل سوين خوابن جي ساڀيان طرف اھو
پتڪڙو پھريون قدم، جيڪو بلاشبه والدين لاءِ باعث
خوشي ھوندو آھي.
اسڪول جو پھريون ڏينھن ھر ٻار لاءِ ھڪجھڙو ناھي
ھوندو. ڪجھ ٻار اسڪول جي پھرين ڏينھن تي پرجوش
ھوندا آھن، پر ڪجھ ٻارن کي وري نيئن ماحول سان
جُڙڻ لاءِ وڌيڪ وقت درڪار ھوندو آھي. چوڻ جو مطلب
ته، ھر ٻار ٻئي ٻار کان مختلف ھوندو آھي. انھي ڪري
ضروري ڪونھي ته سڀ ٻار اسڪول جي پھرين ڏينھن تي
پريشان ٿيندا ھجن، پر جيڪو ٻار پھريون دفعو گھر
کان ٻاھر، اجنبي ماڻھن جي ھجوم ۾، ڏينھن جو اڌ حصو
والدين کان پري گذاري، جتي سندس خيال رکڻ وارو ڪير
به نه ھجي. ته انھي ٻار کي نئين ماحول سان ڳانڍاپي
لاءِ ۽ ماڻھن جي روين کي سمجھڻ لاءِ ڪجھه وقت
درڪار هوندو آهي. اوچتو ايندڙ تبديليءَ کي جلد
قبول ناھي ڪري سگھندو. انھي افراتفري جي صورتحال ۾
ٻار اڻڄاتل خوف ۽ ذھني دٻاءُ جو شڪار ٿي پوندو
آھي، جنھن سبب اسڪول نه وڃڻ جا بھانا يا والدين کي
اسڪول نه موڪلڻ جي ضد ڪرڻ شروع ڪندو آھي، جيڪا
والدين لاءِ پڻ پريشانيءَ جھڙي ڳالھه ھجي ٿي، ۽
والدين ٻار تي زبردستي اسڪول وڃڻ لاءِ زور ڀرڻ
شروع ڪري ڇڏين ٿا. انھي نازڪ ۽ افراتفري واري
صورتحال دوران، والدين جو مثبت رويو ۽ ڪردار ئي
ٻار کي اسڪول وڃڻ لاءِ مائل ڪري سگھي ٿو. والدين
جو مثبت رويو کين آسپاس جي ماڻھن سان رابطا بحال
رکڻ لاءِ معاون ثابت ٿيندو آھي، جيڪو ٻارن جي سکڻ
جي استعداد ۾ اضافو ڪري ٿو.
انھي ڪري ٻارن جي ذھني صحت جو خاص خيال رکيو وڃي.
والدين کي پريشان ٿيڻ يا ٻار تي ڪنھن به قسم جو
دٻاءُ وجھڻ ۽ ڊيڄارڻ بدران، ٻارن جي اھڙي منفي
ردعمل جو سنجيدگيءَ سان جائزو وٺڻ گھرجي. ياد رکو
ته ڪنھن به قسم جو مسلسل تناؤ يا خوف واري ڪيفيت،
ٻار جي دماغي نشونما تي منفي اثر ڇڏي ٿو. جنھن جو
خطرناڪ اثر دماغ جي اڳين حصي جيڪو فيصلي سازي،
اعصابي دٻاءُ کي برداشت ڪرڻ ۽ ماڻھن کي سمجھڻ ۾
مدد ڪري ٿو. سو شديد متاثر ٿيندو آھي، جنھن جا
منفي اثرات
’طويل
المدت‘
رھي سگھن ٿا. اھڙي ٻار ۾ ٻُڌڻ جي صلاحيت ۾ ڪمزوري،
ذھني صلاحيت ۾ گھٽتائي، پڙھڻ ۾ دلچسپي نه ڏيکارڻ ۽
نوان
دوست نه ٺاھي سگھڻ جھڙا عنصر نمايان ٿي ايندا آھن.
ائين ھڪ ٻار گھٻرائجي مونجھاري جو شڪار ٿي، ننڍپڻ
جي خوبصورت يادگيرين کان محروم رهجي ويندو آھي!
