سرمد عباسي
خانواهڻ/ڪنڊيارو
ھٿرادو
ڏاھپ...
انسان جو ھڪ وڏو ڪارنامو
اھا ڏاھپَ ئي آھي، جيڪا انسان کي ٻين ساھوارن جي
ڀيٽ ۾ اشرف المخلوقات جي درجي تي پھچائي ٿي. ڏاھپ
جو صحيح ۽ وقتائتو استعمال ڪري انسان ھوائن منجھه
اُڏامڻ کان وٺي، سمنڊ جي اونھائيءَ ۾ ترڻ تائين جي
سوڀَ ماڻِي آھي. ھڪ ڪمري جيڏي ويڪر ۽ ڊيگھ رکڻ
واري ڪمپيوٽر کي،کيسي ۾ رکڻ جيتري ماپ ۾ آڻڻ ته
انساني ڏاھپ جي عظيم ڪارنامن منجھان ھڪ ڪارنامو
آھي.
ھٿراڌو ڏاھپ (ARTIFICIAL
INTELLIGENCE)
به انسان جو ھڪ ڏندين آڱريون ڏياريندڙ ڪارنامو
آھي. ھٿرادو ڏاھپ ھڪ اھڙي ٽيڪنالاجي آھي، جيڪا
انساني صلاحيتن سان ھڪ جھڙائي رکندڙ آھي ۽ اھا
ٽيڪنالاجي مختلف مشينن کي انسانن جيان سِکڻ،
سَمجھڻ، سوچڻ، عمل ڪرڻ ۽ ڏنل ڪم پورا ڪرڻ جي
صلاحيت ڏئي ٿي. اھڙي ڏاھپ رکندڙ مشين، انگن جو ڇيد
ڪڍڻ، لکت ۾ ڏنل مواد کي پرکڻ، ڏنل موضوع تي پاڻ
لکڻ، تصويرون ٺاھڻ، آواز پيدا ڪرڻ ۽ مختلف حالتن ۾
فيصلا ڪرڻ جي سگھه پڻ رکي سگھي ٿي.
ھٿرادو ڏاھپ کي روبوٽن، بنا ڊرائيور جي ھلندڙ
گاڏين، پائلٽ کان سواءِ اُڏامندڙ جھازن، ڪمپيوٽر ۽
ٻين مشينن وسيلي استعمال ڪرڻ جا تجربا ڪامياب رھيا
آھن. جن ۾ مختلف حساس اوزارن، ڪيميرائن ۽ گھربل
ڄاڻ جي مدد شامل آھي.
ھٿرادو ڏاھپ وسيلي ٻارن جي علمي صلاحيتن کي پڻ
وڌائي سگھجي ٿو ۽ ان لاءِ ڪيترائي ڪارائتا طريقا
پڻ استعمال ڪري سگھجن ٿا. ھٿرادو ڏاھپ وسيلي ھڪ
ٻار ڪمپيوٽر تي ھڪ خيالي/تصوراتي اُستاد کان ان
مضمون جي سکيا وٺي سگھي ٿو، جنھن ۾ ھو جڏو آھي. يا
وري خاص سکيا ڏيڻ جي مقصد لاءِ تيار ڪيل انسان
جھڙي روبوٽ (HUMANOID
ROBOT)
کان پڻ اھو ڪجھه سکي سگھي ٿو، جيڪو ھُو پنھنجي
اسڪول ۾ پنھنجي اصل اُستاد کان سکي ٿو. ھٿرادو
ڏاھپ وسيلي ھڪ ٻار بنا ڪنھن ھَٻڪ جي سوال پُڇي
پنھنجي مُنجھه ڏور ڪري سگھي ٿو ۽ عملي طور اسڪرين
تي پنھنجي سکيا جو مشاھدو به ڪري سگھي ٿو.
ھٿرادو ڏاھپ رکندڙ مشين، ٻار جي ذھني صلاحيتن کي
پروڙي، ان مطابق سکيا جي عمل کي اڳتي وڌائي ٿي، ته
جيئن ٻار کي ڳالھه سولائيءَ سان سمجھه ۾ اچي سگھي.
جنھن لاءِ تصويرن، وڊيوز ۽ ٻين طريقن جو استعمال
پڻ ٿئي ٿو.
ھٿرادو ڏاھپ ٻار جي سِکڻ جي سگھه کي وڌائي ٿي.
سندس لاءِ اھڙو علمي ماحول جوڙي ٿي، جنھن ۾ ٻار
سُڪون سان سِکي سگھي ٿو. ٻار، جيستائين سکي
تيستائين لاڳيتو سوال ڪري سگھي ٿو. سکيا دوران
مختلف تصويرن ۽ وڊيوز وسيلي ڪنھن به شيءِ کي چڱيءَ
ريت پنھنجي ذھن ۾ ويھاري سگھي ٿو. ٻار جنھن مھل
چاھي سکِي سگھي ٿو.
خوشيءَ جھڙي ڳالھه آھي ته يورپ، آمريڪا ۽ دنيا جي
ٻين ڪيترن ئي ملڪن جيان سنڌ ۾ اين اي ڊي
يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي، آئي بي اي ڪراچي ۽
سکر، مھراڻ يونيورسٽي سوڌو ڪيترن ئي درسگاھن ۾
ھٿرادو ڏاھپ وسيلي، عِلمي عمل جاري ساري آھي. اھڙن
ملڪن ۾ نه رڳو پاڪستان پرَ چين، جاپان، ڏکڻ ڪوريا
۽ يُو اَي اِي وغيرہ پڻ جُڙيلَ آھن.
ضرورت ان ڳالھه جي آھي، ته ھٿرادو ڏاھپ وسيلي علمي
سرگرميون سنڌ جي پرائمري ۽ ھائر سيڪنڊري اسڪولن
تائين پڻ وڌايون وڃن، ته جيئن آئيندي جا اڏيندڙ،
علم حاصل ڪرڻ جي جديد طريقن کان واقف ٿي سگھن ۽
ايندڙ وقتن ۾ پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ ڪارائتو ڪردار
ادا ڪري سگھن.
}انٽرنيٽ تان کنيل - ڄاڻ موجب لکيل{
***
عبدالجبار مسافر ويسر
ٺري ميرواھه/خيرپور
ٻار گُلن جا هار
اسلام سميت دنيا جي سڀني مذهبن ۾ ٻارن سان حُسن
سُلوڪ، سُٺي تعليم ۽ تربيت جو درس ڏنو ويو آهي.
اسان جو دين اسلام ته هڪ اعليٰ ۽ مڪمل ضابطا حيات
جي واٽ آهي. ان ۾ ٻارن جي حقن بابت خاص تلقين ٿيل
آهي. اسلام ۾
”ٻارن
جي سُٺي تعليم ۽ سُٺي تربيت انھن جو حق قرار ڏنو
ويو آهي.“
ٻار جيڪو اسان جي ايندڙ وقت جو
آئيندو آهي ۽ اسان جي مستقبل جو معمارُ آهي.
بنگالي زبان جي عظيم شاعر ۽ مفڪر رابندر ناٿ ٽئگور
جو مشھور قول آهي، ته
”هر
جنم وٺندڙ ٻار قدرت کان اهو سنيھو کڻي اچي ٿو، ته
خالق اڃا مخلوق مان نااُميد ناهي ٿيو.“
والدين تي اهو فرض ٿئي ٿو، ته جڏهن ٻار جنم وٺي،
ته ان جي جسماني ۽ ذهني نشونما لاءِ خاص ڌيان ۽
وقت ڏين. ٻار جي تربيت ۽ ڪردارسازيءَ ۾ وڌ کان وڌ
ڪردار والدين يعني ماءُ ۽ پيءُ جو آهي. ٻار والدين
خاص ڪري پنھنجي ماءُ وٽان مادري ٻولي ڳالھائڻ سکي
ٿو ۽ عام استعمال ٿيندڙ الفاظ ۽ جملا سکي ٿو.
انڪري والدين تي اهو لازم آهي، ته گھر ۾ سُھڻا ۽
اخلاق ڀريا گفتا استعمال ڪن، جيئن ٻارَ پنھنجي
شخصيت ۾ انھن کي سمائي سگھن ۽ جن ذريعي ٻار پنھنجو
سُٺو تعارف ڪرائين.
ٻار جڏھن سمجھ لائق ٿئي ٿو، ته ان جي سکيا لاءِ ان
کي مڪتب ۾ سکيا ڏيندڙ شخصيت اُستاد ملي ٿو، سو اگر
ٻار جي گھر ۾ سُھڻي تربيت ٿيل ھوندي ۽ ان بعد
درسگاھه ۾ سُٺا اُستادَ ملڻ سان کيس چوڏهن چنڊ لڳي
پوندا ۽ روشن مستقبل جو هڪ روشن ستارو بڻجي
اُڀرندو.
سنڌ جي ڀلوڙ ليکڪا سائنڻ شبنم گل ٻارن بابت پنھنجا
خوبصورت احساس هن ريت بيان ڪري ٿي، ته
”ٻارُ
سچائيءَ جي علامت، فطرت جي سُونھن ۽ خوشين جو روشن
عڪس آهي.“
ٻار پنھنجو ڪردار، ڪردارسازي، اُٿڻي ويھڻي ۽ شعور
پنھنجي والدين ۽ اُستادن وٽان پرائيندو آھي. انڪري
اگر والدين ۽ اُستاد اعليٰ ڪردار جا مالڪ ھوندا،
ته ان جو ٻارن تي به هاڪاري اثر پوندو.
