سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل نومبر  2024ع

باب:

صفحو:4 

ڊاڪٽر رشيده ڀٽي

ڄام شورو

ماکِي(Honey)

ماکيءَ جي مک منجھان حاصل ٿيندڙ ماکي، صحت جي لاءِ نھايت ئي ضروري سمجھي ويندي رھي آھي. زمانهءِ قديم کان ماکيءَ جي افاديت لکي ۽ پڙهي ويندي رهي آهي.

هڪ هنڌ حضرت ابو هريره رضه جن کان روايت آهي ته حضرت محمد مصطفى ﷺ جن فرمايو، اي انسانو توهان لاءِ ماکي، ڄڻ ته هڪ آسماني تحفو آهي. جيڪو شخص هر مھيني گھٽ ۾ گھٽ ٽي چمچا صبح جو ماکي چٽيندو، ته هن کي اُن مھيني ۾ ڪا وڏي بيماري نه ٿيندي. (ابن ماجه)

حضرت عبدالله بن مسعود رضه جن کان روايت آهي، ته حضرت محمد ﷺ جن فرمايو، اي انسانو توهان لاءِ شفا جا ٻه مظھر آهن، قرآن شريف ۽ ماکي. (ابن ماجه)

ماکيءَ جي غذائي اهميت (Nutrition Facts)

ماکي صحت جي لاءِ ڄڻ ضمانت آهي، آرام سان هضم ٿيندڙ  ۽ قدرتي طاقت سان ڀرپور ٿئي ٿي. هن ۾ ڪاربوهائيڊٽس (نشاستو) پروٽين، ليپڊس،  متحرڪ ڪندڙ جُزا اينزائم ۽ وٽامنس  ڀرپور انداز ۾ موجود آهن. هڪ ڀريل چانھن وارو چمچو ماکيءَ جو اسان کي هيٺين ريت ڪئلوريز فراهم ڪري ٿو. ڪئلوريز 304mg، وٽامن سي 0.5mg، فوليٽ 2.0mg، نياسين 0.1mg، ڪئلشيم 6.0mg، فولاد (آئرن) 0.4mg، ميگنيشيم 2.0mg، فاسفورس 4.0mg، فلورائيڊ 7.0mg، زنڪ (جست) 0.2mg.

ماکيءَ جي طبي نقطهءِ نظر کان اهميت ۽ افاديت

ماکي جنهن کي اردوءَ ۾ شهد، عربيءَ ۾ نحل، پنجابيءَ ۾ شهت ۽ انگريزيءَ ۾ ”Honey“ سڏيو وڃي ٿو. تنهن جي اهميت ۽ افاديت طبي نقطهء نظر کان تمام اهم آهي. ماکيءَ جو ذڪر قرآن شريف ۾ پڻ موجود آهي. ۽ حضرت محمد مصطفىﷺ جن پڻ ڪيترن ئي موقعن تي بيشمار فائدا ٻڌايا آهن. ڪيترن ئي حديثن مبارڪن ۾ ماکيءَ جي مک ۽ ماکيءَ جو احوال ملي ٿو. جهڙيءَ طرح ماکيءَ جي مک گڏيل ڀائيچاري ۽ حڪمت عملي جو بيمثال نمونو پيش ڪري ٿي ۽ محنت ۽ همت جو لازوال نمونو پيش ڪري ٿي. ساڳيءَ ريت سندس محنتن جي نتيجي ۾ حاصل ٿيندڙ ماکي پڻ بيشمار فائدن ڏيڻ ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي. اسان سڀني کي خبر آهي، ته ماکيءَ جي مک ماکي ٺاهڻ دوران يعني پنهنجي ماناري کي جوڙڻ دوران ڪيتري نه جفاڪشيءَ کان ڪم وٺي ٿي ۽ پوءِ آخر ۾ ان ماناري ۾ گڏ ٿيندڙ ماکي، ڪيئن نه مخلوقِ خدا لاءِ ڪارائتو ڪم ڏئي ٿي. اها مک هڪ طرف محنت، همت ۽ جفاڪشيءَ جو سبق ڏئي ٿي. ته ٻئي طرف بني نوع انسان لاءِ بيحد مفيد ۽ ڪارآمد محلول نما ماکي پيدا ڪري ڏئي ٿي. ان ماکيءَ جھڙو ڪوبه نعم البدل پيدا نه ٿي سگھيو آھي.

