سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :8

صدر محترم، شاهه لطيف جنهن کي اسين روحاني رهبر سمجهون ٿا، سو هڪ صوفي شاعر هو ۽ نه رانديگر. راندين جا شوقين راندين جي فائدي ۾ خاص طرح ’تندرستي‘، ’تندرستي‘ پڪاريندا وتن ٿا. ڇا هو ٻڌائي سگهندا ته هڪ هاري هر ڪاهي ٿو، اهي کانئن ڇو وڌيڪ طاقتور آهن؟ ڇاڪاڻ ته هو جسماني ڪم محنت ۽ جفاڪشيءَ سان ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن شاگرد سماجي ۽ گهرو ڪمن ۾ مشغول رهندا ته هو صحتمند ٿي سگهن ٿا. باقي رانديون ته بلڪل بلڪل غير ضروري آهن.

(2)

نيلوفر، شاگرد، پرئڪٽسنگ اسڪول،

ٽريننگ ڪاليج، فاروومين، حيدرآباد.

جناب صدر صاحب،

السلام عليڪم: اڄ اسان هتي انهيءَ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، ته هن ايوان جي راءِ ۾ رانديون شاگردن لاءِ ضروري نه آهن، تنهن تي آءُ پنهنجا رايا پيش ڪريان.

هاڻي پهرين ڏسڻو آهي ته اسان لاءِ سچ پچ ڪهڙيون شيون ضروري آهن. اوهان کي خبر آهي ته اسان لاءِ پاڻي، کاڌو، ڪپڙو ۽ گهر ضروري آهي. پڙهڻ پڻ تمام ضروري آهي. ڇا راند به اسان لاءِ ايتري ضروري آهي؟ چون ٿا ته راند سان اسين سگهارا ۽ صحتمند بنجون ٿا، ائين هجي به کڻي. پر آءٌ پڇان ٿي ته جيڪي راند نٿا ڪن، سي سگهارا ۽ صحتمند نٿا رهن ڇا؟ هي اسپتالن ۾ جيڪي ڀريا پيا آهن، اهي سڀئي راند نه ڪرڻ ڪري بيمار ٿيا آهن؟ ۽ جيڪي راند ڪن ٿا، سي اصل بيمار ٿينئي ڪونه ڇا؟ اسان کي خبر آهي ته چڱڀلائيءَ لاءِ گهرجي تازي هوا، صاف پاڻي، سادو سٺو پورو کاڌو ۽ پوري ننڊ. هاڻي انهن ڳالهين جو راند سان ڪهڙو واسطو؟

صبح ۽ شام جو گهمڻ سان به هوا تازي کائي سگهجي ٿي، ته پوءِ ڪيئن ٿا چون ته صحت ۽ چڱڀلائيءَ لاءِ راند ضروري آهي؟ هاڻي اچو ته ڏسون ته اسان جا استاد ۽ اسان جا ماءُ پيءُ ڇا ٿا چون. جيڪو هنن جو رايو سو اسان جو رايو.  مون کي ته جڏهن کان ياد ٿو پوي، ته اهو ئي پيئي ٻڌان: ”ڇوڪري، تون ته رڳو پئي راند ڪرين! رڳو پيئي ڊوڙين ڊڪين، نه اٿئي ڪم نه ڪار، ڪو ڪتاب ئي کڻي ويهي پڙهه، ڪنهن ڪم هاج ۾ هٿ وجهه.“ هاڻي، اوهان ٻڌايو ته جي راند ضروري هجي ها، ته اسان جون مائرون ۽ اسان جون آپائون اسان کي ائين راند کان ڇو جهلين ها؟

ماءُ پيءُ، استاد ۽ آپائون ته ٺهيو، پر اسان جون ڀيڻون ۽ ڀائر به اسان کان ٿورئي وڏا هوندا ته رڳو پيا ٽوڪيندا ۽ چوندا ”چپ نٿيون ڪري ويهو، ڇڏيو اها راند! گوڙ لائي ڏنو اٿوَ.“ ڄڻ راند ۾ گوڙ ٿيندو ئي ڪونه! ڄڻ راند ۾ ڊوڙبو ڊڪبو ئي ڪونه؟ راند ۾ ته ڌڪا به کائبا، راند ۾ ته ٽنگون ۽ ٻانهون به ڀڄنديون. وڌيڪ آءُ اوهان کي ڇا چئي ٻڌايان! هنن ڳالهين مان اوهان پاڻ ئي سمجهندا ته راند اسان شاگردن لاءِ جيڪڏهن ضروري هجي ها ته اسان جا مائٽ ۽ اسان جا استاد ۽ ٻيا وڏا- اسان جا ڀائر ۽ ڀينرون اسان کي راند کان ڪيئن ائين روڪين ۽ ٽوڪين ها؟

