معاشري جي اخلاقي قدرن ۾ دوستيءَ جي رشتي جو قدر
اهميت جوڳو ۽ ماڻهوءَ جي اٿيءَ ويٺيءَ ۾ هڪ اهم
رشتو آهي. روزانه جي اُٿ ويهه ۾ اسان جو ڪيترن ئي
ماڻهن سان واسطو پوي ٿو. ڪيترن سان دعا سلام هجي
ٿي، پر اُهي سڀ دوست نٿا هجن، انهن کي اسين ملڻ
جلڻ وارن ۾ شمار ڪنداسين. دوستيءَ جو بي لوث ۽ سچو
رشتو هم مزاج ۽ همعصر سان ئي گهڻي ڀاڱي هوندو آهي.
دوستي قرباني، خلوص، محبت ۽ وفاداريءَ سان مشروط
آهي. سنگتي معنيٰ ساهه ڏيڻ وارو، پر اڄڪلهه اهڙن
رشتن جو قدر ڪِري پيو آهي. سچا دوست ڳولهڻ سان به
ملڻ مشڪل ٿي پيا آهن، پر وري به ڪي املهه انسان
ڏسجن پيا، جيڪي سچار ۽ پرخلوص آهن. دوستي جي سڃاڻپ
آهي سچائي ۽ وفاداري. دوست اهو جو مُنهن تي چئي
ڏئي ۽ رهنمائي ڪري. مشهور چوڻي آهي ته ”دشمن جي
ٺڳيندڙ چپن کان دوست جا ڦٽ ڀلا آهن“. استاد بخاري
سچيءَ دوستي کي تمام گهڻي اهميت ڏني آهي.
دوستيءَ جو دم هڻڻ ڏاڍو ڏکيو آهي،
ڪنڌ تي پربت، کڻڻ ڏاڍو ڏکيو آهي،
ڪلڪيوليٽر کي ڇڏيو، انسان کي،
يار جو هڪ ”ڳڻ ڳڻڻ“ ڏاڍو ڏکيو آهي.
دوستي هڪ اهڙو سمنڊ آهي، جنهن جي گهرائيءَ ۾ اونهي
وڃڻ سان محبت جا موتي ملن ٿا. محبت سان پوکيل هيءُ
فصل شڪر گذاريءَ سان لڻبو آهي. يعني دوستيءَ ۾
مطلب پرستي نه هجي، صداقت ۽ خلوص ئي دوستيءَ جا
بنياد آهن، جنهن ۾ آزمائش ۽ پرک وٺڻ سان رڪاوٽ اچي
ٿي. خوشامدي ۽ چاپلوس دوستن کان بچڻ کپي. هونئن به
سنگت هڪ جهڙي ۽ هڪ جيڏي سان ٺهندي آهي. چوڻي آهي
ته صحبت رکجي پنهنجي جيس سان بگهڙ جي صحبت به ڪا
گهيٽي سان سونهي؟ حقيقت ۾ سٺي دوستي محبت، اعتماد
جي پختگي، اخلاق جي ڪشش ۽ همدرديءَ جو نالو آهي،
سچي دوست جي پرک اها آهي ته هُو نيڪ، ذهين، محبتي،
پرخلوص، سمجهدار ۽ ڏکن سکن جو ساٿي ۽ مهل ڪُمهل ڪم
ايندڙ ۽ وفادار هجي ۽ دوست کي سنئين رستي ڏي راغب
ڪري.
”ٻانهياريءَ جو بُجو به سونو“ سو سچي دوست جي هٺ
ڦٺ ۽ حق چوڻ تي ڪڏهن به رنج نه ٿيڻ گهرجي. دوستن
جي حق چوڻ تي ڏمرجڻ وارن جا دشمن گهڻا هوندا آهن،
پر اڄ سچا دوست ناپيد آهن. موجوده دور ۾ ماڻهن جي
اندر ۾ آيل اخلاقي ڪمزورين سبب دوستيءَ ۾ پڻ لالچ،
لوڀ، ريس، ڪَسر، اميري، غريبيءَ ۽ سماجي رتبن جا
فرق آهن. ماڻهو دل آزاريءَ جي لاءِ سندرو ٻڌي بيٺا
آهن. سچو دوست ته ڄڻ ڳولهيو ئي نٿو ملي. تڏهن ته
احتياط پسند هيءُ ڏاهو چوي ٿو ته:
I forgive those who have injured me, I declare
friendship with all living beings. I have enmity
towards none.