والدين ۽ اُستادن جي سُٺي اخلاقي تعليم ۽ تربيت
سان ٻار گلن جي هڪ خوبصورت ۽ قيمتي مالھا جو رُوپ
وٺي ٿو.
اڳتي هلي سمجھدار ٻارڙن کي ٻاراڻي ادب جي دلچسپ
ڪھاڻين، مضمونن ۽ شاعري جي ڪتابن سان لنئون لڳائڻ
واري پاسي ڌيان ڏنو وڃي، ته جيئن هو انھن مزيدار
ڪتابن پڙھڻ ذريعي پنھنجي اخلاق ۾ سُڌاري سان گڏوگڏ
مختلف شعبن بابت ڄاڻ پڻ حاصل ڪندو رھي.
ٻارڙن جي ادب جو خوبصورت ليکڪ ۽ سنڌ جي نامياري
شخصيت، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي جن ٻاراڻي ادب
جون ڪجھ خاصيتون ھن ريت بيان ڪن ٿا، ته
”ٻارڙن جي شروعاتي عمر تشڪيلي ۽ تعميري هوندي آهي.
ان عمر ۾ سندن جسماني واڌ ويجھه سان گڏ ذهني،
نفسياتي ۽ اخلاقي واڌ ويجھه پڻ ٿيندي آهي. تنھنڪري
اهو ضروري آهي، ته کين ان عمر ۾ اهڙو ادب پڙهايو
وڃي، جيڪو دلچسپ هجي، ڄاڻ سان ڀرپور هجي ۽ سندن
شخصيت ۾ ھاڪاري روين جي جوڙجڪ جو ڪارڻ بڻجي ۽ سندن
تخيل کي متحرڪ ڪري سگھي. ٻارڙن جي ادب ۾ حب
الوطني، ايڪي ۽ ٻڌي، قومي يڪجھتيءَ جھڙن جذبن جو
عڪس ھجڻ به ان جي هڪ وڏي خاصيت آهي.“
اچو ته پاڻ سڀ
”20
نومبر ٻارن جي عالمي ڏينھن“
تي اهو پڪوپھه ڪيون، ته اسان ٻارڙن جي سٺي تعليم ۽
تربيت ۾ پنھنجو خاص ۽ گھربل ڪردار ادا ڪنداسين.
سڀ ٻار قوم جو روشن مستقبلُ آھن.
چمن ۾ رنگ برنگي پوپٽن لاءِ گلُ آهن.
***
ليکڪ: ارسلان احمد
سنڌيڪار: فقير شان سيوهاڻي
ڪوهه نُور هيرو
هيري کي عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾
’الماس‘،
انگريزيءَ ۾
’ڊائمنڊ‘
سنڌي ۽ پنجابيءَ ۾
’هيرو‘
چون ٿا. هيري جا ڪيترائي رنگ ٿين ٿا، جن ۾ اَڇو،
ڦِڪو، سائي جھڙو، گلابي، ھلڪو نيرو، سُرخ، ڪارو ۽
ڀورو رنگ شامل آھي. ليڪن عام طور تي ھيرا بي رنگ
ٿين ٿا. ھنن کي تراشڻ کان پوءِ، ھنن جو رنگ شيشي
جھڙو چمڪيلو ٿي وڃي ٿو ۽ خوبصورت نظر اچي ٿو. هيرو
ڪنھن به رنگ جو هجي، ڪنھن به قدر ۽ قيمت جو هجي،
پر ان ۾ اهوئي اثر رهي ٿو، جيڪو هيري جي اعلى قسم
۾ ٿئي ٿو. هيري جي ملڻ جا ملڪ جن ۾ ڀارت، ڏکڻ
افريڪا، برازيل، زائر ونيزويلا، روس، نميبيا،
تنزانيه، انڊونيشا، گِني، سيراليون، گھانا،
بيلجيم، برطانيه وغيره شامل آهن.
}ڪوهه
نور هيري جي مختصر تاريخ{
اڄ کان تقريبن
6000
ڇھه هزار سال پھرين گوداوري درياءَ جي ڪناري تي
ملڻ واري هيري، جنھن کي ڪوهه نور چون ٿا. هن هيري
جو وزن
86
ڇھاسي قيراط آهي. هن هيري تمام وڏو ۽ خطرناڪ سفر
طئه ڪيو آهي. ڪنھن کي هيءَ ڀاڳ وارو ٿي لڳو، ته
ڪنھن کي هن هيري تباهه ڪري ڇڏيو.
سڀ کان پھرين هيءُ
’هيرو‘
مالوه جي بادشاهه وٽ هو. جيڪو پنھنجي نِرڙ تي تلڪ
ڪري لڳائيندو هو. علاءُالدين خلجيءَ مالوه تي حملو
ڪيو ۽ هيءُ هيرو پنھنجي قبضي ۾ ڪيو. ان کان پوءِ
گواليار جي مھاراجه
’بِڪرَم
جيت‘
کي هَٿُ آيو. گواليار جي راجا کان هي هيرو ابراهيم
لوڌيءَ وٽ آيو.
”پاڻي
پٽ“
لڙائي کان پوءِ ابراهيم لوڌيءَ کان مغل بادشاهه
بابر وٽ آيو، ابراهيم لوڌيءَ پنھنجا هٿيار ڦِٽا
ڪري مغل بادشاهه بابر جي اطاعت ڪندي، هي هيرو تحفي
طور پيش ڪيو. هيءُ هيرو مغل سلطنت جي عروج جو ڪارڻ
بڻيو. مغل سلطنت جي دور ۾ هن هيري رُخُ بدليو ۽ هن
جي چمڪ ۾ به گھٽتائي اچڻ لڳي، مغل بادشاهه اڪبر جا
ٻه پُٽَ وفات ڪري ويا ۽ ٽئين پُٽَ شھزادي سليم
بغاوت ڪئي. شاهه جھان جي دور ۾ هيءُ هيرو ڀاڳ وار
هو. شاهه جھان کان پوءِ هيءُ هيرو محمد شاهه
رنگيلي کان ٿيندو، نادر شاهه دراني وٽ آيو. ان کان
پوءِ وري نڀاڳو ثابت ٿيو، جو نادر شاهه دراني
پنھنجي هڪ غلام هٿان قتل ٿي ويو. ان کان پوءِ هيءُ
هيرو شاهه رخ ۽ پوءِ حڪمران افغانستان احمد شاهه
ابدالي جي هٿ ۾ آيو. ان کان پوءِ شاهه شجاع ۽
مھاراجه رنجيت سنگھه وٽ آيو. رنجيت سنگھه جي مرڻ
کان پوءِ، ان جي فرزند دليپ سنگھه کان انگريزن
چوري ڪيو ۽ ملڪه وڪٽوريه جي تاج ۾ لڳايو ويو ۽ اڄ
تائين
’ڪوهه
نور هيرو‘
برطانيه جي تاج جي زينت بڻيل آهي.
}حوالو: پتھرون کا انسائيڪلوپيڊيا اردو تان ورتل{
***
انٽرويو: ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ
حيدرآباد
”علي
دوست عاجز“
]انٽرويو[
علي دوست، فريد آباد تعلقي ميھڙ ۾
02
نومبر
1964ع
تي جنم ورتو. سندس ادبي سُڃاڻپ شاعر واري آهي. ان
کان سواءِ هن تحقيقي ڪم پڻ ڪيو آهي. خاص طور سندس
اُستاد بخاريءَ بابت ڪيل ڪم، جوڳي جاءِ والاري ٿو!
نثر ۾ مضمون ۽ مقالا ۽ ٻيو ڪم اٿن. ڪتاب
”آديسي
اُستاد“
لِکي، هن پنھنجي روحاني مرشد اُستاد بُخاريءَ کي
ياد ڪيو آھي! شاعري، جتي وڏن لاءِ ڪئي اَٿائين،
اُتي سنڌ جي سُھڻن ٻالڪن کي به نه وساريو اٿس! اچو
ته کانئُن ٻالڪ ادب بابت ڪي سوال پُڇون!
سوال:
پنھنجي ننڍپڻ، تعليم ۽ ادب ڏانھن راغب ٿيڻ بابت
ٻُڌايو...!
جواب:
اسان جو ڳوٺ فريدآباد، ڪاڇي ۽ بئراجي علائقي جي
ڪَسَ تي آهي. مون پرائمري ۽ مڊل تائين تعليم اتي
حاصل ڪئي، جو اتي اڃان هاءِ اسڪول نه ٿيو هو.
تنھنڪري مون مئٽرڪ پياري ڳوٺ هاءِ اسڪول مان،
سائين عبدالرحمان شاھ جن وٽ حاصل ڪئي.
ڳوٺ ۾ جوهر بروهي صاحب، جو ديني عالم ۽ شاعر هو،
تنھن جي صُحبت، سائين عبدالرحمان شاھه جي علمي،
ادبي شخصيت ۽ طبيعت ۾ شاعراڻو رُجحان، شاعريءَ
ڏانھن وٺي آيو!
سوال:
پھرين تحرير ڪھڙي ڇَپِي ۽ ان وقت ڇا محسوس ڪيُوَ!
جواب:
پھرين تحريرشعر روزاني اخبار آفتاب جي ادبي صفحي ۾
ڇَپِي. تڏهن سُٺو لڳو! نئين زندگيءَ ۾ پھريون شعر
ڇپيو، ته انھن اعزازي ڪاپي سان گڏ چاليھه
پنجيتاليھه روپين جو چيڪ به موڪليو!
سوال:
ٻارن لاءِ لِکڻ جو خيال ڪيئن آيو..!
