ھينئر ھو ٽي وي واري ڪمري ۾ بيٺو ھو جتي ننڍو سائو
بلب ئي فقط روشني جو ذريعو ھو.
ھن جون ٻاھر نڪتل اکيون ظاھر ظھور بوسڪي رنگ واري
ڇت کي بمشڪل ئي گھوري ڏسي رھيون ھيون. ھن خوف ۽
پريشاني محسوس ڪئي ، ھن جي پيشاني تان ٿڌا پگھر
وھندا رھيا.ھن پنھنجون اکيون مھٽيون ، گھرا ساھه
کنيا ۽ مادي دنيا جي شرطن تي پورو لھڻ لاء ڪيترائي
ڀيرا پنھنجو پاڻ کي چھنڊڙيون پاتيون. بي خبر ٿي،
ھو ڪجھه وقت لاءِ پنھنجي بستري ۾ ويھي رھيو ،
چوڌاري اونداھي ۽ اي سي جي آواز کان سواءِ ٻيو
ڪجھه به نه ھو. ٿوري دير کان پوءِ، ھن پنھنجي همٿ
جمع ڪرڻ ۽ بتيون ٻارڻ جو فيصلو ڪيو .ھن پنھنجو
ڪمبل لاٿو ، اٿي بيٺو ۽ مشڪل سان گھمڻ لڳو ڄڻڪه
ڪنھن شيءِ ھن کي ٿڪائي ۽ بيزار ڪري وڌو ھو. اڌ
رستو پار ڪرڻ کان پوءِ ھن کي وري ساڳيا احساس
ورائڻ لڳا - خوف ۽ مونجهارو - ۽ ھو تڙ تڪڙ ۾
پنھنجي ڪمري مان نڪتو.
ھاڻي ھو گھر جي ٽي وي واري انتظار گاھه ۾ بيٺو
رھيو جتي سائي رنگ جو ننڍو بلب روشني ذريعي ڪم ڪري
رهيو هو. ھو اتي بي يقيني واري عالم ۾ بيٺو رھيو
ته ڪيڏانھن وڃجي. ھو پنھنجي ڀينرن جي ڪمري طرف وڌڻ
لڳو. جڏھن ھو اتي پھتو ته ھن کي دروازو ۽ بتيون
بند نظر آيا.
پري کان پنن جي کڙڪڻ جي آواز ھن جي مايوسي جي
خاموشي کي مات ڏئي ڇڏي.ھن پنھنجو ڪنڌ ٿورو مٿي ڪيو
ڄڻڪه ھن کي اوچتو وقتي سڪون مليو جنھن جي تلاش ۾
ھو ڀٽڪي رھيو ھو. ھو اوڏانھن ويو ۽ پنھنجي ڏاڏي جي
ڪمري جو دروازو کڙڪايو ۽ پوء ڪنھن موٽ ملڻ جو
انتظار ڪرڻ بغير ھو اندر ھليو ويو. جتي ھن پنھنجي
ڏاڏي کي ويٺل ڏٺو جيڪو نيري رنگ جي طول وھاڻي تي
ٽيڪ ڏئي ڪتاب پڙھي رھيو ھو.ھن جي چؤگرد پنن جا ڍير
لڳا پيا ھئا، ڪجھه صاف سٿرا ھئا جڏھن ته ٻيا
گھنجيل ۽ داڳيل ھئا. ان اميد سان ، ھو ڪمري جي
داخلا گيٽ وٽ پنھنجي ڏاڏي جو انتظار ڪندي بيھي
رھيو ته من ھن کي ھن جي موجودگي جو احساس ٿئي.ھن
جي ڏاڏي ھن کي ڏسڻ کان اڳ ۾ وڏو وقت لڳايو. ”عمر،“
ھن چيو. ”ڇا تو کي ھن وقت تائين سمھڻ ۽ آرام ڪرڻ
نه گھرجي؟“
”مان بلڪل ھينئر اٿيس“، خراب خواب کي جاري رکڻ کان
اڳ ۾ عمر ساھي پٽي. ڏاڏا مون کي توھان جي مدد جي
ضرورت آھي.“
اھا ڪھڙي شيءِ آھي جيڪا توکي تنگ ڪري رھي آھي،
منھنجا پٽ؟“
ڏاڏا سائين، مان عجيب قسم جو خواب ڏٺو.مان رات جو
ھڪ گھاٽي ۽ اونداهي جھنگل ۾ ھيس ، ان جي اونھي ،
گھاٽي نباتات ۾ گم ٿي ويس ، رات جي وقت چُست ۽
سرگرم رھندڙ جانورن جي عجيب و غريب آوازن
کان خوفزده ھيس.سموري سفر دوران ، مان پنھنجو رستو
وڃائيندو رھيس.منھنجو دماغ منھنجي خلاف سازش ڪرڻ
لڳو ، مون کي يقين ڪرڻ تي مجبور ڪيو ته عجيب و
غريب قسم جي بلا مون کي ھيٺ ڪيرائڻ ۽ پنھنجي چنبي
۾ وٺڻ لاء صحيح وقت جو انتظار ڪندي انھن وڻن جي
پٺيان لڙڪندي ٿي رھي.منھنجو فقط ھٿيار ۽ رھنمائي
جو ذريعو ڪاٺي جي ٺھيل دلڪش انداز ۾ روشن ڪندڙ
مشعل ھئي. مشعل جا روشن شعلا ايترا ته اوچا ھئا جو
اھي منھنجو رستو روشن رکندا رھيا ۽ مون کي اڳتي
وڌائيندا ھليا ۽ ۽ واپس گھر تائين رستو ڏيکاريندا
رھيا ، “ ھن ھڪ دفعو ٻيھر ساھي پٽي.
“ پوءِ ڇا ٿيو عمر ؟“ ھن جي ڏاڏي پڇا ڪئي، ھن جي
لھجي ۾ وڏي ڳڻتي ۽ پريشاني ھئي.
اتفاق سان منھنجو گذر ھڪ خوبصورت تلاءَ وٽان ٿيو
جنھن جي چوڌاري حسين گل ۽ بي انتھا سرسبز ساوڪ
ھئي.سج جي پيار ڀري ۽ جوشيلي روشني منھنجي چمڙي کي
پيار منجھان ڇھيو ۽ مان تازي ھوا ۾ ساهه کنيو.
ڊگھي سفر کان پوء ، اھو محسوس ٿيو ته مان آخرڪار
گھر پھچي چڪو ھوس. بي انتھا خوش ٿيڻ ڪري ، مان
تلاءَ مان پاڻي پيئڻ ۽
پنھنجي اُڃ اجھائڻ لاء تلاءَ طرف ڀڳس.پر مون کي
ھيءَ مشعل منھنجي ھٿ ۾ ھئي ، جيڪا مون کي ھاڻي
بيڪار نظر آئي ۽ ان کي تلاءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو.
جيئن ئي مشعل جا خوبصورت روشن ڪندڙ شعلا تلاءَ جي
مٿاڇري کي لڳا ۽ وسامي ويا، تيئن ئي ساڳي پراڻي
اونداھي مون کي ويڙھي وئي. ھن ڀيري اھا اڃا به
وڌيڪ اونداھي ۽ خوفزده ڪندڙ ھئي.