”جن مون کي پيڙا ۽ تڪليف پهچائي، آئون انهن کي به
معاف ٿو ڪريان. سڀني سان منهنجي دوستي آهي ڪوبه
منهنجو دشمن نه آهي.“
دوستيءَ جي موٽ ۾ مليل پيڙا ۽ ايذاءَ کي سهڻ تمام
ڏکيو ٿئي ٿو، ڇو جو دوستي دل جو رشتو آهي. دل جي
ٽٽڻ سان دنيا جي هر ماڻهوءَ تان اعتبار کڄي ويندو
آهي، پر ٿئي ايئن ٿو ته اڄ جي مادي دور ۾ فقط ۽
فقط پئسي سان محبت جي ڪري دوستيءَ جا معيار تبديل
ٿيندا پيا وڃن، ان ڪري هن دور ۾ دشمنن جي اضافي
کان بهتر آهي ته سڀني سان سٺو ميل ميلاپ رکيو وڃي
۽ ڪنهن ۾ به توقع نه رکجي.
خليفو مامون رشيد، سچو دوست انهيءَ کي ٿو سڏي، جو
دوست جا عيب کيس اڪيلائيءَ ۾ ڄاڻائي ته پرپٺ تعريف
ڪري ۽ مشڪل وقت ۾ سندس مدد ڪري.
جڏهن سچا دوست ڳولهيا نه ملن ته شاگردن کي پنهنجي
والدين، استادن، ڀائرن، ڀينرن ۽ ڪتابن جي عظيم
سرمايي سان دوستي ڪرڻ گهرجي ته جيئن هو نقصان کان
بچي سگهن.
ٻار جي تربيت ۾ مٿين شخصي خوبين ۽ مٿي ڄاڻايل
ويجهن رشتن ناتن جي گهڻي اهميت آهي. جنهن سماج جي
گڏيل ماحول ۾ اسين جيئون ٿا، ان ۾ هر فرد جو
والدين، ڪٽنب جي ڀاتين، استادن، سنگتين، ساٿين،
پاڙيوارن، ملڻ جلڻ وارن ۽ ٻين ڪيترن واسطو رکندڙ
ماڻهن سان اُٿڻ ويهڻ ٿئي ٿو، جن سان مثبت نموني
سان لهه وچڙ سان شخصيت جي تعمير ٿئي ٿي. هر ماڻهو
پنهنجي آس پاس ۽ ماحول مان ئي سکندو آهي. گڏ تعليم
۽ مطالعو سندس دماغ کي وسعت ڏيندا آهن. (تعليم ۽
مطالعي جي اهميت ۽ افاديت مضمون جي آخر ۾ ڄاڻائي
وئي آهي) ماحول جي حوالي سان شاگردن جي تربيت ۾
جيڪي اهم ڳالهيون هئڻ گهرجن، جيڪي سندن اخلاقي
قوتن ۽ نيڪ گڻن کي مضبوطي ڏين، انهن تي بحث
ڪنداسين، پر انهن سڀني جي سکڻ ۾ اسان کي والدين،
استادن، بزرگن، مٽن عزيزن، سنگتين ساٿين مان مدد
ملي ٿي، مطلب ته سماج ۾ اٿڻ ويهڻ سان انفرادي طور
اسين سڀ سماج جو اهم جزو آهيون ۽ پنهنجي چؤطرف مان
ئي سڀ ڪجهه سکون ٿا، جنهن ۾ خاص طور والدين ۽
استادن جو وڏو هٿ آهي، جيڪو تفصيلي طور پويان
ڄاڻائي آيا آهيون.
* مان ضرورت جي روشني آهيان، تنهن ڪري جيڪو منهنجي
پيروي ڪندو اهو ڪڏهن به اونداهي ۾ نه ويندو.
(حضرت محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم)
* سچ ڪڏهن به ڪوڙ کان شڪست نه کائيندو.
(حضرت سليمان)
* سچائي جي روشني هميشه ڪوڙ جي اونداهه کي مات
ڏيندي آهي.
