ڊالفِن ۽ سامونڊي سُوئر جي شڪل گهڻو ڪري هڪجهڙي
آهي، رڳو ڊالفن قد ۾ هن کان وڏو ٿو ٿئي. هن جي
ڊيگهه ڏهه فوٽ ٿيندي، بُت گول اٿس ۽ پُڇ ڏانهن
لهندو ننڍو ٿيندو وڃي. نڪ ڊگهو ۽ نوڪدار اٿس. کَلَ
لسي اٿس، پُٺا ڪارا ٿا ٿيئنس، جي پيٽ وٽ وڃيو اڇا
ٿين. ڏند تمام گهڻا ۽ تکا ٿا ٿيئنس. هن کي مڇيءَ
واريون ڪليون ڪين ٿيون ٿين. هُو ساهه کڻي ٿو ۽
انهيءَلاءِ مٿي جي مٿئين پاسي هڪڙي ناسوٽِي اٿس،
جنهن مان ٻاڦ جي لاٽ به ڪڍندو آهي. مرڻ مهل جڏهن
پاڻيءَ کان ٻاهر ڪڍيو اٿس، تڏهن قسمين قسمين جا
چمڪندڙ رنگ بدلائي سدلائي ڏيکاريندو آهي.
”ڊالفن“، مڇين تي گذران ڪندو آهي ۽ انهن کي هو چڪر
هڻي ڊوڙائي وٺندو آهي. واري واري تي هڪڙو ٻچو
ڄمندو آهي، جنهن کي مائٽ گهڻي پيار سان پاليندا
آهن. ڊالفن جو آواز رنڀ وانگي آهي. سامونڊي سوئرن
وانکي ڊالفن به ٽوليون ڪري هلندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن
مهاڻا هن جو گوشت کائيندا آهن.
قديم يورپ ۾ ماڻهو ڊالفن کي پاڪ سمجهندا هئا ۽ هن
کي اپالو ديوتا (يعني سج) سان منسوب ڪندا هئا ۽ ان
جي بابت عجيب ڳالهيون ٻڌائيندا هئا. هڪڙي هيءَ آهي
ته هڪڙي ڀيري آرين شاعر ۽ راڳي سمنڊ تي مسافري
ڪندو ٿي ويو.مهاڻن ٻَڌي ڪئي ته هن کي پاڻيءَ ۾
اڇلائي سندس ناڻو هٿ ڪريون. انهيءَ جي هن کي خبر
پئي. آخر هن هنن کان موڪل ورتي ته مرڻ کان اڳي
هڪڙو راڳُ ڳائي ۽ وڄائي. هن راڳُ پورو ڪري هڪدم
کڻي سمنڊ ۾ ٽپو ڏنو. انهيءَ ساعت ڊالفن جي هڪڙي
ٽولي راڳ جي آواز تي اچي جهاز وٽ گڏ ٿي ۽ منجهان
هڪڙي هن کي پُٺن تي کڻي صحيح سلامت آڻي ڪناري تي
پهچايو.
هڪڙي قسم جو ڊالفن ڊگهي نَڪَ وارو به سڏبو آهي.
اهو گنگا ۽ سنڌو ۽ ڪن ٻين وڏين ندين ۾ لڀندو آهي.
هو سَتَ فوٽ ڊگهو ٿيندو آهي. اهو ترار جهڙي ڊگهي
نڪ يا سونڊ ڪري مشهور آهي. هن جون اکيون تمام
ننڍيون ٿيون ٿين، جنهن ڪري ڀانئبو ته هو بلڪل انڌو
آهي.
مون زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي دوستن کي محبتن جي مجسمي
طور پرکيو آهي، انهن جي نيڻن ۾ پيار جي ستارن کي
جرڪندي ڏٺو آهي، انهن جي پرهه کي به ساڳئي نموني
پسيو آهي ته تاريڪ راتين ۾ به اهڙن دوستن جي چهرن
کي ڌنڌلو نه ڏٺو آهي، اهڙا دوست روح جي پاتال ۾
پيهي ويندا آهن، انهن سان ملي ڪري محبتن جو معراج
محسوس ٿيندو آهي، انهن دوستن وٽ ڪوبه ڏيکاءِ نه
هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجي اندر توڙي ٻاهر ۾
معصوم ٻارڙن جي مرڪن جهڙا اجرا هوندا آهن، مون
انهن دوستن کي رشتن ناتن جي ڪنهن ڪوريئڙي جي ڄار ۾
جڪڙيل نه ڏٺو آهي، پر انهن جي هر عمل کي پکين جي
پرن جيان آزاد پسيو آهي، جتان کين هڪ لحظي لاءِ به
محبت نه ملي آهي ته انهيءَ وڻ جي پچر ئي ڇڏي ويندا
آهن ۽ وري انهيءَ ڪنهن لام جي ويجهو سندن وجود جي
موجودگي نظر نه ايندي آهي، اهڙن دوستن جي اندر ۾
هڪ اهڙو امن جو آکيرو موجود هوندو آهي، جنهن ۾
پهچڻ سان پيار جون پناهون ملنديون آهن، اڄ جي دور
۾ اهڙن دوستن جو ملڻ ته محال ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته
سچاين جو قال پئجي ويو آهي، ائين محسوس ٿيندو آهي
ته اسان پيٽ جي آهن،
اڄ جي دور ۾ اهڙن دوستنڏڪر کان وڌيڪ پيار
جي ڏڪر طرف وڌي رهيون آهن، ائين محسوس ٿيندو آهي
ته مرڪون به ڪنهن ڊپارٽمينٽل اسٽور جو مهانگو وکر
بڻجي ويون آهن، جنهن کي خريد ڪرڻ هر ماڻهوءَ جي وس
جي ڳالهه نه هوندي آهي.