پوء اھو واقعو ٿيو. ھڪ عجيب و غريب مخلوق منھنجي
پٺيءَ جي مٿان ٽپو ڏنو ۽ مون کي پنھنجي چنبي ۾
ورتو، جڏھن ته مان سُور مان دانھون ، ڪوڪون ۽
رڙيون ڪندو رھيس.مون کي مشعل کي بيڪار سمجھي
اڇلائڻ تي پڇتاءُ ٿيو.مان انھيءَ مشعل جي سھاري ھن
بلا سان جنگ جوٽي سگھان ھا، پر مان ان کي اڇلائي
ڇڏيو.“
عُمرَ جو آواز پڇتاءَ سان ٽمٽار ھيو ڄڻڪه ھو
وساري ويٺو ھو ته اھو خواب ھيو جيڪو ھو بيان ڪري
رھيو ھو. ڏاڏي چشمي جي مدد سان
عمر جي مُنھن کي باريڪ بينيءَ سان جاچي ڏٺو.ان کان
پوء ھن چيو “ عمر ، ھر ڪنھن کي خراب ۽ ڀوائتا خواب
ايندا آھن ۽ ڪنھن کي به انھن جي باري ۾ ايتري گھڻي
سوچ ويچار ڪرڻ نه گھرجي.“
“پر ، ڏاڏا ، ھي بلڪل ڪوئي خواب نه آھي ، مان ڪڏھن
به اھڙي قسم جو ڀوائتو خواب نه ڏٺو آھي.ھي خواب
اھو ....اھو تمام گھڻو حقيقي محسوس ٿيو! ان مان ڇا
مراد آھي ؟“
“منھنجا پٽ جيڪڏھن تون چاھين ٿو ته توکي خواب جي
حقيقي ۽ سچي معنيٰ ۽ مقصد جي ڄاڻ ملي ته پوء جيڪو
ڪجھه آءٌ توکي ٻڌائڻ وارو آھيان تو کي اُهو صبر
سان ٻڌڻ جي ضرورت آھي.“
عمر ڪنڌ لوڏي ھاڪار ۾ جواب ڏنو.
گھاٽو اونھو جھنگل ، مختلف شڪار خور ۽ رڪاوٽون
جيڪي توکي ورائي ويون سي ھن دنيا جا مسئلا
آھن.پنھنجي گھر کي ڳولڻ وارو تنھنجو سفر اھا زندگي
آھي جيڪو تون ھن دنيا ۾ زنده رھڻ لاء ڪري رھيو
آھين.ھن سڄي سفر دوران مشعل ئي تنھنجو فقط سھارو
آھي جيڪا تنھنجو رستو ڳولڻ ۽ شڪار خور جانورن سان
ويڙھه ڪرڻ ۾ توکي مدد فراھم ڪري ٿي ۽ ٻيو ڇا
نه.جڏھن تون محسوس ڪرين ٿو ته تون گھر پھچي ويو
آھين ، ۽ تون اھو به محسوس ڪرين ٿو ته تنھنجا سڀئي
مسئلا منظر عام تان غائب ٿي ويا آھن ، تون مشعل کي
پري ڦٽو ٿو ڪري ڇڏين.جيئن ئي مشعل جا شعلا پنھنجو
وجود وڃائي ويھن ٿا ، ساڳي اونداھي توکي پنھنجي
گھيري ۾ آڻي ٿي ۽ تون ساڳي جاءِ ۾ ڦاسي پوين ٿو
جيڪا توکي محفوظ محسوس ٿيندي ھئي.ھي سڀ ڪجھه مشعل
جي اھميت ڏانھن اشارو ڪري ٿو ۽ ان جي فضيلت واضح
ڪري ٿو.“ ھن چڱي طرح پنھنجا ھٿ عمر جي ڪلھي تي
رکيا ، ھن جي اکين ۾ نھاريو ۽ ڏاڍيان آواز ۾ چيو “
ھيءَ رڳو ڪائي مشعل نه آھي ؛ اھا مقدس مشعل آھي -
تنھنجو والد.“
عمر ناپسنديدگي جي ڪري تڪڙ ۾ ڪاوڙ مان اٿي بيٺو ۽
رڙ ڪئي، ”ڇاڪاڻ جو اڄوڪي ڏينھن تي مان پنھنجي والد
سان
بحث ۽ مباحثو ڪيو ھو، تون مون تي الزام تراشي
ڪندين ۽ مون کي مجرم ڪرائيندين؟“
توکي ويھڻ ۽ صبر سان ٻڌڻ جي ضرورت آھي جھڙيءَ طرح
تو وچن ۽ واعدو ڪيو ھو، ”ڏاڏي جواب ڏنو. عمر ويھي
رھيو.
مان توکي مجرم يا ڏوھاري نه ٺھرائي رھيو آھيان.اھو
تنھنجو ضمير آھي جيڪو توکي مجرم محسوس ڪرائي رھيو
آھي.“
عمر پنھنجو ڪنڌ ھيٺ ڪري ٻڌو.“ ھيءَ مشعل تنھنجي
والد کي ظاھر ڪري ٿي.ھو سڀني مسئلن جي خلاف فقط
تنھنجو ھٿيار آھي جن سان تون مقابلو ڪندين. جيڪڏھن
ھو تنھنجي پاسي آھي، تون دنيا جي نعمتن جو مزو
ماڻيندين ۽ ھن کان بغير، جيئن تو خواب ۾ ڏٺو ھو،
اونداھي کان سواءِ توکي ڪجھه به پلئه نه پوندو.“
مان خوب ڄاڻان ٿو ڏاڏا سائين ، پر پوءِ به الاءِ
ڇو مان ناراض ٿي ويندو آھيان ۽ اھي شيون چئي ويندو
آھيان جيڪي مون کي نه چوڻ گھرجن ، ۽ مون کي معلوم
نه آھي ته معافي ڪيئن وٺجي.
ٺيڪ آھي منھنجا پُٽ. بس وڃ ۽ پنھنجي والد کي چُمي
ڏي ، تون ھن کي ٻڌاءِ جيترو تون ھن سان پيار ڪرين
ٿو، ۽ ھو يقينن توکي معاف ڪري ڇڏيندو.مون تي يقين
ڪر ته ڪنھن کي به رشتن جي اھميت ۽ تقدس جي خبر
تڏھن پوندي آھي جڏھن ڪوئي ان کي وڃائيندوآھي.جيڪو
محدود وقت اسان کي آھي تنھن کي معمولي جھيڙن ۽
بحثن ۾ وڃائڻ ۽ استعمال ڪرڻ نه ڏيو.“
”تنھنڪري، مون کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ عمر سوال ڪيو.
”بس وڃ ۽ ھينئر معافي طلب ڪر ۽ ھن سان ڪجھه قيمتي
گھڙيون ۽ معياري وقت گذار.“
”ھينئر ؟“ عمر اچرج مان پڇا ڪئي.
”ھائو ! صبح جا ست وڳا آھن ،“ ڏاڏي جواب ڏنو.
جيئن ئي عمر ڪمري کان ٻاھر نڪتو، ھن جي ڏاڏي
پنھنجي عينڪ واپس اکين تي چاڙھي، پنھنجي ڪتاب جي
انھي صفحي کي ٻيھر کوليائين جنھن ۾ ھن پنھنجي پيءُ
جي تصوير رکي ھئي. ھن ان تي آخري نظر وڌي ، ڪتاب
کي بند ڪيو ۽
پنھنجي والد جي آخرت واري زندگي جي ڀلائي ۽ چڱائي
لاءِ دعا گھري.