جواب:
ڳوٺ ۾ ٻارن جو رسالو
”گُل
ڦُل“
ايندو هو. اسڪول ۾ هَلڪيون ڦُلڪيون ٻاراڻيون
سرگرميون به سبب ٿي سگھن ٿيون! ٻارن جي رسالي
”ادا
سائين، لاءِ خالد آزاد هر مھيني ڪُجھه لکي ڏيڻ
لاءِ، تاڪيد ڪندو رهندو هو. ڪجھه وقت کان پوءِ اهو
مَواد ڪتاب جيترو ٿي ويو، ته ڪتاب ڇپائڻ لاءِ دل
چيو، ايئن هڪ کان پوءِ ٻيو...!
سوال:
ڇا سنڌي ٻالڪ ادب جي نثر، نظم ۾ ڇپيل ڪتابن کي
اطمينان جوڳو قرار ڏئي سگھجي ٿو...؟
جواب:
نه هجڻ کان ڪُجھه هُجڻ، چڱي ڳالھه آھي، پر ان جي
ڏِٺي اردو ۾ تمام گھڻو لِکجي، ڇَپجي پيو. تنھنڪري
اطمينان جوڳو ڪيئن چئجي...!
سوال:
پنھنجي ٻالڪ ادب (ڇپيل/اَڻ ڇپيل) بابت ٻُڌايو...!
جواب:
ٻارن لاءِ مُنھنجِي شاعريء جا ٻه ڪتاب ڇپجي چُڪا
آهن.
1.
جھڙا تارا جرڪڻا
2.
ٽانڊاڻا ٽانڊاڻا رات.
"ٽانڊاڻا ٽانڊاڻا رات" ته سنڌي ٻولي اٿارٽي ۽
سنڌالاجيءَ پاران سال جي سُٺي ڪتاب هجڻ جو ايوارڊ
پڻ حاصل ڪيو! ڪو اڻ ڇپيل مواد نه آهي.
سوال:
سنڌي ٻالڪ اَدب لِکڻ وارن جي تحريرن کي ڇَپائڻ
لاءِ ڪو پليٽ فارم ڪونھي، نه اخبارن ۾ صفحا آهن،
نه ئي ڪي رِسالا ٿا نِڪرن. هر هڪ شخصي طور، دِلي
جذبي سان ڪم ڪري رهيو آهي. انھيءَ صورتحال ۾ سنڌي
ٻالڪ ادب ڪيئن اڳيان اچي سگھي ٿو! ڇا اھا فِڪر
جوڳي ڳالھه ڪونھي.؟!
جواب:
فِڪر جي ڳالھه ته آهي! ڪتابن جي ڇَپائي، پوءِ وري
پڙهندڙن (وڏو هجي يا ننڍو) تائين پھچائڻ جو مسئلو
آهي! وڏن وارا ڪتاب ته ماڻھو ذاتي شوق يا تعلقات
تي ڇپايو کپايو ڇڏين، پر ٻارن لاءِ لِکڻ، انھن جي
دلچسپيءَ وٽان ڇپائڻ، وڌيڪ مھانگو ٿو پوي، تنھنڪري
وڌيڪ مشڪل آھي! اھو سرڪار يا ڇپائيءَ وارن ادارن
جي دلچسپيءَ کان سواءِ مُمڪن نه آهي. تنھنڪري اسان
وٽ ٽيڪسٽ ۾ موجود مواد ئي سڀ ڪجھه آهي، ان کان
پوءِ ٻيو مواد يا ٻيا ڪتاب آهن، جيڪي هر سنڌي ٻار
کي مُيسر نه آهن...!
سوال:
ٻار موجوده وقت ۾ مُطالعي کان پري پيا رهن، سندن
لاءِ ڪو پيغام ڏيو...!
جواب:
ڪو به ماڻھو پيغامن، سلامن تي ڪو نه ٿو هلي، نه
هلندو. نينھن نياپي ناھي ٿيندو! ٻار ته آهن ئي
بادشاھ...! ٻارن کي به وَڏن وانگر بِشتُ (بھشت)
تَرِيءَ تي ملي ويو آهي! موبائيل ان جي به هٿ ۾
آهي. ان جا ايپليڪيشن هلائڻ هُو وَڏن کان به وڌيڪ
ٿو ڄاڻي! جيسيتائين هُو ان تان مُنھن نه
هَٽائيندو، تيسيتائين هُو ٻئي جي ڪٿان ٻُڌندو...!
تنھنڪري اِدارن، آرٽسٽن کي ان تي سنجيدگيءَ سان
سوچڻو پوندو...! ٻارن جي دلچسپيءَ وارا گيت،
ڪلام، ڪھاڻيون، دلچسپ انداز سان فلمائي، اھڙيون
تمام گھڻيون ويب سائيٽس کولي ڇڏڻ گھرجن! ٻار اھي
ڏِسن، ٻُڌن ٿا. عملي سرگرميون، پوءِ اھي علمي ھجن،
ادبي يا سائنسي. گھڻو ڪري اسڪولن ۾ ئي وڌيڪ ممڪن
آهن. جنھن تي اسڪول وارن، والدين ۽ سرڪار کي ڌِيان
ڏيڻ گُھرجي! ٻارن لاءِ ادبي، ثقافتي ۽ سائنسي ميلا
پڻ ان ۾ جوڳو ڪردار ادا ڪري سگھن
ٿا.!
***
عزيز احمد علوي
شڪارپور
لالچ جي سزا
پيارا ٻارؤ! سياڻن جو قول آهي، ته
”جيڪو
اڌ ڇَڏي سَڄي جي ڪَڍ لڳندو، ته اُن کان اڌ به هليو
ويندو.“
لالچ هڪ اهڙو ڪُڌو عمل آهي، جا انسان کي بلڪل
بيڪار بڻائي ڇڏي ٿي. لالچ جي ڪري ئي ماڻھو مصيبت ۾
ڦاسي وڃي ٿو. هن ڪھاڻيءَ ۾ علي رضا نالي هڪ غريب
ڇوڪري کي لالچ جي سَزا مِلي ٿي. جنھن جو تعلق اھڙي
فيمليءَ سان ھو، جيڪا مالي لحاظ کان تمام پوئتي
پيل ھئي. هيءُ هڪ غريب ۽ مِسڪين خاندان مان هو.
هنن کي ڏينھن ۾ هڪ ويلو مَسَ پيٽ قوت ملندو هو. نه
ئي وري کين گھر ۾ ٻي ڪا سھولت موجود ھئي. گھر ڪچو
هُجڻ سَبب برسات ۾ پيو ٽِمندو هو. هن ڀيري ته
برسات بند ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي. جيئن ته
سندن گھر جي ڇِت نسارن جيئان وھي رھي ھئي. نيٺ اچي
ڇِت ڦھڪو ڪيو. مجبور ٿي علي رضا پنھنجي گھر وارن
کي مائٽن وٽ ڇڏي آيو ۽ پاڻ پنھنجي گھر جي ٻاھران
گھٽيءَ ۾ ويھي رھيو ھو. روزانو گھر جي ٻاھران
ويھندو ھو. ھڪ ڏينھن پاڙي جي ھڪ ماڻھو سيٺ ھاشم،
علي رضا وٽ آيو ۽ کيس چيائين، ته
”آءٌ
ڪافي ڏينھن کان توکي ھتي ويٺل ڏسي رهيو آهيان، ڇا
مسئلو آهي.
علي رضا:
”چاچا!
منھنجي گھر جي ڇِت مينھن جي ڪري ڪِري پئي آهي.
چاچا سائين جيئن، ته اسين غريب آهيون. بابا ريڙهي
هلائيندو آهي. مان به سر تَغاري کڻندو آهيان. تڏھن
مَس وڃي هڪ ويلو ماني نصيب ٿيندي آهي.
اهو ٻُڌي سيٺ هاشم کيس چيو، ته
”پُٽَ
علي رضا، ڇِت جو ڪم شروع ڪراءِ.“
علي رضا وراڻيو، ته چاچا اسين غريب وري ايترا پئسا
ڪٿان آڻيون. جو ڇِت جو ڪم ڪرايون.“
مھانگائيءَ جو دور آهي. ڇِت کي ٺھرائڻ اسان جي
وَسَ جي ڳالھه نه آهي.
پوءِ سيٺ هاشم پنھنجي ٿيلھيءَ مان ھزار رپين جي
نوٽن جون ڪجھه دستيون ڪڍي علي رضا کي ڏنيون ۽ کيس
چيائين، ته
”پٽ
سُڀاڻي ئي ڇِت جو ڪَم هلاءِ.“
علي رضا:
”چاچا
سائين اوهان جي وڏي مھرباني.“
آءٌ هاڻي ئي اوستي باغ ڏانھن وڃي کيس عَرض ٿو
ڪريان، ته هو سڀاڻي ئي ڪم تي اچي. ايڏي ججھي انداز
۾ پئسا ڏسي علي رضا جي دل ۾ لالچ اچي ويٺي. پوءِ
هن هڪڙي ٽَل اچي سوچي، ٻئي ڏينھن جڏھن سيٺ هاشم
اُتان لنگھيو، ته اُتي علي رضا موجود نه هو. هڪ ٻه
ڏينھن گذرڻ بعد علي رضا روئندو، سيٺ ھاشم ڏانھن
سندس گھر ويو ۽ کيس چيائين، ته
”چاچا
سائين ظلم ٿي ويو. جيڪا رقم اوهان مون کي ڏني هئي،
اها مون وٽان چوري ٿي وئي. هاڻي مھرباني ڪري ان
کان به وڌائي منھنجي مدد ڪريو ته اوهان جا ٿورا
ڳائيندس.“
سيٺ هاشم کيس چيو، ته
”سڀاڻي
اچج.“
ٻيو ڏينھن ٿيو صبح جو پھرھجي، چاچا ھاشم جو دوست
جنھن کي پاڙي ۾ کير جو دڪان ھو. چاچا ھاشم ان وٽ
اڪثر ويھندو ھو. علي رضا ڇا ڪيو ھو، لالو کير واري
وٽ اھي پئسا رکي ويو ھو ۽ ان کي چيائين ته
”هي
رک ته مان ٻيا پئسا به هٿ ڪري وٺان ٿو.“
لالو کير وارو سيٺ هاشم جو دوست هو. سيٺ هاشم جو
اڪثر لالو کير واري وٽ وڃڻ ٿيندو. هو اتفاق سان
ٻئي ڏينھن صبح جو سيٺ ھاشم کير واري وٽ آيو، ته هن
لالوءَ کي علي رضا جي باري ۾ ٻُڌايو، ته
”برسات
سبب انھن جي گھر جي ڇِت ڪِري پئي آهي. مون انساني
هَمدرديءَ تحت اُن کي ٽيھه هزار ڏنا آهن، ته هُو
گھر جي ڇِت ٺھرائي. پر ھو ڪالھه مون وٽ آيو هو ۽
چيائين، ته پئسا چوري ٿي ويا آهن. هن وري مدد ڪرڻ
لاءِ مون کي چيوآهي.“
اهو ٻُڌي لالو کيرواري، سيٺ هاشم کي چيو، ته،
”ادا
هاشم علي رضا اوهان سان ڪوڙ ڳالھائي ويو آهي.