پر لطيف سائين چواڻي ”پئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ
پرينءَ جي“ اهڙا به ڪاپڙي آهن، جن جي ڪري جيئڻ کي
نوان گس ملندا آهن، اهڙا دوست اتساهه جي اُڀ تي
چوڏهين جي چنڊ جيان چمڪندا آهن ۽ اهڙن ئي تمام
ٿورڙن دوستن مان اسان جو دوست عبدالحئي ڀٽو به هڪ
آهي، هن سادگي جي سڀني وصفن سان سرشار دوست کي
پوري سنڌ مختلف حوالن سان سڃاڻي ٿي، پر هڪ حوالو
سڀني سنڌ واسين جي لاءِ غير مشروط طور تي قبول آهي
ته هو سنڌ ڌرتي، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب، ٻالڪ کيتر ۽
سنڌو جي جل ٿل جو عاشق آهي، انهيءَ عشق ۾ هن ڪڏهن
به ڪمپرومائيز نه ڪيو آهي، انهيءَ عشق کي هن
پنهنجي زندگيءَ جو اول ۽ آخر آدرش بڻائي ڇڏيو آهي،
انهيءَ ڪري پوري سنڌ وري سندس اهڙي ڪردار سان عشق
ڪري ٿي، جيتوڻيڪ هاڻي هو چوئيتاليهن ورهين جي عمر
۾ پنهنجي جوڀن وارن لمحن جي گس تان گذري اڳتي وڌيو
آهي پر هن کي فخر آهي ته پنهنجي ڦوهه جواني جون سڀ
گهڙيون هن اديبن سان ملڻ جلڻ ۽ لکڻ ۾ گذاريون آهن.
هن پنهنجي ديس جي عشق ۾ ايترو وقت پنهنجي گهر کي
به نه ڏنو آهي پر هُن لطيف جو جاکوڙي ڪردار بڻجي
سموري سنڌ کي پرينءَ جو پاڇو سمجهيو ۽ دادو کان
دولت پور تائين، ڪارونجهر کان ڪشمور تائين ۽ مٺي
کان ميهڙ تائين اڪيلي سر پنڌ ڪيا آهن، هن کي شدت
سان احساس آهي ته اگر سنڌ جي سينڌ سنوارڻي آهي ته
پوءِ پنهنجي نئين نسل کي قومي جذبن سان سرشار ڪرڻ
بغير ڪوئي چاڙهو ڪونهي، انهيءَ ڪري هن ٻالڪ ادبي
فورم جي پليٽ فارم تان پنهنجي حصي جو ڀرپور ڪردار
ادا ڪيو آهي، ساڳئي وقت سنڌي ادبي سنگت جي مورچي
جو سپاهي آهي، جنهن جي قول ۽ فعل ۾ ڪو تضاد ڪونهي،
هن وٽ قلمي سگهه جون منافقيون ناهن پر اندر ۽ ٻاهر
سندس هنج واري ٻولي آهي، انهيءَ ڪري اندر جا ڪارا
ڪانوَ سندس انهيءَ سڀاءَ کي برداشت به نه ڪري
سگهندا آهن پر هو انهن سڀني کي مُنهن تي ست سريون
ٻڌائي سندن وايون بتال ڪري ڇڏيندو آهي، هو مصلحت
پسندي کان ڪوهين ڏُور آهي، تنهنڪري هو يگانو شخص
آهي، سندس سڀني لکڻين ۾ سادگي، سچائي، معصوميت ۽
اتساهه جا اولڙا محسوس ٿيندا آهن، هو سنڌ جي هر
ڪنڊ ۾ پهچڻ ۾ دير نه ڪندو آهي، اجرڪ ڳچي ۾، ڪتابن،
اخبارن ۽ رسالن جي ٿيلهي هٿ ۾ سندس سڃاڻپ بڻيل آهن
۽ هو رڳو اديب ۽ شاعر ناهي پر هو هڪ فرض شناس ۽
بهترين استاد به آهي، جنهن انهيءَ پيشي جي آڙ ۾
ڪڏهن ڪڌا ڪم نه ڪيا آهن، هو انهن قوم جي درد ۾
پڄرندڙ، جاگيرداري نظام کي جڙ کان اکيڙيندڙ استادن
وانگر نه آهي، جيڪي ڪجهه ٽڪن جي لالچ ۾ اچي پنجاب
جي شاگردن جا ٺيڪا کڻندا آهن، پر عبدالحئي پنهنجي
سرڪاري اسڪول جي شاگردن جي لاءِ دوستن کان سولر،
پکا ۽ ٻيون سهولتون حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو
آهي، هو سنڌي ٻوليءَ سان محبت ڪندڙ اهو جوڳي آهي،
جن لاءِ لطيف چيو هو ته هن سنڌي ٻوليءَ کي سينگارڻ
۾ پنهنجي وس آهر ڀرپور خدمت ڪئي آهي، عبدالحئي
پنهنجي ٻوليءَ جي خدمت ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا
ڪندي 2002 گلابن جي خوشبو جي نالي سان پنهنجو ڪتاب
شايع ڪرايو، 2010ع ۾ سهڻا ٻالڪ سنڌ جا جي عنوان
سان ٻارڙن جي شاعريءَ جو ڪتاب شايع ٿيو، ٻارن لاءِ
سندس مضمونن جو مجموعو ماڻڪ هر هڪ هٿ ۾ 2013ع ۾
شايع ٿيو، عبدالحئي ڀٽو پنهنجي علمي ۽ اتساهيندڙ
استاد عربي ۽ فارسي جي برک عالم پنهنجي والد صاحب
جي هزارين ڪتابن جي لائبريري کي شاندار نموني
تعمير ڪرائي پنهنجي عظيم خواب جي تڪميل لاءِ
سرگردان آهي، سنڌي ادبي سنگت جي اهڙي بي لوث ساٿي
جي لاءِ هر وک، هر گس تي اسان جون نيڪ خواهشون
ساڻس گڏ آهن.