ماکي مزاج جي لحاظ کان گرم ٿيندي آھي. ان ڪري گھڻي ڀاڱي سياري جي مُند ۾ استعمال ڪبي آھي، پر جيڪڏھن اسان طبي نقطهء نظر کان اڀياس ڪنداسين، ته اسان کي خبر پوندي ته ماکيءَ جو استعمال ڪيڏو نه مؤثر ۽ افاديت (ڪارآمد ۽ فائده بخش) وارو آهي. قرآن مجيد ۾ ماکيءَ جو ذڪر سورة تحريم ۾ موجود آهي. سورة نحل ۾ ربّ تعالى فرمايو آهي، ته هن ۾ ماڻھن لاءِ شفا آهي. جيڪڏهن ماکيءَ جي جُزن جو جائزو ورتو وڃي، ته خبر پوندي ته هن ۾ پاڻي، گلوڪوز، ميوَن جي رس، (پاڻياٺ/عرق) ۽ روغني جُزن  سان گڏ رنگدار مادو مليل هوندو آهي. ۽ تمام ٿوري مقدار ۾ حياتين ب يعني (Vitamin B) ڪمپليڪس (Complex)، جا قسم پڻ موجود هوندا آهن. معدنيات منجھان هن ۾ ايلومينيم، چُن جا مرڪب، ڪلورين، ٽامو، لوهه (فولاد)، ميگنيشيم، مئگنيز، فاسفورس، پوٽاشيم، سوڊيم ۽ گندرف پڻ موجود هوندا آهن. هيءَ يعني ماکي، دل و دماغ، معدي ۽ جگر کي بي انتھا قوت بخشيندڙ شيءِ آهي. ماکي رت اندر گاڙهن جُزن يعني (Red Cells) ۾ پڻ اضافو ڪري ٿي. اصلي خالص ماکيءَ ۾ قدرت اها خاصيت رکي آهي، ته اُن ۾ اندر جراثيم بلڪل به نٿا ٿي سگھن ۽ جيڪڏهن ڪوشش ڪندا ته پاڻمرادو ختم ٿي ويندا. خوردبيني مشاهدي جي دوران ان ڳالھه جي تصديق ڪئي ويئي آهي، ته خالص ماکيءَ سان 48 ڪلاڪن اندر ٽائيفائيڊ جراثيم کي ختم ڪري سگھجي ٿو، بشرطيڪه، ته ماکي اصلي ۽ خالص هجي. ان تحقيق جي به تصديق ڪئي وئي آهي، ته ماکي نوَن ۽ پراڻن زخمن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي آهي. سوڄ ۽ ورم کي پڻ زائل ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندي آهي. عھد قديم کان وٺي عھدِ جديد تائين سڀني سائنسدانن ماکي جي شفائي اثرات کي مڃيو (تسليم) ڪيو آهي. نزلي ۽ زڪام واري صورت ۾ ماکيءَ جا ٻه چمچا، اڌ ليمي جي رس سان گرم پاڻيءَ ۾ يا وري چانھه جي پتي (قھوه) واري پاڻيءَ ۾ ملائي پيئڻ سان فوري طور آرام اچي ويندوآهي. اعصابي ٿَڪُ ٿئي، ته ان ۾ به جيڪڏهن نيم گرم پاڻيءَ ۾ ٻه چمچا ماکي ملائي پيئبو ته فوري طور تي آرام اچي ويندو، ٿڪاوٽ دُور ٿي ويندي ۽ قوت بحال ٿي ويندي. اڄ ڪلھه ڪيتريون ئي بيماريون جگر جي خرابيءَ جي ڪري پيدا ٿي رهيون آهن. جيڪڏهن پنھنجي روزاني غذا (خوراڪ) ۾ ماکيءَ کي شامل ڪيو وڃي، ته هوند ڪيترن ئي بيمارين کان بچاءُ ممڪن ٿي سگھي ٿو. ماکي گُردن جي تڪليف ۾ به باعثِ شفا ثابت ٿي سگھي ٿي.

دراصل ماکي دوا به آهي ۽ غذا به آهي. هن سان ساهه جي تنگي دور ٿئي ٿي ۽ بلغم کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. حافظي کي قوت بخشي ٿي ۽ تيز  ڪري ٿي. کنگھه، فالج، لقوه، اکين جي مختلف مرضن، ڪن جي تڪليف وغيره ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. معدي جي تڪليف هجي توڙي زخم هجي، رت جي خرابي هجي يا وري پيٽ ۾ ڪيڙا هجن، يرقان هجي يا تريءَ ۾ سوڄ هجي، دماغي مرض هجي يا وري هڏن جي تڪليف هجي، مونجھه ۽ اوڪارا محسوس ٿين، هر تڪليف ۾ ماکيءَ جي استعمال کي مفيد ۽ ڪارائتو سمجھيو وڃي ٿو. سياري جي موسم هجي يا وري گرميءَ جي، ماکي هر موسم ۾ يڪسان مُفيد آهي. سياري ۾ گرم مشروبات سان گڏي استعمال ڪرڻ گھرجي ۽ وري گرمين جي مُند ۾ پاڻيءَ يا کير وغيره سان گڏي استعمال ڪرڻ گھرجي.

