سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل نومبر 2024ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: نجمه پنهور

 

]

11

مَ ڪِين هيڄِ مَ هوڄَ، تَرسُ مَ، تاڻِ طَرازَ کي

چَئهُ ڪَلِمُو مُحَمّدَ تي ته اڳِيان اَچي اوڄَ

سَھُکِيءَ ڀَتِ سَٻوجَھه، تُنھِنجِي مَڪي ڍُڪي مُڪري.

سمجھاڻي: (سمنڊ ۾ ٻيڙيءَ کي هاڪارڻ وقت) رسن کي ڇڪيندي هيڄ ۽ هوڄ (هيڏي ۽ هوڏي) وارا (هڪل جھڙا هڪجھڙا اجايا آواز) نه ڪر. (اهڙي مھل) بيھي نه رهه بلڪه پنھنجي ٻيڙيءَ کي (جيترو ڇڪي سگھين) اڳتي ڇڪ. رسول ڪريم محمد صلي الله عليه وسلم تي ڪلمو پاڪ پڙهه ته جيئن (ان جي برڪت سان) اڳيان سھڻي سٽاءُ ڏسين.  اي سمجھدار سياڻا، فقط انھيءَ ريت تنھنجي ٻيڙي سولائي ۽ سھنجائيءَ سان مڪي پاڪ (محبوب جي ملڪ) ڏانھن رواني ٿيندي.

[12]

وَهُ چِيريندي مَڪُرِيين، لَھرِ لَڳندِي نِتُ

جَنِ جيڏاهِين چِتُ، تَڙِ تيڏاهِين ڍُڪَنديُون.

سمجھاڻي: سمنڊ ۾ پاڻيءَ جو تيز ۽ تکو وهڪرو ٻيڙن کي چيري ڦاڙي ڇڏي ٿو ۽ اتي وڏيون وڏيون لھرون ٻيڙن کي ٻه اڌ ڪريو ڇڏين، پر جن ٻيڙن وارن جو پنھنجيءَ منزل ڏانھن (صحيح) رخ يا ڌيان آھي، اھي اڳي پوءِ اتي پھچڻ ۾ ڪامياب ٿيندا. (ان تڙ يا بندر تي وڃي پھچندا).

[13]

جِتي لَھرِينِ لَکَ، ڪَنِ ڪَرڳَلَ پاڻَ ۾

اُتي عَبدُالَلطِيفُ چَئي، رَبَ تُنِھنجي رَکَ

ڪُڄاڙو ھي ڪَکَ، ڀَرُ جَھلِيندا ڀِيڙِ جو.

سمجھاڻي: مھا ساگر ۾ جتي لکين لھرون پاڻ ۾ (ٽڪرائجي) وڏا خوفناڪ آواز پيون ڪن. اتي (انھيءَ ڏکيءَ مھل) عبداللطيف چوي ٿو ته اي مالڪ، تون ئي منھنجو بچائيندڙ آھين. (مان تنھنجي پناھه ۾ آهيان.) باقي هڪ ڪک ڪانا (ڪکن مان ٺھيل هيءَ ڪمزور ٻيڙي) ڪيترو بچاءُ ڪندا يا ( پاڻيءَ جو) زور برداشت ڪري سگھندا؟ (مان تنھنجي توهه ۽ آسري تي آهيان.)

شاهه جو رسالو

]سُر سري راڳ - داستان ٻيو. محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سمجھاڻي ۽ مفھوم: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ[

 

مخدوم محمد زمان طالب المولى

هالا نوان

هادي آهي هڪڙو

صفتون سو هزار، ذات آهي هڪڙي،

ڪار فرما ڪريم ٿيو، انسان سڀ اوزار،

هلايو حڪمت سان، قدرت کي ڪلتار،

ڪافي قرب انھي سندو، ٻي محبت ئي مردار،

طالب مولا مرد ٿي، ڪر نِوڙت ساڻ نهار،

ڏس عبرت جا آثار، حسن قبح ۾ هڪڙا.

