سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل

نومبر، ڊسمبر 1964ع

ايڊيٽر: غلام رباني آگرو

گذارش

”گل ڦل“ جو هي ”سالنامو“ گهڻي چاهه سان پڙهندڙن اڳيان پيش ڪجي ٿو. دستوري پرچي کان منجهس صفحا به وڌيڪ آهن ۽ تصويرون پڻ. پر قيمت اسان ساڳي ئي اٺ آنا رکي آهي، جيئن گهڻي کان گهڻا ٻار ان کي خريد ڪري پڙهي سگهن.

رسالن ۽ ڪتابن خريد ڪرڻ تي ماڻهو جيڪو پئسو خرچ ڪري ٿو، اهو در حقيقت ”خرچ“ نه آهي پر ”سيڙپ“ آهي، ڇو ته اوهين انهن رسالن ۽ ڪتابن مان جيڪو علم حاصل ڪندا، سو اڳتي هلي، حياتيءَ ۾ اوهان کي اعليٰ درجي تي رسائڻ ۾ مددگار ٿيندو. ان کانسواءِ اهي رسالا ۽ ڪتاب اوهان جي ذاتي ننڍڙي ڪتبخاني کي به وڌائيندا رهندا.

ڪتاب سڀ کان سٺو سنگتي آهي. اهو هر وقت اوهان کي وندرائيندو ۽ ڪڏهن به اوهان تي بار نه ٿيندو. سو، اوهان کي گهرجي ته پنهنجي خرچيءَ مان جيتريقدر ٿي سگهي اوتريقدر گهڻي کان گهڻا ڪتاب ۽ رسالا خريد ڪندا ڪريو.

2- ”گل ڦل“ جي باري ۾ اڪثر پڙهندڙن جي راءِ اها آهي ته رسالو ماهوار ڪيو وڃي. ان باري ۾ اسان اوهان کي ٻڌائڻ گهرون ٿا ته اسان اوهان سان ان راءِ ۾ شامل آهيون. اميد ته ستت سرڪار کان اجازت وٺي رسالي کي ماهوار ڪنداسون.

3- رسالي جو گذريل پرچو وقت تي نه نڪتو ته هن پرچي نڪرڻ ۾ وري دير ٿي ويئي، ان لاءِ اوهان کان وري به معافي وٺڻي اٿئون. اميد ته اوهين رنج نه ٿيندا۽ پرچي کي چاهه سان پڙهي پنهنجن راين ۽ صلاحن کان اسان کي واقف ڪندا.

اوهان مان جيڪي لکندڙ پنهنجا مضمون ۽ آکاڻيون اسان کي ڇپڻ لاءِ موڪلين، انهن کي گذارش آهي ته پنهنجي ائڊريس ضرور موڪلين. هونئن به اسان ڏانهن خط پٽ لکڻ وقت پنهنجي ائڊريس ضرور لکندا ڪريو، ته جيڪڏهن اسان کي جواب لکڻو پوي يا ڪا ڳالهه پڇڻي هجي ته اوهان کي خط لکي سگهون.

مهرباني.

سِڪَ جا بيت

 

(شاهه سائينءَ جي رسالي مان)

 

سامونڊي ساري، مٿي تَڙَ گذاريان،

مون کي ٿي ماري، انهَينِ سندي ڳالهڙي.

*       *      *

تان ڪِي لئج ڪانگ، ڪڏهن ايندا مون گهَرين،

 سيڻن ڪارڻ سانگَ، مون تان گهڻيئي ڪِيا.

*       *      *

سَرَ نسريا پاندَ، اتر لڳا آءُ پرين،

مون تو ڪارڻ ڪانڌَ،سهسين سکائون ڪيون.

*       *      *

سَرَ لوهيڙا ڳڀيا، ڪُسَر نسريا،

تو ڪئن وسريا، ڍوليا! ڏينهن اچڻ جا.

*       *      *

مون کي جياريو، پرين جي ڳالهه ڪري،

ڊٺو اڄ اڏيو، هينئڙو ڪوٽ بُرِجَ جئن.