ڇاڪاڻ، ته هُو اُهي ٽيھه هزار مون وٽ رکي ويو آهي
۽ چوي پيو ته آءٌ ٻيا پئسا به هٿ ڪري اچان ٿو.“
اهو ٻُڌي سيٺ هاشم، کير واري کان اهي ٽيھه هزار
رپيا واپس ورتا ۽ علي رضا کي گھرائي ان کي پاڙي
وارن جي سامھون چيو، ته
”تو
ڪوڙ ڳالھايو ۽ دوکي سان مون کان وري ٻيھر به پئسا
پيو وٺين. هاڻي تنھنجي مدد نه ڪبي، بلڪه توکي سزا
ڏبي.“
پوءِ سيٺ هاشم، علي رضا جي پُٺيءَ تي لَڪُڻ هَنيا
۽ چيائين، ته
”اها
لڪڻن جي سَزا توکي ياد ڏياريندي، ته تو هڪ غَلط ڪم
ڪيو، ڪوڙ ڳالھايو ۽ لالَچ ڪئي.“
سائين! آءٌ توبھه ٿو ڪريان، ته آئينده ڪڏهن به
اهڙو ڪَڌو ڪم نه ڪندس. بلڪه رات ڏينھن محنت ڪري
پنھنجي گھر جي ڇت اَڏائيندس.“
}پيارا ٻارؤ! ڏسو علي رضا لالچ ڪئي ۽ انھيءَ لالَچ
جي ڪَري ئي ھن ڪُوڙ ڳالھايو، جنھن ڪَري کيس لالَچ
جي سَزا به مِلي. اُن ڪري سَچ چيو اَٿن، ته لالچ
هِڪ بُري بَلا آهي.{
***
منير حيدر لغاري
شھدادپور/سانگھڙ
آئسڪريم
}سائنسي موضوع{
سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾، ملھار نالي معصوم ٻار
رھندو ھو. ھو ھڪ ھوشيار پر ضدي ڇوڪرو ھو، جنھن
کي آئسڪريم جي مِٺاڻ ۽ ٿَڌاڻ جي ذائقي کان سواءِ
ٻيو ڪجھه به نه وڻندو هيو. جڏهن به آئسڪريم وڪڻڻ
وارو گھٽيءَ ۾ ايندو ھو، ته ملھار خوشيءَ منجھان
جھومڻ لڳندو ھو.
ھڪ ڏينھن ٽاڪ منجھند جو، جڏھن آئسڪريم وڪڻڻ وارو
گھٽيءَ ۾ آئسڪريم جا ھوڪا ڏيڻ لڳو ته، ملھار جي
منھن تي مُرڪ ڇانئجي وئي. ملھار ڏاڍي پيار ۽
پاٻوھه منجھان چوڻ لڳو امان او امان! ڪجھه پئسا
ڏي ته آئسڪريم وٺي اچان.
ملھار جي ماءُ ڪپڙا سبڻ ۾ رُڌل ھئي، سندس سڏ تي
ڪو جواب نه ڏنائين. ملھار پنھنجي ماءُ جي هٿ کي
ڇِڪيندي مِنٿ ۽ ميسڙائي واري انداز ۾ چيائين، امان
او امان پئسا ڏي ته آئسڪريم وٺي کايان.
ملھار جي ماءُ ھڪ سُگھڙ ۽ پڙھيل لکيل عورت ھئي،
تنھن مسڪرائيندي چيو ته: ملھار! توکي خبر آھي؟
ته ريڙھي واري آئسڪريم توکي بيمار ڪري ڇڏيندي.
اسان گھر ۾ پنھنجي صحتمند آئسڪريم ٺاھي سگھون ٿا.
جيئن تون چوين؟ پھرين ته ملھار جو منھن ڦِري ويو،
پر ماءُ جي واعدي سندس شوق کي وڌائي ڇڏيو.
ملھار اکيون ڦاڙي خوشيءَ منجھان چيو.
”واقعي! ڇا اسان گھر ۾ آئسڪريم ٺاھي سگھون ٿا!؟“
ھائو پٽ، ڇو نه؟ پر ان لاءِ پاڙي مان کير ھٿ ڪري
اچ ۽ چاچا ولڻ جي دڪان تان ڪسٽر جو دٻو به وٺيو
اچ.
سرويچ ملھار جو تمام سُٺو دوست ھو. ملھار کير
لاءِ خوشي منجھان لڏندو ڪُڏندو اچي سرويچ ڏي
نڪتو. سرويچ جي گھر ٻاھران ملھار پيار منجھان
سرويچ کي سڏ ڪرڻ لڳو. سرويچ او سرويچ!
سرويچ جڏھن ملھار جو آواز ٻڌو ته دروازي تي ڊوڙندو
آيو. ھا ملھار ڪيئن اچڻ ٿيو؟ ملھار: يار کير ٿو
گُھرجي. ڇو ڇا ٿو ڪرين کير کي؟ سرويچ وراڻيو.
ملھار: يار آئسڪريم ٿو ٺاهيان. آئسڪريم! آئسڪريم!
يار مون کي به ٿوري کارائجان.
ملھار: ھا ڇو نه، کائڻ لاءِ پاڻ ٻه ڄڻا ته آھيون.
سرويچ خوشيءَ منجھان کير کڻي اچي ملھار کي ڏنائين.
ملھار ڪسٽر ۽ کير کڻي اچي گھر پھتو. ملھار جي ماءُ
کير ۾ ڪسٽر، ڦوٽا ۽ کنڊ ملائي گرم ڪرڻ لاءِ چُلھ
تي رکيائين. جڏھن کير گرم ٿيو ته، ملھار جي ماءُ
ملھار کان سوال ڪيو ته: پٽ ڇا تون اھو ٻڌائي سگھين
ٿو ته، کير جي گرم ٿيڻ تي توانائي خارج ٿي رھي آھي
يا جذب ؟
ماءُ جو اھڙو سوال ٻُڌي، ملھار مٿي کي کنھڻ لڳو ۽
وڏي سوچ ۾ پئجي ويو ۽ آخر ڪار شڪي انداز ۾ جواب
ڏنائين: خارج، ماءُ نھڪر ۾ ڪنڌ لوڏيائين ته پاڻ
جلدي ۾ چيائين: جذب بلڪل صحيح، جڏھن به ڪا شيءِ
گرم ٿئي ته سمجھي وڃجان، اھا توانائي کي جذب ڪري
رھي آھي، جنھن کي اسان
’انڊوٿرمڪ
Endothermic‘
وارو عمل چوندا آھيون ۽ توانائي جي جذب ٿيڻ سان
مادي جا ماليڪيول ھڪٻئي کان ڇڊا ٿيڻ لڳندا آھن. پر
جڏھن ڪا شيءِ ٿڌي ٿئي، ته سمجھي وڃجان اھا توانائي
خارج ڪري رھي آھي. جنھن کي
’ايگزوٿرمڪ
Exothermic‘
وارو عمل چوندا آهن. جنھن سان مادي جا ماليڪيول
ويجھا ٿيڻ لڳندا آھن. ماءُ وراڻيو.
اھو ته اسان کي اُستاد به سمجھايو ھو، پر وسري ويو
ھو. ھاڻ ڪڏھن به نه وسرندو. ملھار وراڻيو.
ڀلا ٻُڌاءِ ته کير جي گرم ٿيڻ تي ڪھڙو عمل ٿي رھيو
آھي؟ ماءُ کيس چيو.
ملھار: امان اھو ته تمام سولو آهي، ھينئر ٽھڪڻ جو
عمل ٿي رھيو آھي.
شاباس ! ماءُ وراڻيو. ڪجھه دير کانپوءِ جڏھن کير
کي چُلھ تان لاھي ٺاريو ويو، ته ملھار جي ماءُ
ملھار کي چيو، پٽ ھاڻ ھي کير کڻي وڃ پنھنجي ھم
ڪلاسي دوست عباس ڏي ۽ چوينس ته فرج ۾ رکي ۽ ھا ان
کان ھڪڙو سوال ڪجانس، ته ملھار عباس ڏي ويو ۽ عباس
کي چيائين، ادا! ھي منھنجي آئسڪريم پنھنجي فرج ۾
رک ته جيئن ڄمي وڃي.
