الطاف جوکيو
محرابپور
ڏاڏي ٻانهي جي ڪچهري
ڏاڏو ٻانھو آهي ته نوي سال کان چڙهيل، پر قد ڪاٺ،
ڪم ڪار، ڳالھائڻ ٻولھائڻ وغيره ۾ پوڙهي اُٺ چواڻي
گھڻن کان ڏاڍو آھي. ڪتريل ڏاڙهي، پورا پنا شھپر،
ڳچيءَ تي کسي پھراڻ، موڪري شلوار، پير ۾ کيترو،
مٿي تي محرابي ٽوپي-اُهي سندس حُليا آهن. پراڻي
جُڳ جي ناتي ڳوٺ وارا کيس چڱو مڙس ئي سمجھندا آهن.
سنڌ جي مٽيءَ سان ملھائڻ ناتي سُگھڙ، مھماندار ۽
محبتي ماڻھو آهي. ڪنھن سان ڏاڍائي نه ڪبي، نه
سھبي!
ننڍن ٻارن ۽ شاگردن سان پيو وچڙندو؛ سوال جواب،
آڏيون پُڇائون، ڪچھريون، کل ڀوڳ رڳو ٻارن سان!
ڪچھريءَ دوران ڪا علمي گفتگو ڇِڙي ته ان دوران
سنگت ساٿ، ننڍي وڏي، پڪي پوڙهي مان ڪنھن جي به نه
ٻڌبي. وقت رڳو ٻارن ۽ شاگردن کي ئي ڏبو. چوندو:
”هي
اسان جي قوم جا رکوالا ۽ اڏيندڙ آهن، آئيندي جا
ابا آهن. هنن تي پنھنجو وقت خرچ ۽ جان مال کپايو،
اهي ئي اسان توهان جو ڳاٽ اوچو ڪندا!“
شاگردن مان سانول اچانڪ ڪَرُ کڻي ڏاڏي ٻانھي سان
ڳالھايو، ڪچھريءَ ۾ سڀ ويٺل خاموش ٿي ويا
”ڏاڏا،
اڄ اُستاد اسان کي ڳجُھارت ڏني هئي، ڪنھن به نه
ڀڳي، مان ڀڃي ڏيکاريمانس.“
ڏاڏو ٻانھو، جيڪو کٽ تي ٺونٺ ڀر ليٽيل هيو پڇيائين
ابا ڪھڙي؟
سانول:
”اها
ڪھڙي جنڙي آهي، جيڪا نڪ تي ويھي ٿي، ٻئي ڪنَ پڪڙي
ٿي؟“
مھراڻ امالڪ بُدڙڪو کائي، وراڻيو:
”ڏاڏا،
مان ٿو ٻُڌايانس، مان ..... عينڪ!“
ڪچھريءَ ۾ وهه واهه ٿي ويئي. امالڪ جواب تي سانول
جا تارا گول ٿي ويا. ڏاڏي ٻانھي دانھن ڪري چيُن
”اها
ڳجُھارت ته ڪانھي!“
سرواڻ:
”ڏاڏا،
اها ڳجُھارت ناهي ته ڪھڙي بلا آهي؟“
ڏاڏو ٻانھو:
”اها
اصل ۾ پرولي آهي. اهڙي قسم جي ڳجُھه لھڻ جون ڪافي
صنفون آهن، جھڙوڪ: پرولي، دستياڳ، گرو- چيلو
پرولي، ڏٺ، ڳجُھارت، هنر، دراهو، ڏور وغيره.“
سرواڻ:
”ڏاڏا،
پوءِ تون ئي کڻي سمجھاءِ. اسان کي ته انھن جي
سمجھه ئي نه آهي. اسان جي ليکي ته سڀ رڍون ٻُوٿ
ڪاريون!“
ڏاڏو ٻانھو:
”اها
سُٺي ڳالھه آهي، جو توهان ڪنھن شيءِ جي بنياد
تائين رسڻ جي جُستجو رکو ٿا. هاڻي ڌيان سان ٻُڌو!
پرولي،
پھيلي، چيستان لُغز يا رڊل (Riddle)
اهي مختلف ٻولين ۾ پروليءَ جا نالا آهن. هن ۾
پڇندڙ ڪنھن شيءِ جي شڪل، خاصيت يا ڪم، ڪنھن ٻيءَ
شيءِ سان ڀيٽي پرولي ٺاهيندو آهي. ڀڃڻ وارو سوچي
ويچاري نيٺ وڃي رَسندس. مثال: ڇھين مھيني جي
ڇوڪري، ڍڪيل ته زائفان، اگهاڙو ته مرد!“
سرواڻ:
”ڏاڏا،
ڀڃئون!“
ڏاڏو ٻانھو:
”بابا،
پھرين انھن صنفن کي سمجهو، پوءِ ويھي ڀڃنداسين ۽
ٽِڪيون به باسينداسين. ها ته ڳالھه پئي هلي
پروليءَ جي، ته اها اٿوَ،
’سارِي‘
جمع
’ساريُون‘
ڇھين مھيني جي ڇوڪريءَ مان مراد ڇھن مھينن جو فصل،
جيڪڏهن ڇلر ڇلڪي سان ڍڪيل هوندي ته سارِي (مؤنث)
سڏبي، پر جي ڇلڪو لاهبس ته چانور (مذڪر) ٿي پوندو.