(شيخ سعدي)
* مون هميشه انهن ماڻهن جي عزت ۽ احترام ڪيو آهي،
۽ کين دعائون ڏنيون آهن، جن ڏکئي وقت ۾ منهنجي مدد
ڪئي. مان خراب حالتن جو به شڪر گذار آهيان، جن
منهنجي بهترين دوستن جي نشاندهي ڪئي.
(شيڪسپيئر)
بلند ڇت، روشن ۽ ويڪرا رستا، هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي
تائين پکڙيل وڻ ٻوٽا، ديوارن سان گڏوگڏ رهائشي
علائقو ۽ خريداريءَ جا مرڪز، اُسَ لاءِ چئني پاسن
کان ڪُشاديون دريون ۽ مرڪزي حصي جي چوڌاري سج جي
روشني منعڪس ڪندڙ آئينا.... توهان پڪ سان حيران ٿي
ويا آهيو ته آخر اسان ڪهڙي ملڪ جي ڳالهه پيا
ڪريون؟ توهان سوچي رهيا هوندا ته اها ڪنهن ترقي
يافته ملڪ جي ڪنهن جديد شهر جي ڳالهه ٿي رهي آهي.
ڳالهه ته توهان جي ٺيڪ آهي پر اسان توهان کي اهو
ٻڌائيندا هلون ته ان ترقي يافته شهر ۾ فصل گهر جي
ڇت پوکيا ويندا. اها ڇت 10- 12 فوٽ ڪونه هوندي. ٽي
سؤ ستر فوٽ (113 ميٽر) بلند هوندي. هڪ عجيب ڳالهه
اها به آهي جو ان شهر ۾ توهان ڏينهن ۽ رات کي
پنهنجي مرضيءَ سا ننڍو وڏو ڪري سگهندا ۽ موسم پڻ
بدلائي سگهندا. جديد شهر اسان جي ڌرتيءَ تي نه پر
خلا ۾ ٺاهيو ويندو.
اسان خلا ۾ پنهنجا پير ڄمائڻ جي ڏس ۾ گهڻي عرصي
کان سوچي رهيو آهي، ان ڏس ۾ سڄي دنيا جا، خاص ڪري
ترقي يافته ملڪن جا سائنسدان، سالن کان ڏينهن رات
محنت ڪري رهيا آهن. سڀني کي اها خوشخبري ٿا ڏيون
ته هلندڙ صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ انسان جو خلا ۾ رهائش
اختيار ڪرڻ وارو سپنو ساڀيان ماڻي وٺندو.
ان سلسلي ۾ خلائي شهرن جا ڪيترائي ماڊل تجويز ڪيا
ويا آهن، جن جا تفصيل ڏاڍا دلچسپ آهن. خلائي شهر
جي سڀ کان وڏي ماڊل جي باري ۾ جيڪي تفصيل پڌرا ڪيا
ويا آهن. تن مطابق هي شهر پنج لک ٽن وزني هوندو ۽
ان جي اڏاوت لاءِ گهڻو تڻو سامان يا مال مصالحو
چنڊ مان حاصل ڪيو ويندو، چنڊ مان مٽي ۽ اهم
معدنيات حاصل ڪرڻ لاءِ ماهر برقي مقناطيسي
(Electromagnetic)
اوزار استعمال ڪندا. خلائي ٽرڪ ان سامان کي چنڊ
کان پنجاهه هزار ميل پري پهچائيندا، جتان وري ڪجهه
ٻيون گاڏيون ان سامان کي ٻه لک چاليهه هزار ميل
پري رٿيل خلائي شهر يعني ”سائيٽ“ تائين
پهچائينديون. خيال آهي ته خلائي شهر جي تعمير ۾
زمين کان رڳو 2 سيڪڙو شين جي ضرورت پوندي. چنڊ مان
حاصل ٿيندڙ المونيم ۽ ٽيٽانيم مان بنيادي ڍانچو
تيار ڪيو ويندو. سليڪون مان شمسي خانا (سيل) ٺاهيا
ويندا. سليڪا مان شيشو تيار ڪيو ويندو، زمين مان
رڳو آڪسيجن، ڪاربان، نائٽروجن ۽ هائيڊروجن جي
ضرورت پوندي. ان کان علاوه ڪجهه ٻين سيارن تان به
ضروري معدنيات، مثال طور: ٽامو، جست ۽ لوهه به ملي
ويندو ۽ اميد آهي ته ڪن سيارن تان پاڻي به ملي
ويندو، مشتريءَ مان امونيا گئس جي لڀڻ جا پڻ امڪان
آهن.