]حوالو
: دي نيوز ميگزين تان ورتل[
هڪ ملڪ ۾ ڪو راجا حڪومت ڪندو هو. ان جا شوق نيارا
هوندا هئا. هڪ دفعي هن هڪ سونو ڪڪڙ ٺهرايو، ۽ ملڪ
۾ پڙهو گهمايو ته جيڪو به ماڻهو مون کي نئين ڳالهه
ٻڌائيندو جيڪا منهنجي ٻڌل نه هوندي ته هي ڪڪڙ ان
کي انعام طور ڏيندس. انعام جي لالچ تي ڪيترائي
ماڻهو آيا ۽ ويا، پر ڪوبه ڪڪڙ کي حاصل ڪري نه
سگهيو.
شهر کان ٿورو پري جهنگ ۾ هڪ ٻڪرار رهندو هو، سندس
نالو امين هو. هو پنهنجي پوڙهي ماءُ سان گڏ رهندو
هو، ٻڪريون چاري پيو گذران ڪندو هو. انعام جي
ڳالهه جڏهن ان وٽ پهتي ته هن پنهنجي ماءُ کي چيو
ته امان مون کي دعا ڪر ۽ موڪل ڏي ته آءٌ اهو سونو
ڪڪڙ کٽي اچان. ماءُ کيس دعا ڪئي ۽ موڪل ڏنائينس.
امين ٻڪريون گهر ٻڌي، ماءُ کان موڪلائي شهر روانو
ٿيو، منزلون ڪندو اچي راجا جي دربار ۾ پهتو،
بادشاهي سلام بجا آڻي، هن بادشاهه کي عرض ڪيو ته
قبلا آءٌ اوهان کي هڪ ڳالهه ٻڌائڻ آيو آهيان
جيڪڏهن اجازت ملي ته عرض ڪيان. بادشاهه چيس توکي
اجازت آهي. پنهنجي ڳالهه ٻڌاءِ. ٻڪرار عرض ڪيو ته
قبلا اسان جا وڏا ڪنهن زماني ۾ هتي جا بادشاهه
هوندا هئا.
اوهان جي وڏن سان اچ وڃ جا رشتا هئا. ڏاڏا سائين
اوهان جي وڏن کي هڪ سوني ديڳ امانت طور رکڻ لاءِ
ڏني هئي، منهنجي والده ان ديڳ جي واپسي لاءِ اوهان
جي خدمت ۾ موڪليو آهي. هاڻي مهرباني فرمائي، اها
امانت مون کي واپس ڏني وڃي.
بادشاهه چيس ته اي نوجوان اها ڳالهه مون اڄ تائين
نه ٻڌي آهي. اتي امين چيس ته بادشاهه سلامت جي اها
ڳالهه اوهان اڄ تائين نه ٻڌي آهي ته پوءِ مون کي
شرط وارو سونو ڪڪڙ ڏنو وڃي.
بادشاهه اها ڳالهه ٻڌي مرڪي ڏنو ۽ چيائينس ته اي
نوجوان شرط کٽيو، هاڻي هي ڪڪڙ تنهنجو آهي.
امين اهو ڪڪڙ کڻي ماءُ وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو ته امان
تنهنجي دعا سان آءٌ ڪڪڙ کٽي آيو آهيان. پوءِ هن
اهو ڪڪڙ وڪڻي پنهنجي لاءِ هڪ عاليشان جاءِ جوڙائي
۽ ماءُ سميت آرام سان ان ۾ رهڻ لڳو. مال لاءِ هڪ
پگهاردار مقرر ڪري مال ان جي حوالي ڪيائين، باقي
زندگي ماءُ جي خدمت ۽ رب پاڪ جي عبادت ڪندو رهيو.
پيارا ٻارو! اها آهي ماءُ جي دعا.
باغ ۾ گهڻائي ٻوٽا ۽ وڻ هئا، جنهن ۾ طرح طرح جا گل
۽ ميوا لڳل هئا. هڪ ڀيري گلاب جا گهڻا گل پاڻ ۾
ڪرڪيٽ کيڏي رهيا هئا ته هڪ ننڍڙو گل آيو ۽ چوڻ لڳو
ڇا آئون اوهان سان گڏ ڪرڪيٽ کيڏي سگهان ٿو. هن گل
جو رنگ سڀن گلن کان تيز ۽ بيحد پيارو هو پر هن جو
قد سڀن کان ننڍو هو. ان لاءِ هو سڀن گلن جي مذاق
جو نشانو بڻيو. هڪ گل ته هن کي ڌڪو به ڏنو ۽
چيائين ته خبردار جو اسان سان راند کيڏڻ جي ڪوشش
ڪيئي. آئون ننڍڙو آهيان ته ڇا ٿيو آهيان ته توهان
جهڙو؟ توهان به گل آهيو ۽ آئون به گل آهيان.
خبردار جو پاڻ سان گڏ اسان کي ملائڻ جي ڪوشش ڪيئي.
تون ائين آهين جيئن هاٿين ۾ ماڪوڙي، اهو چئي سڀن
ٽهڪ ڏنا. ننڍڙو گل روئندو واپس آيو، ماءُ پڇيس پٽ
ڇا ٿيو تون روئين ڇو ٿو. امان سڀ گل منهنجي ننڍي
قد جو مذاق ڪن ٿا ۽ مون کي پاڻ سان گڏ راند به نه
ٿا کيڏائين. اهو ٻڌي ننڍڙي گل جي ماءُ کي اکين ۾
ڳوڙها اچي ويا، پر هو هن کي مسڪرائيندي سمجهائڻ
لڳي. پٽ ته پوءِ ڇا ٿيو، ڏس هر شيءِ ۾ هر خوبي
ناهي هوندي. مثلاً انسان کي ڏسو ڪو ڪارو آهي ته ڪو
ڀورو ڪو ننڍو آهي ته ڪو وڏو. اهڙيءَ طرح گل به
هڪجهڙا ناهن هوندا. هاڻي ڏس ته تنهنجو رنگ ڪيترو
پيارو ۽ تيز آهي. اهڙيءَ طرح ٻين کي اها خوبي ميسر
ناهي. اهڙيءَ طرح انهن جو قد وڏو آهي ته اها خوبي
توکي حاصل ناهي. ان لاءِ پٽ اداس نه ٿيندو ڪر ۽ رب
پاڪ جي ڏنل هر نعمتن جو هر حال ۾ شڪر ادا ڪيو.
ننڍڙو گل ڳوڙها صاف ڪندي چوڻ لڳو، پر امان اها
ڳالهه هن سڀ گلن کي ڪير سمجهائي.
ڪا ڳالهه ناهي پٽ! هو جيئن ڪن ٿا ڪرڻ ڏين، پر تون
ڪنهن سان ائين نه ڪجانءِ. ٺيڪ آهي امان هاڻي آئون
انهن سڀن کي دوست بڻائڻ جي ڪوشش ڪندس. انهيءَ
دوران سڀئي گل اندر داخل ٿيا ۽ چوڻ لڳا ته اسان
توهان ٻنهي جون ڳالهيون ٻڌيون آهن ۽ ننڍڙي گل جا
دوست ٿي ويا آهيون. ننڍڙا گل تون اسان سڀن کي معاف
ڪري ڇڏ. اسان تنهنجي دل آزاري ڪئي آهي. اسان تو
کان شرمسار آهيون ۽ تو کان معافي ٿا گهرون. انهن
جون ڳالهيون ٻڌي ننڍڙو گل اڳيان وڌيو ۽ سڀن کي
ڀاڪر پاتو ۽ سڀ خوش ٿي کلڻ لڳا. ان مهل وڏو گل چوڻ
لڳو جنهن ننڍڙي گل کي ڌڪو ڏنو هو هلو ته هلي ڪرڪيٽ
کيڏون. سڀ ڊوڙندا ڪريٽ کيڏڻ ويا ۽ چئني طرف محبت
خلوص جي خوشبو پکيڙجي وئي.