آءٌ محمد عبدالله چنا پڙهندڙ ڇهون اي گورنمينٽ
هاءِ اسڪول نمبر ون شڪارپور.
وڻن پوکڻ جا فائدا
وڻ پوکڻ سان نه صرف انسان ذات کي فائدو آهي، پر
انهن سان گڏ پکين، جانورن ۽ جيتن کي به تمام گهڻو
فائدو آهي، وڻن پوکڻ سان اسان جي ماحول مان آلودگي
ختم ٿئي ٿي ۽ اسان کي صاف آڪسيجن پڻ ملي ٿي، جيڪا
ڪائنات جي ساري مخلوقات لاءِ فائديمند آهي، وڻ
پوکڻ صدقو جاريه آهي، جيڪڏهن اسان جي شهر ۾ گهڻا
وڻ هوندا ته گرمي پد به تمام گهٽ ٿيندو ۽ ماحول ۾
آلودگي به نه ٿيندي ۽ اسين ڪيترين ئي بيمارين کان
بچي سگهنداسين.
فرض جي اصطلاحي معنيٰ آھي ”رکيل يا سونپيل ڪم ،
ذميواري“ چيو ويندو آھي ته شاگرد قوم جو معمارآھي
يا ائين به چوندا آھن ته شاگرد آئيندي جو ابو آھي
يعنيٰ اڄ جي شاگرد کي مستقبل جو معمار سمجھيو وڃي
ٿو. انھيءَ ڪري اڄ جي شاگرد تي ڪي فرض ۽
جوابداريون عائد ٿين ٿيون. ان لاءِ ضروري آھي ته
ان کي سالم دل ۽ کليل دماغ ھئڻ گھرجي.
پيءُ ماءُ جي خدمت ڪرڻ مکيه فرض آھي. ان کان سواء
اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽي علم جي جاءِ آھي، جنھن
کي اسان جا بزرگ پاڪ جاءِ چوندا آھن ۽ استاد کي
رھبر. پر اسان جو معاشرو بگڙجي ۽ بدلجي ويو آھي.
شاگرد نه ته ان پاڪ جاءِ جو احترام ڪن ٿا نه وري
استادن جو ادب ۽ احترام رکن ٿا. شاگردن جو فرض آھي
ته ان مقدس جاءِ (تعليمي درسگاهه) ۽ استادن جو
ادبِ احترام ڪن. شاگردن تي اھو فرض عائد ٿئي ٿو ته
سالم دماغ سان عمل ڪري ، وقت جو ڀرپور فائدو وٺي
ڇاڪاڻ جو ويل وقت واپس ورائي نه سگھبو آھي. جڏھن
ھي دل خواھه دماغ سان وقت جو قدر ڪندي محنت ڪندا
ته صحيح معنيٰ ۾
تعليم پرائيندا ۽ اعليٰ مقام حاصل ڪندا.
شاگردن کي گھرجي ته پنھنجي ڪلاس جي ٻين شاگردن سان
محبت ۽ اخلاق سان پيش اچن، پاڻ کان پوئتي پيل
دوستن جو ساٿ ڏيڻ، غريبن جي مدد ڪرڻ ۽ پرگھور لھڻ
شاگردن جي اخلاقي ۽ قومي فرض آھي. شاگرد پنھنجي وت
۽ وس آھر سماجي ڀلائي، پنھنجي پاڙي، ڳوٺ، شھر ۽
ملڪ جي خدمت ڪرڻ جي جذبي سان سرشار ھجي. اھڙا ئي
شاگرد ملڪن ۽ قومن جو عظيم سرمايو ھوندا آھن ۽
سدائين عزت جي نگاھه سان ڏٺا ويندا آھن.