عبدالله عباسي

رٽائرڊ انسپيڪٽر آف اسڪولس

 

قائد اعظم محمد علي جناح

قائد اعظم محمد علي جناح گڏيل هندستان جو هڪ قابل قاعديدان، برک سياستدان ۽ پاڪستان جو باني هو. هو تاريخ 25 ڊسمبر 1876ع تي، آرتوار ڏينهن، ٺٽي ضلعي جي جهرڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد بزرگوار جو نالو جناح پونجا ۽ والده محترمه جو اسم گرامي سڪينا هو.

جناح پونجا خوجا قبيلي مان هو. هو راجڪوٽ (رياست ڪاٺياواڙ) جو باشندو هو. سندس ڌنڌو واپار هو. ڪراچيءَ ۾ چمڙيءَ جي کلن جي تجارت ڪندڙ هڪ مشهور ڪمپنيءَ ۾ حصيدار جي حيثيت سان سندس ڪاروبار هلندو هو. جناح پونجا صاحب جو اصل نالو فقط ”پونجا“ هو. هو ڏٻري بدن جو انسان هو. گجراتيءَ ۾ اهڙي آدميءَ کي جينا (جناح) ڪوٺيندا آهن، سو ماڻهن محبت مان کيس انهيءَ نالي سان سڏيندا هئا. ڪراچيءَ ۾ سندس گهر، ”کاري در“ تي، نيونهام روڊ وٽ، انهيءَ عمارت ۾ هو، جا اڄ ”وزير مينشن“ جي نالي سان سڏجي ٿي.

شروعاتي تعليم:

ننڍڙو محمد علي جڏهن پنجن ورهين جو ٿيو، تڏهن ڪراچيءَ ۾ کاري در تي هڪ ننڍي گجراتي اسڪول ۾ هن کي پڙهڻ لاءِ ويهاريائون. هو ڪجهه وقت بمبئيءَ جي ”گوڪلداس تيج گجراتي اسڪول“ ۾ پڻ پڙهيو. ابتدائي تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ کيس ڪراچيءَ جي سنڌ مدرستھ الاسلام ۾ داخل ڪرايو ويو. پوءِ وري چرچ مشن هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ انهيءَ ئي اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. انهيءَ کانپوءِ پڻس پنهنجي هڪ انگريز واپاري دوست، سرفريڊرڪ ڪرافٽ جي صلاح سان کيس اعليٰ تعليم لاءِ ولايت موڪليو.

انگلينڊ ۾ تعليم:

سال 1892ع ڌاري، سورهن ورهين جي ڄمار ۾، محمد علي انگلينڊ ڏانهن بئريسٽريءَ جي تعليم لاءِ روانو ٿيو ۽ اتي پهچي، لنڊن ۾ ”لنڪن ان“ ڪاليج ۾ داخل ٿيو. انگلينڊ ۾ هن انهيءَ ڳالهه کي خاص خيال ۾ رکيو، ته مان تعليم جي مطلب سان هتي آيو آهيان، انهيءَ ڪري مون کي بنيادي طرح شاگرد جي حيثيت سان ئي رهڻ گهرجي. فضول گوئيءَ کي ترڪ ڪري اخلاقي پهلوءَ کي مضبوط بنائڻ کپي ۽ عيش پرستيءَ کي ڇڏي، محنتي ٿي تعليم حاصل ڪرڻ کپي.

دادا ڀائي نوروزجي سان واقفيت

انگلينڊ جي چئن ورهين جي رهائش واري عرصي ۾، محمد عليءَ ڪيترن هندستاني ۽ انگريز مدبرن سان واقفيت پيدا ڪئي. انهن مان دادا ڀائي نوروزجي، پارسي سياستدان سان سندس گهڻي لهه وچڙ ٿي. سياست جو پهريون سبق پڻ ان صاحب کان ئي سکيائين. دادا ڀائي، انگلينڊ ۾ ”هائوس آف ڪامنس“ (دارالعوام) جي چونڊن ۾ اميدوار بيٺو. هو پهريون هندستاني هو جو ڪامياب ٿيو. انهيءَ چونڊ ۾ دادا ڀائيءَ جو مخالفتي، مهاراڻي وڪٽوريا جي دل گهر ئي وزيراعظم لارڊ سالسبريءَ جو ماڻهو هو. نوجوان جناح انهيءَ چونڊ جي ڪم ۾ گهڻي جوش سان ڪم ڪيو، جنهن لاءِ دادا ڀائيءَ هن جي ڏاڍي تعريف ڪئي.