اهڙن خلائي شهرن کي زميني شهرن تي هڪ وڏي فوقيت
اها به حاصل هوندي، جو انهن خلائي شهرن کي شمسي
توانائي هر وقت ملندي رهندي. ان شمسي توانائيءَ
مان ڪارخانا ڪم ڪندا رهندا ۽ پنهنجون ٺاهيل شيون
ڌرتيءَ تي وڪرو ڪندا رهندا. اهڙيءَ طرح ڌرتيءَ تي
توانائيءَ جي کوٽ جو مسئلو به وڏي حد تائين حل ٿي
ويندو ۽ جوهر توانائيءَ جي تابڪاري جي اثرن کان پڻ
ڇوٽڪارو ملي ويندو. گڏوگڏ تيل، گئس، ڪوئلي وغيره
تي به اسان جو دارومدار گهٽجي ويندو. اهڙيءَ طرح
زميني فضا ۾ گدلاڻ گهٽجي ويندي ۽ ڌرتيءَ جي موسم ۾
اڻ وڻندڙ لاها چاڙها به پيدا ڪونه ٿيندا.
ٻڌايو وڃي ٿو ته هلندڙ صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ خلائي
شهر جي اڏاوت لاءِ چنڊ تي کوٽائيءَ جو هڪ مرڪز
قائم ٿي ويندو ۽ خلائي شهر جي تعمير شروع ٿي
ويندي. ان شهر ۾ لکين ماڻهو رهائش رکي سگهندا . ٻه
سؤ خلائي شٽل، في شٽل پنج سؤ ماڻهو کي کڻي ڌرتيءَ
تان روانا ٿيندا ۽ ويجهي مدار تائين پهچائيندا.
انهن مدارن وٽ انهن خلائي مسافرن کي خلائي هوٽلن ۾
ترسايو ويندو. اتان وري هڪ هزار خلائي جهاز، انهن
مسافرن کي خلا ۾ موجود خلائي شهر ۾ وٺي ويندا. هر
جهاز ۾ ڏهه هزار مسافرن جي گنجائش هوندي. هڪ
آمريڪي خلائي سائنسدان ڊاڪٽر اونيل جي دعويٰ آهي
ته ايندڙ هڪ سؤ سالن کان پوءِ ڌرتيءَ جي گهڻي تڻي
آبادي خلائي شهرن ۾ آباد ٿي ويندي ۽ ڌرتيءَ جي
حيثيت رڳو هڪ وڏي تفريح گاهه جي ٿي ويندي.
هيڏانهن وري ڪئليفورنيا يونيورسٽيءَ جي ڪجهه خلائي
سائنسدانن هڪ نئين قسم جي خلائي شهر جو نقشو جوڙيو
آهي. ان نقشي مطابق اهو خلائي شهر هڪ وڏي ڦيٿي
وانگر هوندو. ان ڦيٿي جو قطر هڪ ميل هوندو، ان
ڦيٿي جو به هڪ محور هوندو ۽ اهو ڦيٿو پنهنجي محور
تي گردش ڪندو رهندو. ان ڦيٿي واري شهر ۾ گهر،
دڪان، اسڪول، اسپتالون، ٻني ٻارو، مطلب ته ضرورت
جي هر شيءِ موجود هوندي. ان ڦيٿي ۾ ڏهه هزار ماڻهو
نهايت سولائيءَ سان رهي سگهندا. هڪ تمام وڏو متحرڪ
گول شيشو، ان خلائي ڦيٿي مٿان گهمندو رهندو ۽ سج
جي روشنيءَ کي ان شهر تي منعڪس ڪرڻ جو ڪم ڪندو
رهندو. شهر جي مٿان لڳايل ٻيا شيشا ان روشنيءَ کي
وصول ڪندا رهندا ۽ سؤ سؤ فوٽن جي درين وسيلي اندر
پهچائيندا رهندا ته جيئن شهر ۾ ڏينهن ٿي وڃي ۽ پوک
پلاهه ڪري سگهجي. ان ڦيٿي جي مرڪزي حصي ۾ مواصلاتي
مرڪز ۽ خلائي جهازن جو اڏو هوندو، وڌيڪ گرمي کي
ڪڍڻ لاءِ مستطيل شڪل جو هڪ ريڊي ايٽر به ڪم ڪندو
رهندو. هڪ خودڪار ڪارخاني ۾ چنڊ تان آندل معدنيات
کي ڌار ڪيو ويندو، ڪائناتي شعاعن
(Cosmic Rays)
کان بچڻ لاءِ اهو مادو چنڊ کان حاصل ڪيو ويندو ۽
ان مقصد لاءِ هڪ ڪروڙ ٽن مادي جي ضرورت پوندي.
