سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ آڪٽوبر  2019ع

باب:

صفحو:2 

 

ٿلهه: تنهنجو امام رتبو، رب وَڌايو آ،

محبوب توکي پنهنجو، موليٰ بنايو آ.

* ڪرب و بلا ۽، آ ڏک واري بستي،

تو حق جو ڏيئي هوڪو، ميدان ملهايو آ.

* ميدانِ ڪربلا ۾، درياءُ خون جو آ،

جاٿي امامؑ پنهنجو، ساٿ ڪُهايو آ.

* ساٿي حسينؑ جو ٿيو، حرؓ اهڙي ساٿ ۾،

اهڙو نه ٻيو ڪنهين، جو ڀاڳُ سَوايو آ.

* مهينن ڇهن جو ڄاول، معصوم پاڪُ اصغر،

مون کي ٻڌاءِ ڪهڙي؟ سانگ سَهايو آ.

* ننڍڙن، وڏن ۽ پاڪن، معصوم، گهوٽ، جوانن،

ناني جي دين خاطر، سڀني نِڀايو آ.

* جهيڙو يزيد سان آ، حق جي رضاءَ خاطر،

تنهنجي حسينؑ سجدي، اسلام بَچايو آ.

* سڀني نبين ملائڪن، حورن پرن ۽ ماڻهن،

ٿيو جانور جِنن ۾، سوڳُ سَوايو آ.

* حق سچ ٿيو نشانبر، آ جنگِ ڪربلا ۾،

ظالم ته ڪونه سوچو، ماتم مَچايو آ.

* آهيان فقير خادم، حسنينؑ جو مان هَردم،

مولا مُحابي تن جي، مانُ وَڌايو آ.

 

 

خدا آباد جي مسجد وڏو شاهڪار دادو ۾،

ڪلهوڙا دؤر جي تعمير جا آثار دادو ۾.

 

هلو دادو کان سيوهڻ ڏي ڪلوميٽر ڪري چوڏهن،

نظر ايندي اها مسجد اکين لئه ٺار دادو ۾.

 

ته جوڙائي اها مسجد ”محمد يار“ آ هتڙي،

ڀلاري ڀونءِ ٻهڪي ٿي جو پاتو هار دادو ۾.

 

عدالت جو هيو هي هنڌ ۽ ڪُل فيصلا هت ٿيا،

انهيءَ آثار جو باقي اهو گلزار دادو ۾.

 

چون ٿا هت ڀٽائي گهوٽ سالئون سال ايندو هو،

ڪچهريون قرب جون قائم رهيون هر وار دادو ۾.

 

ته جوڙائي ”نصير ميان“ به مسجد ملڪ ڪاڇي ۾،

جا ”گهاري“ منجهه هئي جامع به جاويدار دادو ۾.

 

انهيءَ تعمير جهڙي ”گودڙي گل“ جي به آ مسجد،

اڃان تائين به قائم آ اهو سينگار دادو ۾.

 

ڪچي، ڪاڇي، پڪي ۾ ون ڏٺا آثار ”جوهر“،

محبت مهر جو درياهه تارئون تار دادو ۾.

 

 

هاري تون هَرَ هَرَ هَرُ هلاءِ،

هاري تون هَرَ هلائي زمين سجاءِ.

 

ٻني ٻاري کي ڏِس تون هر طرف،

پاڻي جو ڪر تون خيال چوطرف.

 

جوئر پوکين يا مڪئي، سورج مُکي پوکين،

مال جي ڀيل کي خيال ۾ رکج هر طرف.

 

برسم، سرنهن، ڄامڀو، گوار پوکين،

ڀاڻ ۽ دوا جو جهار جو لائج ڌيان ۾ هر طرف.

 

ڀاڄيون پوکين يا وَل پوکين يا گاهه لڻين،

محنت ڪري محنت ڪر، حاصل ڪر تون هي شرف.

 

پاڻي جڏهن ٿئي ٿو بخار،

ٿو منهنجو روپ ڪري اختيار.

 

سواري ساري جڳ جي ڪريان ٿو،

مٿي مٿي مان اُڀ ۾ وڃان ٿو.

 

قدرت جا مان رنگ ڏسان ٿو،

مستيءَ ۾ ٿو هلندو وڃان.

 

رنگ روپ ٿو انيڪ بڻايان،

جبلن تائين ويندو آهيان.

 

جبلن وٽ مان پاڻي ٿيان ٿو،

هارين نارين کي سک ڏيان ٿو.

 

ٻين جي لاءِ ڏيان ٿو جان،

سيکاريان ٿو سبق مهان.

 

تر به اباڻا ڪين سمجهن،

اوندهه ۾ ٿا سدا رهن.

 

ڌرتي به هڪ آ سيارو ٻارو،

جنهن تي ٿئي ٿو اُونهارو سيارو.

 

هن تي پنهنجو چنڊ ٿئي ٿو،

هر ڪنهن کي ڏاڍو وڻي ٿو.

 

سال ۾ پورو چڪر ڪندي آ،

سج چوڌاري ڦرندي آ.

 

هوا پاڻي آ ٻاهر هن تي،

ماڻهن جو جياپو جنهن تي.

 

ڌرتي گول گئليلو ڏسيو،

عقل جي انڌن ڪوڙ چيو.

 

ڌرتي بن پاڻ ڪيئن پاڻ چئيون،

ڌرتي کي ٿا ماءُ سڏيون.

 

دنيا نيٺ مڃيو ’آزاد‘،

گول آ ڌرتي زندهه باد.

 

ليزر جي روشني ڏسي،

ڪيڏي ته آهي پياري.

 

سائنس ڪئي آ پيدا،

ڳوڙهي طاقت واري.

 

هن سان علاج ٿئي ٿو،

هي آ شعاع ساري.

 

اکين جو پردو ٺاهي،

ڪولسٽرال لئه آري.

 

بڪين جي پٿري کي،

ڀوري ڪري هي واري.

 

صنعت ڪارخانن ۾،

ليزر جي ناماچاري.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org