دادا ڀائي انهن ڏينهن، لنڊن ۾ ”انڊين سوسائٽيءَ“ جو صدر هو ۽ اتي هندستاني شاگردن جي سنڀال ۽ رهنمائي ڪندو هو. هن سمجهي ورتو، ته هيءُ ننڍو نينگر هڪ ڏينهن ملڪ جو اڳواڻ بنبو ۽ انهيءَ ڪري کيس سياسي  ۽ ملڪي منجهيل مسئلا گهڻي چاهه سان سمجهائڻ لڳو.

 محمد علي هڪ طرف ڪامياب شاگرد هو، ته ٻئي پاسي ناليرو ننڍو مدير پڻ نظر اچڻ لڳو. هو ملڪي ۽ سياسي مسئلن جي به  ڪافي واقفيت حاصل ڪري چڪو هو، انهيءَ ڪري کيس ”لنڊن انڊين سوسائٽي“ جو سيڪريٽري چونڊيو ويو. جيسين هو انگلينڊ ۾ هو، تيسين سيڪريٽريءَ جي فرضن کي خوش اسلوبيءَ سان نڀائيندو رهيو ۽ هندستاني ڀائرن جي بهبوديءَ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو رهيو.

ڪراچيءَ ۾ وڪالت:

انگلينڊ ۾ تعليم پوري ڪرڻ بعد سال 1896ع ۾ محمد علي بئريسٽريءَ جي امتحان ۾ ڪاميابي حاصل ڪري خير سان ڪراچيءَ ۾ واپس اچي پهتو. گهر ۾ اچڻ تي ڏٺائين، ته تقدير جو طرف بدلجي چڪو هو. سندس والد مالي مشڪلات جي ڪري تنگدستيءَ ۽ مفلسيءَ  جي زندگي گذاري رهيو هو. تنهن ڪري پئسي جي سوڙهه سبب هن ننڍي، ليڪن قابل بئريسٽر، ڪراچيءَ ۾ وڪالت جو پيشو شروع ڪيو ۽ ڏاڍيءَ تڪليف سان وقت ڪاٽڻ لڳو.

بمبئيءَ ۾ وڪالت:

انهن حالتن هيٺ هن صاحب هڪ ورهيه اندر سال 1897ع ڌاري ڪراچي ڇڏي، بمبئيءَ ۾ وڃي وڪالت جو ڪم شروع ڪيو. مگر اتي مالي تڪليف پاڻ وڌيڪ ٿيڻ لڳيس. جتوڻيڪ پاڻ  بيحد محنتي ۽ قابل هو، ليڪن نو عمري، ناتجربيڪاريءَ ۽ ناواقفيت جي ڪري وٽس ڪوئي مقدمو ڪين ايندو هو. هن ٽي سال سانده انهيءَ ڪشمڪش ۾ گذاريا، پر همت ڪين ڇڏيائين ۽ پنهنجي ڪم کي اورچ ٿي لڳو رهيو. سندس والد جو بمبئيءَ شهر ۾ هڪ گهاٽو دوست هو، جنهن جي وسيلي هن جي ڏيٺ ويٺ مسٽر ميڪفرن سان ٿي، جو بمبئيءَ ۾ وڏو سرڪاري وڪيل هو. مسٽر ميڪفرن بيحد رحمدل ۽ خليق انسان هو. هن محمد علي جناح جي ذهانت ۽ قابليت کان متاثر ٿي، کيس پنهنجي چيمبر ۾ قيمتي قانوني ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ جي اجازت ڏني. هو انهيءَ چيمبر ۾ وڃي قاعدن جي ڪتابن جي مطالعي مان فائدو وٺندو هو. آهستي آهستي سندس پرئڪٽس ۾ ترقي ٿيڻ لڳي. ماڻهن کي هن جي قابليت، ذهانت ۽ محنت جو پتو پوڻ لڳو. هڪ ورهيه جي عرصي اندر ئي هن ايتريقدر ته ترقي ڪئي، جو سندس شمار لائق ۽ بهترين بئريسٽرن جي قطار ۾ ٿيڻ لڳو. سال 1906ع ۾، بمبئي هاءِ ڪورٽ جو ائڊووڪيٽ بنيو ۽ پوءِ جلد ئي سندس شهرت ساري هندستان ۾ پکڙجي ويئي.