اهڙي نموني پروليءَ جا ٻيا به نمونا آهن، پر ايترو
ڪافي اٿوَ.“
ٻيو نمونو آهي دستياڳ جو، جنھن ۾ تشبيھه سان اهڃاڻ
يا اشارو ڏيئي وري ڦري وڃبو، جيئن،
اڏامي ٿو عرش تي پکي به ناهي،
ڪن پڇ ڪُئي جھڙا، ڪئو به ناهي،
ڏينھن جو ويھي هجري ۾، مُلو به ناهي،
رات ساري سمھي ڪونه، فقير به ناهي،
اوندهه ۾ اُلرون ڪري، چور به ناهي،
ڀلا ٻڌايو ڇاهي؟“
سانول، مھراڻ، سرواڻ هڪ آواز چيو: مان ٿو
ٻڌايان..... چمڙو!
ڏاڏو ٻانھو:
”اڙي
بابا، مان رڳو سمجھايان ٿو، وارو آيو ته توهان جون
مَتيون منجھائيندس.“
هاڻي وارو آهي، گرو- چيلو پروليءَ جو. هن ۾ گُرو
(مرشد) پنھنجي چيلي کان ٽن سوالن جو هڪ ئي سبب
پڇندو آهي. يعني هڪ ئي لفظ سان ٽنھي سوالن جا جواب
اچي ويندا، جيئن:
رِلھي کٽ تي وڇائي، ٺھي ئي نه ٿي،
ڇوڪرڙي روئي ٿي، چپ ڪري ئي نه ٿي،
مٽيءَ مان دانگي ڪُني ٺھي ئي نه ٿي.
چئه چيلا ڪھڙي ڳالھه؟
پوءِ چيلو جواب ڏيندو:
”گڏِي
ناهي“.
پرولي سِڌي ايئن ٿيندي ته رلھي کٽ تي نه ٿي ٺھي،
جو ان کي گُڏي لڳل ناهي، ڇوڪرڙي ڪروڌ پئي ڪري، جو
کيڏڻ لاءِ گُڏي ناهيس، مٽيءَ مان ٿانوَ وغيره نه
ٿا ٺھن، جو ڪنڀر مٽي چڱيان گُڏِي ناهي.“
ڪچھريءَ جي رونق وڌندي ويئي، ننڍن توڻي وڏن وهه
واهه ڪئي ۽ چيائون:
”ڏاڏا،
وارو ڪر، اڃا ربّ جي ڏني مان سمجھاءِ، اسان ته
جھڙوڪر کوهه جي ڏيڏر جيان اوندهه ۾ هياسين.“
ڏاڏو ٻانھو:
”وري
ڏٺ بابت ٻُڌو! ڏٺَ ڪنھن شيءِ، واقعي يا عمل کي ڏسي
ڪري ٺاهبي آهي. اها صنف ڪجھه ڏکيرڙي آهي. ڪيئن خبر
پوي ته ڏٺ ڏيندڙ ڇا ڏسي آيو آهي!
ٻُڌو، هڪ همراهه سانپي کي ڪُنڍيءَ
۾ وجهي، مڇي مارڻ لاءِ درياهه جي ڪپ تي ويٺو، ٺاهڻ
واري ٺاهيو:
”مان
مري آيو آهيان تنھنجي لاءِ،
تون نه مرجان منھنجي لاءِ،
جي تون مرين ٿي، منھنجي لاءِ،
ته يار ويٺو اٿئي، تنھنجي لاءِ.“
هاڻي اها ڏٺ سڌي ايئن ٿيندي ته سانپو (مذڪر) مڇيءَ
(مؤنث) کي چوي ٿو، ته مون کي تنھنجي مارڻ لاءِ
ماريو اٿن. هاڻي تون مون کي کائڻ لاءِ نه مرجان
(سڪجان). جيڪڏهن تون، مون کي کائڻ لاءِ وس ڪندينءَ
ته مارِي تنھنجي مارڻ لاءِ تيار ويٺو اٿئي!“
”هاڻي
اچون ٿا ڳجُھارت تي! اهو لفظ ڳُجھه = لِڪُ + ارٿ =
مطلب، مان جُڙيو آهي. ڳُجھارت گھڻو ڪري نيم تاريخي
داستانن مان ئي ڏبي آھي. ھيءَ شيءِ اھو ڀڃي
سگھندو، جنھن وٽ ٻوليءَ جي لفظن جا ڀنڊار هجن، هوش
عقل هجي- ڄاڻ هجي. هن ۾ ٻه يا وڌيڪ پاوا رکي مقصد
کي ڳُجھو رکبو آهي. پوءِ ڀڃندڙ هڪ پائي جي حوالي
سان لفظ کڻندو ويندو، جتي گھربل لفظ آيو ته وهه
واهه ٿي ويندي. بعد ۾ ڏيندڙ سِڌي ڪري ٻُڌائيندو.
پائي ۾ مؤنث- مذڪر ۽ واحد- جمع جو خيال وڌ ۾ وڌ
رکڻو پوندو آهي. مثال:
’ذات جا ڪنديس ڪپڙا، پوک جا ڪنديس ڪانه!‘
ٻه پاوا:
’ذات
جا‘
۽
’پوک
جا‘
جمع مذڪر آهن. ڀڃندڙ پھرين ويندو ذاتيون کڻندو؛ جي
پورو نه پيو ته پوءِ ٻئي پائي لاءِ اهڙا لفظ
کڻندو، جيڪي
’پوک جا‘
سان ٺھڪاءَ ۾ اچن. مثال:
’پوک
جا‘:
چارا- سنگَ- ڪانا- لابارا- دَنَ وغيره. پر جڏهن
لفظ ٻيجا (سارِيءَ جو ٻيجو يا بصرن جو ٻيجارو) تي
آيو ته وهه واهه ٿي ويندي- پوءِ ڏيندڙ سڌي هيئن
ڪندو:
’مڱڻي
جا ڪنديس ڪپڙا، ٻئي جا ڪنديس ڪانه!‘
ڳجُھارت کي سمجھڻ لاءِ پھرين سُر ڳولھبو آهي ۽
هيءُ سُر مارئيءَ مان آهي. مارئي، عمر کي چوي ٿي
’جنھن کيت سان منھنجو مڱڻو ٿيل آهي، مان ان جا ئي
ڪپڙا ڪندَيس، ٻئي ڪنھن جا به ڪونه ڪندَيس.