 

ڏسڻ کان جو ڏور، سو ويجھو آهي وجود کان،

ڪک پن ۾ ڪريم جو،  نسورو ئي نور،

ذرڙو ذرڙو، ذرڙو، لئي ڪا ملن ڪوه طور،

جو ڏسي نه ٿو ڏيھه ۾، تنھن قلب جو قصور،

دريون دنيا واريون، پھرئين پٽي پور،

طالب مولا ڄاڻ تون، هر جا اٿئي حضور،

هُو دل کان ناهي دُور، هر دم آهي هنج ۾.


جوهر بروهي

دادو

نعت

جڳن لاءِ خوشبوءِ محمدﷺ جو نالو،

۽ قُرآنَ ۾ نعت جو هر حوالو.

 

کڻي پير برڪت ڀريا ڄام آيو،

ٿيو ڪائناتن جو لايو سجايو،

کُليو اُمتين لاءِ جنت جو تالو.

 

حِرا کان هليو، عرش تي اُن جي منزل،

مليو آ پريشان موجن کي ساحل،

ته ميلاد ٿيو عيد وارو مشالو.

 

پڙهيو جنھن به ڪلمو مٺي مصطفىِﷺتي،

سو راٰضي رهي ٿو خدا جي رضا تي،

محمد ﷺ نبين ۾ آهي نرالو.

 

کڻي آهه بدڪار بيڪار ڏوهي،

رکي آس اُميد جوهر بروهي،

سڄڻ جي طفيلي ڪٽيو ڪل ڪشادو.

***


 

ارباب علي عادل چوهاڻ

شڪارپور

ٻار

بي سھارن جا هر دم سھارا ٿين.

ٻار همدرد هڏ ڏوکِي سارا ٿين.

ٻاٽ ۾ لاٽ هر جاءِ ٻارن سدا،

ٻار اکڙين جا نوري نطارا ٿين.

واٽ جا شل کڏون ۽ نه کوٻا لڳن،

بلڪه ٻالڪ سڌا دڳ ۽ چارا ٿين.

ڪانه همت ڪڏهن پاڻ هارن صفا،

حوصلا پڻ انھن جا سگھارا ٿين.

پير پُٺتي نه هرگز انھن جا هجن،

علم لئه پنڌ سندن سڀ نيارا ٿين.

جانور، جيت وڻ ٽڻ، پکي آدمي،

دوست تن جا بلاشڪ ڀلارا ٿين.

روز اسڪول پڙهڻ لئه وڃن،

علم حاصل ڪري علم وارا ٿين.

ٻار ايڏو پڙهي ۽ لکي جڳَ اندر،

علم جي اُفق جا چنڊ تارا ٿين.

روز عادل دُعا دم بدم ٿو گھري،

ٻار گُل ڦُل سندو ماهه پارا ٿين.


 

غلام محمد غازي

شڪارپور

ٽُوهه

شڪل جو سُھڻو اندر جو کارو،

سمجھي ڪوئي سمجھڻ وارو.

 

پٽَ تي پيئڙو ھوندو آھي،

ڏسڻ ۾ وڻندو آھي سارو.

 

گِدري جھڙو لڳندو آھي،

پر ھي گِدرو ناھي ٻارو.

 

ھاڻ ته ذهن تي زور ڏيو ڪجھه،

سَولي آهي پرولِي يارو.

 

آءُ ٻڌايان توکي غازي

هيءُ آهي ٽُوهه ڪسارو.

 


اعجاز علي شاهه رضوي

حيدرآباد

امُنَ جا گيت سڻايو ٻارو

 

عزم جو انگ پسايو ٻارو،

بزم جو انگ رچايو ٻارو.

 

صدق جو باغ لڳايو، ٻارو،

ڪاذب جي پاڙ پٽايو، ٻارو.

 

ظلم جي آگ اجھايو ٻارو،

عدل جو آب وسايو ٻارو.

 

جھيل جي رات انڌيري آهي،

علم جي شمع جلايو ٻارو.

 

ذوق ۽ شوق کي ٺاهي جوڙي،

اوج جي موج مچايو ٻارو.

 

قرب ۽ پيار سان مِلي جُلِي،

محبتن جا ميلا لڳايو ٻارو.

 

غير کي دل مان ڪڍي صاف ڪري،

خير نور وڇايو ٻارو.

 

صُلح جو سازُ سنواري ٿو اعجاز،

امُن جا گِيت سُڻايو ٻارو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org