ھائو پر ھڪ شرط تي ان مان اڌ مون کي کارائيندين.
عباس وراڻيو. ملھار سوچ ۾ پئجي ويو. جي اڌ سرويچ
کي ڏيان ۽ اڌ عباس کي ڏيان ته پوءِ منھنجي لاءِ ڇا
بچندو! ملھار سوچي جواب ڏنس: ھائو پر ان مان ڪجھه
توکي ڏيندس، ڪجھ سرويچ ۽ ٻي امان ۽ مان
کائينداسين.
ٺيڪ آھي، پوءِ شام اچجان آئسڪريم تيار ٿي ويندي ۽
ان مان پوءِ ڪجھه مونکي کارائجان. عباس وراڻيو.
ٺيڪ آ ڀائو پوءِ شام ايندس. ملھار گھر پھتو ته کٽ
تي ليٽي پيو ۽ اکيون ڀتِ ۾ کُتل ھئس، ڪجھه سوچي
رھيو ھو.
پٽ ملھار خير ته آھي اکيون ڀتِ تي کُتل اٿئي ڇا
پيو سوچين؟ نه امان سوچيان نه پيو، ڏسان پيو ته
گھڙيال جا ڪانٽا الائي ڇو چُرن ئي نه ٿا! ابا
چُرندا، پر تنھنجي چوڻ تي نه پنھنجي حساب سان
چُرندا. امان اھو وري ڪيئن؟
ملھار پٽ اھو قدرت جو قانون آھي. انسان ته تمام
گھڻو تڪڙو آھي، پر ھر شيءِ پنھنجي وقت ۽ مھل تي
ٿيندي آھي، ائين ئي وقت جي حساب سان، ھي ڪانٽا به
پابند آھن. ملھار جي ماءُ وراڻيو.
ملھار: امان مان به ته پنھنجو ڪم وقت تي ڪندو
آھيان. ھائو پٽ، پر ڪڏھن ڪڏھن مڙئي تون تڪڙو ۽
ڍرو ٿي پوندو آھين. اُھا اُٻھرائي ۽ ڍرائي ٻئي
نقصانڪار آھن.
ملھار: ٺيڪ آ امان. ھاڻ ڪنھن به ڪم ۾ نه دير ڪبي،
نه ئي تڪڙ.
ملھار ٿڪل ھو، سو ٿوري دير ۾ ئي ھن کي ننڊ اچي
وئي. ملھار پُٽ اُٿي شام ٿي وئي اٿئي، وڃي عباس
کان آئسڪريم کڻي اچ. ھا پر جيڪو مون سوال چيو سو
ضرور پڇجانس. ملھار جي ماءُ وراڻيو.
ملھار: جي امان ضرور پڇندس.
ملھار خوشيءَ منجھان ٺينگ ٽپا ڏيندي اچي عباس ڏي
پھتو. عباس او عباس ملھار عباس جي گھر جي در وٽان
سڏ ڪرڻ لڳو.
اچان پيو اچان پيو، تڪڙ نه ڪر آئسڪريم ته کڻي
اچان. عباس وراڻيو.
ھائو ادا تڪڙ ڪونه ٿو ڪريان، تون کڻي اچ ۽ پنھنجو
حصو به ڪڍي اچجان. (ملھار چَپَ چٽيندي چيو.)
عباس: ادا ھي وٺ آئسڪريم ڄمي وئي اٿئي. ملھار:
عباس ھڪڙي ڳالھ ته ٻڌا؟ عباس: ڪھڙي ڳالھ؟
ملھار: جڏھن اھا آئسڪريم ڄمي رھي ھئي تڏھن توانائي
خارج ٿي رھي ھئي يا جذب؟
ادا اھو ته تمام سوَلو سوال ڪيو اٿئي، سائنس جي
سائين اھو پاڻ کي سمجھايو ھو، شايد توکي وسري ويو
آھي. عباس وراڻيو
ملھار: ادا وسريو ناھي، مون کي ياد آھي، پر مان
توکان پڇان ٿو.
عباس: جڏھن ڪابه شيءِ گرم ٿئي يا ٽھڪڻ شروع ڪري،
ته سمجھ اھا توانائي جذب ڪري رھي آھي ۽ جڏھن ڪابه
شيءِ ڄمڻ يا ٿڌي ٿيڻ شروع ڪري ته سمجھ توانائي
خارج ڪري رھي آھي.
ھاڻ تون تڪڙو تڪڙو پنھنجي گھر وڃ، تنھنجي آئسڪريم
توانائي جذب ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو اٿئي. خبر اٿئي نه
ته ڇا ٿيندو؟
ملھار: ھائو ادا ڳرڻ لڳندي. ملھار تڪڙيون تڪڙيون
وکون سرويچ جي گھر ڏانھن کنيون، سرويچ کي آئسڪريم
ڏئي اچي پنھنجي گھر نڪتو ۽ ماءُ کي چيائين. امان
جلدي اچ، آئسڪريم توانائي جذب ڪري رھي آھي.
ملھار جي اھڙي سڏ تي ماءُ کي خوشي ٿي ۽ وراڻيائين:
ها! پٽ اچان پئي. آئسڪريم جست جي وٽي منجھه ڳري
رھي ھئي ۽ وٽي ٻاھران پاڻي جا ڦڙا ظاھر ٿيڻ لڳا
ھئا. تنھن کي ڏسي ماءُ ملھار کي چيو ته:
”پٽ
ھي وٽي جي ٻاھران پاڻي ڪٿان آيو؟“
ملھار: امان ھي پاڻي اھو پاڻي آھي جيڪو ھوا ۾
موجود ھوندو آھي، جنھن کي اسان نَمِي چوندا
آھيو. جيڪي وٽي جي ٿڌي ھجڻ ڪري، توانائي کي خارج
ڪري پاڻي جي شڪل ۾ ظاھر ٿيا آھن. جنھن کي چڪائڻ جو
عمل چئبو آھي. ماءُ خوشي منجھان ملھار کي چُمي
ڏني ۽ ٻئي مزي سان آئسڪريم کائڻ لڳا.
***
علي محمد پلھه
ڳوٺ پلھه/سانگھڙ
اکروٽ جي قيمت
اڳئين زماني ۾ ملڪ ۾ هڪ راجا حڪومت ڪندو هو. هُن
کي شڪار جو شوق تمام گھڻو ھوندو ھو. هڪ ڀيري شڪار
ڪندي گھاٽي جھنگ ۾ اچي پھتو ۽ لڳاتار ھڪ ھرڻ جي
پُٺيان گھوڙو ڊوڙائڻ سبب ھو پنھنجي ساٿين کان ڌار
ٿي ويو. ان وقت بادشاھه کي ڏاڍي اُڃ لڳي هئي. سو
چؤطرف نظر ڊوڙائڻ سان هڪ هنڌ هن کي هڪ جھوپڙي ڏسڻ
۾ آئي. جھوپڙيءَ جي ٻاھران اکروٽن جا ڪافي وڻ ھئا.
راجا جڏھن جھوپڙيءَ جي ويجھو پھتو، ھاريءَ کي
پنھنجي واقفيت ڪرايائين ۽ پاڻيءَ جي طلب ڪيائين.
ھاري پھرين، ته هن کي پنھنجي جھوپڙيءَ ۾ وٺي آيو
۽ ڏاڍي عزت سان ويھاريائين ۽ اکروٽ کارائي پوءِ
پاڻي پياريائين. ٿڪُ ڀڃِي پوءِ راجا اُتان روانو
ٿي ويو. اھڙي نموني راجا جڏھن به شڪار تي ويندو
هو، تڏهن هو هاريءَ جي گھر ضرور ويندو هو. مطلب ته
هاريءَ جي بادشاهه سان ڪافي سڃاڻپ ٿي وئي. هڪ
ڏينھن هاري پنھجي گھر لاءِ سيڌو سامان خريد ڪرڻ
لاءِ شھر ڏانھن روانو ٿيو. دل ۾ سوچيائين، ته شھر
ته وڃان پيو، ڇو نه اُن بھاني سان راجا صاحب سان
به ملاقات ڪري اچان. هاريءَ جي بادشاهه سان
واقفيت هُئي. ڪڏهن به ساڻس ڪنھن مطلب واسطي ملڻ
ڪونه ويو. هن اکروٽن جي هَڙَ ٻڌي پاڻ سان کنئي ۽
ارادو ڪيائين، ته اهو بادشاهه سلامت کي ڏيندس.
ڇاڪاڻ ته اکروٽ بادشاهه کي ڏاڍا وڻندا هئا. اهو
سوچي هو شھر روانو ٿيو. پنڌ تمام گھڻو هو رستي ۾
کيس بُک لڳي، جيڪا ماني پاڻ سان گڏ کڻي آيو هو،
سابه ختم ٿي ويس. پوءِ ته لاچار جيڪي اکروٽ
بادشاهه لاءِ کنيا هئائين، انھن مان به هڪڙو هڪڙو
کائيندو ويو. پر پنڌ کُٽي نه پيو. آخر هن وٽ هڪ
وڏو اکروٽ وڃي بچيو ۽ سامھون شھر جون جايون ڏسڻ ۾
آيس، پوءِ ته همت ڪري شھر ۾ اچي داخل ٿيو ۽ راجا
صاحب جي محلات جو پُڇائيندو اچي دربار ۾ پھتو.
