غلام نبي اوٺو
ٿرپارڪر
علم جي شمع
علم سان جو رکي ٿو دوستي ٻارو،
سو ئي ھن دنيا ۾ ٿئي ٿو سوڀارو.
محنت سان ھر مشڪل مان پار ٿي،
ماءُ پيءُ جو بنجي ٿو سھارو.
علم ماڻھپي جي منزل تي رسائي ٿو،
علم سواءِ ناھي ڪو ئي چارو.
ٻارو! جنھن جي ھٿ ۾ آھي علم جي شمع،
اھو ئي ٻار آھي، وڏي بخت وارو.
***
ناشاد شوڪت شنباڻي
ڪوٽڏجي
نظم
لولي لولي لولي،
جيجل ڏني لولي.
کَٽ تي سُمھاري ٿي،
پيار سان ويھاري ٿي،
مٺِي جنھن جي ٻولي،
جيجل ڏني لولي.
پينگھو ٻڌي لوڏيندي آ،
مِٺا ٻول ٻوليندي آ،
محبت جي آ ڇولي،
جيجل ڏني لولي.
امڙ کي مان پيارو آهيان،
جيجل جي اک جو تارو آهيان،
جنھن جي پياري ٻولي،
جيجل ڏني لولي.
محمد سليم فراش
هالانوان
گيت
سنڌي ادبي بورڊ جڏهن سرچ ڪيم،
جنھن ۾ سُونھن گھڻي سينگار ڏٺم.
چيئرمين ڪير آھي، پُڇان ڪنھن کان مان،
ٻُڌم سھڻو سجايو آ سعيدالزمان.
کير جھڙو اڇو صفا امير آهي،
سُھڻو اهڙو جيئن ڪشمير آهي.
پلجو نه پاڻ وڃي ڄامشورو ڏسان،
ٻُڌم سھڻو سجايو آ سعيدالزمان.
چئني پاسي سُھڻا چبوترا ٺھيل.
سُھڻن رنگن سان جيڪي چٽيل،
گُھمي پارڪ ويٺو آيتون پڙھان.
ٻُڌم سھڻو سجايو آ سعيدالزمان.
مخدوم ٿو هر ڪنھن تي احساس ڪري،
منَ
”سليم فراش“
تي قياس ڪري.
مان نوڪر آهيان ٿي نوڪر رهان،
ٻُڌم سھڻو سجايو آ سعيدالزمان.
***
ٻارن جي عالمي ڏهاڙي، جيڪا هر سال
20
- نومبر تي ملھائي ويندي آھي، اسان کي ٻارن جي
حقن، تحفظ ۽ ڀلائيءَ جي اهميت جي ياد ڏياريندي
آهي. هي ڏينھن دنيا جي سڀني ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽
انھن جي بھتر مستقبل لاءِ ڪوششن کي اجاگر ڪرڻ جو
موقعو فراھم ڪري ٿو.
ٻار اسان جي سماج جو بنياد آهن. انھن جون مُرڪون ۽
معصوميت اسان جي زندگيءَ ۾ خوشيون ۽ اُميدون آڻين
ٿيون. پر افسوس، اڄ به ڪيترائي ٻار غربت، تعليم جي
کوٽ، ۽ صحت جي مسئلن سان مُنھن ڏئي رهيا آهن. انھن
مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو
پوندو.
تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي. تعليم نه رڳو ٻارن
کي علم ۽ مھارتون فراهم ڪري ٿي، پر انھن کي پنھنجي
زندگيءَ ۾ بھتر فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت به ڏئي ٿي.
اسان کي پنھنجي ٻارن کي معياري تعليم فراهم ڪرڻ
لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گھرجي. ان سان گڏوگڏ، اسان
کي انھن جي صحت ۽ تحفظ تي به ڌيان ڏيڻ گھرجي.
ٻارن جي عالمي ڏهاڙي تي، اسان کي اهو عھد ڪرڻ
گھرجي، ته اسان پنھنجي ٻارن کي محفوظ، صحتمند ۽
خوشحال مستقبل فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش
ڪنداسين. اسان کي انھن جي حقن جي تحفظ لاءِ قانون
سازي ڪرڻي پوندي ۽ انھن جي ڀلائيءَ لاءِ مختلف
پروگرامن ۽ منصوبن کي عمل ۾ آڻڻو پوندو.