وڪيل جي حيثيت سان محمد علي جناح جو درجو تمام مٿانهون هو. هو جڏهن ڪنهن به مقدمي جي پيروي ڪندو هو ته اتي اهڙيءَ نزاڪت ۽ صفائيءَ سان دليل ۽ ثابتيون پيش ڪندو هو، جو سندس مخالف طرف وارن کي حيرت لڳي ويندي هئي. هن صاحب پنهنجي قانوني قابليت جي ڪري ڏاڍو نالو ڪڍيو.

آنربل گوڪلي جو اثر:

مسٽر جناح نوجوان ئي هو، ته سندس اندر ۾ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ جو جذبو جاڳيو. انهيءَ وقت، آنجهاني گوپال ڪرشن گوڪلي جو ملڪ ۾ وڏو اثر هو، ۽ سندس رٿيل پروگرام تي هلڻ لاءِ هڪ جماعت ”سرونٽس آف انڊيا سوسائٽي“ جي نالي سان جاري ٿي هئي. مسٽر جناح به انهيءَ جماعت ۾  شامل ٿيو، ۽ آنربل گوڪلي جي خيالن جو ايتريقدر ته مٿس اثر ٿي ويو، جو ماڻهو عام طرح کيس ”مسلم گوڪلي“ ڪري ڪوٺيندا هئا. گوڪلي جي يادگار جي سلسلي ۾ جيڪا ميٽنگ ڪوٺائي ويئي هئي، تنهن ۾ مسٽر جناح ڳالهائيندي هيئن چيو هو:

”آنربل گوڪلي جي موت جو مون کي ايترو ته افسوس ۽ صدمو رسيو آهي، جو ان جي ظاهر ڪرڻ لاءِ موزون لفظ ئي نٿا ملي سگهن. هو هڪ سياسي رهبر هو. سندس حياتيءَ ۽ قومي ڪارنامن مان سڀ کان وڏو سبق جيڪو اسان کي ملي ٿو، سو اهو ته هڪ آدمي اڪيلي سر ڪهڙيءَ طرح سچائيءَ ۽ ديانتداريءَ سان هدنستانين جي خدمت ڪري سگهي ٿو. اڄ اسان وٽ هو جيتوڻيڪ موجود ڪين آهن، پر سندس ڪيل ڪم اسان جي رهنمائيءَ لاءِ موجود آهي. شخصي طرح مون کي آنجهانيءَ سان گڏ امپيريل ڪائونسل ۾ ڪم ڪرڻ جو شرف حاصل ٿي چڪو آهي. مون هن جي تقريرن کي پوري خيال سان ٻڌو آهي ۽ ان موجب هلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. گوڪلي پنهنجي پٺيان لکين آدمين کي ڳوڙها ڳاڙيندو ڇڏي ويو آهي، مگر انهن سڀني روڄ راڙي ڪندڙن جو وڏو فرض آهي ته هو سندس ڪارنامن کي پنهنجي مقصد جو مرڪز بنائين؛ خاص ڪري اهي نوجوان‏، جن جي هٿن ۾ ملڪ جي مستقبل جون واڳون آهن.“

سر بئنرجي جو اثر:

مسٽر جناح هڪ دفعي ليجسليٽو اسيمبليءَ اندر ظاهر ڪيو هو ته ”سياست جي باري ۾ مون سر سريندرناٿ بئنر جي کان گهڻو ئي حاصل ڪيو آهي. مون سندس خيالن جو غور سان مطالعو ڪيو آهي، ۽ ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونه ٿوڪريان، ته مان هن جو هڪ ناچيز شاگرد آهيان. سندس خدمت جو قدر سڄي ديس ڪيو آهي. منهنجي دل اندر هن لاءِ خاص محبت ۽ عزت آهي.“

ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيڻ:

سال 1900ع ۾ جناح صاحب، انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيو. انهيءَ وقت ڪانگريس ئي گڏيل هندستان جي واحد نمائنده جماعت سڏبي هئي؛ جنهن ۾ هندو، مسلمان، سک، پارسي ۽ ڪرستان سڀ شامل ٿي سگهندا هئا، ۽ هندستان جي آزادگيءَ جي تحريڪ ۾ حصو وٺندا هئا. مسٽر جناح ڪانگريس ۾ شامل ٿي ڏاڍيءَ سرگرميءَ سان پنهنجون خدمتون پيش ڪيون.