طِبي فائدا

ماکيءَ ۾ ربّ تعالى اهڙيون ته خاص قسم جون خاصيتون رکيون آهن، جن جو ڪوبه ٻيو مثال نٿو ملي سگھي. ماکي هر قسم جي ڦٽَ ڦُرڙِي کي سُڪائڻ جو اثر رکي ٿي. ماکي اينٽي بئڪٽيريل به آهي ، ته ساڳي وقت اينٽي فنگل به آهي. هن جون خاصيتون بيشمار آهن. نج ماکيءَ جو استعمال بئڪٽيريا جي وڌڻ ويجھڻ واري عمل کي روڪي سگھي ٿو. مثال طور: اسٽيفائلوڪوڪس ايورئيس ۽ ڪجھه نڙيءَ جا جيوڙا ۽ ڪجھه فنگس مثال طور: ڪئنڊيڊا آلبيڪنس وغيرا پيشاب واري ناليءَ جي انفيڪشن ۾ بعض دفعه روايتي اينٽي بائيوٽڪ (ضدِ حيات) دوائن جي اُبتڙ 50 سيڪڙو گھاٽائي واري ماکي بھتر نتيجا ڏيکاريا آھن. 40 سيڪڙو گھاٽائي سان ماکي نڙيءَ جي بئڪٽيريا کي ختم ڪري دستَ ۽ پيچسِ کي روڪي سگھي ٿي. مثال طور: سيلمونيا جيوڙو، شنگيلا، اينٽروپيٿوجينڪ اي، ڪولاءِ، ۽ وائيريوڪالرا کي ختم ڪرڻ ۾ بيحد مددگار ثابت ٿئي ٿي. ماکيءَ جي بھترين ۽ خاص خاصيت آھي، ته ڦَٽُ ڇُٽائڻ ۽ اينٽي انفلاميٽري يعني سوزش ۽ سوڄ کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ٿيڻ. ماکي قدرتي طور شفائي خاصيتن سان ڀرپور گھاٽي ۽ ليس دار پاڻياٺ آھي. جنھن ۾ اھڙا ته ڪيميائي جُزا شامل آهن، جيڪي ڪنھن به سوڄ ۽ سوزش ۾ جڪڙيل گھرڙي (Cell) ۽ تاندوري (Tissues) منجھان پاڻيءَ جي ماليڪيول کي ائين جذب ڪري وٺي ٿي، جو ھڪدم سوڄيل ۽ تڪليف ۾ ورتل تاندورا وري نارمل طور ڪم شروع ڪرڻ جي اھل ٿي وڃن ٿا. ماکي سڙيل چمڙي ۽ زخمن جي لاءِ پڻ بھترين مرھم ثابت ٿي آهي. خدانخواسته جيڪڏهن ڪنھن کي چونھبارَي چاڪُو يا ڪپَ سان ڪو وڍُ/ڪٽ لڳي وڃي، يا وري نوڪيلي اوزار سان چمڙي ڪٽجي پوي. توڙي جو چمڙي جو السر (Decubitus ulcer) ٿي پوي، ته هر مسئلي کي مُنھن ڏيندڙ ماکي قدرت جي طرفان ھڪ اعلى درجي جي شفا بخشيندڙ دوا طور عطيو مليل آھي. جنھن کي استعمال ڪري انسان بيحد فائدو حاصل ڪري سگھي ٿو. ماکي مرڪب آھي، گلوڪوز ۽ فرڪٽوز (ٻن کنڊ جي قسمن جو) ۽ اھا ئي خاصيت آھي ماکيءَ جي، جو ماکي آرام سان پاڻيءَ جا جزا زخم واري جڳھه تان جذب ڪري، تاندورن کي خشڪ ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي. ماکيءَ منجھه موجود گلوڪوز ۽ فرڪٽوز زخم جو پاڻي سُڪائي خشڪ ڪرڻ سان گڏوگڏ بئڪٽيريا ۽ فنجاءِ (Fungi) قسم جي جيوڙن کي پڻ ختم ڪري ڇڏن ٿا. جيئن ته اسان کي خبر آهي، ته ننڍڙا جيوڙا (جراثيم) پوسل يعني آلاڻ (Moist) واري هنڌ تي پيدا ٿيندا آهن. ان ڪري مائڪرو آرگينزم، يعني نظر نه ايندڙ جيوڙن (Micro-Organisms) کي پيدا ٿيڻ يعني وڌڻ ويجھڻ ۾ ئي خشڪي ذريعي پيدا ٿيڻ کان ئي اڳ ۾ ختم ڪري ڇڏڻ بھتر آهي. ٻي ڪيميائي خاصيت جيڪا ماکي اندر موجود آهي، سا آهي جراثيم ڪش دوا طور استعمال يعني اينٽي سيپٽڪ (Anti-septic) هاڻي اچو ته ڏسون ماکي بطور دوا ڪيئن استعمال ٿئي ٿي. خالص ماکي جيڪا سڌي نئين ماناري منجھان حاصل ڪئي وڃي ٿي، تنھن ۾ گلوڪوز آڪيڊز نالي انزائم جي موجود ھجڻ ڪري ماکي جي خاصيت بدلجي وڃي ٿي ۽ اها جراثيم ڪش (Anti septie) طور پڻ استعمال ڪري سگھجي ٿي. ڇو ته زخم ۾ موجود پاڻي جي ذرن سا ملي ڪري گلوڪوز آڪسائيڊ هائيڊروجن پروآڪسائيڊ جوڙي وٺي ٿو. اها هائيڊروجن پرو آڪسائيڊ هلڪي وچولي درجي واري جراثيم ڪش ملھم (مرهم) (Anti-septic) طور استعمال ٿئي ٿي. ماکي هڪ طرف ته مرهم طور استعمال ڪئي وڃي ٿي، ته ٻئي طرف ماکيءَ جي اندر اينٽي آڪسيڊنٽ ۽ فليونوئڊس به موجود آهن. جيڪي وري بئڪٽيريل ايجنٽ طور پڻ استعمال ٿين ٿا. نڙيءَ جي خارش، کنگھه ۽ نڙيءَ اندر پيدا ٿيندڙ رطوبتون جي ڪري هر وقت کنگھه پيدا ٿئي، تنھن کي پڻ ماکيءَ جي استعمال سان نڙيءَ اندر پيدا ٿيندڙ رطوبتن جي ڪري هر وقت کنگھڻ سان گڏ گھاٽي ٿُڪَ پيدا ٿي پوندي آھي. اھڙيءَ صورتحال کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ پڻ ماکيءَ جو استعمال بھترين ثابت ٿيو آھي. ان ڪري اھڙي خصوصيت کي (Anti-Tissue and Expector properties) سڏيو ويو آھي.