هاري جڏهن راجا وٽ پھتو، ته راجا هن جو ڏاڍو
آڌرڀاءُ ڪيو. پھريائين ته هاري بچيل رڳو هڪ اکروٽ
شرم سبب راجا کي نه ڏنو پر جڏهن راجا پچيس ته مون
لاءِ اکروٽ ڪونه آندا اٿئي؟ هاريءَ عرض ڪيو، ته
قبلا رستي ۾ مون کي ڏاڍي بُک لڳي، اُن ڪري اکروٽ
جيڪي اوهان لاءِ کڻي روانو ٿيو هوس، سي سڀئي مون
کائي ڇڏيا. هن وقت صرف هڪڙو اکروٽ وڃي بچيو آهي.
پوءِ اهو ڪڍي کيس ڏنائين. بادشاهه کي اکروٽ تمام
گھڻا وڻندا هئا. پر راجا اهو اکروٽ کاڌو ڪونه پر
وزير کي گھرائي حڪم ڏنائين، ته هي اکروٽ خزاني ۾
رکيو وڃي ۽ ان جي بدلي ۾ هاريءَ کي هڪ هزار سونيون
اشرفيون ڏنيون وڃن. هاري پنھنجو انعام وٺي روانو
ٿي ويو. اُن دربار ۾ هڪ سوداگر به ويٺل هو. جيڪو
گھوڙن جو واپاري هو.
اُن اهو سمورو نظارو ويٺي ڏٺو، سو دل ۾ سوچيائين،
ته راجا ڪيڏو نه بيوقوف آهي، جو هڪ اکروٽ جي بدلي
۾ هاريءَ کي هڪ هزار اشرفيون ڏئي ڇڏيائين. مان به
راجا سان چالاڪي ٿو ڪريان، ٻن ڏينھن کان پوءِ
عُمدو گھوڙو ڪاھي آيو ۽ راجا جي اڳيان تحفي طور
پيش ڪيائين ۽ دل ۾ سوچيائين، ته اجھو ٿو راجا مون
کي به هاريءَ وانگر انعام ڏئي. پر راجا سوداگر جي
دل جي مراد سُڃاڻي ورتي ۽ حڪم ڪيائين، ته جيڪو
اکروٽ هاري ڏئي ويو آهي، اهو هن سوداگر کي ڏنو
وڃي. ڇاڪاڻ ته اکروٽ جي قيمت هڪ هزار اشرفيون آهي.
سوداگر راجا جا اهي لفظ ٻُڌي ڏاڍو شرمسار ٿيو ۽
دل ۾ انجام ڪيائين، ته هن کان پوءِ ڪڏهن به لالچ
نه ڪندس.
}ٻارو! هن ڪھاڻيءَ مان اسان کي اها نصيحت ملي ته
ڪڏهن به لالچ نه ڪجي.{
***
اشتياق احمد
(قسط: پنجين)
سنڌيڪار: مير سردار چنڙ/دادو
اله دين جو چراغ
}ٻاراڻو ناول{
ڪاري تيل سان ... اوهه! اسان کي ته ان جو خيال نه
آيو! افسوس ڪجي ٿو، ته اسان تنھنجي نزلي جو سبب
بڻياسين. خير ڪا ڳالھه ناهي. اھو ٻُڌا ڪھڙو حڪم آ؟
حڪم..... ھا حڪم به ڪيون ٿا. پھريان اھو ٻُڌاءِ،
ته اڄ توکي ڪا تڪليف ته ناھي ٿي. منھنجو مطلب ھُن
وقت جڏھن مان چراغ کي رڳڙيو ھو.
جي ھا! ٿورڙي تڪليف ٿي ھئي. پھريان منھنجي جسم کي
ھلڪي مُڪُ لڳي، جيڪا تِرڪي وئي. ٻئي دفعي منھنجي
ڪنڌ تي ڄڻ ڪا گُرز ھنيو ھجي.
گُرز ڇا آھي؟ نادر جن کان پڇيو، پر جن نادر جو
آواز نه ٻڌو ان ڪري کيس مان ٻڌايو.
توھان پھلوانن جي ھٿن ۾ ھڪ وڏي گول شيءِ ناھي ڏٺي.
جنھن ۾ دستو به لڳل ھوندو آھي، پھلوان ان کي
پنھنجي ڪلھي تي رکندا آھن اھو تمام وزني ھوندو آھي
.
ھا ھا مونکي خبر آ.
بس ته پوءِ! ان کي گُرز چوندا آھن.
اڙي! اھا مون کي اڄ خبر پئي.
ھي اوھان پاڻ ۾ ڪھڙي سُس پُس لاٿي آ. مونکي حڪم
ڪيو. جن بيزاريءَ مان چيو.
ڇا توکي ڪوئي ڪم آ باجيءَ پڇيو، پر ھُو بُتُ بڻيو
بيٺو رھيو اھو عجب ناھي، ته تون مون کان سواءِ
ڪنھن جو آواز نه ٿو ٻُڌي سگھين. مان چيو.
دراصل منھنجو ھڪ ڪَنُ خراب ٿي ويو آ . جن اچانڪ
چيو.
”ڇا
مطلب!“
اسان سڀني ھڪ آواز ۾ چيو.
جي ھا! ٽي هزار سال ھڪ ئي پاسي سُتو آھيان نه، ان
لاءِ ھڪ ڪَنُ خراب ٿي ويو آھي.
”اڙي!
ته ٻيو ڪن ته صحيح آھي نه جن صاحب!
“
مان حيران ٿيندي چيو.
جي ھا! پر منھنجو ٻيو ڪن صرف ان ماڻھو جي ڳالھه
ٻُڌي سگھي ٿو، جنھن جي قبضي ۾ چراغ ھجي.
اوہ! چئبو ته اھا ڳالھه آھي. ان جو مطلب اھو آھي،
ته ٽي ھزار سال سڀني ماڻھن جي ڳالھه ٻڌي سگھندو
ھئين.
”جي
ھا!
“جن
چيو.
بابا!
”جن
کي سڀ کان پھريون حڪم ڪھڙو ڏنو وڃي“
مان پڇيو.
”پٽ!
صبح کان اسان ان چراغ جي پويان پيا ھلون، ھن وقت
تائين تنھنجي ماءُ نيرن به تيار ناھي ڪئي. ڇو نه
تجربي جي بنياد تي ان کان نيرن گھرائي وڃي.“
انھن تجويز پيش ڪئي.
”ھا!
اھو بھتر رھندو.“
ادا ان جي حمايت ڪئي. جي بھتر. جن صاحب! اسان اڃا
نيرن ناھي ڪئي، اسان بُک تي آھيون، سڀ کان پھريان
نيرن جو انتظام ڪر.
”جيڪو
حڪم منھنجا آقا!“
جن اھو چئي غائب ٿي ويو.
”جلدي
جلدي ڪُرسين تي ويھو، وچ تي ميز خالي ڪيو، نيرن
اچڻ واري آھي.“
مان چيو.
سڀني منھنجي ھدايت تي عمل ڪيو. اوچتو ميز تي اسان
جي سامھون پُوريون ۽ کوڙ سِيرو موجود ھو. اڱڻ ۾
ڏٺم ته ٻئي ٺلھه موجود ھئا. ڪڪرن ۾ گجگوڙ ٻُڌڻ ۾
اچي پئي. نيرن حاضر آھي، منھنجا آقا.
وڏا وڙ! مان چيو ۽ سڀئي بُکايل جيئن کاڌي تي ڪري
پياسين.
”ڇا
مون کي اجازت آھي.“
جن پڇيو.
بابا! جن جي باري ۾ ڇا خيال آ، ان لاءِ ٻيو ڪو ڪم
آھي.
ڪم! ھا آھي ڇو نه سڀ کان اھم ڪم ته گھر جي ڳولا
آھي، اسان ڪيترن ڏينھن کان پريشان آھيون. ڪو گھر
ملي ئي نٿو. منھنجو خيال آھي، ته جن ايندي ويندي
گھر ڳولي ڏيندو.
”تمام سٺو! تمام بھترين خيال آ.“
ادا جي واتان نڪتو.
”ٺيڪ
آ! مان ان کي حڪم ڪيان ٿو.
”مسٽر
جن!“مان
جن سان مخاطب ٿيس.
”ھي
مسٽر ڪھڙي بلا آھي.“
جن پڇيو.
انگريزي لفظ آ. ادب سان سڏڻ لاءِ نالي کان پھريان
لڳائبو آ. پر مان ته اوھان جو غلام آھيان! توھان
مون کي مسٽر نه چئو.
اڇا خير! ڳالھه دراصل ھيءَ آھي، ته اسان کي ھڪ عدد
مسواڙي گھر جي ضرورت آھي.
مسواڙي گھر! مان نه سمجھيس! جن حيران ٿيندي چيو،
ڇاڪاڻ ته ھن وقت تائين چراغ جيترن به ماڻھن وٽ
رھيو آھي. ڪنھن به ان قسم جو حڪم نه ڏنو ھوندو.
تون ھي گھر ڏسي رھيو آھين! ننڍڙو آھي.
جي ھا.
ھي اسان جو ناھي.
ته پوءِ.....؟ جن حيران ٿي ويو.
ٻئي جو آ، اسان ان کان مسواڙ تي ورتو آ.
ٺيڪ آ .... مان اوھان لاءِ پورو محل ٿو ٺاھي
ڇڏيان.
پر ڪٿي ٺاھيندين؟
جتي توھان چوندؤ.
پر اسان جي ته ڪا به ذاتي زمين ناھي.
ته پھريان زمين خريد ڪري وٺنداسين.
اسان وٽ ايترا پيسا ناھن.
(هلندڙ......)