سال 1902ع ۾ دادا ڀائي نوروزجي، به انگلينڊ مان موٽي آيو، ۽ مسٽر جناح کي پنهنجو پرائيويٽ سيڪريٽري ڪيائين، جو ولايت ۾ رهائش واري وقت مٿس ڏاڍو اعتبار ۽ پيار ٿي ويو هوس.

دادا ڀائي ڪانگريس جو نهايت مخلص ۽ سرگرم ڪارڪن هو. مسٽر جناح، سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ ساڻس گڏ هر ڪنهن سياسي جلسي ۾ شرڪت ڪندو هو ۽ جانفشانيءَ سان پنهنجا فرائض ادا ڪندو رهندو هو.

انهيءَ سال يعني 1902ع ۾ آل انڊيا ڪانگريس جو ساليانو اجلاس ڪلڪتي ۾ ٿيو، جنهن جو صدر دادا ڀائي نوروز جي چونڊيو ويو. انهيءَ اجلاس ۾ جناح صاحب شاندار تقرير ڪئي، جنهن کي ٻڌي جهونن ڪانگريسي اڳواڻن جا ڏند چپن سان لڳي ويا!

مسٽر جناح جي زندگيءَ جو چڱو حصو ڪانگريس جي خدمت ۾ گذريو. سندس خدمت ۽ نيڪ صلاح جو اعتراف ڪندي، ڪانگريس جا ابا هن کي ”جوشيلو ڪانگريسي“  ڪوٺيندا هئا.

سال 1914ع ۾، جڏهين انڊيا ڪائونسل جي بيقاعدگي حد کان وڌي ويئي ۽ هوءَ هندستان جي اندروني معاملن ۾ وڌيڪ دخل ڏيڻ لڳي، ته ڪائونسل جي خلاف ملڪ ۾ ڪانگريس آواز اٿاريو، ليڪن حڪومت تي ڪو اثر ڪين ٿيو.

سال 1914ع تي انڊيا ڪائونسل جي اصلاح لاءِ ڪانگريس هڪ وفد انگلينڊ ڏانهن موڪليو هو. مسٽر جناح به انهيءَ وفد جو ميمبر ٿي ولايت ويو ۽ اتي وڃي هندستان جي معاملن متعلق جيڪي تقريرون ڪيائين، تن جو انگلينڊ جي ماڻهن تي ڏاڍو اثر پيو. لنڊن جي مشهور روزاني اخبار ”ٽائيمس“، سندس تقريرون خاص طور شايع ڪندي هئي.

شادي ڪرڻ:

مسٽر جناح اڃا جڏهين 19 ورهين جو هو، ۽ لنڊن ۾ بئريسٽريءَ جي تياري ڪندو هو، تڏهن هڪ وئڪيشن ۾ ڪراچيءَ اچڻ تي، سندس شادي خاندان جي هڪ ڇوڪريءَ سان ٿي. پر اها ڇوڪري جلد ئي ڪالرا جي بيماريءَ ڪري وفات ڪري ويئي. هن جي وفات وقت جناح صاحب انگلينڊ ۾ هو.

اپريل 1918ع ۾ سندس ٻي شادي، بمبئيءَ جي هڪ مالدار ۽ معزز پارسي، سرڊينشا مانڪجي پيٽٽ جي صاحبزاديءَ، مس رتن ٻائيءَ، سان ٿي. ان مان کيس هڪ ڌيءَ ڄائي، جا اڃا ننڍڙي هئي ته ماڻس سال 1929ع ۾ وفات ڪري ويئي. جنهن ڪري ٻار جي پرداخت سندس ناني، ليڊي دين پائي، ڪرڻ لڳي. اها معزز پارسي عورت سرجمشيد جي جيجي ڀائيءَ جي ڌيءَ هئي. جناح صاحب وري ٻي شادي ڪانه ڪئي. سندس اها صاحبزادي موجوده مسز نوئل واديا آهي. ان جو خاندان هڪ پارسي واپاري ۽ زميندار آهي.

مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿيڻ:

مسٽر جناح 1910ع ۾ ناگپور واري مسلم ليگ جي سالياني  اجلاس ۾، خاص دعوت تي، تقرير ڪرڻ لاءِ آيو، پر ليگ جي ميمبري قبول ڪين ڪيائين. ليڪن 1913ع ۾ جڏهين جناح صاحب لنڊن ۾ هو، تڏهين رئيس الاحرار مولانا محمد علي ۽ سيد وزير حسن، جي مسلم ليگ جي سلسلي ۾ لنڊن ويل هئا، کيس اتي مسلم ليگ جو باقاعدي ميمبر بنايو.

سال 1916ع ۾ هن صاحب مسلم ليگ جي لکنو واري سالياني اجلاس جي صدارت فرمائي. هيءُ اهو اجلاس هو، جنهن ۾ ڪانگريس مسلم ليگ کي مسلمانن جي نمائنده جماعت مڃيو ۽ مسٽر جناح سان هڪ معاهدو ڪيو جو ”ميثاق لکنو“ جي نالي سان مشهور آهي.

هوم رول ليگ:

ساڳئي سال، 1916ع، مائي ايني بيسنت مرحومه ”هوم رول ليگ“ برپا ڪئي هئي. ٻئي سال مائي بيسنت کي سرڪار نظر بند ڪيو. دادا ڀائي نوروزجي به انهيءَ سال وفات ڪئي. سال 1917ع واري رشيا جي انقلاب ڪري يورپ جي مهاڀاري لڙائيءَ (1914-1918ع) تي وڏو اثر پيو، جنهنڪري هندستان جو سياسي مسئلو بيحد پيچيدو ٿيندو ويو.

سال 1917ع ۾، مسٽر جناح، انگريز حڪومت کي صاف چيو ته ”جيڪڏهن سرڪار ملڪ جو بچاءُ چاهي ٿي، ته کيس کپي ته هندستانين تي پورو پورو اعتبار رکي.“

انهيءَ ئي سال انگلينڊ جي پارليامينٽ اهو اعلان ڪيو ته هندستانين کي حڪومت جي اندروني ڪاروبار ۾ خاص اختياريون ڏنيون وڃن. مسٽر جناح ”هوم رول ليگ“ ۾ شرڪت ڪئي هئي، سو پارليامينٽ جي انهيءَ اعلان کي پسند ڪيائين. ڊسمبر 1917ع جي مسلم ليگ جي ڪلڪتي واري اجلاس ۾، هن صاحب پنهنجي تقرير ۾ انڊيا ڪائونسل ۾ مسلمانن جي خاص نمائندگيءَ تي زور ڏنو، جنهن تان انهيءَ وقت جي بمبئيءَ جي گورنر (پوءِ وائسراءِ هند) لارڊ ولنگٽن ۽ مسٽر جناح جي وچ ۾ مخالفت پيدا ٿي پيئي. ايتريقدر، جو ”بمبئي جنگي ڪانفرنس“ اڳيان، مسٽر جناح جو انهيءَ سلسلي ۾ آندل ٺهراءُ، لارڊ ولنگٽن بيقاعدي ٺهرائي ڇڏيو. گورنر چاهيو ٿي ته هندستان جا سڀ اڳواڻ مهاڀاري لڙائيءَ ۾، سواءِ ڪنهن سياسي حق طلبيءَ جي، انگريز سرڪار جي گڏيل مدد ڪن. مسٽر جناح، لارڊ ولنگٽن جي انهيءَ بيواجبي گُهر جو همت سان مقابلو ڪيو. سندس اهڙي جرئت سببان، بمبئيءَ جي سڀني فرقن جي ماڻهن، سندس نالي تي ”جناح يادگار هال“ ٺهرايو.

ڪانگريس کان علحدگي:

تاريخ 11 آڪٽوبر، 1918ع تي، پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جو صلح ٿيو. انهيءَ ئي وقت هڪ طرف مولانا شوڪت علي مرحوم ۽ سندس ننڍي ڀاءُ مولانا محمد علي مرحوم، خلافت تحريڪ هلائي، ته ٻئي پاسي وري مهاتما گانڌيءَ قطع تعلقات جي هلچل چالو ڪئي. مگر جناح صاحب الڳ رهيو.

سال 1923ع ڌاري هو مرڪزي اسيمبليءَ ۾، آزاد اميدوار جي حيثيت سان چونڊجي ويو.

سال 1920ع ۾، ڪانگريس جي ناگپور واري اجلاس ۾ هن پنهنجي اصولي اختلافن جي ڪري، ڪانگريس کان علحدگي اختيار ڪئي.