هاڻي ٻي ڳالهه ٻڌندا ۽ پاڻ فيصلو ڪندا. آءُ اوهان کي پنهنجي ٿي ڳالهه ٻڌايان ته هر روز اسڪول ۾ پيرڊ، پيرڊ ۾، آپا پڇندي آهي ته ”ڇوڪريون سبق ياد ڪري آيون آهيو؟“

صبح شام ماءُ پڇندي ”ماني کاڌي اٿئي؟“ هاڻي جيڪڏهن راند اسان لاءِ ضروري هجي ها ته هو ڪڏهن اسان کان ائين به ته پڇن ها ته ”بابا، راند ڪري آئي آهين؟ ٻاهر به ڊوڙون پاتيون اٿئي؟“ پر ائين اسان کان اصل ڪونه پڇن. انهيءَ مان صدر صاحب آءُ سمجهان ٿي، ۽ بنهه پڪيءَ طرح سمجهان ٿي ته راند اسان شاگردن لاءِ اصل ضروري نه آهي. ائين ڪو راند ڪري ته ڀلي ڪري. پر ائين نه آهي ته هروڀرو راند ڪجي ۽ ضرور ڪجي، ڪو ڪري ته ڇا، ڪو نه ڪري ته ڇا. چون ٿا ته راند ڪبي ته نالو نڪرندو. پر آءُ ٿي اوهان کان پڇان ته اڳئين مهيني ۾ جپان جي (ٽوڪيو شهر ۾ جيڪي عالمي رانديون ٿيون، تن ۾ ٻيا رانديگر ته ٺهيو پر جن پهريان، ٻيا، ٽيان نمبر اچي، سونا ٻلا، چانديءَ جا ٻلا ۽ ٽامي جا ٻلا کٽيا، انهن مان گهڻن جا نالا اوهان اڳي ٻڌا هئا يا هاڻي اوهان کي ياد آهن؟ ان جي برخلاف دنيا جا ڪيترائي نالي وارا ماڻهو جن ٻين ڪمن ۾ نالو ڪڍيو، سي هينئر به ياد آهن ۽ تاقيامت ياد رهندا. اوهان ئي چئو ته ڇا انهن ناميارن ماڻهن ڪنهن فٽ بال، هاڪي، ڪرڪيٽ، ڪُشتي يا ملهه جي ڪري دنيا ۾ پنهنجو نالو ڪڍيو؟ بلڪل نه، رانديگرن جو نالو وقتي طور ياد رهندو ۽ هُنن جو نالو دنيا جي آخر دم تائين زنده هوندو. صدر صاحب، انهن ڳالهين مان آءُ سمجهان ٿي ته اسان لاءِ ڪنهن به صورت ۾ راند ضروري نه آهي.

(3)

گلنار، شاگرد،

گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول، حيدرآباد.

جناب صدر ۽ خواتين و حضرات!

اڄوڪي بحث جو موضوع آهي، ”شاگردن لاءِ رانديون ضروري نه آهن.“ هي اهڙي قسم جو موضوع آهي، جو راندين جي فائدي ۾ ڳالهائڻ ته ڏاڍو سوَلو آهي: هرڪو ڏاڍيءَ سُولائيءَ سان چئي ويندو ته شاگردن لاءِ رانديون ضروري آهن. پر انهيءَ جي موافقت ۾ ڳالهائڻ لاءِ جيڪي دليل ۽ جيڪو مواد کپي، سو پيش ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.

جناب صدر! انهن سڀني ڳالهين جي باوجود مان موضوع جي موافقت ۾  ڳالهائڻ جي همت ڪري رهي آهيان. مون کي اميد آهي ته منهنجا مخالف منهنجن واجبي دليلن کي قبول ڪندا.

جناب صدر، پهرين اسان کي انهيءَ ڳالهه تي ويچار ڪرڻو آهي ته وقت ۽ راند جو پاڻ ۾ ڪهڙو ڳانڍاپو آهي. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته راند ڪندي وقت گذري ٿو، پر جهوني زماني کان وٺي اسان لاءِ وڏڙن ڪي اصول ٺاهيا آهن. وڏڙن جو چوڻ آهي ته ”ڪم مهل ڪم، ۽ راند مهل راند.“ پر آءُ ته ائين چونديس ته اهو اصول وڏن لاءِ آهي ۽ هئڻ گهرجي. اسين ننڍڙا ٻارڙا انهيءَ اصول تي هلي نٿا سگهون، ڇاڪاڻ ته راند هڪ اهڙي شيءِ آهي، جنهن جي جيڪڏهن چوس پئجي ويئي، ته پوءِ ٻيو ڪوبه ڪم ڪونه ٿي سگهندو. هن وقت اسان کي پنهنجو آئيندو ٺاهڻ لاءِ، اسان کي پنهنجن ذهنن کي تيار ڪرڻ لاءِ تعليم جي ضرورت آهي.