ان خلائي شهر ۾ پوکي راهيءَ جا هلندڙ طريقا اختيار
نه ڪيا ويندا. هتي اناج ۽ دالين جي فصلن سان گڏوگڏ
اهڙا فصل به پوکيا ويندا، جن کي جيترو روشني ملندي
اوترو ئي وڌندا. ان لاءِ خلائي شهر جي مٿين حصي ۾
پوکي ڪئي ويندي، جيئن ته انهن فصلن کي سج جي
توانائي چوويهه ڪلاڪ ملندي رهندي. تنهن ڪري اُهي
فصل موسمي اثرن ۽ جيتن جڻن کان به محفوظ رهندا.
اهڙيءَ طرح انهن جي پيداوار به سٺي لهندي. ماهرن
چواڻيءَ ڏهه هزار آباديءَ جي لاءِ هڪ سؤ يارهن
ايڪڙ ايراضيءَ تي هر قسم جا فصل پوکي سگهبا. ان
کان سواءِ پولٽري، جانورن جي پالنا، ڊيري فارمنگ
وغيره به ٿي سگهندي. انسانن، جانورن ۽ ٻوٽن جي ڪري
جيڪو فضول مادو يا ڪچرو پيدا ٿيندو، تنهن کي
بازيافت جي عمل مان گذاري خالص پاڻيءَ ۽ ڪيميائي
ڀاڻ ۾ تبديل ڪيو ويندو، بازيافت جو عمل ايڏو تيز
هوندو جو واڌو پاڻيءَ جي ضرورت گهٽ پوندي.
ناسا ۽ اسٽينفورڊ يونيورسٽيءَ جي ماهرن خلائي شهر
جو هڪ ٻيو به ڊزائن تيار ڪيو آهي. ان جو نالو ”سن
فلاور“ يعني سورج مکي رکيو اٿائون. ان جو رخ مستقل
طور تي سج ڏانهن رهندو.
خلائي شهر جو هڪ ڊزائن ٽڪنڊي جي شڪل ۾ پڻ ٺاهيو
ويو آهي. ان ٽڪنڊي جي وچ تي ڪارخانا هوندا، انهن
ڪارخانن کي شهر کان ٽن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي خلا ۾
ترندڙ شمسي آئينا توانائي مهيا ڪندا. رهائشي
علائقو شروع ۾ پنجاهه ميٽرن جي پکيڙ تي هوندو، ان
شهر جي ڇت کي ضرورت پوڻ تي مٿي ڪري سگهبو، شهر جو
خول المونيم جو هوندو، جنهن تي قمري مادي مان ٺهيل
فائبر گلاس جي تارن جو تهه چڙهيل هوندو. تارن جو
اهو تهه ٻه ميٽر ٿلهو هوندو. شهر جي گردش جي رفتار
1.25 چڪر في منٽ هوندي. چنڊ جي مٽيءَ مان ٺهيل
شيشي جو اهو حفاظتي تهه خلائي تابڪاريءَ جو ڀرپور
مقابلو ڪندو. جنهن علائقي ۾ پوک ڪئي ويندي، اتي ڇت
شفاف شيشي جي هوندي ته جيئن شمسي روشني اندر اچي
سگهي.