ٻارڙا سنسار جي سونھن آهن، مستقبل جا معمار آهن. ان ڪري پوري دنيا سميت پاڪستان ۾ به ”20 نومبر تي ٻارڙن جو عالمي ڏينھن ملھايو ويندو آهي. دنيا جا ڪجھه ملڪ، مختلف تاريخن تي ملھائين ٿا، گڏيل قومن جي اداري جنرل اسيمبلي 1954ع ۾ پھريون دفعو هي ڏينھن ملھايو. جنھن ڏينھن تي ٻارڙن جي حقن جو پڌرنامو پاس ڪيو. هن ڏينھن ملھائڻ جو مقصد پوري دنيا کي سجاڳيءَ جو پيغام مھيا ڪرڻ آهي، ته ٻارن جي ڪيتري اهميت آهي؟ هن ڏينھن ملھائڻ جو مقصد  ٻارڙن جي ڀلائي، بھتري لاءِ پروگرام، ٻاراڻا ميلا، مقابلا، تعليم جي اهميت، موسيقي ۽ ٻارن جي حقن بابت ڄاڻ شامل هجي. هي ڏينھن اسان سڀني کي ياد ڏياري ٿو، ته اسان کي به ٻارن وانگر کيڏڻ، کلڻ ۽ زندگي گذارڻ گھرجي. مايوس ٿيڻ نه گھرجي. يونيسيف ادارو سڄي دنيا جي ٻارڙن جو ڌيان ڇڪائي ٿو، ته ميڊيا، بزنس، سياست، رانديون ۽ انٽرنيٽ ۾ به حصو وٺن، ته جيئن اهي پنھنجي حقن لاءِ آواز اُٿاري سگھن.