’ڪپڙا
ڪرڻ‘
اصطلاح آهي، جنھن جي معنى آهي
’شاديءَ
جو سعيو ڪرڻ- تياريون ڪرڻ!‘
لفظ ڪپڙي/ لٽي سان اسان جي ٻوليءَ ۾ ڪافي اصطلاح،
پھاڪا، چوڻيون ۽ ورجيسون آهن.“
مھراڻ:
”ڏاڏا،
معنى ته ڳُجھارت اسان کان زور آهي نه!“
ڏاڏو ٻانھو:
”انسان
لاءِ زور ۽ مشڪل ڪابه شيءِ ناهي. محنت ۽ مشق سان
هر شيءِ آسانِ آهي، چڱو هاڻي ٿا اچون هُنر تي!“
”هُنر
فارسي لفظ آهي، معنى اٿس: فن- ڪاريگري. ڪنھن به
شيءِ- ڪاٺ- لوهه کي موزون شڪل ڏيڻ کي
’هنر‘
سڏبو آهي. هن جا ٻه نمونا آهن: رواجي ۽ چيروون.
رواجي ٻڌو:
رليون تنھنجون سومرا، سوڙين ڪين سُمھان،
فراسي پٽن تي، ڏسان مان ميان،
وهاڻا وڻن ڪين ڪي، چادرون چوان،
پٿرڻيون ڏسان، پنھنجي ملڪ ملير ۾.
”سانول:
هيڏي حوصلو ڪر! هن قسم جي بيتن ۾
’صنعت
مراعات النظير‘
هوندي آهي، جنھن ۾ ساڳئي جوڙ جي جنسن، وکرن، اسمن
وغيره جو ذڪر ڪبو آهي. هنر جي لفظن جي مراد انھن
سان ملندڙ جلندڙ لفظن مان وٺبي آهي، جيئن: رليون =
رُليون؛ سوڙين = سَو وَڙ احسان ڪرڻ باوجود؛ فراسي
= اهي ٻڪرين جا ڦر؛ وهاڻا = وِههَ يا زهر لڳندڙ
وکر؛ چادرون = اندر جي چاهه سان؛ پٿرڻيون = پوءِ
ٿرڻيون (ٿر واريون سھيليون).“
مھراڻ ٻُڌ، مارئي عمر کي چوي ٿي ته اي سومرا، تو
اسان کي روليو آهي، شل تنھنجون مايون رلي وڃن؛ تون
ڀلي مون تي سَوين ٿورا ڪر، پر مان هتي نه
رهندَيس؛ شل ملير وڃي پنھنجي مارن جي پَھُرن جا
اهي ڦر ۽ ڇيلا ڏسان. تنھنجون چين آرام جون شيون
مون کي وِهُه لڳن ٿيون. اها ڳالھه مان اندر جي
چاهه سان ٿي چوان. شل پنھنجي ملڪ جون ٿري سھيليون
وڃي ڏسان ته سڪون ملي!
ٻيو نمونو هڪ ئي لفظ قافيي/ تڪ طور ڪم ايندو، ليڪن
مفھوم جي لحاظ کان ان کي اشتقاق وانگر ٽوڙي معنى
وٺبي:
مارن پاس ملير ۾، ميان مڪڙي،
دل منھنجي سومرا، ميان مڪڙي،
هُري پيئي هنئين ۾ ميان مڪڙي،
آهي ملڪ ملير ۾، ميان مڪڙي،
ميان مڪڙي، ڏسندين ملڪ ملير ۾.“
هاڻي مڪڙي لفظ تير پِتير ٽوڙبو: مَ = نه + ڪَڙِي =
ڪوڙِي؛ مَ = نه + ڪَڙِي = اٽڪي- ڦاٿي؛ مڪڙِي = جنڊ
جي ڪِير تي آڪيڙا ڏيئي، چاڙهيل ڪاٺڙو؛ مَڪَ = کٻڙ
جو ميوو + ڙي = اَڙي- اشارو؛ مَ = نه + ڪَڙِي = هٿ
ڪرائي يا پيرن جو زيور.