ٻارن جي عالمي ڏهاڙي تي، اچو ته گڏجي ڪم ڪريون ۽
پنھنجي ٻارن کي هڪ بھتر ۽ محفوظ مستقبل فراهم ڪرڻ
لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪريون.
ٻارن جي عالمي ڏهاڙي تي وڌيڪ روشني وجھڻ لاءِ، اچو
ته ڪجھه اهم نقطا غور سان ڏسون،
ٻارن جي حقن جي اهميت:
ٻارن جا حق عالمي سطح تي تسليم ٿيل آهن ۽ انھن ۾
تعليم، صحت، تحفظ، ۽ محبت شامل آهن. يونيسيف ۽ ٻين
بين الاقوامي ادارن جي ڪوششن سان، ٻارن جي حقن جي
تحفظ لاءِ مختلف قانون ۽ پاليسيون ٺاهيون ويون
آهن.
تعليم ۽ ان جي اهميت:
تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي. تعليم نه رڳو ٻارن
کي علم ۽ مھارتون فراهم ڪري ٿي، پر انھن کي پنهنجي
زندگيءَ ۾ بهتر فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت به ڏئي ٿي.
تعليم سان ٻار پنهنجي خوابن کي حقيقت ۾ بدلائي
سگهن ٿا ۽ سماج ۾ مثبت تبديليون آڻي سگهن ٿا.
صحت ۽ تحفظ:
ٻارن جي صحت ۽ تحفظ اسان جي اولين ترجيح هجڻ
گهرجي. هر ٻار کي صحتمند زندگي گذارڻ جو حق آهي.
ان لاءِ ضروري آهي، ته اسان انهن کي مناسب طبي
سهولتون، صاف پاڻي، ۽ غذائيت فراهم ڪريون. ان سان
گڏوگڏ، ٻارن کي هر قسم جي تشدد ۽ استحصال کان
محفوظ رکڻ لاءِ قانوني ۽ سماجي قدمن کي مضبوط ڪرڻو
پوندو.
سماجي ذميواري:
اسان سڀني تي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اسان پنهنجي
ٻارن کي محفوظ، صحتمند ۽ خوشحال مستقبل فراهم ڪرڻ
لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. والدين، اُستاد، ۽
سماجي اڳواڻن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن ٻارن
جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ڀلائيءَ لاءِ بهترين
ماحول فراهم ڪري سگھجي.
ٻارن جي عالمي ڏھاڙي جا مقصد:
ٻارن جي عالمي ڏھاڙي جو مقصد آھي، ته ٻارن جي حقن
جي تحفظ لاءِ شعور پيدا ڪرڻ. ٻارن جي تعليم، صحت،
۽ تحفظ لاءِ ڪوششون ڪرڻ. ٻارن جي ڀلائيءَ لاءِ
مختلف پروگرامن ۽ منصوبن کي عمل ۾ آڻڻ. ٻارن جي
مسئلن کي اُجاگر ڪرڻ ۽ انھن جي حل لاءِ گڏجي ڪم
ڪرڻ.
اسان جو ڪردار:
اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ته جيئن اسان
ٻارن کي محفوظ، صحتمند ۽ خوشحال مستقبل فراهم ڪري
سگھون. اچو ته ٻارن جي
’عالمي
ڏهاڙي‘
تي اهو عھد ڪريون، ته اسان پنھنجي ٻارن جي حقن جي
تحفظ ۽ انھن جي ڀلائيءَ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش
ڪنداسين.
***
سنڌ تي سنڌ جو نالو ڪيئن پيو آهي؟ ان جي باري ۾
مختلف عالمن ۽ محققن مختلف رايا ۽ خيال ڏيکاريا
آهن.
ڪتاب تحفة الڪرام جي مصنف مير علي شير قانع لکيو
آهي، ته سنڌ تي اهو نالو حام بن نوح عليه السلام
جي پُٽ هند جي ڀاءُ سنڌ جي نالي پٺيان پيل آهي.
مرزا قليچ بيگ پڻ انھيءَ خيال جو آهي. هو
”قديم
سنڌ ۽ ان جا مشھور شھر ۽ ماڻھو“
ڪتاب ۾ لکي ٿو، ته سنڌ تي نالو سنڌ تان پيو آهي.
جيئن هندستان يا هند نالو هند تان پيو آهي. سنڌ ۽
هند ٻئي ڀائر هئا ۽ حام بن نوح عليه السلام جا پُٽ
هئا. (حضرت نوح عليه السلام مشھور نبي سڳورو هو.)