تعليم جي ضرورت لاءِ جيترو به وقت ملي، پڙهڻ ۾ صرف ڪرڻ گهرجي.

جناب صدر، آءُ وري به چونديس ته رانديون اسان کي بيڪار بنائي ٿيون ڇڏين. مان توهان کي پنهنجي گهر جو مثال ٻڌايان:

منهنجو ننڍڙو ڀاءُ اشفاق آهي، جو سڄو ڏينهن لغڙن جي پٺيان ڊوڙندو رهي ٿو. اسان هن کي ڏاڍي منع ڪندا آهيون، پر هو اصل نٿو ٻڌي. نتيجو اهو نڪتو جو هڪ ڏينهن لغڙ اُڏائيندي اُڏائيندي ڇت تان ڪِري پيو، پر خدا کيس بچائي ورتو. رڳو اڳيان ٻه ڏند ڀڄي پيس. منهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته اهڙي قسم جون ڪيتريون رانديون سراسر نقصانڪار آهن. گولين راند ۾ ٻار سڄو ڏينهن مٽيءَ ۾ ڪِنا ٿي پوندا آهن. ڪَسين ۾ هٿ وجهندا آهن. اهي اهڙيون بُريون عادتون آهن، جو انهن جو نڪرڻ مشڪل آهي.

پوءِ نتيجو اهو ٿو نڪري جو ٻار پڙهڻ ڏي ڌيان نٿو ڏئي، ۽ هو امتحانن ۾ ناپاس ٿيندو رهي ٿو. ڪلاس ۾ به ويٺو هوندو، ته سڄو ڌيان راندين ڏي هوندس، ۽ ڪجهه به پرائي نه سگهندو. مخالف ڌر جو اهو چوڻ ته رانديون صحت سڌارين ٿيون، سو سراسر غلط آهي. مان مخالف ڌر کان پڇان ٿي، ته ڇا صحت کُليءَ هوا ۾ رهڻ ۽ چڱي کاڌي پيتي سان سٺي نٿي رهي سگهي؟ مان ته ائين چونديس ته صفائي صحت لاءِ تمام ضروري آهي، ۽ راندين ۾ توهان صفائيءَ کي برقرار نٿا رکي سگهو.

جناب صدر! منهنجي انهن مثالن مان ثابت ٿيو ته رانديون شاگردن لاءِ سراسر نقصانڪار آهن. راندين ڪرڻ سببان اسان ٻارڙن جو آئيندو اونداهو ٿيو پئي. آخر ۾ آءُ انهن لفظن سان پنهنجي تقرير کي ختم ڪريان ٿي- مهرباني!

تعارف

263- نالو: ايم اي. سليم قاضي

عمر: 19 سال.

وندر: مضمون لکڻ.

ائڊريس: نزديڪ پير بخاري شاهه ڊورالين، روهڙي سنڌ.

264- نالو: امان الله ولد محمد خان جمالي بلوچ.

عمر: 12 سال.

وندر: لئبرريءَ لاءِ ڪتاب گڏ ڪرڻ، گل ڦل ۽ ٻيا ڪتاب پڙهڻ.

ائڊريس: قاضي عبدالقيوم اسڪول، حيدرآباد سنڌ.

265- نالو:محمد يوسنف راجپوت

عمر: 17 سال.

وندر: رسالا پڙهڻ ۽ مضمون لکڻ.

ائڊريس: معرفت، ماستر عبدالعزيز نيادهر نياڌرمپوره لاهور.

266- نالو: ناصر علي علي محمد سيال

عمر: 13 سال.

وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ اسڪول ۾ نمبر کڻڻ.

ائڊريس: قاضي عبدالقيوم پرائمري اسڪول، حيدرآباد.

267- نالو: شوڪت علي محمد رحيم ڀٽي.

عمر: 12 سال.

وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ اسڪول جا ڪم ڪرڻ.

ائڊريس: قاضي عبدالقيوم پرائمري اسڪول، حيدرآباد.

268-نالو: ظهير احمد ولد احمد خان ميمڻ.

عمر: 12 سال.

وندر: گل ڦل ۽ ٻيا رسالا پڙهڻ.

ائڊريس: قاضي عبدالقيوم پرائمري اسڪول، حيدرآباد.

269- نالو: منظور حسين علي محمد رند.

عمر: 14 سال.

وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ رانديون ڪرڻ.

ائڊريس: قاضي عبدالقيوم پرائمري اسڪول، حيدرآباد.

270- نالو: رجب علي غلام الرسول

عمر: 13 سال.

وندر: گل ڦل ۽ ٻيا رسالا پڙهڻ.

ائڊريس: قاضي عبدالقيوم پرائمري اسڪول، حيدرآباد.

 

ڳجهارتون

 

ادارو

1. نالو ڏسي نالو گهري، اهو نالو ئي ناهه.

2. نرنانءُ هوئي ڪونه، ملڪ ۾ لوهه جو پئجي ويو.