”مارئي،
عمر کي چوي ٿي ته اي ميان سومرا، مان پنھنجن مارن
کي ڪؤڙي ناهيان، بلڪ مِٺي آهيان. تو هزارين حيلا
هلايا پر منھنجي دل توسان ڪانه ڦاٿي. منھنجي دل ته
جنڊ جي مڪڙِيءَ وانگر، مارن سان آڪيڙا ڏيئي جڪڙيل
آهي. انھن مارن جو قُوتُ گذر ڏٿ ۽ کٻڙ جو ڦر
(پُسيون- پيرون- پڪا) آهي. اهي ايترا ته مسڪين
آهن، جو هنن کي ٻانھن يا پيرن ۾ زيوَر طور ڪَڙِي
به پائڻ لاءِ ڪانھي، پر پوءِ به ڪو فڪر فاقو
ڪونھين!“
سرواڻ:
”ڏاڏا،
اوندهڙِي ٿي ويئي آهي، بُک به پاسا ورتا آهن، هاڻي
جند ڇڏ!“
مھراڻ:
”سرواڻ،
تون ته صفا ڪو وائڙو آهين، هھڙي رسِيلي ڪچھري ايئن
ٿوروئي ڇڏبي! ڏاڏا، باقي دراهو ۽ ڏور بابت
سمجھاءِ، اسان به اسڪول ۾ دوستن سان اهڙي ڏي- وٺ
اوَس ڪنداسين.“
ڏاڏو ٻانھو:
”دراهي
لفظ جو اشتقاق آهي:
’دو
= ٻه + راهو = دڳ وارو‘،
يعني ٻن
دڳن وارو، ٻن سُرن وارو! چڱو ڌيان ۽ ڌيرج سان ٻڌو:
جهـــــــــــــــــــل مــــــــــــــــــھار،
ڏي مَ ڏيــــــــــــــــــــرَن،
قطار جي ڪمال چئي، ڪڙڪ نه پئي ڪَن،
جــــــاڙ ڪـئي جـــــتن، وَتُ روهـــــن ۾
رڙنـــدي.“
”مٿيون
بيت ظاهر سُر سسئي پنھون مان لڳي ٿو، پر هنر وانگر
چير ڪبي ته اهو ئي بيت سُر ليلان چنيسر مان لڳندو.
مھار = مَ = نه + هار = ڳچيءَ جو زيور؛ ڏيرن =
رَنَ کي ڏي؛ قطار = ڪي تال- چالاڪيون؛ جتن = جا
تَن- جيڪا انھن، روهن ۾ = روح ۾- اندر ۾.“
”چڱو
ڀلا مفھوم چڱيان ٻڌو:
1.
سُر سسئي: شاعر سسئيءَ کي چوي ٿو ته
پنھونءَ جي ڏاگھي جي مھار ڏيرن جي حوالي نه ڪر! پر
تو ٻڌو ڪونه، نيٺ تو وارا ڏير، اُٺن جي قطار ڪيون،
پنھونءَ کي کڻي وِيَئي ۽ توکي ڪنَ کُڙڪ ئي ڪانه
ٿي. توسان انھن جتن اهڙي جُٺ ڪئي جو هاڻي انھن
جبلن ۾ وتُ رڙندي!
2.
سُر ليلان چنيسر: ليلان، ڪنئرو کان مڙس جي
هڪ رات عيوض نَوَ لَکو (نَو قسمن جي موتين وارو)
هار وٺي، مڙس وڃائي چُڪي. شاعر ليلان کي مخاطب ٿي
چوي ٿو، ته اي ليلان، جيڪڏهن ڪانڌ کي راضي ڪرڻ
گُھرين ٿي ته اهو ورتل هار نه جھل، بلڪ انھيءَ
رَنَ کي ڏيئي ڇڏ ني! انھن (ڪونئرو ۽ ماڻھس) جيڪي
تال ۽ چالاڪيون ڪيون، تن جي ڪَن کڙڪ ئي ڪانه
پيئِي! تن جيڪا توسان جُٺ ڪئي آهي، هاڻي روح ۾/
اندر ۾ وَتُ رڙندي ڪوڪندي!“
”آخر
۾ ٿورڙو ڏور بابت:
ڏور لفظ ڏورڻ- لوچڻ- ڳولھڻ جي معنى ۾ آهي. چوندا
آهن:
’ڏور
شھزور، ڏور سان ڪونھي زور‘.
هن بيت ۾
’صنعت
تلميح‘
ڪم آندل هوندي آهي، جنھن ۾ ڪنھن اسلامي واقعي
ڏانھن اشارو هوندو آهي. ڏور ٻن نمونن جي هوندي
آهي، هڪڙي:
’پنج
تني‘،
جنھن ۾ پنجتن پاڪ جي زندگيءَ جي واقعن جو ذڪر اچي،
ٻي:
’گنج‘،
جنھن ۾ ڪل نبين جي واقعن جو ذڪر هجي. گنج مان هڪ
مثال ٻُڌو:
ريءَ پاڻيءَ پيدا ٿيو، هڪ گلابي گل،
باغن ۽ بستانن ۾ ڪونھي هن جو ڪو مُل،
’جوکيو‘
چئي جھان ۾، شاهه ڪيو شغل،
اهڙو گل امل، آرياڻي ڏسي ارهي ٿي.
هن ڏور بيت ۾ حضرت عيسى عليہ السلام جي ڄمڻ جو
واقعو آهي، جيڪو بغير پيءُ سان پيدا ڪيو ويو. جنھن
جي ڄم سان عجيب شغل ٿيو، ليڪن سندس امڙ حضرت مريم
عليہ السلام ناخوش ٿي- پريشان ٿي ته ماڻھن سان
ڪيئن منھن ڏبو!“
”سو
سڄڻَو، لوڪ ادب ته انسان جي تاريخ وانگر ڪھنو ۽ بي
انت بحر آهي. ان ۾ سنڌ جي ڏاهپ سمايل آهي. وقت
ويري سان ڪچھريون پيون ڪبيون، في الحال، ايترو کوڙ
اٿوَ! ياد رکو، ان بابت آڏيون پڇائون پيو
ڪندومانوَ. چڱو مالڪ جي حوالي.!“
***
شگفته شاهه
حيدرآباد
حرص جي سزا
گھڻو وقت اڳ ھڪ ڳوٺ ۾ ٻه ماڻھو رهندا هئا. هڪ جو
نالو ڪِم ۽ ٻئي جو پارڪ هو. ڪِم ڏاڍو سخي هو، جڏهن
ته پارڪ وري لالچي هوندو هو. ڪِم جي گھر ڀرسان ھڪ
ميويدار وڻ ھو، جيڪو سُڪي ختم ٿي رھيو ھو. ڪِم
جِيءُ جانِ سان ڏينھن رات ھن کي پاڻي ڏيندو ھو.