سينڌ
اصل ۾ سينڌو مان نڪتو آهي. جنھن جو اصل مفھوم ۽
معنى آھي پناھه ڏيندڙ ۽ حفاظت ڪندڙ. جيئن ته حضرت
آدم عليه السلام کي سزا طورجنت مان ڪڍي هن ڌرتيءَ
تي موڪليو ويو هو. شرمساريءَ ۽ پريشانيءَ واري
حالت ۾ هو. جيئن ته هيءَ ڌرتي ان جي جاءِ پناهه ۽
حفاظت ڪرڻ واري جاءِ هئي، جتي پريشانيءَ واري حالت
۾ سڪون حاصل ڪري سگھي. تنھنڪري حضرت آدم عليه
السلام هن کي
’سينڌو‘
سڏيو. يعني پناهه ڏيندڙ. اها هن جي پنھنجي ٻولي
هئي. ان مان اهو به معلوم ٿئي ٿو، ته انسان جي
پھرين ٻولي سينڌي ئي هئي. جيڪا آسمان مان لٿل ٻولي
آهي. جنھن جو ذڪر مولانا عبيدالله سنڌيءَ پنھنجي
ڪتاب ۾ ڪيو آهي، اڄ تائين هڪ صورت ۾ موجود آهي.
اهو به ممڪن آهي ته حضرت آدم عليه السلام کي هن
ڌرتيءَ جو نالو
’سينڌو‘
الھامي طور مليو هجي! ان جي تصديق ان مان ٿئي ٿي،
ته جڏهن سندس هڪ پُٽ هابيل، ٻئي پُٽ قابيل جي هٿان
مارجي ويو ته هو ڏاڍو پريشان رهڻ لڳو، هڪ پُٽ
مارجي ويو، ٻيو نافرمان ٿي ويو. انھيءَ حالت ۾ ربّ
تعالى مٿس رحمت نازل ڪندي کيس ٽيون پُٽ عطا ڪيو.
جنھن جو نالو هن سينڌو رکيو. جنھن کي توريت سِيت.
اسلامي ڪتاب
”شيثُ
يا شيت“
ڪري لکن ٿا.
هونءَ به سنڌ جي ڌرتي آسٽريليا کان وٺي تُرڪيءَ
تائين ڦھليل هئي، جيڪا بعد ۾ ارضيا تي تبديلين جي
ڪري مختلف حصن ۾ ورهائجي وئي. جيڪڏهن کڻي ائين به
چئون ته موجوده
’ڪعبةالله‘
قديم سينڌوءَ جي حد ۾ هو ته به ڪو وڌاءُ يا غلط نه
ٿيندو. ڇاڪاڻ ته حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن
ان جي تصديق ڪئي آهي. پاڻ فرمايو اٿن، ته
”مون
کي سنڌ مان رباني خوشبوءِ اچي ٿي.“
پاڻ سڳورا صلي الله عليه وسلم نه رڳو سنڌين کي
سڃاڻيندا هئا. پر سنڌي سمجھندا به هئا. اهڙيءَ طرح
حضرت علي رضي الله به سنڌي ڄاڻندا هئا. جنھن جو
تفصيل
”تاريخ
سنڌ“حصي
پھرئين ۾ موجود آهي. محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا
صاحب پنھنجي تحقيقي ڪتاب
”سنڌي
ٻوليءَ جو بڻ بنياد“
۾ ڪيترن ئي حوالن سان ثابت ڪيو آهي، ته سنڌ جو اصل
نالو سنئيڌو بعد ۾ سينڌو پوءِ سينڌ ۽ هاڻي سنڌ ٿي
ويو آهي.
ڌڻيءَ در دعا آهي ته شل ربّ ڪريم اسان جي هن
ڌرتيءَ ۽ ان تي رهندڙن کي خوشحال، شاد آباد ۽ سدا
سلامت رکي. (آمين.)
حوالو: (”سنڌ
۾ رهندڙ ذاتيون، قومون ۽ قبيلا“
ڪتاب تان ورتل.)
***
ولي الله بروهي
هالا نوان
هڪ منٽ ۾...!
يتيم جي مٿي تي هٿ گھمائي سگھون ٿا.
