سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل نومبر  2024ع

باب:

صفحو:2 

شفيق عاصم  منگي

شڪارپور

نه ڪو ساٿ ڪنهنجو

نه مَمتا نه شَفقَتَ نه ڪو ساٿ ڪنھن جو،

نه سَنگت نه صُحبَت نه ڪو ساٿ ڪنھن جو.

 

هَڪَلَ ڏِس هِيڻَن تي ڪيڏي آ سَڀن جي،

پَلئه پَئِي آ نَفرَتَ نه ڪو ساٿ ڪنھن جو.

 

ڪَدُورَتَ ۽ ڪُلفَتَ سان پنھنجو وڃي ڇا؟

مِلي ڪِٿ نه قُربَتَ نه ڪو ساٿ ڪنھن جو.

 

رَبَ جِي رَضا جُون گُھريُون پَئي دُعائُون،

سَھارو آ قُدرَتَ نه ڪو ساٿ ڪنھن جو.

 

صِحَتَ ۽ تَعلِيمَ جو فِڪُر پاڻَ ڪَھڙو،

ھمدَردُ پَنھنجي غُربَتَ نه ڪو ساٿ ڪنھن جو.

 

اَٿَم آسِرو مُون رَبَ جي عَطا جو،

ڦِٽلَ پنھنجي قسمت نه ڪو ساٿ ڪنھن جو.

 

يَتِيمي غَريبي وَڏو ڏوهُه عاصمَ،

غَالِب ڪيڏي اَذيَتَ نه ڪو ساٿ ڪنھن جو.

***


 

عاجز ميرواهي

ٺري ميرواهه/خيرپور

نصيحت

ٻارؤ! جاڳو صبح سويري،

وقت اهو ٿَوَ ڀاڳن ڀيري.

 

دير سان جاڳڻ ناهي سُٺو،

تنھن کان هردم پاڻ بچو.

 

وقت سان کاڌو پاڻي پيئجو،

صحت جو ڪو خيال به رکجو.

 

علم و ادب سان پاڻ سنواريو،

صحبت سٺيءَ منجھه گذاريو.

 

عام ڀلائي جو وڙ رکجو،

تڪليفن مان ماڻھو ڪڍجو.

 

ڪھل ڪجو بي زبانن تي،

ظلم ڪجو نه حيوانن تي.

 

ربّ جي رحمت رهندوَ ٻارو،

چمڪيو رهندو ڀاڳ ستارو.

***

امداد سروري

آراضي/سيوهڻ

ٻارن جي پسند جا رنگ

ڳاڙهو رنگ بسمه کي پيارو،

اقصى جو رنگ پيلو دل وارو.

 

نيري رنگ سان اقراءَ جي چاهت،

گلابي رنگ سان عليشا جي محبت.

 

سونھن جو رنگ سائو واڱڻائي،

ڪلثوم يونيفارم پائي آئي.

 

نارنگي رنگ انزل جو آهي،

ڏاڍو سٺو سو لڳندو آهي.

 

پيارو رنگ آ، آسماني ڪارو،

طوطائين ناسِي آهي دل وارو.

 

بادل جو رنگ آهي خاڪِي،

پائڻ سان ڄڻ لڳي ٿو فوجي.

 

اسڪول جي ٻارن شاعري ٻُڌائي،

ان لاءِ وڄايو سڀئي تاڙِي.

 

امداد سروري سونھن سلامت،

رنگن مان ملي ٿي رُوح کي راحت.

***


 

ڪوثر سوز هالائي

هالا نوان

وقت چوي آءٌ بادشاهه

جيڪو مون سان گڏجي هلندو،

سو نه پوئتي رهندو.

 

جنھن به قدم آ پوئتي هٽايو،

ان سدائين آهي پڇتايو.

 

منھنجي قيمت ڪو به نه ڄاڻي،

ڪڏهن نه ملندو آهيان ناڻي.

 

دنيا سڄيءَ کي ٿو ڦيرايان،

ڪنهن کي ڊاهيان ڪنھن کي ٺاهيان.

 

هڪوار جي هليو ويندس،

 وري نه موٽي واپس ايندس.

***


اسماعيل سليم

نظم

ٻار ٻه ٽي گڏ ٿين ٿا،

کل خوشيءَ ۾ خوب کلن ٿا.

 

هر ڪنھن جو آ پنھنجو ٻول،

ٻُڌڻ واري کي ڏاڍو وڻن ٿا.

 

مٽيءَ واري ديس پنھنجي جي،

جوت ۾ پنھنجا جھول ڀرن ٿا.

 

ڪونھي تن ۾ ڪوئي نفاق،

اُتي وڙھي وري ٺھن ٿا.

 

جَڙي جيجل ٿي جيءَ ۾ تن کي،

 

کيڏي جڏھن گھر اچن ٿا.


 

نديم ڪوثر

ڦلجي اسٽيشن/ دادو

نظم

ٻارو ھي ڀانڊارو آھي،

ھر ڪنھن کي ھي پيارو آھي.

 

رکبو آھي ويڙھي سيڙھي،

ڏوڪڙ ڏيندو آھي ميڙي،

ننڍڙن وڏڙن ڌاريو آھي،

ٻارو ھي ڀانڊارو آھي.

اوکِي سوکِيءَ ڀَڃندو آھيان،

پاڻ سنڀالي رکندو آھيان،

پيسن جو ڄڻ کارو آھي،

ٻارو ھي ڀانڊارو آھي.

خَرچِي مان ڪُجھه خرچ بَچائي،

وِجھندو آھيان ھِنَ ۾ ٺاهي،

هِن کي هِڪڙو جارو آھي،

ٻارو هِي ڀانڊارو آھي.

ڪُنڀَر ڪاريگَرَ آ ٺاھِيو،

جنھن مِٽي کي خوبُ گَڏايو،

ننڍڙو ڪو موچارو آھي،

ٻارو هِي ڀانڊارو آھي.

ڀانڊارو آ ناڻيِ جو گَھرُ،

ڪوثَر َعُمر سارِي پِيو ڀَرُ،

مون به هنيو هي نعرو آھي،

ٻارو هِي ڀانڊارو آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org