سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :7

اهي معزز مهمان ۽ ٻار مقرر وقت تي، ريڊيو اسٽيشن جي ٽئين نمبر اسٽوڊيو ۾ اچي ڪٺا ٿيا. پروگرام جي شروعات، اولهه پاڪستان جي ريلوائي وزير، جناب محمد خان جوڻيجي جي هڪ پيغام سان ڪئي ويئي، جو ان صاحب ”ٻارن جي هفتي“ ملهائڻ بابت موڪليو هو. ان کان پوءِ ريڊيو اسٽيشن تي ٻارن جي سنڌي پروگرام جي انچارج، جناب مصطفيٰ قريشي صاحب تقريرن جي چٽا ڀيٽيءَ شروع ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ٻارن پنهنجون تقريرون پيش ڪيون، جن مان ڪي هن پرچي ۾ ”ٻارن جي ليک“ ڪالمن ۾ ڏنيون ويون آهن. جڏهن سڀ تقريرون پوريون ٿيون ته جج صاحبن بهترين تقريرون ڪندڙ ٻارن کي انعام ڏيڻ لاءِ پنهنجو گڏيل فيصلو ٻڌايو. جج صاحبن جي فيصلي موجب، پهريون نمبر انعام پرئڪٽسنگ اسڪول، ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد جي شاگرد اظهر عليءَ کي مليو، ٻيو نمبر انعام پرئڪٽسنگ اسڪول، ٽريننگ ڪاليج فار وومين جي شاگردياڻيءَ نيلوفر جويو کي مليو، ۽ ٽيون نمبر انعام گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد جي شاگردياڻيءَ گلناز کي مليو.

انعامن جي اعلان ٿيڻ بعد، مهمان خصوصي، جناب رحيم بخش ميمڻ صاحب هڪ مختصر تقرير ڪئي، جنهن ۾ هن ٻارن جي قابليت ۽ هوشياريءَ کي ساراهيو ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وارن کي انهيءَ شاندار پروگرام پيش ڪرڻ لاءِ مبارڪباد ڏني.

ٻارن جي هفتي جو ٻيو سنڌي پروگرام، 25 نومبر 1964ع تي پيش ڪيو ويو. ان پروگرام ۾ معلوماتي ”سوال جواب“ رکيل هئا.

سوالن جوابن جي پروگرام ۾ هڪ ڇوڪري جواب ڏيئي رهي آهي

مقرر وقت تي، ٻارن پنهنجن ماسترن ۽ ماسترياڻين سان گڏ اچي ريڊيو اسٽيشن تي ڪٺا ٿيا. ان ڏينهن ريڊئي وارن گورنمينٽ گرلس ڪاليج حيدرآباد جر پرنسيپال، محترمھ شمس عباسيءَ کي خاص مهمان ڪري گهرايو هو. ٻارن کان سوال پڇڻ جو ڪم ڊاڪٽر محمد ابراهيم ”خليل“ کي سونپيو هئائون ۽ ٻه جج مقرر ڪيا هئائون ته سڀ کان گهڻا صحيح جواب ڏيندڙ ٻارن کي انعامن ڏيڻ جو فيصلو ڪن. اهي جج هي هئا: 1- مسٽر عبدالغفور انصاري ۽ 2- محترمھ امينه هاليپوٽو. اهو پروگرام ڏاڍو دلچسپ ٿيو. جج صاحبن جي فيصلي موجب انعام هيٺين ٽن شاگردن کي مليا: پهريون نمبر انعام اظهر علي شاگرد پرئڪٽسنگ اسڪول  ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد، ٻيو نمبر انعام شمشاد شاگرد انجمن حمايت الاسلام اسڪول حيدرآباد ۽ ٽيون نمبر انعام خالد حسين، شاگرد پرئڪٽسنگ اسڪول، ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد کي مليو. انعامن جي اعلان بعد مهمان خصوصي محترمھ شمس عباسي صاحبه مختصرتقرير ڪئي، جنهن ۾ هن پروگرام بابت پنهنجا تاثرات بيان ڪيا.

مذاحيه فيچرن جي پروگرام ۾ ٻه  ٻار مذاحيه خاڪا پيش ڪري رهيا آهن.