والدين کي گھرجي ته ٻار سان دوستاڻو سنٻنڌ ڳنڍين،
ته جيئن اسڪول جي شروعاتي ڏينھن دؤران، ٻار پنھنجا
احساس، جذبا، خيال ۽ پريشان ڪندڙ وسوسن واري ڪيفيت
کان کين آگاهه ڪري سگھي. ٻارن کي اسڪول موڪلڻ لاء
والدين لاءِ چند اھم ڳالھيون ھيٺ بيان ڪجن ٿيون:
*
ٻارجي شخصيت بڻائڻ ۾ والدين ۽ آس پاس جي ماحول
کانپوءِ اسڪول جو اھم ڪردار ھوندو آھي، تنھنڪري
پنھنجي ٻار لاءِ بھترين اسڪول جو انتخاب ڪيو، جتي
بھترين تعليم سان گڏوگڏ تربيتي سکيا پڻ ڏني وڃي.
ذھني يا جسماني تشدد جو تصور بلڪل به نه ھجي.
اسڪولي ماحول خوشگوار ۽ سمورو اسٽاف خوش گفتار ۽
سھڻي اخلاق جو مالڪ ھجي.
*
اسڪول موڪلڻ لاءِ ٻار جي عمر گھٽ ۾ گھٽ
4
کان
5
سال ھئڻ گھرجي.
*
اسڪول موڪلڻ کان اڳ ٻار کي ذھني طور تي اسڪول لاءِ
تيار ڪرڻ ضروري آھي. کيس اسڪول بابت خوبصورت منظر
ڪشي ڪري ٻڌايو ۽ اسڪول جو دؤرو پڻ ڪرايو، ته جيئن
اسڪول جو خوف پيدا نه ٿئي.
*
اسڪول جي عادت وجھڻ ۽ نئين ماحول کي سمجھڻ لاءِ
ٻار کي شروعات ۾ ٻه ڪلاڪ لاءِ اسڪول موڪليو، پوءِ
بھتر نتائج اچڻ کانپوءِ ڪلاڪ کن روزانو اضافو ڪندا
وڃو.
*
اسڪول موڪلڻ کانپوءِ ٻار کي پنھنجو ٿيلھو پاڻ ٺاھڻ
۽ شيون سنڀالڻ سيکاريو، ته جيئن پاڻمرادو اسڪول
وڃڻ لاءِ سندن دلچسپي وڌي سگھي.
*
ٻار جڏھن اسڪول کان واپس اچي، ته کانئن اسڪول جي
پھرين ڏينھن بابت دريافت ڪيو. ائين ڪرڻ سان ٻارن ۾
فيصلي سازيءَ جي صلاحيت ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ جي
دماغي استعداد ۾ اضافو ٿيندو.
ٻار لاءِ اسڪول جو پھريون ڏينھن خوشگوار بڻائڻ ۾
سندن مدد ڪيو. جيڪڏھن ٻار ڪنھن مونجھاري خوف يا
گھٻراھٽ جو شڪار آھي ته کين سمجھايو ته ائين محسوس
ڪرڻ بلڪل فطري طور تي آھي، ان ۾ پريشان ٿيڻ جوڳي
ڳالھ ناھي. انھن جو خوف ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪيو، ته
جئين ٻار اسڪولي سرگرمين ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاري
سگھي.
ڊاڪٽر رشيده ڀٽي
ڄام شورو
اُستادن جو عالمي ڏينهن
اُستادن جي هن عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي، کين ياد
ڪندي خوبصورت، قابل احترام، لفظن سان گڏ انھن
يادگار لمحن کي ياد ڪرڻ جو مقصد اهو آهي، ته سندن
خدمتن جو اعتراف ڪندي، انھن لاءِ دعائون ڪجن. انھن
بيشمار ڏينھن منجھان ڪجھه اھڙا به آھن، جن کي
انمول تحفو چئي سگھجي ٿو. ڪجھه اُستاد به ناياب
هوندا آهن. اسان جي زندگيءَ منجھه به ڪجھه
اُستادن جا وڌيڪ اثرات مرتب ٿيا. اسان جي قابل
احترام ھستي، نياز ۽ نوڙت جو پيڪر، نھايت ھمدرديءَ
جو مجسمو، ھر خاص و عام سان ملنسار اُستاد آپا سگي
ڀاٽيا. الله تعالى کين نيڪين جو صلو ڏيڻ
فرمائيندو.
پرائمري اسڪولن جي پڙھائي، تعليم و تربيت، اُستادن
جي حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ (ھيڊ، يعني
ايڊمنسٽريٽو) سخت اُصولن جو پابند، مادري زبان جي
اھميت جو خيال رکڻ، مختلف سماجي طبقن جي ٻارڙن
سان ھڪ جھڙو خيال رکڻ گھرجي. ڪنھن به قوم جي
معمارن جي صحت و تندرستيءَ جو نھايت خاص خيال رکيو
وڃي، ته جيئن اسٽينڊرڊ ۽ نارمل حالات ۾ روزمره جي
اسڪول حاضري
سؤ سيڪڙو يقني طور بڻائڻ وغيره.