خليل الله ميمڻ
ڪوٽڙي/ڄام شورو
محنت ۾ عظمت آهي
اُستاد حبيب پنھنجي ليڪچر کي ختم ڪندي، هڪ مُختصر
نصيحت ڪئي، ته
”بابا
محنت ۾ ئي عظمت آهي“
آئون به هڪ غريب گھراڻي جو فرد هُيس. الحمّدُلِله!
اڄ آئون ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، اوهان جي سامھون
آهيان. توهان مان ئي سڀاڻي انجنيئر، ڊاڪٽر ۽ آفيسر
ٿيندا. پر شرط آهي محنت! اسان غريبن جو آخري آسرو
پڻ محنت ئي آهي.
اُستاد حبيب پنھنجي ڪلاس روم مان جيئن ئي ٻاهر
نڪتو، ته هِن کي ڪنهن شاگرد جو پُٺيان سَڏُ ٻُڌڻ ۾
آيو.
”سر!
سر!“
هن بيھي مُڙي ڏٺو، ته مقصود سندس انٽر جو شاگرد ئي
هيو. جيڪو کيس سَڏي رهيو هو. اُستاد حبيب معمول
موجب ئي وراڻيو،
”جي
بابا“
”سر!
توهان جا ليڪچر مون کي ڏاڍو وڻندا آهن ۽ آئون انھن
مان ڏاڍو اتساھه حاصل ڪندو آهيان.“
مقصود چيو.
”جي
پُٽ! وڏي مھرباني!“
اُستاد حبيب جواب ڏنو.
”سر!
آئون اوهان کان هڪ صلاح وٺڻ ٿو چاهيان!“
مقصود چيو.
”جي
بابا، چئو!“
”سر!
آئون غريب خاندان سان تعلق رکان ٿو“
مقصود چوڻ لڳو:
”هتي
آئون ريلوي ڪالوني جي هڪ ڪوارٽر ۾ رهندو آهيان.
جتي آئون دوستن جي آسري تي رهندو ڪندو آهيان. آئون
انھن جي ماني پچائيندو آهيان ۽ انھيءَ مزدوريءَ جي
عيوض اُتي رهندو آهيان ۽ پاڻ پيٽ گُذر ڪندو آهيان.
منھنجا والدين انتھائي غريب آهن. سر!“
اُستاد حبيب وراڻيو:
”تون
هڪ با همت ڇوڪرو آهين! ايئن محنت ڪندين ته ڪامياب
ٿيندين.!“
”سر!
هاڻ انٽر جا امتحان ويجھا آهن. سڀ دوست يونيورسٽي
وڃڻ لاءِ مختلف اڪيڊميز ۾ انٽري ٽيسٽ جي تياري ڪري
رهيا آهن. آئون به امتحان جي تياري ته ڪري رهيو
آهيان، پر آئون يونيورسٽي وڃي نه سگھندس! آئون
ڏاڍو مايوس آهيان. اگر ڪنھن سبب جي ڪري منھنجي
داخلا ٿي به وئي، ته آئون وڌيڪ پڙهي نه سگھندس
سائين!“
مقصود ڏُک مان چيو.
اُستاد حبيب هڪ پَل لاءِ چُپ ٿي ويو، پر پوءِ به
هن مقصود کي دلجاءِ ڪرائيندي چيو،
”ربّ
وڏو آهي. توهان پنھنجي محنت جاري رکو! ربّ وڏو
مھربان آهي.“
اُستاد حبيب اسٽاف روم ۾ هليو ويو ۽ مقصود پنھنجي
ڪلاس ۾ واپس هليو ويو. اُستاد حبيب مسلسل مقصود جي
مستقبل لاءِ سوچيندو رهيو. هو سوچي رهيو هو، ته هو
ڪيئن هن جي مدد ڪري؟ مسلسل چار پنج سال ڪير هن جي
فيس ۽ ٻيو خرچ ڀري سگھندو. هو به پريشان ٿي ويو.
وقت جو وهڪرو پنھنجي رفتار سان وهندو رهيو. انٽر
جا امتحان ٿي چڪا هئا. وئڪيشن پوري ٿي چڪي هئي. بس
رزلٽ جو انتطار هيو. اُستاد حبيب ۽ مقصود جي
ملاقات هڪ دفعو ٻيھر ٿي وئي. مقصود وري به سائين
حبيب کان ساڳيو سوال ڪيو.
”سر!
منھنجي لاءِ ڪجھه ڪيوَ! آئون پريشان آهيان، ٻه
مھينا مون مِل ۾ مزدوري ڪئي آھي. يونيورسٽيءَ ۾
انٽري ٽيسٽ جي تياري پڻ ڪئي آھي.“
اُستاد حبيب کيس چيو!: توھان جو نوڪريءَ جي باري ۾
ڇا خيال آھي؟
مقصود وراڻيو:
”سر!
انٽر تي ڇا ملندو؟“
”مقصود!
اوھان فوج ۾ سيڪنڊ ليفٽيننٽ لاءِ تياري ڪرايو! ھن
مھيني ۾
’آءِ.ايس.ايس.بي‘
جون ٽيسٽون شروع ٿينديون. اوھان اڳ ۾ ئي تياري
شروع ڪريو! اگر ان سلسلي ۾ اوھان کي ڪتابن لاءِ
پئسا گھرجن، ته آئون اوهان جي مدد ڪري سگھان ٿو.!
اوهان ذهن ٺاهيو، ته پوءِ ڪنھن دوست کان وڌيڪ
رهنمائي وٺي سگھون ٿا.“
اهو ٻُڌي مقصود جي دل باغ بھار ٿي وئي. اُستاد
حبيب کيس ڪتاب ھٿ ڪري ڏنا ۽ ڪجھه رهنمائي پڻ ڪئي.
هن کيس ڪجھه روڪ رقم به ڏني ۽ چيو،
”توهان
هيءَ رقم خرچ پاڻيءَ لاءِ رکو.“
مقصود پنھنجي دل و جان سان تياريءَ کي لڳي ويو.
انٽر جي رزلٽ ايندي ئي هُو بنا دير، وڃي
’آرمي
سليڪشن سينٽر‘
تي پنھنجي رجسٽريشن ڪرائي آيو. اُستاد حبيب به
ڪنھن دور ۾ خود سيڪنڊ ليفٽيننٽ جو اميدوار رھيو ۽
بنيادي ٽيسٽون ڪليئر به ڪيون هيون، سو هن مقصود کي
خوب تياري ڪرائي.
اُستاد حبيب هن کي
”فزيڪل
ٽيسٽ“
لاءِ اڳواٽ واڪ ڊوڙ جو مشورو ڏنو. جڏهن ارادا اٽل
هوندا آهن، ته منزلون آسان ٿي پونديون آهن. اڄ
مقصود ابتدائي ٽيسٽ ڪليئر ڪري اُستاد حبيب کي اچي
ٻُڌايو. اُستاد حبيب کيس اڳئين ٽيسٽ لاءِ رهنمائي
ڪئي. مقصود هڪ محنتي ڇوڪرو هيو. هن رات ڏينھن هڪ
ڪري ڇڏي. شام جو شھر واري لائبرريءَ ۾ وڃي پنھنجي
هم خيال دوستن جو گروپ جوائن ڪيو. جلد ئي هو
ڪراچيءَ ۾
”آءِ.ايس.ايس.بي“
جي ٻي ٽيسٽ لاءِ روانو ٿي ويو. ائين هو اها ٽيسٽ
پڻ ڪواليفاءِ ڪري سيڪنڊ ليفٽيننٽ چونڊجي ويو. ان
بعد هن کي پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول وڃڻو هو. پر
سچ به ته هن جي حالت اها هئي جو هن کي ڪراچيءَ وڃڻ
جا پئسا مس هئا. اُستاد حبيب نه فقط سندس مالي مدد
ڪئي، پر ڪجھه ڪپڙن جا وائيٽ سوٽ، بوٽ ۽ ڀلو بيگ
وٺي گفٽ ڪيو. هن مقصود کي چيو، منھنجا ٻچا، تون هڪ
محنتي ۽ هوشيار شاگرد رهيو آهين. ربّ پاڪ تنھنجو
نگھبان ٿيندو. وڃ هڪ ڏينھن تون آفيسر ٿي موٽندين.
انشاءَالله.
مقصود جي هڪ ٻي خاصيت اها هئي، ته هو جنھن به ڪم
کي وٺندو هو، ته ان کي سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان
نڀائي پورو ڪندو هو. وقت جو وهڪرو تمام تيزيءَ سان
گذرندو رهيو. هڪ ڏينھن اُستاد حبيب جيئن ئي ڪاليج
کان ٻاهر اچي رهيو هو، ته سندس سامھون رڪشي مان ھڪ
سُھڻو نوجوان لٿو، جنھن جا وار ڪٽيل، ڪلين شيو،
پينٽ شرٽ پھريل ھو. ان نوجوان اُستاد حبيب کي
سُلوٽ ھنيو.
”السلام
عليڪم سر!“
اُستاد حبيب کيس ڀاڪُر ۾ ڀَري نِرڙ تي چُمي ڏني.
ائين مقصود فوجي آفيسر بڻجي ويو.
ليو ٽالسٽاءِ
سنڌيڪار: اياز ڀٽو/جيڪب آباد
ڪڪڙ ۽ مالڪياڻي
ھڪ مادِي ڪڪڙ روز آنا ڏيندي ھئي، هن جي مالڪياڻيءَ
سوچيو، ته جيڪڏهن مان ان کي زياده کائڻ جي لاءِ
ڏيان، ته هيءَ زياده آنا ڏيندي، هن ڪڪڙ جي خوراڪ
وڌائي ڇڏي. نتيجو اهو نڪتو ته ڪڪڙ ٿُلهي ٿي وئي، ۽
ان آنا ڏيڻ بند ڪري ڇڏيا.