3. گهر گهر ۾ ٽه- ٿڻي.

4. عمر اسان جي ڏيهه ۾، ول پوک ٿئي ئي ڪانه.

5. ٽه ٽنگي ٻڪري، ننڍڙا ٻار ڍَڪي.

6. رڻ پَٽ ۾ ريٽو ٽنگيو پيو آهي.

7. ماءُ ڦَنڊي، پُٽ ڍُڪو.

8. سُتي ته ڪُتي، جاڳي ته جِن.

9. ڌڻ آهي ته ڌنار ڪونهي، ڌنار آهي ته ڌڻ ڪونهي.

10. هڪ رنگي دٻلي، ٻه رنگو پاڻي.

11. ٻچن سامائٻي، ماءَ مار کائي.

12. گهر گهر ۾ رڍ رڙي.

(ڀڃڻين لاءِ ڏسو پٺيون صفحو)

ڀڃڻيون

 

(1) نالو= جنگو- جنگ. نالو= جيئڻ. نالو= بهادر.

جنگ ڏسي جيئڻ گهري، اهو بهادر ئي ناهه.

(2) نرناءُ= سُورو- سورهيه. لوهه جو =مارو.

سورهيه هوئي ڪونه، ملڪ ۾ مارو پئجي ويو.

(3) چلهه ۽ مارنگ.

(4) ول= ويساهي- ويساهه. پوک= ڪَتي- گهاتي.

عمر! اسان جي ڏيهه ۾ ويساهه.- گهاتي ٿئي ئي ڪانه.

(5) مُنهن رَکي. (6) ڪرڙ جي پُسِي (7) ڪڪڙ ۽ بيضو (8) کَکر. (9) سج ۽ تارا. (10) بيضو. (11) ٻير جو وڻ. (12) جنڊ.

 

 

ادارو

ديس ديس جون خبرون

 

 

پاڪستان

يادگار ٽڪلين جو ڪتابڙو

پاڪستان جي ٽپال کاتي تازو فيصلو ڪيو آهي، ته هر سال ٽڪلين جو هڪ ڪتابڙو ڪڍيو ويندو، جنهن ۾ ان سال ۾ نيون نڪتل ٽڪليون ڇپيل هونديون ۽ تنهن سان گڏ انهن ٽڪلين جي جاري ٿيڻ جون تاريخون ۽ ٻيو معلوماتي احوال به ڏنل هوندو.

سال 1963ع ۾ نڪتل نين ٽڪلين جو ڪتابڙو ڇپجي چڪو آهي، ان جي پهرئين صفحي تي ”شاليمار باغ، لاهور“ جي خوبصورت رنگين تصوير ڏنل آهي. اهو ڪتاب ٽپال آفيسن مان ملي سگهي ٿو.

ناراضپو ظاهر ڪرڻ جو نئون نمونو

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي هيٺيئين درجي جي ملازمن جون ڪي گهرون جڏهن نه مڃيون ويون ته هنن پنهنجو ناراضپو ظاهر ڪرڻ لاءِ ڇا ڪيو  جو آفيس ۾ ڪاٺ جون چاکڙيون پائي آيا، جنهن ڪري سندن هلڻ ڪري فرش تي ڏاڍو کڙڪو پئي ٿيو. انهيءَ حرڪت ڪري سندن عملدارن ٻن ڄڻن کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو.

ويلر طرفان موهن جي دڙي کي بچائڻ لاءِ اپيل

سرمورٽيمر ويلر، دنيا جي مشهور ماهر آثار قديمه اپيل ڪئي آهي ته موهن جي دڙي کي سم ۽ ڪلر جي اثر کان بچايو وڃي، ٻيءَ صورت ۾ پُراڻيءَ تهذيب جو هي مشهور مرڪز تباهه ٿي ويندو.

سر ويلر تازو پاڪستان جي دوري تي آيو هو ۽ موهن جو دڙو گهمڻ ويو هو. هن موهن جو دڙو ڏسڻ بعد ڪراچيءَ ۾ پڌرائي ڪئي ته درياءَ جي ويجهو هئڻ ڪري موهن جي دڙي واريءَ ايراضيءَ ۾ پاڻيءَ جي سنوت جيئن پوءِ تيئن مٿي ٿي رهي آهي ۽ سموريءَ ايراضيءَ ۾ ڪلر جيئن پوءِ تيئن زور وٺي رهيو آهي. جيڪڏهن پاڻيءَ جي سنوت کي مٿي چڙهڻ کان روڪڻ لاءِ ۽ ڪلر جو زور ختم ڪرڻ لاءِ ترت ڪي موثر اپاءَ نه ورتا ويا، ته پوءِ اسان قديم انساني تهذيب جو هي يادگار بچائي نه سگهنداسون.