ايستائين جو اھو سُڪل وڻ سائو ۽ گھاٽو ٿي ويو ۽
ماڻھو اھو ڏسي حيران ٿي ويا ته ان جي ٽارين تي
ميوا ڦُٽي رهيا هئا. ايستائين جو اهي ميووا پچي
راس ٿيا ته ڪِم انھن کي پٽي سڄي پاڙي ۾ ورهايا.
انھن جي وچ ۾ هڪ عجب جھڙو ميوو ھو. جيڪو تمام وڏو
ھو. ھن سوچيو ته اهو حيرت انگيز ميوو بادشاهه کي
تحفي طور ڏيندو. جڏهن هن اهو ميوو بادشاهه جي
درٻار ۾ سندس سامھون پيش ڪيو ته هُن خوشي ۽ حيرت
مان چيو،
”مون
اهڙو عجب جھڙو ميوو اڳ نه ڏٺو آهي، ڪيڏو نه وڏو
آهي، جنھن ماڻھوءَ اُن کي وڌايو ويجھايو آھي، اهو
يقيناً وڏي انعام لائق آهي.“
پوءِ هن پنھنجي وزير کان پڇيو،
”اسان
کي ويجھڙائيءَ ۾ سوکڙيءَ طور سڀ کان وڏي ڪھڙي شيءِ
ملي آھي؟“
”اها
شيءِ ته بيحد قيمتي آهي“
منھنجا سائين! وزير ادب مان چيو.
”ڪھڙي
شيءِ آھي اها؟“
”اهو
ته هڪ مُلھائتو هيرو آهي.“
”ڪا
ڳالھه نه آهي، اهو يڪدم هن ماڻھوءَ کي ڏنو وڃي.“
اهو ئي ڪيو ويو ۽ ڪِم خوشيءَ مان نچندو ڪُڏندو ڳوٺ
وريو، ته سندس ان خوش نصيبيءَ جي ڳالھه جتي ڪٿي
پھچي ويئي. جڏھن پارڪ اھا ڳالھه ٻُڌي ته ڏاڍو حسد
ٿيس ۽ خارون کائڻ لڳو. هن سوچيو ته ڇو نه هو به
ساڳيءَ ريت بادشاهه کي ڪا وڏي شيءِ تحفو طور ڏئي،
اهڙو قيمتي انعام حاصل ڪري. سو هن گھڻو سوچڻ کان
پوءِ پنھنجو گھر ۽ زمين وڪڻي ھڪ سھڻو وڏو ڍڳو خريد
ڪيو ۽ سڄي رستي تي بادشاھه کان ڪنھن قيمتي ھيري
جواھر وٺڻ جو خواب ڏسندي بادشاھه جي درٻار لاءِ
روانو ٿيو. بادشاهه ان ڍڳي (سانَ) کي ڏسي ڏاڍو خوش
ٿيو ۽ وزير کي چيائين،
”هن
کي اسان کي مليل ويجھڙائيءَ وارن تحفن مان سڀني
کان وڏو تحفو ڏنو وڃي.“
”اهو
تحفو ته ميوو آهي، جيڪو ڪجھه ڏينھن اڳ توهان کي
ڏنو ويو هو.“
”واهه
ڪيڏو نه سُھڻو تحفو آهي. يڪدم هن کي ڏنو وڃي.“
”اهو
ٻُڌي پارڪ جو هِينئون ٻُڏي ويو ۽ اکين اڳيان
اونداهي اچي ويس، جو هو قيمتي انعام جي لالچ ۾
پنھنجو الھه تلھه وڪڻي آيو ھو.“
وڏڙن سچ چيو آھي، ته
”حرص
بُري بلا آهي.“
***
عطاءُالله ابڙو
احمد ۽ اسڪول
احمد هڪ تمام غريب مسڪين ڇوڪرو هو. جيڪو گھڻو
محنتي به هو ان کي هڪ دڪان هوندو هو. جنھن ۾ ھو
واڍڪي جو ڪم ڪار ڪندو هو. احمد جو پيءُ يارل ڳوٺ ۾
ھڪ ايماندار نيڪ مرد سان گڏوگڏ ڏينھن رات پنھنجي
پورھئي سان لڳو رھندو ھو. احمد جو پيءُ يارل
پنھنجي پٽ احمد کي پڙھائڻ بجاءِ ھن کي پنھنجي دڪان
تي ويھاري ڇڏيو. احمد جي پيءُ يارل کي ڪڏھن ڌنڌي
مان ڪمائي ٿيندي ھئي، ته ڪڏهن نه. يا وري احمد جو
پيءُ گھڻو ڪم ڪار ڪرڻ جي ڪري بيمار ٿي پوندو ھو،
ته گھر جو خرچ ھلائڻ جي لاءِ احمد ڪڏھن سِرن جي
بٺي تي يا ڪنھن جي زمين ۾ ٻج ڇٽڻ لاءِ صبح جو سوير
نڪري ويندو ھو. احمد ھڪ ڏينھن ڇا ڏسي ته ڳوٺ جا
ٻار صبح جو اسڪول وڃي رهيا آھن انھن کي ڪلھن تي
ڪتابن سان ڀريل ٿيلا ۽ هٿن ۾ راند روند ڪرڻ وارا
رانديڪا آھن. احمد انھن کي ڏسي ڪري سوچي سوچي روئي
به پوندو هو. اهو ان ڪري جو احمد دل ۾ چوڻ لڳو ته
ڪاش مون کي به بابا اسڪول موڪلي ها پر آخر بابا
مونکي اسڪول ۾ ڇو نه پڙھايو؟ اهو سوچي روئي پوندو
هو.