سيدنا ابوهريره رضي الله عنه کان روايت آهي ته،
”هڪڙي
شخص نبي ﷺ سان شڪايت ڪئي، ته ان جي دل تمام گھڻي
سخت آهي ته نبيﷺ جن فرمايو، ته جيڪڏهن تون چاهين
ته تنھنجي دل نرم ٿي وڃي، ته مسڪينن کي کاڌو
کاراءِ ۽ يتيم جي مٿي تي هٿ گُھماءِ.“
(سلسله صحيحه854
)
نيڪئ جو حڪم ڏيئي سگھون ٿا، بُرائي کان روڪي سگھون
ٿا.
رسول الله ﷺ جن جو فرمان آهي. الله تعالى جا محبوب
عمل هي آهن. الله تعالى تي ايمان آڻڻ، صلح رحمي
ڪرڻ ۽ نيڪي جو حڪم ڏيڻ ۽ بُرائي کان روڪڻ.
(صحيح الجامع166
)
اُڃايل کي پاڻي پياري سگھون ٿا.
حضرت سعد بن عباده رضي الله عنه کان روايت آهي، ته
”مون
عرض ڪيو اي الله جا رسول ﷺمنھنجي والده فوت ٿي چڪي
آهي ڇا آئون ان جي طرفان صدقو ڪري سگھان ٿو؟“
پاڻ ﷺ جن فرمايو ته ها. مون عرض ڪيو ڇا؟ سڀ کان
افضل صدقو ڪھڙو آهي؟ پاڻ ﷺ جن فرمايو ته پاڻي
پيارڻ.
(سنن نسائي
3664)
***
معراج منگي
ڏوڪري/لاڙڪاڻو
ٻار، ٻولي ۽ تربيت
ٻار قدرت طرفان ڏنل اهڙو تحفو آهي، جنهن جي تمنا
هر پيءُ ۽ ماءُ کي هوندي آهي. تيستائين هر شادي
شده جوڙو پاڻ کي اڌورو ۽ اڻ پورو سمجھندو آهي
جيستائين کين ڪو ٻارُ نه ٿئي!
ٻارُ
’اُوان
اُوان‘
ڪندي جنم وٺندو آهي، جيئن ئي سندس جنم ٿيندو آهي،
ته گهر ۾سوين هزارين خوشيون ۽ رونقون ڦهلجي
وينديون آهن! ٻارُ عين، عين آ آ اُواُو ڪندي ٻولي
سکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، عين، عين، آ آ، آيا يعني،
ماءُ ماتا، اَمڙ، امي، پهريون آئي يا آيا لفظ
سکندو آهي! ماءُ لفظ اُچارڻ سان وات ماکي، مصري ۽
گلابن سان ڀرجي وڃي ٿو! ٻار پهريون دفعو لفظ ماءُ
جو سکي ٿو ۽ سکي به ڇونَه! اها ماءُ ئي ته آهي،
جيڪا نوَ مهينن تائين ٻار کي پنهنجي سوڀاري ڪُک ۾
رکي ٿي ۽ سوين سُور سختـيون، درد ڀوڳنائون برداشت
ڪري ٿي، پنهنجي سر تي سهي ٻار کي جنم ڏيئي ٿي! نه
رڳو اهو، پر ان کان به سواءِ ٻيون ڪيتريون ئي
سختـيون سر تي سهي ٿي! سمورا درد اهنج اُٿي ويٺي
سار سنڀال نِنڊون ڦِٽائڻ راتين جا اوجاڳا پڻ سندس
ئي حصي ۾هوندا آهن! تنهنڪري سندس حق به ٻار تي
وڌيڪ ماءُ جو ئي ٿئي ٿو. چيو ويندو آهي، ته
”جنت
ماءُ جي پيرن هيٺان هوندي آهي.“
اهو ان ڪري چيو ويندو آهي، جو ان جو رشتو مظبوط
آهي، امر آهي، لافاني آهي! هوءَ سڀ ڪجھ پاڻ پنهنجي
سر تي سهائي به ٻار تي ڪَکُ به نه سهندي آهي.
ٻارُ پنهنجي ماءُ جي هنج ۾ پنهنجو ارتقائي سفر
روئيندي رڙندي، سندس ئي هنج ۾ لولين ۽ ٻاتي ٻولين
۾ پنهنجو وڌڻ ۽ ٻوليءَ کي سکڻ شروع ڪندو آهي. ٻارَ
کي بُنيادي شعور ۽ بنيادي تعليم ۽ تربيت سڀ کان
پھرين سندس ئي ماءُ کان ملي ٿي موهيا ٿئي ٿي.