اِها خراب هير ٻارن ۾ عام طرح ٿيندي آهي، ۽ بعضي
بعضي وڏن ۾ به، ٻار کي جيڪو پائي پئسو ملي، سو وات
۾ کنيو وجهي. اڪثر ڏسبو آهي ته پئسو گهڻو وقت وات
جي پڪَ يا ٿُڪَ ۾ پيو رهڻ سان، صاف ۽ چلڪندڙ ٿيو
پوي. هاڻي سوال آهي ته اُن پئسي جي ڪَسُ ۽ ميَل
ويئي ڪاڏي؟ وات جي ٿُڪ ۾ اهڙي قسم جا تيزاب آهن،
جو ڪَسُ کي لاهيو ڇڏين ۽ اُها ڪَسُ ٿُڪ سان مِليو
ٻار کان اندر چوسجي يا ڳيسجي وڃي ٿي. اهو ته هرڪو
ڄاڻي ٿو ته اها ڪَسُ زهر آهي. انگريزيءَ ۾ تنهن کي
ڪاپر سلفيٽ (توتيو) چوندا آهن، جو هڪ خوفناڪ زهر
آهي. باسڻ، جي قلعي نه ڪرائبي آهي، ته به توتيو
کاڌي سان ملي پيٽ اندر داخل ٿيندو آهي ۽ پوءِ
اُلٽي، آنڌ مانڌ ۽ ٻيون خرابيون پيدا ڪندو آهي.
جڏهن پئسي يا ٻئي ڪنهن سِڪي تي ايتري ڪَسُ نه آهي،
تڏهن به منجهانئس نقصان ٿيندو، ۽ ٿئي ٿو، تنهن ۾
شڪ ڪونهي. ميلُ جا پائي پئسي تي گڏ ٿي ٿئي، سا جي
خوردبينيءَ هيٺ ڏسندا، ته اوهان کي سوَن قسمن جا
زهري جيوڙا منجهس ڏسڻ ۾ ايندا. خيال ڪريو ته ٻه
رپيا يا پنجن رپين جو سِڪو ڪيترن گندي ڌنڌي وارن
ڪاسبين جي هٿن ۾ آيو هوندو. موچين، چهڙن، چمارن،
ڪاساين، ڪوڙهين وغيره جي هٿن مان لنگهيو هوندو ۽
اُنهن جي هٿن جي مَيلُ مان ذرا ذرا ٿي سنها باريڪ
پڙدا پئسي يا آنڪ تي چڙهي وڃن ٿا.
ولايت ۾ معلوم ڪيو اٿن ته ڪيئي خرابيون اِنهن سِڪن
جي وات ۾ وجهڻ مان ٿين ٿيون. مائٽن کي گهرجي ته
پنهجن ٻارن کي تربيت ڏين، جنهن ڪري هو پئسو يا
ڪوبه ٻيو سِڪو ڀُل چُڪ ۾ به وات ۾ نه وجهن، ۽ جن
هٿن ۾ اهي سِڪا هو جهلين سي هٿ ڌوئي پوءِ ئي کائين
پيئن، وات جيترو صاف پاڪ رهندو، اوترو ئي صحت
سڌرندي، وات ذريعي ئي خرابي ۽ گندگي ساري جسم ۾
داخل ٿي پکڙجي ٿي.
ڏاها ٻار ته هونئن به پئسا وات ۾ نه وجهندا آهن،
پر هاڻي جڏهن هيءُ مضمون پڙهي کين اها خبر پوندي
هوندي ته وات ۾ پئسا وجهڻ سان ڪهڙيون خرابيون ٿين
ٿيون، ته پڪ آهي ته هو پاڻ ته ڪڏهن به ڀُلجي وات ۾
پئسا نه وجهندا، پر جيڪڏهن سندن ڪو سنگتي ائين
ڪندو، ته ان کي به هيءَ ڳالهه ٻڌائيندا، ته جيئن
هو به آئينده اهڙو ڪنو ڪم نه ڪري.
ڪردار:
پيءُ: (عمر 55 سال)
پٽ: (عمر 15 سال)
هنڌ: غريباڻي گهر جو هڪ ڪمرو
هڪ پوڙهو بستري تي پيل وهاڻي کي ٽيڪ لڳائي ويٺل
آهي، جنهن جي ويجهو سندس پٽ ويٺو آهي، جيڪو سندس
پيرن کي زور ڏيندي کيس چوي ٿو:
پٽ: بابا! منهنجي دل چوي ٿي ته مان هاڻي پڙهائي
ڇڏي ڏيان.
پيءُ: (ڇرڪ ڀري، حيرت ۽ ڪاوڙ مان وڏي آواز ۾ چيو):
ڇو؟... ڇو پڙهائي ڇڏيندين؟... هان؟... ڪهڙو سبب
آهي؟... ڇا مان توکي اسڪول جي فيس نٿو ڏيان؟ ڇا
مون کي ڪتاب ۽ يونيفارم ناهي وٺي ڏنو؟ ڇا مان توکي
اسڪول لاءِ خرچي ناهيان ڏيندو؟... هان؟ ٻڌاءِ....
ڪراڙو اُٿي بيٺو.
پٽ: بابا! مون کي اهو سٺو نٿو لڳي ته هن عمر ۾ به
اوهان محنت ڪيو ۽ مان سٺا ڪپڙا پائي اسڪول وڃان؟
مان به اوهان سان گڏ ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو.
پيءُ: چپ ڪر... اڳتي جيڪڏهن اهڙي ڪا ڳالهه ڪيئي ته
مان توکي معاف نه ڪندس.