والدين کي به هن ڏينھن تي سجاڳ رهڻ گھرجي ۽ پنھنجي ٻارڙن کي هن ڏينھن لاءِ ڄاڻ ڏيڻ گھرجي.

ڪيترن ئي سُڌريل ملڪن ۾ هن ڏينھن تي ٻارڙن لاءِ مختلف پروگرام جوڙيا ويندا آهن. جن ۾ ڪارٽُون فلمون، رانديون، مفت ٽوئر، فلمون ڏيکارڻ وغيره اسڪول ۾ موڪل ڪرائي ويندي آهي ۽ انھن کي اهو به ياد ڏيارو ويندو آهي، ته اوهين معاشري جا اهم ميمبر آهيو.

ڪنھن ڏاهي جو چوڻ آهي، ته ٻارڙا هر معاشري جو اساسو آهن ۽ هر ٻار خدا جي نئين پيغام سان دنيا ۾ اچي ٿو. ٻارڙن لاءِ هيءُ ڏينھن يادگار هوندو آهي، سندن زندگيءَ ۾ يادون کڻي اچي ٿو، هن ڏينھن کي عيد يا سالگره وانگر ملھائيندا آهن. ان ڏينھن خاص کاڌا ۽ مٺايون ٺاهيون وينديون آهن. هن ڏينھن تي ٻارڙن کي تاريخي جايون، سمنڊ ڪناري يا درياءَ ڪناري سير ڪرايو ويندو آهي.

اسان جي ملڪ ۾ به ٻارڙن کان پورهيو پڻ ڪرايو وڃي ٿو! انھن لاءِ ادارا ڪو به ڪردار ادا ڪري نه سگھيا آهن. جن لاءِ حڪومتِ وقت کي قدم کڻڻ گھرجن. پر افسوس جي ڳالھه آهي، ته ڪيترن ئي ٻارڙن کي هن ڏينھن جي خبر ئي نه آهي. انھن کي به شامل ڪيو وڃي. سنڌ ۾ به سنڌي لينگويج اٿارٽي ۽ ٻيا ادارا هر سال ميلا منعقد ڪندا آهن، جن ۾ ٻارڙن لاءِ پروگرام رکندا آهن. پر اهي پروگرام شھري ٻارڙن کان سواءِ ٻيا ٻارڙا ڏسي نه ٿا سگھن.

انھن ٻارڙن لاءِ پڻ ٻھراڙيءَ ۾ به پروگرام رٿيا وڃن. اهڙا پروگرام خاص ٻارڙن Special Children لاءِ به رکيا وڃن. اهي پڻ اسان جي معاشري جو حصو آهن، ته جيئن انھن ۾ به احساس محرومي پيدا نه ٿئي.

}پيارا ٻارؤ! توهان به ”20 نومبر جي عالمي ڏينھن ملھائڻ جي تياري ڪريو.{سالار اعجاز

ڄام شورو

ٻارن جي تربيت

                                 ·ٻار جيڪي ھاڻ وڏا پيا ٿين، پنھنجا ننھن ھر ھفتي ڪٽي ۽ ھميشه صاف سُٿرا رکن. ڇو ته سڀ کان پھرين ماڻھن جي نظر ٻارن جي نَنھن تي پوندي آهي. ماڻھو اوهان کي ڏسندا آهن پر چوندا ڪجھه نه آهن.

                                 ·روزانو وهنجڻ کي معمول بنايو. ڪپڙا صاف ۽ سُٿرا پايو ۽ وارن کي به صاف رکو. صفائي نصف ايمان آهي.

                                 ·پنھنجا ڏند چڱيءَ طرح صاف رکو، وات مان اچڻ وارو بدبودار ساهه، توهان جي سامھون واري کي سخت ناگوار لڳندو آهي، ماڻھو مُنھن تي ڪجھه به نه چوندا آهن.

                                 ·توهان ٻاهر نڪرڻ وقت ڪابه خوشبوءِ ضرور لڳايو، توهان مان ڪنھن کي به پگھر جي ڌپ نه اچڻ کپي، ڇو ته توهان روزانو پنھنجي دوستن، ڪلاس فيلو ۽ آسپاس جي ماڻھن سان ملندا آهيو.

                                 ·پنھنجا ڪَن ۽ ڳچيءَ جي ميرَ کي روزانو چڱيءَ طرح ڌوئڻ گھرجي. ڇو ته اُهي ڳالھيون ننڍپڻ ۾ مائٽ سمجھائيندا آھن. ٻيو ڪير به منھن تي ڪونه چوندو پر دل ۾ ضرور چوندو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org