ان کان پوءِ سندس پھريو ادارو سندس گھر جو ماحول
ھوندو آھي! جتي ھو رھي ٿو پلجي ٿو نپجي ٿو! ڏٺو
اھو ويو آھي، ته ٻار هميشه وڏن جو نقل ڪندا آهن.
جيڪو سندن چؤڌاري ماحول هوندو آهي، تنھنڪري ٻارَ
کي صاف سٿرو صحتمند ۽ صفائيءَ وارو ماحول موهيا
ڪجي، ته جيئن ٻار ذهني ۽ جسماني طور صحتمند رهي
سگھي ۽ سندس تخليقي سگھه دماغ مان ڦٽي نڪرندڙ هر
نئين سوچ، ذهني طور تي صحتمند ۽ سنجيده رهي سگھي!
ان کان علاوه ٻار لاءِ مائٽن جو رويو پڻ نھايت
شفيق ۽ دانشمنديءَ وارو دوستاڻي قسم جو هجڻ اشد
ضروري آهي. جيئن ٻار ۾ احساس ڪمتريءَ جي ڪيفيت
پيدا نه ٿئي.
ٻار لاءِ ٻي وڏي تربيت گاھه اسڪول آهي، جتي کيس
اخلاقي، تھذيبي، تعليمي، ۽ ذهني نشونما حاصل ٿئي
ٿي. ٻار جڏھن اسڪول ۾ داخل ٿيندو آهي، ته ان جو
ذهن صاف سٿري ۽ ڪوري ڪاغذ جھڙو آهي. اسان جي قابلِ
احترام اُستادن ۽ والدين کي گذارش آهي، ته ٻار جي
سھي نموني سان نشونما ڪن.
ٻار کي شروعات ۾ خالص ۽ نج ٻوليءَ جا صحيح اُچارَ،
اصطلاح ۽ اصلوڪا لفظ سيکارڻ گھرجن، ته جيئن ٻار
ارتقائي مرحلي ۾، انھن جي خصوصيت ۽ مفھوم کي جذب
ڪري، ۽ سھي ٻولي لِکي، پڙھي ۽ ڳالھائي سگھي، ائين
ڪرڻ سان ٻولي به خالص ۽ نج حالت ۾ رهي سگھندي.
اسان جي اديبن، شاعرن، ليکڪن، محققن، دانشورن، ۽
نقادن کي پڻ گذارش آهي، ته هُو ٻارن لاءِ اهڙو ادب
تخليق ڪن جنھن کي ٻار سولائيءَ سان لکي پڙهي سمجھي
۽ ڳالھائي سگھن.
***
يسرى اعجاز
ڄام شورو
ڪتاب اسان جا دوست آهن
·جڏهن
ماڻھو ڏھه ڪتاب پڙهندو آهي ته ڏهه هزار ميل سفر
ڪندو آهي.
·’گورچ
فوڪ‘
ڪتاب جي باري ۾ چوي ٿو، ته سٺو ڪتاب اهو ناهي، ته
ڪتاب پڙهڻ کان ارواهه ئي کڄي وڃي، سٺو ڪتاب اهو
آهي، جنھن جي پڙهڻ سان وڌيڪ ڪتاب پڙهڻ جو چاهه
وڌي.
·’آوس
گيليلو‘
چوي ٿو، ته ڪتاب خاموش اُستاد آهي.
·
فرانس ڪافڪا چئي ٿو، هڪ ڪمرو ڪتاب کان سواءِ ائين
آهي ڄڻ هڪ جسم بنا ڪنھن هڏيءَ جي.
·ڪيترن
ئي ماڻھن کي اها خبر ناھي، ته پڙهڻ ڪيترو مشڪل ڪم
آهي. مون
80
سال لڳائي ڇڏيا، پر وري به اهو نٿو چئي سگھان، ته
آئون صحيح آهيان.
·’ٿامس
فون ڪيمپن‘
جو چوڻ آهي ته جڏهن مان عبادت ڪندو آهيان، ته خدا
سان ڳالھيون ڪندو آهيان، پر جڏهن آئون ڪتاب پڙهندو
آهيان، ته مون کي ائين لڳندو آهي، ته ڄڻ خدا مون
سان ڳالھائي پيو. |