پٽ: پر بابا! توهان ڪم ڪندي ڪندي ٿڪجي پوندا آهيو،
جنهن ڪري اهو مون کان برداشت ناهي ٿيندو.
پيءُ: پٽ! جڏهن تون لکي پڙهي وڏو ماڻهو بڻجندين
نه، تڏهن منهنجا سڀ ٿڪ لهي ويندا. هي ٿڪ ائين نه
لهندا پٽ... (پٽ کي مٿي تي پيار مان ٿڦڪي هڻندي).
پٽ: پر بابا! اسان غريب ماڻهو وڏا ماڻهو نٿا بڻجي
سگهون.
پيءُ: ڇو؟ ڇو نٿا بڻجي سگهون؟ ڪنهن چيو آهي توکي
ته غريب ماڻهو وڏا ماڻهو نٿا بڻجي سگهن؟...
هان؟... ٻڌاءِ...؟
پٽ: بابا! اسڪول ۾ ڪجهه وڏيرن جا ٻار مون سان گڏ
پڙهندا آهن نه، اهي پيا چون.
پيءُ: (وري وهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ويهندي): اهو غلط ٿا
چون... تون انهن جي ڳالهين ۾ نه اچ... هي اسان جا
سرمائيدار، جاگيردار، ڀوتار، خان ۽ سردار ڪڏهن به
نه چاهيندا ته ڪنهن غريب جو ٻار پڙهي سندن برابر
ٿئي... اهي ئي اسان جا هميشه حاڪم بڻجي رهڻ چاهين
ٿا... پر پٽ، منهنجي هڪ ڳالهه ياد رکجانءِ...
پٽ: ڪهڙي بابا؟
پيءُ: توکي سٺي تعليم حاصل ڪرڻ آهي، پوءِ چاهي ان
لاءِ مون کي ڪيتري به سخت محنت ڇو نه ڪرڻي پوي.
بابا ته مون کي پنهنجي غربت جي ڪري ڪا گهڻي تعليم
ڏياري نه سگهيو، پر مان تو ۾ پنهنجا خواب پورا
ٿيندي ڏسڻ چاهيان ٿو.
پٽ: پر بابا! مان اوهان جا ڏک ڏسي نٿو سگهان.
پيءُ: منهنجا ٻچا، تون منهنجا هي ڏک سنڀالي
رکجانءِ... منهنجي ڏکن جي حفاظت ڪجانءِ... منهنجي
ڏکن کي ڪڏهن به نه وسارجانءِ. منهنجا ڏک تنهنجي
رهنمائي ڪندا. منهنجا ڏک توکي تنهنجي منزل
ڏيکاريندا ۽ منهنجا ڏک توکي ٻين به ڪيترن ئي ڏکويل
ماڻهن سان ملائيندا، ۽ جڏهن انهن جا به ڏک توکي
پنهنجا ڏک لڳڻ لڳندا، تڏهن تو سمجهجانءِ ته تنهنجي
بابا جو خواب پورو ٿي ويو.
پٽ: بابا! اسڪول ۾ ڇوڪرا مون کي چيڙائيندا آهن ته
مان هڪ هاريءَ جو پٽ آهيان.
پيءُ: (ڪاوڙ مان) تون هڪ ايماندار هاريءَ جو پٽ
آهين. تون ڪنهن چورَ جو پٽ ناهين. تون ته اهڙي
پورهيت جو پٽ آهين، جنهن پورهيت کي اسان جي رب
پنهنجو دوست چيو آهي. تنهن ڪري تون پنهنجي بابا تي
فخر ڪر ته هو حلال جي روزي ڪمائي ٿو ۽ توکي حلال
جي روزي کارائي ٿو.
پٽ: بابا! هاڻي اوهان ڪراڙا ٿي ويا آهيو. رب پاڪ
نه ڪري جو اوهان کي ڪجهه ٿي پوي ته پوءِ....
پيءُ: تنهن ڪري ئي ته پٽ! مان توکي چوان ٿو ته تون
پڙهه. مون وٽ ٻي ڪا ملڪيت ته ناهي، جيڪا تولئه ڇڏي
ويندس. مون وٽ ته بس ڪم ڪرڻ وارا ڪي چند اوزار
آهن... سو جيڪڏهن تون پڙهندين ته مون کان پوءِ تو
وٽ علم جي دولت هوندي، جنهن ڪري تون بک نه مرندين،
پر تون ته اڃا به ڪيترن ئي ٻين بک تي ويٺل غريبن
جي مدد ڪري سگهندين.
پٽ: بابا! مان ڪڏهن ڪڏهن لِڪي ڏسندو آهيان ته
اوهان پنهنجا ڳوڙها اُگهي رهيا هوندا آهيو؟ ڇا جا
ڳوڙها هوندا آهن؟
پيءُ: پٽ ! اهي ڳوڙها اُن وعدي جا هوندا آهن جيڪو
وعدو مون تنهنجي ماءُ سان ڪيو هو.
پٽ: امان سان اوهان ڪهڙو وعدو ڪيو هو؟
پيءُ: مون هُن سان وعدو ڪيو هو ته، ڇا به ٿي پوي
مان پنهنجي پٽ کي پڙهائي لکائي هڪ ڏينهن وڏو ماڻهو
ضرور بڻائيندس. تنهن ڪري مان روئي پنهنجي خداوند
ڪريم کان به اها ئي دعا گُهرندو آهيان ته، اي رب
سائين! مون کي تيستائين جيئرو رکجانءِ، جيستائين
مان پنهنجي گهر واريءَ سان ڪيل وعدو پورو نٿو
ڪيان.