ڪڏهن وري ايئن به چوندو هو ته مون کي به ڪتاب
هجن ها. راند ڪرڻ جي لاءِ رانديڪا هجن ها. اسڪول ۾
منھنجا به ڪي دوست هجن ها آخر احمد اهي ڳالھيون
ڪنھن سان ڪندو. هڪ ڏينھن احمد صبح جي پھر ۾ جڏھن
دڪان کولي ڪري ويھندو ھو ته ان جي اڳيان اسڪول جا
ٻار ويندي نظر آيا. اهو ان کان برداشت نه پيو ٿئي
وري به اهي لفظ احمد دهرائڻ لڳو ته اهو ڏينھن ڪڏهن
ايندو جو مان به انھن وانگر ڪلھي ۾ ڪتابن وارو
ٿيلھو ۽ راند وارا رانديڪا کڻندس. ھڪ ڏينھن احمد
گھر کان ٻاھر نڪري ڪنھن ويجھي باغ ۾ ويھي رھيو.
اھو باغ ڳوٺ جي وڏيري جو ھو، جيڪو ھڪ نيڪ دل انسان
ھو جيڪو پنھنجي در تان ڪنھن به غريب يا سوالي کي
خالي نه موٽائيندو هو، ان جي دل کولي مدد ڪندو هو.
جنھن زمين ۾ احمد ويٺو ھو، اتان اسڪول جي ٻارن جو
رستو به هو. اچانڪ ڳوٺ جو وڏيرو پنھنجي زمين تي
چڪر ھڻڻ جي لاءِ نڪتو ته اوچتو وڏيري جي نظر هن
ڇوڪري تي پئي. احمد کان وڏيري پڇيو ته پُٽ ڇا ڳالھ
آھي ۽ تون اُداس لڳو پيو آھين تنھنجي چھري تي
مايوسي جا ڪڪر ڇانيل آھن آخر ڇو پٽ اهڙو ڪو مسئلو
ٿيو آھي ڇا؟ احمد وڏيري کي الف کان ي تائين سڄو
حال احوال ٻڌايو. احمد جون اهي ڳالھيون ٻڌي وڏيري
کي دل ۾ ڪجھ رحم آيو .
احمد کي شھر جي طرف وٺي ويو جتان احمد کي ڪتاب
ٿيلھو ۽ راند روند ڪرڻ وارا رانديڪا وٺي ڏنا. احمد
دل ئي دل ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ان کي اھو محسوس ٿيڻ لڳو،
ته ڪلھوڪو خواب اڄ حقيقت ۾ تبديل ٿيندي نظر اچي
پيو. جيئن احمد جي اسڪول جو ٽائم ٿيو ته احمد ڪلھي
۾ ٿيلھو وجھي ھٿ ۾ راند ڪرڻ وارا رانديڪا کنيا.
جڏھن ھو اسڪول وڃي رھيو ھو ته ڏاڍو خوش نظر پئي
آيو. جڏهن هو اسڪول ۾ داخل ٿيو ته ڪلاس ۾ استاد
شاگردن کي سبق پڙھائي رهيو هو ان استاد جو آواز
ڪتاب جي سھڻن لفظن کان گذرندو يعني الف انب، ب
بدڪ، ٻ ٻڪري، ڀ ڀولڙو اھڙو سھڻو آواز ٻڌي احمد
وڃي ويھي رھيو. ايئن احمد پنھنجو پاڻ کي خوش محسوس
ڪرڻ لڳو ۽ ھڪ نئين زندگي جي شروعات ڪرڻ لڳو.
عبدالسميع
”ثمير“
ملاح
ڪنڊيارو
عام معلومات
سوال:
هن روئي زمين تي سڀ کان پھريان ڪھڙو وڻ هو؟
جواب:
کجيءَ جو.
سوال:
اُها ڪھڙي حالت آهي، جنھن ۾ هر مسلمان تي حلال
شيءِ به حرام ٿي ويندي آهي؟
جواب:
نماز جي حالت ۾.
سوال:
اُهي ڪھڙا جانور آهن، جيڪي جنت ۾ ويندا؟
جواب:
هڪ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ڏاچي.
·حضرت
ابراهيم عليه السلام جو گابو.
·حضرت
اسماعيل عليه السلام جو دنبو.
·حضرت
يونس عليه السلام جي مڇي.
·حضرت
صالح عليه السلام جي ڏاچي.
·حضرت
سليمان عليه السلام جو هُد هُد.
·اصحاب
ڪھف جو ڪُتو.
·حضرت
موسى عليه السلام جي ڳئون.
·حضرت
عزيز عليه السلام جو گڏهه.
اشتياق احمد
(قسط: ڇھين)
سنڌيڪار: مير سردار چنڙ/دادو
اله دين جو چراغ
}ٻاراڻو ناول{
جيترا چوندؤ آڻي ڏيندس.
ٺيڪ آ! في الحال تون پنجاهه ھزار روپيا کڻي آءُ.
مون کي ڳڻڻ ناھن ايندا. بغير ڳڻڻ جي کڻي اچان ٿو.
اتان پنجاهه ھزار کڻي وٺجو. ھلو ايئن به سھي آ.