جنهن رستي سان استاد عليم گذرندو آهي، انهيءَ رستي
تي جِن رهن ٿا... مون ڊڄندي جاويد کان پڇيو، جاويد
توکي اُهو ڪنهن ٻڌايو...؟ جاويد مون ڏي سنجيده ٿي
ڏسندي سمورو احوال هڪ ساهيءَ ۾ ائين چئي ڏنو، جيئن
ٽي ويءَ تي مائي خبرون ٻڌائيندي آهي. جاويد ٻڌايو
پئي ته استاد عليم ڳوٺ جي مولوي قدرت الله کي سڄو
قصو ٻڌائيندي چيو ته جِن استاد عليم کي چون ٿا
اسان کي پڙهائي، ٻي صورت ۾ اهڙي سخت سزا ڏينداسين
توکي جو زندگي ڀر سُک جو ساهه کڻي نه سگهندين. مون
حيرت مان جاويد کان پڇيو ته پوءِ استاد عظيم انهن
کي سبق ڏيندو، پڙهائيندو..؟ يار جِن استاد عليم جي
ٻولي سمجهندا...؟ جاويد خوف ۽ حيرت مان مُرڪندي
چيو، اها خبر مون کي به ناهي، باقي استاد عليم به
ڊڄي ويو آهي، هُن انهيءَ رستي تان اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو
آهي.
اسين جنهن وڻ هيٺان ويٺا آهيون، اهو کجيءَ جو
ڀوائتو ۽ پراڻو وڻ آهي، رات پنهنجو سفر ڪري رهي
آهي، اوندهه به وڌندي ٿي وڃي، اسين محسوس ڪري رهيا
هئاسين ته جن متان اسان جون ڳالهيون ٻڌي رهيا آهن.
اسين هڪدم ٽپ ڏيئي پنهنجي پنهنجي گهر ڏي روانا
ٿياسين ۽ سڀاڻي انهيءَ ٽائيم روز جي معمول مطابق
ملڻ جو چئي موڪلايوسين. جاويد منهنجي ڪن ۾ چيو ته
شام خطرناڪ ۽ دلچسپ خبر ٻڌائيندو مانءِ، مون
ڇرڪندي خوف وچان هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو...!
اسان جي ڪچهريءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن نواز به هوندو آهي ۽
اڄ نواز به اسان جي وچ ۾ موجود آهي... مون جاويد
کان ويهڻ شرط ئي پڇيو ته يار ڪهڙي خطرناڪ ۽ دلچسپ
خبر آهي، ٻيلي جلدي ٻڌاءِ، جاويد چپ چوريا ته نواز
۽ آئون ائين هڪ جاءِ تي ڄمي ويٺاسين، جيئن ڪجهه
وقت پهريان ڊرامو ”عينڪ والا جِن“ ڏسندا هئاسين،
جاويد ٻڌايو پئي ته ڪالهه ماستر عليم جي گهر جنن
ڪچن، پڪن سِرن، پٿرن جو وسڪارو ڪري ڏنو ۽ اها
ڳالهه سچ ثابت ٿي، مون جاويد کان پڇيو پر ڇو...؟
جاويد چيو، ماستر عليم جِنن کي پڙهائڻ نٿو چاهي ۽
هن اُن رستي تان اچڻ وڃڻ به ڇڏي ڏنو آهي. مون کي
سڄي رات ننڊ نه آئي، هڪ ڀؤ ٻيو علم جي اهميت تي
ويچاري رهيو هوس ته علم انسان جيان جنن لاءِ به
ضروري هوندو آهي، هن دنيا ۾ پاڙهو جِن به آهن،
آئون ڪڏهن ڪڏهن اسڪول نه ويندو آهيان، بس هاڻي
محنت سان پڙهڻو آهي ۽ علم جي دشمن ماڻهن سان جِنن
جيان ويڙهه ڪرڻي آهي.
فاطمه هڪ پياري ۽ نيڪ ڇوڪري هئي، ان جي سُٺن عادتن
سبب سڀ ماڻهو هن کي پسند ڪندا هئا. هن جي مقبوليت
جي ڪري ڪجهه ڇوڪريون هن کان حسد ڪرڻ لڳيون. انهن
مان سائره به هڪ هئي هڪ ڏينهن سائره شيطاني چڪر ۾
اچي وئي. فاطمه جڏهن بس ۾ سوار ٿي ته سائره هن کي
ڌڪو ڏئي ڪيرائي ڇڏيو، هو ڪِري پئي، پر خدا جي ڪرم
سان هو محفوظ رهي، صرف مٿي ۾ ٿورو ڌڪ لڳو هئس،
اسڪول جي پرنسيپال هن کي اسپتال وٺي وئي، ٻي طرف
بس تيزي سان اسڪول جي ٻارن کي کڻي وڃي رهي هئي ته
اچانڪ هڪ سائيڪل سوار سامهون اچي ويو ۽ ڊرائيور ان
کي بچائڻ لاءِ اچانڪ بريڪ هنئي ته سائره جو مٿو
وڃي لوهي راڊ ۾ لڳو، هو تمام گهڻي زخمي ٿي پئي، هن
کي اسپتال داخل ڪرايو ويو، فاطمه هن جي عيادت لاءِ
اسپتال وئي هئي، پر سائره ان مهل ستل هئي، پوءِ
جڏهن سائره صحت مند ٿي اسڪول پهتي ته هن کي خوف هو
ته فاطمه کي ڪيرائڻ جي سزا ڪهڙي ملندي، جڏهن هو
اسڪول پهتي ته خبر پيس ته هن نيڪ دل ڇوڪري
پرنسيپال کي چيو ته مون کي ڪنهن به ڌڪو نه ڏنو هو
آئون پاڻهي ڪِري پئي هئس. اهو ٻڌي سائره ۽ ٻيون
ڇوڪريون تمام گهڻيون شرمسار ٿيون، انهن فاطمه کان
معافي گهري ۽ آئينده اهڙي حرڪت نه ڪرڻ جو واعدو
ڪيو ته فاطمه به سڀن کي معاف ڪري ڇڏيو.