پٽ: امان ڇو جلدي اسان کي ڇڏي هلي وئي بابا!؟
ان سوال تي هنن ٻنهي جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ٿا
وڃن... ڪجهه لمحن جي ماٺ کان پوءِ پيءُ چوي ٿو:
پيءُ: پٽ! هوءَ ان ڪري جلدي هلي وئي جو هوءَ بيمار
هئي، ۽ هُن جي علاج لاءِ مون وٽ پئسا نه هئا.
(هاڻي هيءُ جذباتي انداز ۾ اُٿي روئندي چوي ٿو):
ان ڪري ته توکي چوان ٿو ته تون پڙهه پٽ... ائين نه
ٿئي جو سڀاڻي تنهنجي زال به تو وٽ پئسا نه هئڻ ڪري
مري وڃي.
پيءُ روئڻ لڳي ٿو ته پٽهنس سندس ڪلهي تي هٿ رکندي
چوي ٿو:
پٽ: بابا! مان پڙهندس. اوهان نه روئو... مان وعدو
ٿو ڪيان ته مان پڙهندس... اوهان جو خواب ضرور پورو
ٿيندو بابا...
ان تي سندس پيءُ ڀرسان پيل اجرڪ کڻي، ان سان
پنهنجا ڳوڙها اُگهندي، پٽ کي ڳلي سان لڳائي ٿو.
سندس چهري تي مُسڪراهٽ اچي وڃي ٿي. پسمنظر ۾
خوشيءَ جي موسيقي هلي ٿي.
(10 اپريل 2008ع تي سنڌ مدرسي جي ”شاگردن جي
سالياني ڏينهن“ جي موقعي تي اصل ۾ اردو ۾ لکيل ۽
اسڪول جي ٽيڪنيڪل سيڪشن ۽ ٽالپر هائوس جي لوور
سيڪنڊري سيڪشن جي شاگردن پاران پيش ڪيل. هيءُ ان
جو سنڌي ترجمو آهي)
اخبار نمائندا ڪمري ۾ پيل ڪرسين تي ويهي رهيا.
انسپيڪٽر اخباري نمائندن کان ڊنل ٿي لڳو. اهي
سمورا صحافي ٽڪ ٻڌيو ٽارزن کي ڏسندا رهيا. ڪجهه
دير جي خاموشيءَ کان پوءِ هڪ پوڙهي صحافيءَ پنهنجي
نڙي صاف ڪندي چيو، ”مسٽر ٽارزن! هي اسان جي
صحافتي زندگيءَ جو حيران ڪندڙ واقعو آهي جو اسان
پنهنجي اکين سان توهان کي ڏِسي رهيا آهيون. صحافي
هجڻ جي حيثيت سان اسان هيل تائين الائي جي ڪيترن
ماڻهن سان مليا آهيون انهن ۾ وزير، سفير، اسيمبلين
جا ميمبر، سياستدان، سائنسدان، عالم، ڏاها،
پهلوان، رانديگر، ڳائڻا، اداڪار ۽ مسخرا شامل آهن.
پر توهان سان ملي ڪري جيڪا حيران ٿي آهي، تنهن جي
رڳو اسان کي ئي خبر آهي. اسان ئي آهيون جيڪي ورهين
کان توهان جون ڪارٽون ڪهاڻيون اخبارن ۾ ڇاپي رهيا
آهيون. اسان ته اهو سمجهندا هئاسين ته توهان جو
وجود هڪ فرضي ڪردار آهي.“
ٽارزن ايڏيون ڳالهيون ٻڌي پريشان ٿي ويو. هن پڇيو،
”مهرباني، پر ڇا مان اهو پڇي سگهان ٿو ته اوهان ڇا
چوڻ چاهيو ٿا؟“
انسپيڪٽر ڏٺو ته ٽارزن جي ان خشڪ رويي جي ڪري
صحافين جا مُنهن لهي ويا هئا. هن ٽارزن کي چيو،
”ٽارزن! هي اخباري نمائندا آهن انهن سان خيال سان
ڳالهاءِ.“
”ها! توهان هتي شڪارپور ۾ اچي ڇا پيا محسوس ڪريو؟“
هڪ صحافيءَ سوال پڇيو.
”گرمي...! هتي ڏاڍي گرمي آهي. ڏسو نه پيا ته مان
پگهران پگهر ٿي ويو آهيان.“
”گرمي ته گهڻي آهي، پر خير... پر توهان ٻڌايو ته
شهر ۽ جهنگ جي زندگيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“ هڪ
صحافيءَ پڇيو.
”جهنگ ۾ شهر جيتري گرمي ڪٿي هوندي آهي.“ ٽارزن نرڙ
تان پگهر اُگهندي چيو.
”جهنگ ته گهاٽا هوندا آهن، پر هتي شڪارپور جي باغن
۾ پڻ ايڏي گرمي آهي جو ڇا ڳالهه ڪجي!“ هڪ صحافيءَ
چيو.