ٽيون سنڌي پروگرام 27 نومبر 1964ع تي ٿيو. ان پروگرام ۾ مزاحيه خاڪن ۽ ننڍن فيچرن جي چٽاڀيٽي رکيل هئي. ريڊيي وارن ان پروگرام لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار، جناب محمد حسين ترڪ کي خاص مهمان ڪري گهرايو هو ۽ چٽاڀيٽيءَ ۾ انعامن ڏيڻ جو فيصلو ڪرڻ لاءِ ٻه جج مقرر ڪيا هئا، جي هئا: 1- مخدوم امين احمد صاحب، پرنسپال اورينٽل ڪاليج حيدرآباد، ۽ 2- ڊاڪٽر محمد ابرهيم ”خليل.“ مقرر وقت تي ٻار، سندن استاد، مهمان خصوصي ۽ جج صاحب اچي ريڊيو اسٽيشن ٿي گڏ ٿيا.

ممتاز ۽ سندس سهيليون ”هو جمالو“ ناچ پيش ڪري رهيون آهن

ٻارن پنهنجا خاڪا ۽ فيچر پيش ڪيا، جي نهايت دلچسپ هئا. هن پروگرام جي شروعات به ٽهڪڙن سان ٿي ۽ خاتمو به ٽهڪڙن سان. جج صاحبن جي فيصلي موجب پهريون نمبر انعام پرئڪٽسنگ اسڪول، ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد جي شاگردياڻين ممتاز ۽ سندس سهيلين کي مليو، جن ”ڀاڄين جو جهڳڙو“ ناٽڪ پيش ڪيو هو. ٻيو انعام گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول جي شاگردياڻين گلناز ۽ سندس سهيلين کي مليو، جن ”ماءُ جي محبت“ فيچر پيش ڪيو ۽ ٽيون نمبر انعام پرئڪٽسنگ اسڪول ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد جي شاگرد، امتياز احمد کي مليو، جنهن ”نيم حڪيم“ خاڪو پيش ڪيو.

ٻارڙن جي هفتي جي آخرين ڏينهن يعني 28 نومبر تي ’ٻارن جا راڳ‘ پروگرام پيش ڪيو ويو. ان ڏينهن تمام گهڻا ٻار ۽ سندن استاد ريڊيو اسٽيشن تي پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آيا هئا. ان ڏينهن ريڊيي وارن بورڊ آف سيڪنڊري ايڊيوڪيشن حيدرآباد جي سيڪريٽريءَ، مرزا عابد عباس کي مهمان خصوصي ڪري گهرايو هو ۽ راڳن جي چٽاڀيٽيءَ ۾ انعام ڏيڻ لاءِ ٻه جج مقرر ڪيا هئا، جي هئا: 1- جناب نور الحسن بلگرامي ۽ محترمھ بيگم رشيده اختر.

اهو پروگرام به نهايت شاندار ٿيو. ججن جي فيصلي موجب پهريون نمبر انعام، پرئڪٽسنگ اسڪول، ٽريننگ ڪاليج فاروومين حيدرآباد جي شاگردياڻي ممتاز ۽ سندس سهيلين کي مليو، جن سنڌ جو لوڪ ناچ ”هو جمالو“ پيش ڪيو. ٻيو نمبر انعام انجمن حمايت السلام اسڪول جي شاگردياڻين نسرين ۽ سندس سهيلين کي مليو، جن اوڀر پاڪستان جو هڪ لوڪ ناچ پيش ڪيو. ٽيون نمبر انعام پرئڪٽسنگ اسڪول ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد جي ٻارن رجب عليءَ ۽ سندس پارٽيءَ کي مليو، جن سنڌ جو لوڪ ناچ ”جهمر“ پيش ڪيو.

هي پروگرام به نهايت دلچسپ ٿي گذريو. انعامن جي اعلان بعد مهمان خصوصي، جناب عابد عباس هڪ مختصر تقرير ڪئي، جنهن ۾ هن ان پروگرام ۾ ٻارن جي شوق ۽ دلچسپيءَ کي ساراهيو ۽ ريڊيو پاڪستان جي ڪارڪن جي تعريف ڪئي، جن اهو شاندار پروگرام پيش ڪيو.

اهڙيءَ ريت، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ”ٻارن جو هفتو“ نهايت سهڻي نموني ۾ ملهايو. هونئن ته ريڊيو پاڪستان جي سمورن واسطيدار ڪارڪنن، ٻارن جي هفتي کي ڪامياب بنائڻ لاءِ دل و جان سان محنت ڪئي هئي، پر ٻارن جي پروگرام جي انچارج جناب مصطفيٰ قريشيءَ جيڪو شاندار ڪم ڏيکاريو، تنهن لاءِ هو  صاحب هر طرح مبارڪباد جو مستحق هو. جن ٻارن چٽاڀيٽين ۾ انعام کٽيا هئا، تن کي سندن انعام 6 ڊسمبر 1964ع تي هيٺينءَ ريت ڏنا ويا:

1-     پهريون نمبر انعام 25 رپين جا ڪتاب.