پراڻي زماني جي ڳالهه آهي ته جاپان ۾ هڪ ذهين ۽
انصاف پسند بادشاهه حڪومت ڪندو هو. جيئن جيئن هو
پوڙهو ٿي رهيو هو ته ان کي اچي هي فڪر ٿيو ته
پنهنجو ولي عهد ڪنهن کي مقرر ڪري. دراصل هن جي
اولادن مان ڪوبه اهڙو لائق نه هو جنهن کي هو
پنهنجو ولي عهد ڪري سگهي. ڇو ته هو تمام گهڻو
انصاف پسند هو، ان لاءِ هن مختلف رستو اختيار ڪرڻ
جو فيصلو ڪيو. هڪ ڏينهن بادشاهه ملڪ جي سڀن
نوجوانن کي گهرايو ۽ چيو هاڻي آءٌ پوڙهو ٿي ويو
آهيان، ان لاءِ آئون چاهيان ٿو ته ملڪ جي لاءِ هڪ
نئون بادشاهه منتخب ڪيان ۽ اهو بادشاهه توهان مان
هوندو. سڀ نوجوان پنهنجي بادشاهه جي ڳالهه ٻڌي
حيران ٿي ويا. پر ڪنهن ۾ به همٿ نه هئي جو بادشاهه
کان ان باري ۾ ڪو سوال پڇي سگهن. بادشاهه پنهنجي
ڳالهه جاري رکندي چيو. اڄ آئون هر نوجوان کي هڪ ٻج
ڏيندس. هي تمام خاص قسم جو ٻج هوندو. آئون چاهيان
ٿو ته توهان سڀ پنهنجي پنهنجي گهر وڃي هن ٻج کي
مٽيءَ ۾ پوکيو هن کي پاڻي ڏيو ۽ سارسنڀال ڪيو ۽
پوءِ ٺيڪ هڪ سال کان پوءِ هن ٻج مان نڪرندڙ ٻوٽي
کي کڻي مون وٽ اچو. تڏهن آئون انهن ٻوٽن جو معائنو
ڪندس ۽ پوءِ بعد ۾ هي فيصلو ڪندس ته ملڪ جو نئون
بادشاهه ڪير ٿيندو.
بادشاهه جن نوجوانن کي ٻج ڏنا انهن ۾ هڪ ڇوڪرو
”لنگ“ به هو. هو ٻج کڻي خوشي خوشي گهر آيو ۽
پنهنجي ماءُ کي سڄي ڳالهه ٻڌائي. ماءُ هن کي ڪونڊي
وٺي ڏني ۽ ٻج پوکڻ ۾ هن جي مدد ڪيائين. لنگ وڏي
احتياط سان ڪونڊي کي رکيو ۽ هر روز پاڻي به ڏيندو
رهيو.
هو هر روز ڪونڊيءَ کي ان اميد سان ڏسندو هو ته ٻج
مان ٻوٽو نڪتو آهي يا نه پر هر دفعي هن کي مايوسي
نصيب ٿيندي رهي. آخرڪار ٽي هفتا گذري ويا ۽ ٻيا
نوجوان پنهنجي پنهنجي ٻجن مان نڪتل ٻوٽن جو ذڪر
ڪرڻ لڳا. تڏهن لنگ کي ٿوري پريشاني ٿي پوءِ جڏهن
پنج هفتا گذري ويا ۽ تڏهن به هن جي ڪونڊيءَ مان ڪو
ٻوٽو پيدا ٿيندي نظر نه آيو ته هن کي پنهنجي
ناڪامي جو يقين ٿي ويو. اهڙي طرح ڇهه مهينا گذري
ويا. لِنگ پنهنجي ٻج مان ٻوٽي نڪرڻ جو انتظار ئي
ڪندو رهيو. جڏهن ته ٻين جا ٻوٽا ڪافي وڏا ٿي ويا
هئا. پر هن ڪنهن کي به ڪجهه نه چيو ۽ بدستور
پنهنجي ڪونڊيءَ جي سارسنڀال ڪندو رهيو. آخرڪار هڪ
سال به پورو ٿي ويو. ملڪ جا سڀ نوجوان پنهنجا
پنهنجا ٻوٽا کڻي بادشاهه جي خدمت ۾ پيش ٿيا. لنگ
تمام گهڻو اداس هو. هن پنهنجي ماءُ کي چيو ته هو
خالي ڪونڊي کڻي بادشاهه جي خدمت ۾ ڀلا ڪيئن وڃي؟
پر لنگ جي ماءُ هن تي زور وڌو ته هو بادشاهه ڏي
ضرور وڃي ۽ ايمانداري سان سڀ سچ سچ ٻڌائي. لنگ کي
پنهنجي ماءُ جي ڳالهه تي عمل ڪرڻ تي ڊپ محسوس ٿي
رهيو هو ته ڪٿي بادشاهه هن تي ناراض نه ٿي وڃي، پر
بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ به ضروري هو. جنهن
لاءِ هو پنهنجي ڪونڊي کڻي شاهي محل ۾ پهچي ويو.
جڏهن لنگ اتي پهتو، هي ڏسي حيران ٿي ويو ته سڀن
نوجوانن وٽ طرح طرح جا ٻوٽا موجود هئا. هڪ هي ئي
هو جنهن جي هٿ ۾ خالي ڪونڊي هئي. سڀئي ڇوڪرا هن جي
خالي ڪونڊيءَ کي ڏسي مذاق ڪرڻ لڳا پر ڪجهه اهڙا به
هئا جن هن سان همدردي جو اظهار به ڪيو.
بادشاهه به اتي پهچي ويو ۽ هن سڀن ٻوٽن جو معائنو
ڪرڻ کان پوءِ چيو توهان سڀن وٽ تمام سٺا سٺا ۽
خوبصورت ٻوٽا موجود آهن. لنگ ان وقت سڀن ڇوڪرن جي
پويان لڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، پر بادشاهه جي نظر
هن تي هئي هو چئي رهيو هو ته اڄ توهان مان هڪ نئون
بادشاهه منتخب ڪيو ويندو. پوءِ اچانڪ بادشاهه
پنهنجي سپاهين کي اشارو ڪيو ته پويان لڪيل لنگ کي
پڪڙي ان وٽ پيش ڪن. لنگ تمام گهڻو خوفزده ٿي ويو.
هن سوچيو ته بادشاهه کي خبر پئجي چڪي آهي ته مون
هن جي ڏنل ٻج برباد ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي هو منهنجي
قتل جو حڪم ڏيڻ وارو آهي. جڏهن لنگ کي بادشاهه وٽ
حاضر ڪيو ويو ته بادشاهه هن کان هن جو بالو پڇيو.
منهنجو نالو لنگ آهي هن ڏڪندي چيو سڀ ڇوڪرا هن تي
کلڻ لڳا، پر بادشآهه سڀن کي دڙڪا ڏئي چپ ڪرائڻ جو
اعلان ڪرايو. توهان سڀ پنهنجي نئين بادشاهه سان
ملو. هن جو نالو لنگ آهي. لنگ کي پنهنجي ڪنن تي
يقين نه پيو اچي. سڀ ڇوڪرا حيران هئا، لنگ ته
پنهنجي ٻج مان ٻوٽو پوکڻ ۾ ناڪام ويو هو ته پوءِ
هو نئون بادشاهه ڪيئن ٿيو. تڏهن بادشاهه سڀن کي
ٻڌايو. اڄ کان هڪ سال پهرين مون توهان مان هر هڪ
کي هڪ ٻج ڏنو هو ۽ چيو هو ته ان کي پوکي پاڻي ڏيو
۽ ه سال کان پوءِ مون وٽ واپس کڻي اچو، پر توهان
مان ڪوبه اها ڳالهه نه پيو ڄاڻي ته اهي سڀ ٻج
ناڪاره هئا، انهن کي پوکي نه پيو سگهجي، پوءِ به
سواءِ لنگ جي توهان سڀ مون وٽ طرحين طرحين جا
خوبصورت ٻوٽا کڻي آيا ڇو ته توهان سڀن ڏٺو توهان
جي ٻجن مان ٻوٽا نه پيا نڪرن ته توهان منهنجي ڏنل
ٻجن جي جاءِ تي ڪي ٻيا ٻج پوکيا. صرف لنگ ئي هڪ
اهڙو نوجوان آهي جنهن ايمانداري سان ڪم ڪيو ۽ ٻج
تبديل نه ڪيو. ان لاءِ اڄ ان جي ڪونڊي خالي نظر
پئي اچي. ان لاءِ لنگ ئي اهو نوجوان آهي جيڪو
توهان سڀن جو بادشاهه آهي. بادشاهه جي ان اعلان
سان گڏ سڀن نوجوانن جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويو ۽
لنگ کي پنهنجي ايمانداري جو انعام ملي ويو.