”اهي باغ ڪٿي آهن؟“ ٽارزن پڇيو.
”شهر جي ٻاهران...“ هڪ صحافيءَ وراڻيو.
”مان اتي وڃي سگهان ٿو؟“ ٽارزن وري پڇيو.
”بلڪل نه! اهي باغ ننڌڻڪا آهن، بي ڌڻڪا ناهن.“ هن
ٽوڪيندي چيو.
هڪ ٻئي صحافيءَ موضوع بدلائيندي ٽارزن کان پڇيو،
”توهان آئندي لاءِ ڇا پروگرام جوڙيو آهي؟“
”پروگرام ته شهري ماڻهو ٺاهيندا آهن. ٽارزن ڪوبه
پروگرام ناهي ٺاهيندو.“
اوچتو ٽيليفون جي گهنٽي وڳي. انسپيڪٽر رسيور کنيو.
”هيلو“ چوڻ کانپوءِ سندس لهجو باادب ٿي ويو. هو
ڪرسيءَ تان اٿي بيٺو. رسيور ڪريڊل تي رکي هن خوش
ٿيندي ٻڌايو، ”ڊي . سي صاحب کي ٽارزن جي اچڻ جو
اطلاع موڪليو ويو هو. پاڻ ٻڌائياني ته ٽارزن هاڻي
مهمان آهي.“
”ٽارزن ته هن وقت به مهمان خاني ۾ ويٺو آهي.“ ڪنهن
صحافيءَ ٽوڪيندي چيو. سڀ صحافي کلڻ لڳا. انسپيڪٽر
مُنهن خراب ڪيو ۽ ميز جا خانا کولڻ ۽ بند ڪرڻ لڳو.
ٿوريءَ دير کان پوءِ ٽارزن کي بنگلي تي وٺي وڃڻ
لاءِ گاڏي اچي وئي.
ٽارزن جڏهن بنگلي تي پهتو ته سندس آڌر ڀاءُ لاءِ
اتي ٻيا سرڪاري آفيسر موجود هئا. ٽارزن سڀني سان
هٿ ملايو. ٽارزن کي ڀليڪار چئي ۽ اميد ڏيکاري ته
هو شڪارپور ۾ گهڻي کان گهڻو وقت ترسندو ۽ سندس
شڪارپور اچڻ، شهر واسين لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ
ناهي. رسمي ڳالهه ٻولهه کان پوءِ ٽارزن کي سندس
ڪمري تائين پهچايو ويو. ڪمري ۾ ايئر ڪنڊيشن لڳل
هو، هڪ صاف سٿرو بسترو، ڪجهه صوفا ۽ فرج پڻ پئي
هئي جنهن ۾ کاڌي پيتي جو سامان رکيل هو. بستري سان
گڏ سائيڊ ٽيبل تي فون رکيل هو. ٽارزن ڏاڍو ٿڪل هو.
هن ننڊ ڪرڻ ٿي چاهي، پر بسترو سندس قد کان صفا
ننڍڙو هو. اوچتو فون جي گهنٽي وڳي. ٽارزن ڇرڪ
ڀريو، هن کي سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته هو ڇا ڪري. پوءِ
کيس ياد آيو ته پوليس اسٽيشن تي آفيسر ڪيئن فون تي
ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. هن سٽ ڏئي رسيور کڻي ڪن تي
رکيو. پر ٻئي پاسي کان ڪوبه آواز ڪونه آيو. آواز
ڪٿان اچي، هن ته ابتو رسيور جهليو هو. تنگ ٿي هن
رسيور کي ڪريڊل تي رکي ڇڏيو. ان ئي مهل دروازو
کليو ۽ هڪ ماڻهو ڪمري ۾ داخل ٿيو.
ماءُ جو نالو ڪهڙو نه مٺو آهي. ماءُ جو پيار ڪهڙو
ته بي بها ۽ بي مطلب آهي. دنيا ۾ هر هڪ يار دوست،
مٽ مائٽ ڪم ڪار ۾ پيش پوي ٿو. پر ضرور ڪنهن مطلب
سان، پر اها ماءُ ئي آهي، جنهن جو پيار بي غرض
آهي. ماءُ کي پئسي جي گهرج ڪونهي، عيش ۽ آرام جي
طلب به نه اٿس. عزت ۽ راحت جي به هوءَ بکي ڪونهي،
پر هوءَ گُهرجائو آهي پنهنجي جگر جي ٽڪري ۽ اندر
جي ممتا لاءِ خوشيءَ سان مٺڙي ٻچڙي جي هڪ مُرڪ
واسطي هوءَ هزارين ڏک ۽ رنج سهڻ لاءِ تيار ٿئي ٿي.
هن جي سک ۽ آرام لاءِ لکين لڙڪ وهائڻ لاءِ هردم
تيار آهي. ٻچڙي جي راحت لاءِ هوءَ ننڊون ڦٽائي وڏي
۾ وڏيون تڪليفون سهڻ لاءِ تيار ٿئي ٿي.
