جيڪڏهن ميون جي پاڻين ۾ ڪنهن ميوي جي پاڻيءَ کي
لاجواب سمجهيو وڃي ٿو ته اهو ناريل جو پاڻي (ڊاٻ)
آهي. بدقسمتيءَ سان توهان جيڪڏهن ڪنهن ٻيٽ تي ڀٽڪي
وڃو ۽ اتي ناريل موجود هجي ته اهو نه رڳو توهان جي
زندگي بچائي سگهي ٿو. ناريل جي پاڻيءَ، جنهن ۾
ڪيترائي اهم غذائي جُزا موجود هجن ٿا، توهان جي
جسم جو عجب جي حد تائين بهترين طرح سان بچاءُ به
ڪندو رهندو. ناريل جي ٻاهرين سخت کول آهي اندران
منجهس پِتي يا ميوي ۾ موجود پاڻي نه رڳو خالص،
پيئڻ جوڳو ۽ ڪيترن هنڌن تان سولائي سان حاصل به
ڪري سگهجي ٿو، جيڪو عام پاڻيءَ جي ڀيٽ ۾ گهڻو
سوادي ٿئي ٿو ۽ منجهس صحت لاءِ ڪيتريون خاصيتون به
موجود هجن ٿيون. جهڙوڪ:
وزن گهٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿو:
جيترو سوادي ٿئي ٿو اوترو منجهس انتهائي گهٽ سڻڀ
ٿئي ٿو، جنهن جو مطلب ٿيو ته توهان جيتري مقدار ۾
چاهيو پي سگهو ٿا. منجهس اها به خاصيت ٿئي ٿي ته
عام پاڻيءَ جي ڀيٽ ۾ پيٽ ڀريل هجڻ جو احساس ڏياري
ٿو جو ڪيتريءَ معدنيات سان ٽمٽار ٿئي ٿو.
چمڙيءَ جي صحت سڌاري ٿو:
چمڙيءَ جي صحت سڌارڻ لاءِ لاجواب ٿئي ٿو، خاص طور
تي جڏهن اهڙي چمڙي موهيڙن ۽ داغن سبب خراب ٿي ويئي
هجي. عام طور تي بازار ۾ به ان مقصد لاءِ اهڙيون
ڪيتريون شيون موجود هجن ٿيون جن ۾ ناريل جو ستُ
پيل هوندو آهي. جيڪڏهن چاهجي ته چمڙيءَ جي چمڪ ۽
سونهن وڌائڻ لاءِ ناريل جو پاڻي هڻي سگهجي ٿو نه
ته پيئڻ سان به پنهنجو اثر ڏيکاري ٿو، جو منجهس
ايتري طاقت ٿئي ٿي ته چهري جي واڌو سڻڀ کي ختم ڪري
ڇڏي ٿو.
هاضمي جي سرشتي جي مدد ڪري ٿو:
جڏهن توهان ڪن کاڌن کي هضم ڪرڻ ۾ تڪليف محسوس ڪريو
ٿا ته اهڙين حالتن ۾ ناريل جو پاڻي پيئڻ سان بهتر
محسوس ڪريو ٿا. جو نه رڳو بدهاضمو ختم ڪري ٿو ۽
ڇار اوڳرائي يا اڱاريءَ کي به ختم ڪري ٿو.
جسم کي تر رکڻ جي خاصيت وڌائي ٿو:
جسم کي تَر رکڻ جي لحاظ کان ناريل جي ڀيٽ ۾ ڪنهن
به قسم جي ٻي پاڻيٺ (پوءِ چاهي اها اسپورٽس ڊرنڪ
هجي يا انرجي ڊرنڪ) مٽُ ٿي نٿي سگهي. انهن جي ڀيٽ
۾ ناريل جي پاڻيءَ ۾ في گلاس جي حساب سان، پوٽيشم
جو مقدار ٻيڻو (294 م.گ) ته کنڊ جو پنجوڻ (5 م.گ)
گهٽ ٿئي ٿو، جڏهن ته سوڊيم رڳو 25 م.گ هجي ٿي جيڪا
اسپورٽس ڊرنڪ جي 41 م.گ جي ڀيٽ ۾ گهٽ هجي ٿي.
بلڊ پريشر تي ضابطو رکي ٿو:
جيڪڏهن ڪنهن کاڌي ۾ اليڪٽرولائيٽ
غير متناسب طريقي سان موجود هجن ته بلڊ پريشر
وڌائڻ جو ڪارڻ بڻجن ٿا. جڏهن ته ناريل جي پاڻيءَ ۾
انهن جو متوازن مقدار موجود هجي ٿو، جنهن سبب جسم
جي بلڊ پريشر تي قدرتي طور تي بهترين طريقي سان
ضابطو رکندڙ ٿئي ٿو.