سر ويلر چيو ته مون يونيسڪو جي ماهرن جي موهن جي دڙي بابت رپورٽ چڱيءَ طرح پڙهي آهي. مان سمجهان ٿو ته حڪومت پاڪستان کي گهرجي ته سم ۽ ڪلر کي روڪڻ لاءِ ان رپورٽ ۾ ڏنل ڪن سفارشن تي هڪدم عمل ڪري.

سر ويلر چيو ته پاڪستان ۾ جيڪي آثار قديم آهن، سي سڄيءَ دنيا ۾  مشهوري حاصل ڪري چڪا آهن، ۽ اڄڪلهه دنيا ۾ آثار قديم جا ماهر انهن بابت گهڻو بحث مباحثو ڪري رهيا آهن. سر ويلر چيو ته هن سال آڪٽوبر مهيني ۾ ويهه سياح پاڪستان جا آثار قديم ڏسڻ ايندا. انهن ويهن سياحن جي دوري جو بندوبست لنڊن جي ”سوات“ سياحت جي ايجنسيءَ ڪيو آهي.

هندستان

قطب منار جي مرامت

هندستان جي هڪ مشهور تاريخي يادگار منار جي مرامت جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، ڇو ته تازو انجنيئرن معلوم ڪيو آهي ته منارو بنياد جي ويهي وڃڻ ڪري، پنجويهه انچ هڪ طرف نمي بيٺو آهي.

قطب منار تيرهينءَ صديءَ عيسويءَ ۾ ٺهيو هو. اهو 238 فوٽ اوچو آهي. بنياد وٽ ان جي موڪر 47 فوٽ آهي 7 چوٽيءَ وٽ 9 فوٽ.

قطب منار جي اڏاوت جو ڪم قطب الدين ايبڪ ڪرايو هو، پر اڃا اڏاوت جو ڪجهه ڪم رهيل هو، جو هن وفات ڪئي. رهيل ڪم سلطان التمش پورو ڪرايو هو.

انجنيئرن جو چوڻ آهي ته منارو اڃا سٺيءَ حالت م آهي ۽ بنياد ويهي وڃڻ ڪري جو نمي بيٺو آهي، ان مان گهڻو خطرو ڪونهي. پر حفاظت جي خيال کان ان جي مرامت ضروري آهي.

ايران

سعديءَ جا غزل

تازو ايران جو شهنشاهه جڏهن پاڪستان جي دوري تي ويو هو ته هن کي لاهور ۾ سعديءَ جا ڪي فارسي غزل ٻڌايا ويا هئا، جي پاڪستان جي مشهور ڳائڻيءَ اقبال بانوءَ ڳايا هئا. شاهه ايران کي اهي غزل ڏاڍا وڻيا هئا. هن بروقت اقبال بانوءَ جي گاني جي تعريف ڪئي هئي ۽ خواهش ظاهر ڪئي هئي ته انهن غزلن جا رڪارڊ ڀري کيس ڏنا وڃن. چنانچ، تازو سعديءَ جي انهن غزلن جا رڪارڊ تيار ٿي هوائي جهاز رستي پاڪستان مان ايران پهتا ۽ شاهه ايران کي تفحي طور پيش ڪيا ويا.

يوگو سلويا

ماڻهوءَ جي مٿي تي ڪيترا وار؟

تازو، راجڪوڊسڪ نالي هڪ مزور، پنهنجي هڪ دوست جي مٿي جا وار ڳڻي معلوم ڪيو آهي ته سندس دوست جي مٿي تي ٽي لک چوٽيهه هزار پنج سئو ۽ سٺ وار آهن. ان ڪم ڪرڻ ۾ کيس 74 ڏينهن لڳا.

آمريڪا

گرم پاڻيءَ ۾ وهنجڻ جو رڪارڊ

شڪاگو يونيورسٽيءَ ۾، وڪسٽرباس نالي هڪ 18 ورهين جي شاگرد گرم پاڻيءَ جي ڦوهاري هيٺان 48 ڪلاڪ لاڳيتو وهنجي، هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪيو آهي.

برطانيا

ڪائنات ۾ ”پنجين طاقت“ ڪانه آهي

بر طانيا جي ائٽمي سائنسدانن آمريڪا ۾ تازو ڪيل هڪ تجربي بعد اعلان ڪيو آهي ته انهيءَ تجربي مان جيڪي نتيجا نڪتا آهن، انهن جي آڌار تي علم طبعيءَ جو هڪ قاعدو هاڻي کين نئين سر لکڻو پوندو.

سائنسدانن چيو ته هن تجربي بعد ڪن سائنسي حلقن ۾ قياس آرائي ڪئي پئي ويئي ته ڪائنات ۾ ڪا پنجين نامعلوم طاقت به ڪم ڪري رهي آهي پر اها قياس آرائي غلط آهي، ڪائنات ۾ چار طاقتون ڪم ڪري رهيون آهن، جي اڳيئي دنيا جي سائنسدانن کي معلوم آهن ۽ اهي اهي آهن: ڪشش ثقل، ڪمزور، برقي- مقناطيسي ۽ زوردار.