ڪنهن ڪتاب ۾ لکيل آهي ته سڪندر بادشاهه هندستان جي
بادشاهه کي خط لکيو ته ”مون کي شڪ ٿو پوي ته تون
شريرن مان آهين.“
هندستان جي بادشاهه جواب ۾ لکيو ته ”جيڪو ماڻهو
پاڻ بڇڙو آهي، سو ٻئي ماڻهوءَ ۾ به بڇڙائي جو گمان
ٿو ڪري.“
جڏهن ڪو ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ جو عيب ظاهر ڪرڻ
گُهرندو آهي تڏهن جيڪو عيب منجهس هوندو آهي، سوئي
پهرين سندس زبان مان جاري ٿيندو آهي.
سڪندر کي هندستان جي بادشاهه جو جواب نهايت پسند
آيو ۽ کيس آفرين ڏنائين.
حامد جي گهر واري کي مختلف کاڌا کائڻ جو تمام گهڻو
شوق هوندو هو. ماڻهو ان کي ماسي چَٽوري چوندا هئا.
هڪ ڏينهن انهن جي گهر مهمان اچڻ وارا هئا. حامد
پنهنجي گهر واريءَ کي هڪ ڪلو گوشت آڻي ڏنو ۽ چيو
ته، منهنجا آفيس جا دوست اچن پيا، تون هن گوشت جو
ٻوڙ رڌ ۽ ڏس! احتياط سان رڌجان متان ڪٿي لوڻ- مرچ
وڌيڪ پئجي نه وڃن.
هن جي گهر واريءَ ٻوڙ ٺاهيو. ٻوڙ جي خوشبو ايتري
ته ڀلي هئي جو ماسي چَٽوري کان رهيو نه ٿيو ۽ هڪ
هڪ ڪري سڀ ٻوٽيون چَٽ ڪري وئي...! حامد جڏهن رڌڻي
۾ آيو ته پڇيائين ته ماني تيار آهي، منهنجا دوست
اچڻ وارا آهن. ان جي گهر واريءَ چيو مون تمام ڀلو
ٻوڙ ٺاهيو هو، پر ڪجهه دير لاءِ ٻاهر نڪتس ته
تنهنجي پاليل هي ٻلي ٻوڙ جون سڀ ٻوٽيون کائي وئي.
هو ڏس ويٺي پيرن سان مُنهن کي صاف ڪري. حامد ڪجهه
نه چيو پهرين ته هو ڪجهه دير ٻليءَ کي ڏسندو رهيو،
پوءِ وڃي هڪ ساهمي کڻي آيو ۽ ٻليءَ کي
ساهمي تي رکي
توريو، ته ان جو وزن هڪ ڪلو نڪتو، حامد پنهنجي گهر
واريءَ کي چيو ته مون توکي هڪ ڪلو گوشت ڏنو ۽ ٻلي
جو وزن به هڪ ڪلو ئي آهي، اگر ٻلي گوشت کائي ها ته
هن جو وزن 1 ڪلو ڪيئن هجي ها اگر هي ٻليءَ جو وزن
آهي ته گوشت ڪيڏانهن ويو...؟ ماسي چَٽوري ڇا چئي
پئي سگهي. چُپ ئي رهي ڪوڙ پڪڙجي پيو ۽ هو، تمام
گهڻو شرمندي ٿي ۽ آئينده اهڙي غلطي نه ڪرڻ جو وچن
ڪيائين.
اڄ گُڏي جي سالگرهه هئي. مهمانن جي اچڻ جو سلسلو
شروع ٿي چڪو هو. ايندڙ مهمان تحفن سان گڏ امان ۽
بابا کي گُڏي جي سالگرهه جي مبارڪباد ڏئي رهيا
هئا. سڀ گهر وارا گُڏي کي تمام گهڻو پيار ڪندا
هئا. سالگرهه جي موقعي تي سڀئي مائٽ گُڏي لاءِ من
پسند تحفا کڻي اچي رهيا هئا. ماما، چاچا، ادا،
امان، بابا ۽ ٻين سڀن عزيزن سڄو گهر تحفن سان ڀري
ڇڏيو، کلندي ڪڏندي خوشين ڀري هي رات گذري وئي.
اڳئين ڏينهن هي سڀ تحفا سنڀالڻ مشڪل ٿي ويو. هر
سال جيان هن سال به گُڏي جي سالگرهه وڏي ڌام ڌوم
سان ملهائي وئي هئي. گُڏي جي والدين لاڏ ۽ پيار
سان گهر ۾ ڪڏهن به هن کي اصلي نالي سان ناهي سڏيو
۽ گُڏي به پنهنجي اصل نالي کان واقف نه هئي. هاڻي
گُڏي وڏي ٿي رهي هئي. سندس والدين کي هن جي شاديءَ
جي فڪر ٿيڻ لڳي. گُڏي جي والد سوچيو ڇو نه شادي
کان پهرين هن جو شناختي ڪارڊ ٺهرائي. جڏهن گُڏي کي
شناختي ڪارڊ آفيس وٺي وڃڻو پيو ته حاضر ڊيوٽي شخص
گُڏي کي چيو ته هن فارم تي پنهنجي صحي ڪري گُڏي
چيو آئون سمجهيس ڪانه. ان شخص وري چيو ته هي قلم
وٺو ۽ فارم تي پنهنجو نالو هتي لکو. گُڏي ان شخص
جي ڳالهه ٻڌي پنهنجي پيءُ ڏي ڏسڻ لڳي. پيءُ گُڏي
جو هٿ پڪڙي صحي واري جاءِ تي آڱوٺو هڻائي ڇڏيو.
گُڏي کي هي سڀ ڪجهه عجيب لڳو. پهرين ڳالهه اها ته
گهر ۾ هن کي ڪنهن به اصل نالي سان ناهي سڏيو. ٻيو
هن کي اهو احساس ٿيڻ لڳو ته زندگي ۾ سڀ ڪجهه هوندي
به تعليم نه هجڻ سان ان جي زندگي ڪيتري نامڪمل
آهي. گُڏي کي هاڻي هي خوبصورت تحفا ڏسي نفرت ٿيڻ
لڳي هئي. ان الماڙي مان ڀاءُ جا ڪتاب ڪڍي روئندي
پنهنجي سيني سان لڳائي ۽ ڳوڙها ڳاڙيندي سمهي رهي.
وقت تيزي سان گذرڻ لڳو. ان کي واپس آڻڻ هاڻ ڪنهن
جي وس ۾ ناهي جيڪي به ماڻهو گُڏي جي رشتي لاءِ اچن
پيا اهي سڀ کان پهرين ان جي تعليم بابت پڇن پيا.