انهن خلائي شهرن جي تعمير ۾ جيڪا ڪنڪريٽ استعمال
ڪئي ويندي، تنهن کي ”مون ڪريٽ“ يعني ”چنڊ تان
ملندڙ ڪنڪريٽ“ چيو وڃي ٿو. ماهرن جي مطابق مون
ڪريٽ ئي خلائي شهرن جي تعمير لاءِ بهتر آهي. خلائي
شهر جي تعمير لاءِ نوي سيڪڙو مون ڪريٽ ۽ ڏهه سيڪڙو
ٻيا ڌاتو ڪتب آندا ويندا. هڪ ۽ نوَ جي نسبت سان
تيار ٿيندڙ ان ڪنڪريٽ کي ري اسٽريسڊ ڪنڪريٽ به چيو
وڃي ٿو. اهڙي قسم جي ڪنڪريٽ جوهري ري ايڪٽرز جي
تعمير لاءِ به ڪتب ايندي آهي، ان ڪنڪريٽ ۾ پاڻي
استعمال نه ٿيندو، پر چنڊ جي پهاڙن کي پگهاري ان
سان گڏايو ويندو. اهڙيءَ طرح ان جي تعمير نه رڳو
سولي هوندي، پر خلائي شهر پڻ بيحد محفوظ هوندو.
خلائي شهر جو فرش سخت پٿر جو هوندو ۽ ان جي ٿولهه
5.2 فوٽ هوندي.
انهن خلائي شهرن جو مواصلاتي نظام بيحد جديد قسم
جو هوندو، ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي ذريعي ڌرتيءَ سان
رابطي ڪرڻ ۾ رڳو 1.3 سيڪنڊن جي وقت لڳندو، هر
خلائي شهر ۾ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪتب خانا هوندا. ماڻهن
کي رڳو پنهنجي ڪمپيوٽر کي اشارو ڪرڻو پوندو ۽ پوءِ
اُهي پنهنجي پسند جو ڪتاب پنهنجي ڪمپيوٽر جي
اسڪرين تي گهر ويٺي پڙهي سگهندا. ڌرتيءَ ۽ ٻين
خلائي شهرن مان موصول ٿيندڙ نشريات پڻ ڏسي سگهندا
۽ لڳندو ته هولوگرافيءَ جي جديد ترين ٽيڪنڪ وسيلي
خلائي ٽيليويزن پروگرام جا ڪردار جيئري جاڳندي
صورت ۾ توهان جي سامهون بيٺا آهن. ان ٽيڪنڪ وسيلي
ڌرتيءَ وارا ۽ خلائي شهر پاڻ ۾ ڳالهائي پڻ سگهندا.
خدا تعاليٰ هن ڪائنات کي انسان لاءِ تسخير فرمايو
آهي، اُهي شهر ان فرمان جو ثبوت هوندا.
”
سچ“ ڇا آھي ؟ ڪوڙ ڇا آھي ؟ سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪيئن
معلوم ڪجي ؟
ھنن سوالن جي جوابن جي ڳولھا لاءِ اسان کي سائنس
جي دنيا ۾ وڃڻو پوندو. سائنس مادي جو علم سڏجي ٿو.
اسان پنھنجن پنجن حواسن (ڏسڻ، ٻڌڻ، سنگھڻ، چکڻ ۽
ڇھڻ) وسيلي مشاھدن ۽ تجربن سان سائنسي تعليم حاصل
ڪيون ٿا.
سچ ۽ ڪوڙ جي سڃاڻپ، پرک ۽ فرق لاءِ به اسان کي
سائنسي طريقا ڪم آڻڻا آھن.
اسان کي خبر آھي ته سچ ۽ ڪوڙ قدر
(Values)
آھن. ھيءَ به مڃيل حقيقت آھي تـ قدر سدائين ساڳيا
ن رھندا آھن. اسمن، فعلن ۽ ظرفن سان قدرن جي سڃاڻپ
ٿيندي آھي. ائين کڻي چئجي ته جاندار ۽ غير جاندار
شيون, مھلون، ماڳ ۽ ڪم قدرن جا بنيادي عنصر آھن.
قدرن جي انھن عنصرن جي ڪنھن ھڪ جي بدلاءِ سان سچ
سچ نه رھندو آھي ـ
مثال: سچل شام جو ڇھين وڳي پنھنجي ڪمري ۾ ھوريان
ھوريان شاهه جو رسالو پڙھيو پئي.
مٿين جملي ۾ سچ جا بنيادي عنصر اسم (سچل، ڪمرو ۽
شاهه جو رسالو)، فعل (پڙھڻ) ۽ ظرف (شام جو ڇھين
وڳي ۽ ھوريان ھوريان) آھن ـ انھن مان ھڪ لفظ جي
بدلاءِ سان سچ سچ نه رھندو ـ
ان ڪري ڪالهه جا سچ ضروري ناھي ته اڄ جا سچ ھجن.