اقوام متحده

دنيا گول نه آهي

تازو اقوام متحده طرفان جا گرافيءَ جي ماهرن جي ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي هئي، جنهن ۾ ايشيا مان هندستان فلپائينس، انڊونيشيا، جپان، ملائيشا ۽ ٿائلنڊ جا عيوضي شريڪ ٿيا هئا. ان موقعي تي دنيا جي نقشي ٺاهڻ جي ماهرن پڌرائي ڪئي ته دنيا بال وانگر گول نه آهي، پر ناسپاتيءَ جي شڪل وانگر آهي.

ادارو

کل ڀوڳ

هڪ دفعي هڪ شينهن ۽ هڪ سهڙ هوٽل ۾ ويا. سهڙ بيري کي چيو ته منهنجي کائڻ لاءِ گوبيءَ جا پن کڻي اچ.

”۽ شينهن جي لاءِ ڇا کڻي اچان؟“ بيري سهڙ کان پڇيو.

”جي شينهن بکيو هجي ها“ سهڙ بيري کي جواب ڏنو، ”ته پوءِ مان هن سان گڏ جيئرو جاڳندو ڪيئن ويٺو هجان ها!“

هڪ دفعي هڪ شخص هڪ هوٽل ۾ گهڙيو ۽ بيري کي سڏي چيائين، ”منهنجي لاءِ ٻه ڪڪڙ جا آنا پچائي کڻي اچ، پر اهڙا سڙي ويل هجن جهڙا ڪوئلا! ٻه مانيون به کڻي آ، جي به سڙيل هجن ۽ چانهه جو هڪ ڪوپ آڻ، جو اهڙو ٿڌو هجي جهڙي برف!“

بيرو اهو ٻڌي، حيرت سان گراهڪ ڏانهن ڏسڻ لڳو، تڏهن ان شخص بيري کي چيو: ”هن ۾ حيران ٿيڻ جي ڪا ڳالهه ڪانهي. هت پرديس ۾ ويٺي ويٺي اڄ اوچتو مون کي هن وقت پنهنجي گهر جو بورچي ياد آيو آهي، اهو مون کي هميشھ اهڙو کاڌو ٺاهي ڏيندو آهي!“

گهڻو وقت اڳي، چونڊن ۾، جڏهن هڪ پوڙهي مائي ووٽ ڏيئي ٻاهر نڪتي، ته سندس هڪ مائٽياڻيءَ پڇيس ”ماسي، ووٽ ڪنهن کي ڏنئه؟“

پوڙهيءَ مائيءَ معصوميت سان جواب ڏنو، ”امان، مون کي ٻئي پيارا هئا. چيم هڪ کي ڏيان ۽ ٻئي کي نه ڏيان، سا ڳالهه ٺهي نٿي. سو ووٽ جو ڪاغذ ڦاڙي اڌو اڌ ڪيم، پوءِ هڪ اڌ هڪڙي اميدوار جي پيتيءَ ۾ ۽ ٻيو اڌ ٻئي جي پيتيءَ ۾ وجهي ڇڏيم: هاڻي ٻنهي جي ميار کان ڇٽي پيس.“

هڪ ڊاڪٽر ٿڪل ٽٽل اڃا بستري تي مس ليٽيو ته دروازو کڙڪيو. ڊاڪٽر پڇيو: ”ڪير آ؟“

مريض ٻاهران چيو، ”ڊاڪٽر صاحب جلد دروازو کوليو. مون کي ڪتي چڪ پاتو آهي؟“

ڊاڪٽر ڪڪ ٿي چيو، ”هي ڪو اسپتال کولڻ جو وقت آهي. توکي خبر نه آهي ته اسپتال ڪهڙيءَ مهل کليل هوندي آهي؟“

مريض جواب ڏنو، ”ڊاڪٽر صاحب، مون کي ته اسپتال جو وقت معلوم آهي، پر ڪتي کي معلوم نه هو.“

هڪ شخص ٻئي شخص کي: اوهان ته ڏاڍا ضعيف ٿا ڏسجو. اوهان جي عمر ڪيترا سال آهي؟

ٻيو شخص: پنجويهن کي ٻن سان ضرب ڪريو. جيڪو جواب اچي اها آهي منهنجي عمر. پر ٻڌايو ته توهان جي عمر ڪيتري آهي؟

پهريون شخص: (کلي) ٻن کي ٽن سان ضرف ڪريو. جيڪو جواب اچي ان کي چئن سال ضرب ڏيو ۽ پوءِ ان کي وري ڇهن سان ضرب ڏيو ۽ پوءِ ان مان هڪ سئو اسي ڪاٽيو. جيڪو جواب اچي، اوترا سال منهنجي عمر آهي.