2- ٻيو نمبر انعام 20 ورهين جا ڪتاب.

3- ٽيون نمبر انعام 15 رپين جا ڪتاب.

ٻارن جي هفتي ۾ انعام کٽندڙ ڪي ٻار.
 

ٻارن جا ليک

 

(ريڊيو پاڪستان حيدرآباد طرفان، 22 نومبر کان 28 نومبر تائين ملهايل ”ٻارن جي هفتي“ ۾، تقريرن جي چٽاڀيٽيءَ ۾، جن ٽن تقريرن تي پهريون، ٻيو ۽ ٽيون نمبر انعام ڏنا ويا، سي ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد جي شڪريي سان، هيٺ نمبر وارا شايع ڪجن ٿيون. اهي ٽيئي تقريرون موضوع جي فائدي ۾ ڪيون ويون. چٽاڀيٽيءَ جو موضوع هو: ”رانديون شاگردن لاءِ ضروري نه آهن.“     –ايڊيٽر.)

رانديون شاگردن لاءِ ضروري نه آهن

اظهر علي، شاگرد پرئڪٽسنگ اسڪول،

ٽريننگ ڪاليج، فارمين، حيدرآباد.

جناب صدر- ڀائرو ۽ ڀينرو!

اڄ جي مباحثي جو عنوان آهي:

”هن ايوان جي راءِ ۾ رانديون شاگردن لاءِ ضروري نه آهن.“

صدر محترم، انسان جي زندگيءَ لاءِ ضروري شيون هوا، باهه ۽ پاڻي آهن، ۽ نه رانديون!

عام طرح چيو ٿو وڃي ته راندين سان صحت سڌري ٿي. مگر حقيقت جي نظر سان ڏسبو، ته راندين ۾  پاڻ صحت بگڙي ٿي.

جناب صدر، اوهان کي معلوم هوندو ته رانديگر جڏهن راند هارائيندا آهن، تڏهن سندن دل ۾ غصي، چڙ ۽ حسد جا جذبا جنم وٺندا آهن، جنهن ڪري سندن صحت بگڙندي آهي. تنهن کانسواءِ راندين ۾ ڪيترائي شاگرد عضوا وڃائي چڪا آهن.

جناب صدر، راندين ۾ نه فقط صحت جو نقصان ٿئي ٿو، پر اخلاق ۽ وقت جو به ڏيوالو نڪري ٿو. سڪيلڌو رانديگر جڏهن رانديون کيڏي ٿڪجي گهر پهچي ٿو، تڏهن نه پيءُ جي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ نه ماءُ جي سڏ ٻڌڻ لاءِ! اُهي ماءُ پيءُ، جيڪي رات ڏينهن، رت ولوڙي، سندن کاڌي ۽ ڪپڙي، ڪتابن ۽ فيءَ جو بندوبست ڪن ٿا، انهن جي لاءِ هن جي دل ۾ ڪابه عزت نٿي رهي.

صدر محترم، عام طرح ڏٺو ويو آهي، ته رانديگر شاگردن جي اسڪول جي ڪمن ۾ دلچسپي بلڪل ڪانه هوندي آهي. هو راندين ۾ ئي وقت وڃائي ڇڏيندا آهن.

جناب صدر، ضروري ان ڳالهه کي سمجهيو آهي، جنهن مان ڪو فائدو هجي پر راندين مان ته فقط نقصان ئي نقصان آهي، ته پوءِ اسان انهن کي ڇو ضروري سمجهون.

تاريخ شاهد آهي ته ڪنهن به رانديگر قوم ۽ ملڪ جي بهتريءَ لاءِ ڪوبه ڪارنامو نه ڪيو آهي.

چار سال اڳ پاڪستان اولمپڪ راندين ۾ کٽيو، پر ان مان ملڪ ۽ قوم کي ڪو فائدو نه رسيو، يا هن سال اولمپڪ راندين ۾ هارائي آيو ته به ڳالهه ته ساڳي.

هن سڌريل دور ۾ اسان کي سائنسدانن ۽ سٺن اڳواڻن جي ضرورت آهي ۽ نه رانديگرن جي.

قائداعظم اسان کي پاڪستان حاصل ڪري ڏنو. هو هڪ سٺو بئريسٽر هو ۽ نه رانديگر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com