انهن جو سوال ٻڌي گُڏي جا والدين اڪثر پنهنجو ڪنڌ
جهڪائي هلڪي آواز ۾ هڪ ئي جواب ڏيندا هئا. هڪ
تعليم ئي ناهي باقي ته رب جو ڏنل سڀ ڪجهه آهي.
توهان کي ڏاج ۾ ڪنهن به شيءِ جي گهٽتائي محسوس نه
ٿيندي. اهي ماڻهو اهو جواب ٻڌي بغير ڪجهه چوڻ جي
هليا ويندا هئا. گُڏي کي به هاڻي ان ڳالهه جو
احساس ٿيڻ لڳو هو ته هن جي والدين هن جي زندگي سان
ڪيڏو وڏو مذاق ڪيو آهي. تعليم نه هجڻ سبب مائٽن به
هن جو هٿ نه گُهريو ۽ ائين گُڏي جي والدين جي
پريشاني ۾ اضافو ٿيندو ويو. گُڏي جي شادي جي آس ۽
اکين ۾ خواب کڻي گُڏي جا ماءُ ۽ پيءُ هڪ هڪ ڪري هن
جهان مان موڪلائي ويا. هاڻي گهر جي ذميواري گُڏي
جي وڏي ڀاءُ جي ڪلهن تي اچي پئي. والدين جي وفات
کان پوءِ وڏي ڀاءُ پنهنجي شادي هڪ پڙهيل لکيل
گهراڻي مان ڪئي ۽ خوشحال زندگي گذارڻ لڳو. ڀاڄائي
جي اچڻ سان گُڏي جي اڪيلائي ختم ٿي. ڀاڄائي ۽ گُڏي
به تمام گهڻو پيار ٿي ويو. ٻئي گهر ۾ سڳي ڀيڻن
وانگي رهنديون هيون. ڀاڄائي گُڏي جي تعليم جو آغاز
گهر ۾ روز استعمال ٿيندڙ شين جي نالن سان ڪيو.
ڀاڄائي روز گُڏي کي شين جا نالا لکرائيندي ۽ ياد
ڪرائيندي هئي. جڏهن ڀاڄائي سوال پڇندي هئي ته گُڏي
فوراً جواب ڏيندي هئي. ائين گُڏي کي تعليم کي حاصل
ڪرڻ جو شوق جاڳيو ۽ هن پرائمري تائين تعليم حاصل
ڪئي. تعليم سان گڏوگڏ ادبي ڪتابن ۾ پڻ مهارت حاصل
ڪئي. اها گُڏي جنهن کي لاڏ ۽ پيار ۾ ڪنهن ڪڏهن به
چانهه ٺاهڻ لاءِ نه چيو هو. هو گهر جا ڪم ڊوڙي
ڊوڙي ڪرڻ لڳي. ڀاڄائي جي ڪوشش ۽ گُڏي جي محنت رنگ
لاتو ۽ هن ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو.
ڪنهن سچ چيو آهي ته تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ عمر جي
قيد نه هوندي آهي. علم تمام وڏي دولت آهي. گُڏي
خوبصورت ته هئي هن جي هڪ تمام سٺي گهراڻي ۾ شادي
ٿي وئي ۽ ان جي محرومين جا ڏينهن ختم ٿي ويا.
تڏهن ته چوندا آهن ته ڇوڪرن سان گڏ ڇوڪرين جي
تعليم کي به ضروري سمجهيو. مرد پڙهيو ته فرد
پڙهيو، عورت پڙهي ته گهر پڙهيو.
* اُستاد شاگرد کي: ٻڌاءِ رستم ڪير هو؟
شاگردن: سائين خبر ناهي!
اُستاد: موهن جو دڙو ڪڏهن کوٽڻ شروع ٿيو؟
شاگرد: سائين خبر ناهي!
اُستاد: جيڪو سوال پڇان ٿو ته خبر ناهي آخر توکي
خبر ڇاجي آهي؟
شاگرد: سائين سڀاڻي موڪل آهي.
ريعان يونس، ڳوٺ محمد بخش پنهور
* اُستاد شاگرد کي: ٻڌاءِ ”هل اسٽيشن“ ڇاکي چئبو
آهي؟
شاگرد: اها اسٽيشن جتي تمام گهڻو گوڙ (هُل) هجي.
صدا ممتاز علي
* مصنف: توهان منهنجو لکيل ڊرامو ڏٺو، جنهن ۾ زال
مڙس هميشه وڙهندا رهندا هئا.
پاڙيسري: ڊرامي ڏسڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، اسان روز
اوهان جي گهر مان ٻڌندا آهيون.
عرفان وسيم، ماڊل اسڪول حيدرآباد
* هڪ ماڻهو: ڪڏهن بيوقوف ماڻهو به عقل واري ڳالهه
چئي ڇڏيندا آهن.
ٻيو ماڻهو: جي ها، هينئر اوهان به عقل واري ڳالهه
ڪئي.
شفاء ممتاز علي
* ماءُ: ڪينچي نه هلاءِ پُٽ، ماءُ پيءُ ۾ جهيڙو ٿي
پوندو آهي.
پُٽ: ته پوءِ امان درزين جا ماءُ پيءُ ته هميشه
وڙهندا هوندا.
رابيلا حميد، بيڪن هائوس اسڪول
* سپاهي: سائيڪل واري کي بيهي رهو، تنهنجي سائيڪل
۾ بتي لڳل ناهي. تيز رفتار سائيڪل سوار چيو، هٽي
وڃ منهنجي سائيڪل ۾ بريڪ به ڪونهي.
حمزه وسيم، حيدرآباد
* پيءُ: تون منهنجو ڪوٽ درزيءَ وٽان ڇونه کڻي
آئين؟
پُٽ: بابا درزي پئسا گهريا پئي.
پيءُ: تون چوين ها ته آءٌ ننڍو آهيان پئسا کڻي اچي
نه سگهندس.
پُٽ: اهو ته چيومانس، پر هُن چيو ته ڪوٽ به وڏو ٿي
پوءِ کڻي وڃجانءِ.
* اُستاد: نئين ڇوڪر کي، تنهنجو نالو ڇا آهي؟
نئون شاگرد: توهان جو نالو؟
اُستاد: گڏهه، نالائق، بيوقوف.
شاگرد: بس بس مون صرف توهان جو نالو پڇيو هو،
توهان جي سڄي خاندان جو نه؟
محمد ڪيف، حيدرآباد
1. پکي ڪهڙو، جو آهي بي بال پَر،
ڄڻيو جنهن کي آهي نه ماديءَ نه نَر،
وڍين جي سسي اُن جي ڳالهائي سو،
جي چيرين زبان اُن جي، هاري گوهر
2. سوار آهي ڪهڙو، جو پيادو هلي،
اڇي پَٽَ تي ڊوڙي ۽ ترسي نه مُور،
سندس بُت سفيد آهي ۽ مُنهن سياهه،
رهي هِت، هلي حُڪم اُن جو ٿو ڏُور.
3. ڪهڙي آهي زمردي سِپَ سا،
جنهن ۾ بند آهي موتي هڪ شهوار،
هاءِ افسوس ماڻهو اُڻ کي وڍين،
موتي اُڇلين، ڄاڻي سو بيڪار،
ان جي ٿي صورت ۾ سرشت عجيب،
کَل ٿي وارن تي ۽ هڏن تي وار.