هڪ شخص کي ڪنهن ناجائز حرڪت ڪري ڪچهريءَ مان ڪڍيو ويو. جڏهن ڪچهري پوري ٿي، ته ان شخص جي هڪ واقفڪار، افسوس ظاهر ڪندي، ان شخص کي چيو، ”مون کي افسوس آهي جو اوهان کي ڪچهريءَ مان ڪڍي ڇڏيائون.“ ان شخص ان ڳالهه ۾ پنهنجي بيعزتي سمجهي، سو ڪاوڙجي، تڙ تڪڙ ۾ چوڻ لڳو، ”مون کي وري هنن جي ڪچهريءَ جي پرواهه آهي ڇا؟ هيءَ ڪهڙي ڪچهري هئي! مان ته وڏين وڏين ڪچهرين مان نڪتو آهيان!“

پڙهندڙن جا خط

 

ادا،

گذريل ڀيري رسالو مليو، ته دل کي يقين ئي ڪونه پئي آيو، ته ادا رسالو جلد ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي. پر جڏهن رسالو مليو ته خوشيءَ جي انتها نه رهي. پر هاڻي وري ڪافي عرصو ٿي ويو آهي ته نومبر- ڊسمبر جو ”گل ڦل“ جو پرچو نه مليو آهي. ادا، سبب ڇا آهي؟

توهان مون کي خط جي جواب ۾ ٻڌايو هو ته اسان ”پوسٽ آفيس“ ناٽڪ ”گل ڦل“ ۾ ڏيئي رهيا آهيون پر اهو ته نه اڳئين پرچي ۾ هو ۽ نه گذريل پرچي ۾.

مان ستت اوهان کي ڪا سٺي آکاڻي لکي موڪلينديس، سا ”گل ڦل“ ۾ شايع ڪجو. منهنجي آڱر ڪڙهي پيئي آهي، جڏهن هٿ ٺيڪ ٿيندو ته آکاڻي لکي موڪلينديس.

اڳيون پرچو ڏاڍو وڻيو. اميد ته آئيندي رسالو مهيني سر مهيني باقاعدي موڪليندا.

ادا، هڪ صلاح آهي ته ”گل ڦل“ جو ٻارن جو رسالو آهي، سو منجهس ٻارن جون تصويرون ڏيو ته رسالو ٻارن کي وڌيڪ وڻندو.

اوهان رسالي جي پٺئين پاسي ٻارن لاءِ جن ڪتابن جا نالا ڏنا هئا، تن مان مون کي ”ٽي – گهر“ ۽ ”دلارام“ ڪتاب ڏاڍا وڻيا.

گهڻن سلامن سان،

اوهان جي ننڍي ڀيڻ

شگفته شاهين شاهواڻي،

حيدرآباد سنڌ.

ادي،

نومبر ۽ ڊسمبر 64ع جي پرچي ڪڍڻ ۾ برابر گهڻي دير ٿي آهي، ۽ ان جو  اثر جنوري-فيبروري 65ع جي پرچي تي به پوندو. ان لاءِ نهايت افسوس آهي.

”پوسٽ آفيس“ ناٽڪ ”گل ڦل“ جي مارچ-جون 1964ع واري پرچي ۾ صفحي 21 تي ڏنل آهي. اوهان پڙهي، پنهنجي راءِ ڏجو.

اوهان جو هٿ هاڻي اميد ته ٺيڪ ٿي ويو هوندو. آکاڻي جڏهن پهتي ته ان کي ڏسي، شايع ڪنداسين.

اوهان ٻارن جون تصويرون شايع ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي. انهيءَ جي باري ۾ ٻيا پڙهندڙ به راءِ ڏين ته پوءِ اسان ويچار ڪنداسين. ٻارن جي تصويرن مان اوهان جو مطلب شايد اهو آهي، ته جن ٻارن جا مضمون ۽ آکاڻيون ڇپجن ٿيون، انهن جون اتي تصويرون به ڏجن. يا اوهان جو مطلب آهي ته تعارف جي ڪالمن ۾ تصويرون ڏجن؟ هڪڙي ڳالهه خيال ۾ رکجو ته هر تصوير ڇپڻ لاءِ ان جو بلاڪ ڪڍائبو آهي، جنهن تي گهٽ ۾ گهٽ ٽي- چار رپيا خرچ ايندا آهن.

ٻارن لاءِ اسان جيڪي ڪتاب ڇاپيا آهن، انهن مان هاڻي ٻيا گهرائي پڙهي ڏسو، اميد ته وڻندوَ. تازو هڪ ڪتاب ننڍين ٻاراڻين آکاڻين جو ڪڍيو اٿئون. نالو اٿس: ”سنڌي لوڪ ڪهاڻيون- جلد پنجون- ٻاراڻيون آکاڻيون.“ قيمت ساڍا پنج رپيا اٿس. اهو ڪتاب ٿي سگهي ٿو ته گهرائي پڙهي ڏسجو.