منهنجي امڙ به اهڙي امڙ آهي، جنهن امڙ کي دنيا ۾
اُتم درجو عطا ڪيل آهي. سندس اڻٿڪ مهربانيون ۽
ممتا کي وساري نٿو سگهجي ته آخر ڪيئن منهنجي سک
چين واسطي پنهنجي جيءَ کي تڪليف ڏيئي، پاڻ
پتوڙيندي آهي. مون کي اڄ به ياد آهي ته جنهن وقت
مون کي گهڻي پڙهڻ جي ڪري ٿوروئي مٿي ۾ سور پوندو
هو يا بخار ايندو هو ته مٺڙي امڙ ڪلاڪن جا ڪلاڪ
مٿي کي زور ڏيندي هئي ۽ هر گهڙي پئي پڇندي هئي ته
ٻچڙا آرام آيو، اسڪول جي امتحان جي ڏينهن ۾ ته
منهنجي مٿان ڄڻ پهرو ڏيندي هئي. پاڻ منهنجي مٺڙي
امڙ رکي سکي کائي به مون کي گيهه مکڻ کارائيندي
هئي. آءٌ ڪڏهن کڻي کائڻ کان انڪار ڪيان ته امڙ
چوندي هئي ته منهنجا پيارا لعل سڄو ڏينهن مغز ٿي
هڻين، ڪجهه گيهه مکڻ کائيندينءَ ته طاقت ٿيندءِ.
اُهي امتحانن جون راتيون ڪنهن وقت پڙهندي مون کي
ننڊ کڻي به ويندي هئي، پر منهنجي ماءُ ڄڻ هميشه
سجاڳ هوندي هئي. امڙ ڪري سڏيانس ته امان حاضر
هوندي هئي.
ست سال اڳ ٿيل انهيءَ واقعو اڄ به چٽيءَ طرح ياد
اٿم، جڏهن آءٌ مئٽرڪ ڪلاس جي شاگردياڻي هئس. هڪ
ڀيري اسڪول کان موٽندي مون ڌڪو کاڌو، جنهن ڪري مون
کي اسپتال وڃڻو پيو. منهنجي دوستن مان ڪن وڃي
منهنجي ماءُ کي خبر ٻڌائي، انهيءَ وقت منهنجي ماءُ
ماني کائي رهي هئي. خبر ٻڌندي ئي سندس هٿن مان
گرهه ڪري پيو. ٿالهيءَ کي هٿ هڻي پاسيرو ڪيائين ۽
واڪو ڪندي خدا کي سڏڻ لڳي ۽ منهنجي صحت لاءِ دعا
گُهرندي هوءَ اسپتال پهتي. امڙ جا وار ڇُڙيل هئا ۽
سندس اکين ۾ لڙڪ ڏسي مون کي کل اچي ويئي ۽ چيم ته
امان هي ڇا؟ مان اڃا چوان ئي چوان تنهن کان اڳ امڙ
مون کي ڀاڪر پائي، دعائون گُهرڻ لڳي.
انهن واقعن جي وچ ۾ ياد ٿي پوي اها رات جڏهن امان
بستري تي بيمار پئي هئي، مون امتحان لاءِ تياري
ڪئي. رات جو ڏيڍ وڳي تائين پڙهي بي اونو بستري تي
سمهي پيس. ڪنهن ٿي ڄاتو ته اها رات منهنجي مٺڙي
امڙ جي آخري رات هئي ۽ رات جو ساهه جو سڳڙو ٽٽي
پيو.
مون صبح جو اُٿندي ئي هميشه وانگر چيم، ”امڙ چانهه
۽ ماني تيار آهي؟ ته منهنجي پيءَ ڳوڙهن ڀريل اکين
سان چيو ”پيارا پٽ چانهه ٺاهڻ واري اسان کان اصل
لاءِ موڪلائي ويئي.“ اُهو ٻڌندي ئي منهنجي نيڻن
مان نير نيسارا ڪري وهڻ لڳا. امڙ جو ڇڏي وڃڻ جو
ٻُڌي منهنجو هنياءُ ڦاٽڻ لڳو. امڙ جي خاموش هنجهه
۾ ڪري پيس، منهنجي زبان ۾ نڪتو ”منهنجي مٺڙي امڙ
مون کان تون هميشه لاءِ موڪلائي ويئين!“ هوءَ وئي
هلي ۽ اصل لاءِ ويئي. مون کي ڇورو ڇنو ڪري هلي
وئين. امڙ جي گود کي ڇهندي ماءُ جون مٺيون لوليون
ياد ڪري، روئيندي رهيس. هاءِ هاءِ هينئر ڪٿان
ايندي اها امڙ جا هنج ۾ کڻي سڏيندي هئي.
اهو شايد هڪ اهڙي دنيا ۾ وڃي پهتي، جتان ڪوبه
انسان اڄ ڏينهن تائين واپس نه موٽيو آهي. مون جڏهن
اهو سوچيو ته نيڻن جي نير ڌاران تيئن تيز ٿي وهڻ
لڳا. سوچڻ لڳس ”دنيا ۾ امڙ لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيس
۽ نه وري ڪا خدمت ڪيم. اڄ جڏهن ڪنهن جي ماءُ کي
پنهنجي ٻار سان ڳالهيون ڪندي ڏسندي آهيان ته هڪدم
دل ڀرجي ايندي اٿم ته منهنجي امڙ به منهنجن هر
ڳالهه تي ساهه صدقو ڪندي هئي. اڄ مان ڪنهن سان
اهڙيون حجتون ڪريان. |