سبق:
لوڀ لالچ ڏاڍي خراب عادت آهي، ان منجھان فائدو نه،
نقصان ٿيندو آهي، جيئن ڪڪڙ جي مالڪياڻيءَ جو ٿيو!!
***
سنڌ حڪومت پاران مليل مُفت ڪتاب
’ڪي.
جي کان وٺي ڏهين ڪلاس تائين‘
جي ٻارن ۾ تقسيم ڪرڻ واري هڪ تقريب گورنمينٽ بوائز
هائير سيڪنڊري اسڪول ماٿيلو مومل جي ماڙي ۾ ڊسٽرڪٽ
ايجوڪيشن پرائمري آفيسر گھوٽڪي سيد اسرار احمد
شاهه بخاري جي صدارت ۾ ڪوٺائي وئي، جنھن جو مھمان
خاص تعليمي ماهر ۽ گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري
اسڪول ماٿيلو مومل جي ماڙي جو ايف.اي غلام مرتضى
شيخ هو. جڏهن ته اعزازي مھمان ٻالڪ ادبي فورم سنڌ
جو مرڪزي صدر ۽ سنڌي ٻاراڻي ادب جو ناميارو ليکڪ ۽
شاعر عبدالحئي ڀٽو، تعليمي ماهر اُستاد محمد بخش
ڪلوڙ ۽ اُستاد عبدالغفور ميراڻي هئا.
ڪوٺايل تقريب ۾ تعليمي ماهرن ۽ اُستادن نصرالله
ڀٽو، سڪندر اعظم ڪڪڙو، محمد قاسم پتافي، مقصود
احمد مھر، غلام مجتبى شيخ، عبدالڪريم مھر، ڪامران
حسن مغل، حماد الله ڀٽو، غلام حسين شيخ، لطف الله
منگي، مولاداد ڀٽو، سيد حاڪم علي شاهه، عبدالفتاح
ڪڪڙو سميت گُلن جھڙن اسڪولي ٻارڙن شرڪت ڪئي. ان
موقعي تي ڪي.جي ڪلاس کان وٺي ڏهين ڪلاس جي تقريبن
300
اسڪولي ٻالڪن ۾ سيد اسرار احمد شاهه بخاري،
عبدالحئي ڀٽو ۽ ٻين مُفت درسي ڪتاب تقسيم ڪيا. آخر
۾ سيد اسرار احمد شاهه بخاري ۽ ٻين ڳالھائيندي
چيو، ته سنڌ حڪومت سنڌ جي تعليم کي وڌيڪ بھتر ۽
اجاگر ڪرڻ لاءِ نج ميرٽ جي بنياد تي لاتعداد
اُستاد ڀرتي ڪيا آهن ۽ تعليم به مُفت ڪئي آهي.
انھيءَ جي ڪري سنڌ حڪومت سرڪاري اسڪولن لاءِ مُفت
درسي ڪتاب موڪليا آهن. جيڪي اڄ اسين مُفت درسي
ڪتاب ڪي.جي ڪلاس کان وٺي ڏهين تائين جي ٻارن ۾
ورهائي رهيا آهيون.
ٻارن جي والدين کي گھرجي، ته پنھنجن ٻارڙن کي
گورنمينٽ جي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ سان گڏ، ٻارن کي
اسڪول پابنديءَ سان موڪلين، ڇو ته تعليم هر ٻار جو
بنيادي حق آهي. سنڌ جي تعليم کي بچائڻ ۽ ان جي
ترقي ۽ واڌاري لاءِ سماج جي هر فرد کي پنھنجو
ڪردار ادا ڪرڻو پوندو هنن وڌيڪ چيو ته اسان وٽ اڄ
به ڪافي اُستاد ايماندار، ڊيوٽي جا پابند ۽ سچا
آهن، جيڪي وقت جي پابنديءَ سان اسڪول پھچن ٿا ۽
پنھنجي قوم جي ٻارن کي مخلصي ۽ سچائيءَ سان تعليم
ڏين ٿا.
سنڌ جي تاريخي ماڳ ماٿيلو مومل جي ماڙي جو هي
قديمي اسڪول آهي، جتي هميشه علمي، اصلاحي ۽ تعليمي
پروگرام ٿيندا رهن ٿا. اهو سنڌ جو واحد اسڪول آهي،
جتان سنڌي ٻوليءَ جي برک شاعر، صحافي ۽ اديب سيد
سردار علي شاهه ذاڪر، سنڌ جو ناميارو ليکڪ، شاعر ۽
صحافي سيد امير بخاري ۽ دانشور سيد اختر علي شاهه
بخاري ۽ تعليم کاتي ۾ وڏن عھدن تي رهندڙ سيد محمد
عالم شاهه بخاري، غلام محمد شيخ، غلام نبي شيخ،
واحد بخش منگي، احمد خان ڀٽو، محمد حسن شيخ، ارباب
علي ڪڪڙو ۽ عالم دين مولوي محمود ڀٽو به هن اسڪول
مان تعليم حاصل ڪئي. سنڌ جو قديمي قلعو ماٿيلومومل
جي ماڙي هميشه علم ۽ ادب جو مرڪز رهيو آهي. تعليم
جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ اسان جي جدوجھد هميشه جاري
رهندي.
***
مقبول احمد
چنيھاڻي/ ڪنڊيارو
ھر حال ۾ رب تعالى جو ذڪر
·جڏهن
ڪوبه ڪم شروع ڪريو ته چئو بسم الله.
·جڏهن
ڪنهن سُٺي ڪم ڪرڻ جو ارادو ڪريو، ته ان شاءَ
الله چئو ربّ ضرور مدد ڪندو.
·جڏهن
ڪنھن جي ڪا خُوبي (سُٺائي) وڻي وڃي، ته چئجي
سُبحان الله.
·جڏهن
ڪنھن شيءِ کي پسنديده نظر سان ڏسو، ته چئو ما
شاءَ الله.
·جڏهن
ڪنھن جو شڪريو ادا ڪريو، ته چئو جزاڪ الله
خيراً.
·جڏهن
ڇِڪَ اچي، ته چئو الحمدلله.
·جڏهن
ڪنھن ٻئي جي ڇِڪَ ٻڌو، ته چئو يرحمڪ الله.
·ڀُل
۾ يا اِرادي سان ڪو گناهه ٿي پوي، ته چئو
استغفر الله.
·جڏهن
ڪنھن کان موڪلايو، ته چئو في امان لله.
·جڏهن
ڪنھن جي موت جي خبر ٻڌجي،
ته چئو انا لله و انا عليه راجعون.
لطيفي لات جو نتيجو
آڪٽوبر
2024ع
جي ماهوار شماري ۾
”لطيفي
لات“
جي سلسلي ۾ ڏنل بيت
”سُر ڪلياڻ“
جي داستان ٽئين جو چوٿون نمبر بيت آهي.
بيت جي سمجھاڻي ۽ مفھوم:
اي مالڪ سائين، تون ئي مون کي منھنجي
’خودي‘
(پاڻپڻي) کان پري ۽ پاسي ڪر ته جيئن ان (بلا، آفت)
کان ڇوٽڪارو ملي. (پاڻ کي آجو ڪري سگھان .)
اي ڍڪ ڍڪيندڙ، مون واقعي انھيءَ شرڪ (واري حالت)
سان زندگيءَ جا گھڻا ئي ڏينھن گذاري ڇڏيا آهن.
بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:
*رونق علي: ڪلاس چوٿون، اقصى ماڊل اسڪول
هالا نوان.
*حسنين علي: ڪلاس اٺون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول
هالا نوان.
*ذوالقرنين علوي: ڪلاس ڇھون، اقصى ماڊل اسڪول هالا
نوان.
*علي حيدر علوي: ڪلاس چوٿون، اقصى ماڊل اسڪول
هالا نوان.
*عمار علي: ڪلاس پنجون، هادي بخش ڇٽو اسڪول آراضي
سيوهڻ.
*آذان علي: ڪلاس ٽيون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول
آراضي سيوهڻ.
*ڪونين زهرى: ڪلاس ٻيون، گورنمينٽ گرلس
پرائمري اسڪول آراضي سيوهڻ.
*مزراب غلام حيدر: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ
گرلس هاءِ اسڪول آراضي سيوهڻ.
*فيروز علي: ڪلاس اٺون، مخدوم غلام حيدر گورنمينٽ
هاءِ اسڪول هالا نوان.
*شهزاد علي: ڪلاس اٺون، مخدوم غلام حيدر گورنمينٽ
هاءِ اسڪول هالا نوان.
*جواد علي سوڍڙو: ڪلاس پنجون، گورنمينٽ
پرائمري اسڪول هالا نوان.
*انيبا فرحان: دي رائيٽ وي ايجوڪيشنل اڪيڊمي ڳوٺ
باغ ڀٽي حيدرآباد.
*عبدالسميع: ڪلاس ستون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري
اسڪول بکر جمالي.
*مهراڻ ياسين آرائين: ڪلاس ڏهون، هاءِ اسڪول ڦلجي
اسٽيشن دادو.
*ميرب زهره: ڪلاس ٽيون، روشني گرامر اسڪول آراضي
سيوهڻ.
*سعد الله ڏاهري: ڪلاس ستون، اسد پبلڪ هائير
سيڪينڊري اسڪول شاهپور جھانيان.
بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان علي حيدر
علوي جو ڪُڻو نڪتو آهي، کيس سنڌي ادبي بورڊ پاران
گُل ڦُل جي ڪاپي موڪلجي ٿي.
|