”ادا!
مان ان کان ھڪ ڳالھه پڇڻ چاھيان ٿو.“
نادر وات مان سِيرو ڪڍندي چيو. جي پُڇوس. مان پڇيو
ان اله دين جو محل ھڪ رات ۾ ڪيئن تيار ڪيو ھو؟
ادا اھو جن آ! ان ۾ پڇڻ واري ڪھڙي ڳالھه آ! نه تون
پُڇ ته سھي.
اڇا! ھيلو مسٽر جن! ھاڻ وري توھان مسٽر سان گڏ
ھيلو به لڳائي ڇڏيو.“
جن اعتراض ڪري ڇڏيو.
اوہ! معذرت سان! ۽ منھنجو ڀاءُ توکان پڇڻ ٿو چاھي،
ته تو اله دين جي لاءِ محل ھڪ رات ۾ ڪيئن تيار ڪيو
ھو. ڇا اوھان اھو سمجھو ٿا، ته اھو مان اڪيلي سر
تيار ڪيو ھوندو. باقي؟
”مان
حيران ٿيندي پڇيو.
مان ڪوھه قاف مان جنن جي پوري فوج وٺي آيو ھئس.
”ڇا
سڀ جن تنھنجو چوڻ مڃندا آھن؟“
مان پڇيو. ھا! مان
انھن سڀني جو بادشاهه آھيان، اھي سڀ مُنڊين، ڇلن،
يا وارن جا جن آھن.
وارن جا! ڇا مطلب.
ڪجھه جن اھڙا به آھن. جيڪي ڪنھن وار جي ماتحت
ھوندا آھن. ان قسم جي وارن کي اُس ڏيکاري وڃي، ته
اھي حاضر ٿي ويندا آھن. پر مان ھن چراغ جو جن
آھيان. انھن سڀني کان طاقتور آھيان. ان لاءِ اھي
سڀ منھنجو چوڻ مڃندا آھن.
ٺيڪ آ! اسان سمجھي وياسين! ھاڻ تون جلدي اسان جي
لاءِ پنجاهه ھزار جو بندوبست ڪر، ته جيئن زمين
خريد ڪري سگھون ۽ تون ان تي اسان لاءِ محل تيار
ڪري سگھين.
”جيڪو
حڪم منھنجا آقا“
جن اھو چيو، ٿورو جھڪيو ۽ غائب ٿي ويو.
”واھه! ھاڻ ته تمام پريشانيون حل ٿي ويون.“
مان چيو.
ڪيئن ادا! منھنجو ڏھن آنن وارو چراغ ڪيئن لڳو؟
ادا!
”مون
کي ته اڃا به يقين نه ٿو اچي! منھنجو ته اڃا به
اھو ئي خيال آ، ته اسان ڪو خواب ڏسي رھيا آھيون.
“
ادا چيو.
ھا سائين! ايڏو کاڌو نيرن ۾ ھڙپ ڪرڻ بعد به توکي
يقين ناھي آيو. ھاڻ ڪجھه وقت کان پوءِ، جڏھن ھو
پنجاھه ھزار کڻي ايندو تڏھن توکي يقين ڪرڻو ئي
پوندو.
”ھا....
ان وقت شايد يقين خود ئي اچي ويندو.“
بابا چيو.
اچانڪ اسان جي ميز تي نوٽن جي دستين جو مينھن وسڻ
لڳو. ڏسندي ئي ڏسندي ميز تي نوٽن جي دستين جو ڍير
لڳي ويو.
”اُف خدا! ايتري دولت ھي ته ڪيترائي لک ھوندا!“
امان جي اکين ۾ خوف ڏسڻ ۾ آيو پئي.
”پر اسان ان مان صرف پنجاهه ھزار رکنداسين.“
مان چيو.
تون بيوقوف آھين، گھر آيل دوست ۽ پيسا ھٿن مان
نڪرڻ ناھن ڏبا. پر اسان ايترن پيسن جو ڇا ڪنداسين؟
جڏهن به ضرورت پوندي، ته جن کان وٺنداسين.“
مان اڱڻ طرف ڏسندي چيو. جتي جن صاحب موجود ھو.
”پر
اھي واپس ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت آ.“
ادا پريشان ٿيندي چيو. اڇا ٺيڪ! مان جن کان پُڇي
ٿو وٺان! مان بيزاريءَ مان چيو. پوءِ جن سان مخاطب
ٿيس.
ڪيئن مسٽر ...... نه معذرت ..... ھا ته ادا جن ڇا
اسان سڀ پيسا پاڻ وٽ رکون؟ ڇا پنجاهه ھزار کان
وڌيڪ آھن؟ ھا! ڪجھه وڌيڪ ئي آھن، مان ڊڄندي ڊڄندي
تمام گھڻا جو لفظ استعمال نه ڪيو.
”رکي
ڇڏيو! مونکي ڪھڙو اعتراض ٿي سگھي ٿو. ڏٺئي! مان
به چيو ھو.“
ادا خوش ٿيندي چيو.
ھاڻ تون وڃي سگھين ٿو. اسان زمين خريد ڪرڻ بعد
توکي تڪليف ڏينداسين. پوءِ تون پنھنجي جنن جي فوج
وٺي اچجان ۽ محل تعمير ڪجان.
”جيڪو
حڪم منھنجا آقا!“
جن چيو ۽ غائب ٿي ويو.
”ھاڻ
منھنجو خيال آھي، ته مونکي نوڪري ڪرڻ جي ڪھڙي
ضرورت آ.“
بابا چيو.
”بلڪل
ڪا به ضرورت ناھي.“
ادا چيو.