4. بادشاهه آهي ڪهڙو دنيا ۾،
جنهن سان لشڪر رهي هزار هزار،
اوچتو هڪ سوار پيدا ٿئي،
۽ ڪري شاهه ۽ سپاهه فرار.
5. ڪهڙو گُل آهي، جو فجر جو ٽڙي،
نُورَ جو چشمو، سارو ڏينهن رهي،
صبح زر گهوري جو سخيءَ وانگي،
شام عاشق جان رتُ جگر جو پئي.
6. عجيب آهن اُهي ڪهڙا ٻه گوهر،
ڪيو جن عَالمَ ۽ آدم مُنور،
آهن ظاهر ۽ باطن، هست ۽ نيست،
نه جسم آهي انهن کي نه جوهر،
زمين ۽ آسمان تي حڪم تن جو،
خدا جي ذات جان ٿيو تن جو عنصر.
7. صاف دل آهيان، ڇاهي منهنجو نانءُ،
سڀ سان هڪجهڙو آهيان، ٻار سان ٻار،
جُوان سان جُوان ۽ ٻُڍي سان ٻُڍو،
نر سان نر آهيان، نار سان آءٌ نار.
8. ان جو پيءُ سج ۽ ماءُ ان جي چنڊ،
رات عاشق مٿس ۽ ڏينهن دشمن،
کِلي ڄِڀِ سان ٿي ۽ نِڙي مان روئي،
چمڪندڙ ان جو سِرُ ۽ تَر دامن.
9. جوڙو هڪ آهي بدڪ وانگي،
سُهڻو سونهري ۽ رنگن وارو،
آهي هر هڪ انهن منجهان مادي،
پر ٿو سڏجي جهان ۾ جوڙو.
10. آهي ڇا، جو جتي ڪٿي ڏسجي،
آهي صُورت ۾ هُوبَهُو انسان،
رکي ٻانهون، ٽنگون، مَٿو ۽ ڳچي،
هلي توسان، مگر آهي بيجان.
11. ڪهڙو آهي اُهو پُڇر تارو،
جو هلي ٿو زمين تي سارو،
ٿيو مٿو ان کي ۽ وڏو هڪ پُڇ،
ڏئي پاسِيرو پُڇ سان لامارو.
12. جانور ڪهڙو سو عجائب آهي،
پاڻي توڙي سُڪي ۾ جو ٿو رهي،
شينهن جهڙيون اکيون انهي جون ٿيون،
گردن ان جي مثال هاٿي جي،
۽ هرڻ جيان ڏئي اهو ڇالُون،
پڻ ڪري ٿو رڙيون گڏهه وانگي.
(جواب: 1. قلم، 2. قلم، 3. انب، 4. چنڊ، تارا ۽
سج، 5. سج، 6. روح ۽ عقل، 7. آئينو يا آرسي، 8.
شمع، 9. جُتي، 10. پاڇُولو، 11. ٻُهاري، 12. ڏيڏر)
محترمه ادي نجمه پنهور صاحبه
السلام عليڪم! ادي اوهان کي جس هجي جو ايڏين
پريشانين هوندي به رسالي کي ماهوار مارڪيٽ ۾
پهچائي رهيا آهيو. رب پاڪ اوهان کي اڃا به وڌيڪ
قوت فرمائي.
هن ڀيري ڪجهه مواد ”چالاڪ ٻڪرار“ ۽ ”تاريخ“ جو هڪ
ورق موڪلي رهيو آهيان اميد ته ضرور شايع ڪندا ته
مهرباني.
علي محمد پلهه
پوسٽ آفيس پلهه وايا شاهپورچاڪر
محترمه ايڊيٽر صاحبه
اميد ته گل ڦل رسالي جي ٽيم بلڪل ٺيڪ هوندي. مان
پنهنجي زندگي ۾ گل ڦل جي پهرين ڪاپي آگسٽ 2019ع ۾
پڙهي جنهن مان گهڻو متاثر ٿيس.
زندگي ۾ موقعو ملڻ ساڻ ئي پهريون دفعو هٿ ۾ قلم
کنيو اٿم. ”گل ڦل“ ۾ لکڻ جي لاءِ موضوع ”علم ۽ اُن
جي اهميت“ تي مواد موڪلي رهيو آهيان. رب پاڪ ۾
اميد ۽ يقين رکان ٿو ته منهنجو مواد قابل اشاعت
هوندو ۽ شايع ڪيو ويندو.
حسيب ڀٽي
حيدرآباد
محترمه ايڊيٽر صاحبه
گُل ڦُل رسالو توهان اسان جي اسڪول ۾ اچي ڏئي ويا.
ٽيچر اسان کي پڙهي ٻڌايو ۽ هڪ هڪ رسالي جي ڪاپي به
اسان کي ڏني. گُل ڦُل رسالو پڙهي گهڻي معلومات
ملي، هاڻ اسان
به ڪوشش ڪري گُل ڦُل ۾ لکنداسين. هن وقت به
گُل ڦُل باقاعدگي سان نڪري پيو اها خوشي جي ڳالهه
آهي.
سيد پناهه علي شاهه اسڪول جي ٻارن جو ساٿ اوهان
سان هوندو. اڳ به اسان جي اسڪول جا ٻار لکندا هئا
۽ هاڻ به لکندا رهندا، منهنجي خط کي گُل ڦُل ۾
ضرور شايع ڪجو.
ردا فاطمه
سيد پناهه علي شاهه، ماڊل اسڪول ڄام شورو
سيپٽمبر 2019ع جي ماهوار شماري ۾ لطيفي لات جي
سلسلي ۾ ڏنل بيت ”سُر ڪيڏارو“ جي داستان ٻئين جو
چوٿون نمبر بيت آهي.
بيت جي صحيح معنيٰ:
”هي ڪامل ۽ زبردست سوره ڪربلا ۾ آيا. زمين ڌُٻي
لرزش ۾ آئي ۽ آسمان ڌڏيا. هيءَ ڪا معمولي جنگ نه
هئي، پر هي اِلاهي محبت جو ڪرشمو هو.
بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:
* نصير احمد فقير چنا: گهوٽڪي.
* اقراء بانو چنا: گهوٽڪي.
* بشريٰ بانو چنا: گهوٽڪي.
* راجا خير محمد چنا: گهوٽڪي.
* محمد ياسين چنا: گهوٽڪي.
* محمد مينهل چنا: گهوٽڪي.
* نادر علي جتوئي: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول
قاضي احمد، ضلع شهيد بينظير آباد.
* فيضان جتوئي: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول
قاضي احمد، ضلع شهيد بينظير آباد.
* عبدالرحمان بالادي: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري
اسڪول قاضي احمد، ضلع شهيد بينظير آباد.
* شمن علي جتوئي: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول
قاضي احمد، ضلع شهيد بينظير آباد.
* ساجد علي جتوئي: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول
قاضي احمد، ضلع شهيد بينظير آباد.
* فضا فرحان ڀٽي: حيدرآباد.
* صبا بڙدي بلوچ: حيدرآباد.
بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان بُشريٰ
بانو چنا جو ڪُڻو نڪتو آهي، کيس سنڌي ادبي
بورڊ پاران گُل ڦُل جي ڪاپي موڪلجي ٿي. |