وليم آرٿر جي قول مطابق، اسان جي پياري اُستادن کي
ڪڏھن به پاڻ کي گھٽ ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گھرجي. پر
ھميشه ڪلاس ۾ ھشاش بشاش ٿي پڙھائڻ کپي، صرف ڪتاب
کولي سبق پڙھي ٻُڌائي ڇڏي ۽ ڪلاس منجھان ھليو وڃي،
ته ان کي معمولي اُستاد سڏيو ويندو، پر جيڪڏهن هن
ھڪ سٺو اُستاد بڻجي سبق جي معنى مطلب سمجھايو،
ته ان کي،
’سُٺي
اُستاد‘
جو لقب ملندو، پر جيڪڏهن اڃان به اُستاد وڌيڪ محبت
سان محنت و مشقت ڪري، ان مضمون کي وڌيڪ خوش اسلوبي
سان لاڳاپيل اعلى مقصدن ڏانھن رجوع ڪيو، ته اعلى
درجي جو عظيم اُستاد جي لقب سان نوازيو ويندو، پر
جي انھن جي سمجھائڻ جي ڪوششن ۽ شاگردن جي دلين ۾
جاءِ ولاري ورتي، ته پوء اهو اُستاد شاگردن جي
دلين تي راڄ ڪري، ھميشه لاءِ ھڪ عظيم اُستاد بڻجي
ويندو آهي. مادري زبان جي حيثيت ۽ اھميت کي
اُجاگر ڪرڻ لاءِ ڄاڻ فراهم ڪرڻ جو مڪمل تعارف
ڪرائيندي، چٽو موقف اختيار ڪيو وڃي، ته جيئن حالات
نارمل ٿي سگھن.
اُستادن جي هن عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي، کين ياد
ڪندي خوبصورت، قابل احترام، لفظن سان گڏ انھن
يادگار لمحن کي ياد ڪرڻ جو مقصد اهو آهي، ته سندن
خدمتن جي اعتراف ڪندي، انھن لاءِ دعائون ڪجن. انھن
بيشمار ڏينھن منجھان ڪجھه اھڙا به آھن، جن کي
انمول تحفو چئي سگھجي ٿو. ڪجھه اُستاد به ناياب
هوندا آهن. اسان جي زندگيءَ منجھه به ڪجھ اُستادن
جا وڌيڪ اثرات مرتب ٿيا. اسان جي قابل احترام
ھستي، نياز ۽ نوڙت جو پيڪر، نھايت ھمدردي جو
مجسمو، ھر خاص و عام، سان ملنسار اُستاد آپا
’سگي
ڀاٽيا‘
کي. الله تعالي کين نيڪين جو صلو ڏيڻ فرمائيندو.
بيشڪ، بلڪل ايئن ئي ٿيندو آهي. اڄوڪي دور جي جديد
عالمي ڏهاڙي تي، جتي اسان پنهنجن عظيم، اُستادن جو
ذڪر بي انتھا محبت، سڪ ۽ عزت و احترام سان ڪريون
ٿا. وليم
آرٿر جي قول کي جيڪڏهن اسان مشعل راھه بڻائي
وٺون، ته ھوند سڀ ڪجھه جيڪر آسان ٿي پوي. ڪلاس
اندر، شاگردن جي وچ ۾ صرف هڪ اُستاد هوندو آهي،
جنھن کي پوري طرح آزادي ھوندي آھي، ته ھو شاگردن
کي پنھنجي درسي ڪتابن سان گڏوگڏ، نصحيت آموز نقطا
ٻڌائي، درسي ڪتاب جي مضمون کي پھرين پڙھي ٻُڌائي،
پوءِ هڪ دفعو ٻارن کي پڙهڻ لاءِ چوي، ان بعد ان
مضمون جو مفھوم واضح طور بيان ڪري ٻڌائي، پوءِ ان
مضمون جي مقصد کي آسان لفظن ۾ سمجھائي، تنھن بعد
ان عظيم مقصدن کي زير بحث آڻي. شاگرد انھن مقصدن
کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.
اھڙي ريت محنت و مشقت سان اُستاد پنھنجي شاگردن
جي دلين ۾ ھميشه لاءِ چٽجي، ياد رکڻ جي لائق بڻجي
وڃي ٿو. |