غذائي جُزن جو ڀنڊار ٿئي ٿو:
جيڪڏهن ڪو پاڻي غذائي جزن سان مال مال ٿئي ٿو ته
اهو ناريل جو پاڻي آهي. مٿي جن اليڪٽرولائيٽن جو
ذڪر ڪري آيا
آهيون انهن ۾ ڪيلشم، ميگنيشم، فاسفورس،
پوٽيشم ۽ سوڊيم ٿين ٿا ۽ اهي سڀ جسم لاءِ انتهائي
ضروري هجن ٿا ۽ انهن فردن لاءِ به بهترين سمجهيا
وڃن ٿا جيڪي ننڍين وڏين تڪليفن ۾ مبتلا هجن ٿا.
انساني رت سان ميل کائيندڙ ٿئي ٿو:
ناريل جو پاڻي پنهنجي لاجواب سواد ۽ منجهس صحت
لاءِ موجود اعليٰ خاصيتن ڪارڻ مقبول عام ناهي، پر
هي قدرتي مشروب هنگامي حالتن ۾ استعمال ڪري ڪنهن
فرد جي جسم کي تر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽
دنيا جي غريب ملڪن ۾ خاص طور تي زندگي بچائيندڙ
ٿئي ٿو.
ناريل جو پاڻي ڪيتري وزن ۾ استعمال ڪرڻ گهرجي؟
آمريڪا جي ميو ڪلينڪ جي ماهرن مطابق گهڻي مقدار ۾
استعمال ڪرڻ جي حالت ۾ اهڙي فرد کي چُست زندگي
گذارڻ گهرجي. ڇو ته ان جي هر اٺن ۾ 45 کان 60
ڪيلريون ٿين ٿيون، جيتوڻيڪ ان صلاح تي عمل ڪرڻ
بهتر ٿئي ٿو جڏهن ته ان جي استعمال لاءِ ڪي سخت
اصول به ناهن.
ناريل جي پاڻيءَ جي هڪ ٻي خاصيت هيءَ به آهي ته
اهو رڳو نجي مشروب طور ڪنهن ٻيءَ پاڻيٺ سان به
ملائي پي سگهجي ٿو. جيڪڏهن توهان کي ناريل جي
پاڻيءَ پيئڻ جو شوق ٿئي ته ڪنهن ڪچي ۽ سائي داڻي
جي چونڊ ڪريو. نه ڪي ڪنهن پڪي جي. جنهن جو ٻاهريون
کول ناسي هجي. ڇو ته ڪو ناريل جيترو وڌيڪ رسيلو
هوندو اوترو منجهس پاڻي به گهٽ هوندو. ان جي تپاسڻ
جو هڪ سولو طريقو هي آهي ته اهڙي ڪنهن ناريل کي
لوڏي ڏسجي ته منجهس ڪيترو پاڻي موجود آهي.
پيارا ٻارؤ! هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته، اسان جا
پيارا امير المؤمنين حضرت علي رضي الله عنه جن
پنهنجن ڪجهه دوستن ۽ مسجد ۾ آيل ٻين ماڻهن سان گفت
و شنيد (گفتگو) ڪري رهيا هئا ۽ مختلف موضوعن تي
بحث مباحثو ٿي رهيو هو. حاضرين منجهان ڪنهن سوال
ڪيو ته اي امير المؤمنين اڄ اسان کي ٻڌايو ته
”دولت“ ۽
”علم“ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ وڌيڪ اهم ڇا آهي؟ دولت يا
علم؟. پاڻ فرمايائون ته، اي دوست جنهن وٽ ”دولت“
هوندي آهي، اُن جي آسپاس، چوگرد تمام گهڻا ”دشمن“
هوندا آهن، پر جنهن وٽ ”علم“ هوندو آهي، اُن جي
چوڌاري دوستن جو تعداد وڌيڪ هوندو آهي.
دوست ئي دوست هوندا آهن، ٻيو ته دولت کي چور
چورائي کڻي ويندا آهن يعني ته ’چورائي کڻي وڃي
سگهن ٿا‘، پر ”علم“ اُها دولت آهي، جنهن کي ڪوبه
چورائي نٿو سگهي. بلڪه جيترو ٻين ۾ ورهائبو اوترو
ئي وڌندو رهندو، گهٽبو ڪڏهن به نه. ان ڪري ثابت
ٿيو ته علم جي دولت ناياب ۽ اهم آهي.
|