والسلام اوهان جو ا دا،

ايڊيٽر.

جناب ايڊيٽر صاحب

السلام عليڪم: عرض ته رسالو ”گل ڦل“ ٻئي ٻئي مهيني شايع ٿئي ٿو. منهنجو ۽ منهنجن دوستن جو اوهان کي عرض آهي ته رسالو ٻن مهينن بجاءِ هر مهيني شايع ڪيو وڃي، ڇو ته اسان ٻارن لاءِ سنڌيءَ ۾ ٻيو ڪوبه رسالو ڪونهي اميد ته ان ڳالهه تي ويچار ڪندا.

غلام مصطفيٰ عباسي

ميرپورخاص سنڌ.

ڀاءُ، ”گل ڦل“ کي ماهوار ڪرڻ جي گُهرَ ٻين پڙهندڙن به ڪئي آهي. اسان ڪوشش ڪريون ٿا. اميد ته ستت اوهان جي گُهر پوري ٿيندي.

ايڊيٽر.

بخدمت جناب پيارا ڀاءُ صاحب!

السلام عليڪم: سڪ ۽ پيار بعد عرض ته ”گل ڦل“ جي گذريل پرچي ۾ مون کي ضياءُ الدين انصاريءَ جو مضمون ”منهنجي وندر“ ۽ ڀيڻ مريم جي آکاڻي ”ماءُ جي قرباني“ پسند آئي.

ادا، منهنجي اوهان کي صلاح آهي ته اوهان رسالي ۾ جاگرافيءَ جا سوال ۽ شڪليون وجهو، ۽ رسالي کي ماهوار ڪريو.

توهان جو ڀاءُ

حاجي اسماعيل راهو، جاتي

ڀاءُ،

رسالي ۾ جاگرافيءَ جا مضمون ۽ موزون تصويرون ڇاپڻ بابت اوهان سٺي صلاح ڏني آهي. ان تي ويچار ڪنداسين.

هن پرچي ۾ ڇپيل مضمونن بابت پنهنجي راءِ کان واقف ڪندا ته مهرباني.               -ايڊيٽر

جناب ايڊيٽر صاحب

السلام عليڪم:

گذارش آهي ته گهڻي وقت کان وٺي دل چاهيو پئي ته پنهنجي پياري رسالي ”گل ڦل“ ڏانهن ڪا آکاڻي موڪليان، پر ڊڄان پيو ته آکاڻي دل پئي چوي ته شايع ٿيندي يا نه. دل پئي چوي ته شايع ٿيندي، دماغ پيو چوي ته شايع نه ٿيندي، ڇاڪاڻ ته ’تنهنجي آکاڻي ۾ ڪهڙا لعل و گوهر هوندا جن کي ڏسي تنهنجي آکاڻي شايع ڪندا!‘ گهڻو وقت دل ۽ دماغ جي اها لڙائي هلندي رهي ۽ آخر ۾ دل جي فتح ٿي. دل کي اها پڪ هئي ته گل ڦل رسالو اسان ٻارن جو ئي آهي، تنهن ڪري  آکاڻي ضرور شايع ٿيندي. ائين ئي هي هڪ معلوماتي مضمون ”عجيب و غريب واچون“ نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري موڪلي رهيو آهيان. هي پهريون ئي موقعو آهي جو ڪنهن رسالي ڏانهن آکاڻي موڪلي هجيم. تنهن ڪري جيڪڏهن هن مضمون ۾ ڪي به صورتخطيءَ يا ٻوليءَ جون چڪون هجن، ته انهن کي مهرباني ڪري درست ڪندا. جيئن ته لکڻ جي شروعات ئي پنهنجي پياري رسالي ڏانهن آکاڻي موڪلڻ سان ڪئي اٿم، سو مون کي قوي اميد آهي ته اهو مضمون پياري رسالي ۾ شايع ڪري همٿ وڌائيندا. جيڪڏهن هي مضمون اوهان کي پسند پيو ۽ رسالي ۾ شايع ٿيو ته پوءِ مان هر مهيني اوهان ڏانهن اهڙا معلوماتي مضمون موڪليندو رهندس. اسان ڌڻي تعاليٰ کان اها دعا ٿا گهرون ته شال هيءَ اسان ٻارن جو رسالو اڃا به وڌيڪ ترقي ڪري.

اوهان جو خير انديش

ڀيشم

ڀاءُ ڀيشم،

اوهان خط ۾ پنهجي ائڊريس ڪانه ڏني آهي. مهرباني ڪري پنهنجي ائڊريس موڪليندا، جو اوهان جي موڪليل مضمون ”عجيب و غريب واچون“ بابت اوهان کان ڪجهه پڇڻو آهي.

سلامن ۽ دعائن سان

اوهان جو ڀاءُ،

ايڊيٽر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com