ان جو مطلب اھو ٿيو، ته توھان کي ھاڻ يقين ٿي ويو
آ، ته اسان ڪوبه خواب نه ٿا ڏسون. ھا پُٽ! ھاڻ
يقين ڪرڻ بنا ڪو رستو به ته ناهي بچيو. بابا چيو.
”شڪر
آ ربّ جو! اوھان کي يقين آيو. اڇا! مان زمين ڏسڻ
وڃان ٿو.“
بابا اُٿندي چيو.
اسان کان وڏي غلطي ٿي وئي. مان چيو. ڇا مطلب؟
اسان زمين به جن جي ذريعي ئي ڳولي سگھون پيا.
”پُٽ ان کي به آرام ڪرڻ ڏي! ڪٿي ٿڪجي نه پوي.“
امان چيو ۽ اسان سڀ کلڻ لڳاسين. شام جي وقت بابا
گھر آيو ۽ ان اعلان ڪيو، مان ھڪ ڏاڍو سُٺو پلاٽ
ڏسي آيو آھيان. صبح ان کي خريد ڪيو ويندو.
”توھان
بيانُو ته ڏئي آيا آهيو نه؟ ھا ڏئي آيو آھيان. بس
ٺيڪ آ. سڀاڻي پلاٽ خريد ڪيو ويندو ۽ ٻئي ڏينھن
اسان جو محل تيار ٿي ويندو. مان چيو ۽ ان کان پوءِ
اسان پنھنجو ڪو ڪاروبار شروع ڪنداسين.“
بابا چيو.
ڇو ڪاروبار ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت آ؟ جڏھن ضرورت
پوندي، جن کان پيسا وٺي وٺنداسين. ادا چيو. پر
ايئن ھٿ تي ھٿ رکي ويھنداسين ته تنگ ٿي وينداسين.
مان اعتراض ڪيو.
”ھلو
ڀلا ڪو نه ڪو ڪاروبار ڪنداسين.“
بابا منھنجي ڳالھه مڃيندي چيو.
ٻئي ڏينھن اخبار اسان سڀني کي پريشان ڪيو! اخبار ۾
ٻه خبرون ڏاڍيون اھم ھيون. پھرين خبر ھئي، ته
”ھڪ بينڪ مان مبينا طور تي ٽي لک روپيا غائب ٿي
ويا.“
ٻي خبر ھئي، ته
”ھڪ حلوائي جو سيرو ۽ پُورين جو ڀريل ٿالُ مبينا
طور غائب ٿي ويو. ٻنھي خبرن جو تفصيل پڙھي اسان
پريشان ٿي وياسين. سڀني ھڪٻئي جي مُنھن ڏانھن ڏٺو!
ڄڻ چوندا ھجن، ته
”اھا حرڪت ته جن جي آ.“
ھاڻي ڇا ٿيندو؟ جن ته اسان کي ڏچي ۾ آڻي ڇڏيو.
بابا پريشان ٿي ويو. اھو ڪيئن؟ پوليس چورن جي ڳولا
۾ ھوندي! جيتوڻيڪ اسان چور ناھيون. پر رقم اسان
وٽان وصول ٿيندي، ته چور اسان کي ئي سمجھيو ويندو.
ڀلا ڪير اسان جي چراغ واري جن تي يقين به ڪندو.؟
”پوءِ
ھاڻ ڇا ڪجي؟“
ادا چيو. جن کي گھرايو! نه ته اسان کي گرفتار ڪيو
ويندو. بابا چيو! ان جو مُنھن لٿل ھو. آخر ڇو؟
پوليس اسان تائين ڪيئن ٿي پھچي سگھي. مان پڇيو.
اسان ان رقم مان پلاٽ خريد ڪنداسين، پوءِ جن اسان
جي لاءِ محل تيار ڪندو ۽ پوءِ پوليس جو سڄو ڌيان
اسان طرف ٿيندو. اھا اسان کان پُڇا ڪندي، ته اسان
وٽ ايڏو وڏو شاندار محل تيار ڪرائڻ جي لاءِ رقم
ڪٿان آئي؟ اسان ان سوال جو ڪو به جواب نه ڏئي
سگھنداسين ۽ پوءِ پوليس گرفتار ڪري ويندي، ٻئي
ڏينھن اخبار ۾ خبر شايع ٿيندي ته چورن جو گروھه
پڪڙيو ويو آھي. اسان چونداسين، ته ھي دولت اسان کي
اباڻي ورثي جي آھي. ادا چيو.
”پر
پوليس جلد جاچ ڪري ويندي، ته مان ٻيلي کاتي ۾ ھڪ
خسيس ڪلارڪ جي حيثيت سان ملازمت ڪندو آيو آھيان.
پوءِ ان بابت جن ئي بھتر صلاح ڏئي سگھي ٿو، مان ان
کي گھرايان ٿو.“
مان چيو.
”ھا!
ٺيڪ آ، گھراءِ اُن بيوقوف کي.“بابا
چيو. ڪجھه ئي لمحن ۾ جن اڱڻ تي موجود ھو. حڪم ڪر
آقا.
”اھا
دولت تو بينڪ مان چورائي ھئي.“
مان پڇيو.
جي ھا. ۽ ھو سيرو ۽ پوريون حلوائي جي دڪان تان؟
جي ھا!
پر ڇو؟ تو ائين ڇو ڪيو؟
توھان جي حڪم جي تعميل ڪرڻ لاءِ. پر مان توکي چوري
جون شيون کڻي اچڻ لاءِ ته نه چيو.
(هلندڙ......) |