اھڙيء طرح ممڪن آھي تـ ڪالهه جا ڪوڙ اڄ جاسچ ھجن.
سڀ سائنسي ايجادون ڪالهه جا تصور ۽ سوچون ھيون پر
سچ نه ھيون. سچ ۽ ڪوڙ جي پرک سائنسي بنيادن تي ڪرڻ
سان ئي سندن حمايت يا مخالفت ڪجي. ڪوڙ جڏھن نفرت,
فساد, بي انصافيء ۽ بدامنيءَ جو سبب بڻجي ته پوءِ
کانئس بچاءِ انتھائي ضروري آھي. ڪوڙ قھر سان گڏجي
نھايت ئي خطرناڪ ۽ ھاڃيڪار ٿي پوي ٿو. فسادي ماڻھو
ڪوڙ جا ڀرجھلا ھوندا آھن. دنيا جي عظيم انسانن
قلمڪارن، شاعرن، فنڪارن، سياستدانن ۽ سائنسدانن
وغيره سدائين سچ جي پرچار ڪندي سندس ساٿ ڏنو آھي.
سقراط کان اڄ تائين سوين سچار انساني تاريخ ۾
موجود آھن.
سچ تي سر گھوريندڙن جي پڻ ڊگھي قطار آھي. اسان جن
نصابي ڪتابن ۾ پڻ سچ جي ساراهه
ڪيل آھي پر ڪٿي به لکيل نه آھي ته سچ ڇا آھي؟ ڪوڙ
ڇا آھي؟ منجھن ڪھڙو فرق آھي؟ سندن سڃاڻپ ڪيئن ڪجي
؟
پنجن حواسن وسيلي پرکجي نه سگھندڙ سڀ ڳالھيون ڪوڙ
آھن ـ مادي جي موجودگي سچ آھي. ايندڙ دنيا لاءِ
خيال ۽ تصور ته سڀاڻي جا سچ ٿي سگھن ٿا، پر ماضيءَ
جون ڏند ڪٿائون ڪوڙ ثابت ٿي چڪيون آھن. ڪالهه کي
فطرت جي عين مطابق قصن کي سچ نه ٿو سڏي سگھجي.
جيڪو به عمل ڪڏھن به ڪٿي به ڪنھن به ڪيئن بـ ڪيو
ھجي ۽ ان جا دليل، سبب ۽ ثبوت اڄ به موجود ھجن،
اھو سچ آھي. ھوائي ۽ ڏند ڪٿائي ڳالھيون ڪالهه به
ڪوڙ ھيون تـ اڄ بـ سچ ناھن. ھا باقي ڪالهه جا ڪيئي
تصور اڄ جا سچ ٿي چڪا آھن. ساڳيء ريت اڄ جا خيال ۽
تصور سڀان جا سچ ٿي سگھن ٿا. تصورن جا بنياد ۽ سبب
انساني گھرجون ۽ خواھشون آھن.
سچ ۽ ڪوڙ جي فرق معلوم ڪرڻ لاءِ حقيقت پسند ھجڻ
ضروري آھي. سچ ۽ ڪوڙ جي پرک لاءِ سڀني انساني عضون
خاص ڪري اکين، نڪ، ڪنن، ڄڀ ۽ ھٿن جو صحيح، سالم ۽
صحتمند ھجڻ لازمي آھي. انھن عضون جي ڪتب جو گھربل
تجربو به ضروري آھي. ڪنھن به ڳالهه تي انڌو عقيدو
رکڻ عقل جي ابتڙ ھجڻ سان گڏ ڪوڙ جي ويجھو آھي.
لالچ، خوشامد ۽ خوف سدائين ڪوڙ جا ڀرجھلا ۽ طرفدار
رھندا پيا اچن. عقل، ھوش وارو جوش، ھمت، جرئت، بي
خوفي، خوداعتمادي ۽ پاڻڀرائپ سچ جي پيداوار آھن.
عقل سدائين سچ ۽ عقيدي وري ڪوڙ لاءِ اڪساھيو ۽
اتساھيو آھي ـ سچ جا ساٿاري ٿورا ۽ ڪوڙ جا ڪمدار
ڪافي رھندا پيا اچن ـ سوڀ سدائين سچ جي ٿيندي اچي
ٿي ـ ٿورا سچار گھڻن ڪوڙن تي سرسي حاصل ڪندا رھن
ٿا. |