جڏهن ”ترڪ موالات“ ۽ ”سول نافرمانيءَ“ جو سيلاب بند ٿيو، ۽ ’شڌيءَ‘ ۽ ’سنگهٺن‘ جي تحريڪن سببان ملڪ ۾ هندو مسلم فساد ٿيڻ لڳا، تڏهن هن صاحب هندو- مسلم اتحاد جي لاءِ بيحد ڪوششون ڪيون. سال 1924ع کان 1929ع تائين سخت جانفشانيءَ جي باوجود به هو پنهنجين انهن ڪوششن ۾ ڪامياب ڪين ٿيو.

سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان صوبن لاءِ سڌارا:

سال 1926ع ۾ هن صاحب اتر- اولهه صوبي سرحد جي سڌارڻ لاءِ هلچل چالو ڪئي. پر پنڊٽ موتي لعل نهرو، پنڊت مدن موهن مالويه ۽ ٻين ڪانگريسي اڳواڻن سندس تحريڪ جي مخالفت ڪئي. سال 1928ع ۾ هن صاحب وري هندن ۽ مسلمانن کي ڪٺي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، انهيءَ لاءِ ته ٻنهي قومن جي طرفان انگريز سرڪار کان گُهر ڪجي ته هندستان کي بيٺڪي حڪومت ڏني وڃي. انهيءَ سلسلي ۾ هڪ ڪانفرنس ڪلڪتي ۾ ڪوٺائي ويئي، مگر ڪو به نتيجو ڪونه نڪتو. ڇو جو ڪانگريسي اڳواڻن سرحد ۽ بلوچستان صوبن جي سڌارن، ۽ سنڌ کي بمبئي علائقي کان الڳ ڪرڻ جي سوال تي مخالفت ڪئي.

سال 1928ع ۾، انگلينڊ جي پارليامينٽ، سر جان سائمن جي اڳواڻيءَ هيٺ هڪ ڪميشن مقرر ڪئي، ته جاچ ڪري ته هندستان جي حڪومت جي سرشتي ۾ ڪهڙي بدل سدل ڪجي. ان ڪميشن جا ست ميمبر هئا، جي سڀيئي انگريز هئا. هندستانين جڏهين ڏٺو ته انهيءَ ڪميشن ۾ ڪوبه هندستاني ميمبر ڪونه آهي، تڏهين ڪيترن هندستاني اڳواڻن سائمن ڪميشن جو بهشڪار ڪيو. مسٽر جناح به ڪميشن جو سخت مخالف هو. هن ڪميشن جي بائيڪاٽ ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي هنڌن تي جلسا سڏايا ۽ تقريرون ڪيون ۽ کليل لفظن ۾ عام ماڻهن اڳيان ظاهر ڪيو، ته انهيءَ ڪميشن مان هندستانين کي ڪوبه فائدو ڪونه پهچندو. تاريخ 3 فيبروري 1928ع تي ڪميشن جا ميمبر جيئن بمبئيءَ جي بندر تي پهتا، تيئن عام ماڻهن ڪارين جهنڊين سان سندن استقبال ڪيو. مگر اتي مسلم ليگ جي هڪ پارٽيءَ سر محمد شفيع جي رهبريءَ هيٺ، سائمن ڪميشن سان ملي ڪم ڪرڻ تي آمادگي ڏيکاري، جنهن تي مسٽر جناح ناراض ٿي، انگلينڊ ڏانهن روانو ٿي ويو.

آڪٽوبر 1928ع ڌاري، جناح صاحب انگلينڊ مان موٽي آيو. ڊسمبر 1928ع ۾،  ”آل پارٽيز، ڪانفرنس“ ڪلڪتي ۾ ڪَٺي ٿي. مسٽر جناح به انهيءَ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، پر جيڪي گُهرون هن صاحب مسلم ليگ طرفان پيش ڪيون، سي ڪانفرنس قبول ڪين ڪيون، جنهن تي هو ڪانفرنس مان اُٿي هليو ويو.

ڪلڪتي جي آل پارٽيز ڪانفرنس جي ڪن پاس ٿيلن ٺهرائن سان سخت اختلاف هئڻ ڪري، هن صاحب ڊسمبر 1929ع ڌاري، دهليءَ ۾، مسلم ليگ جي اجلاس اندر صدارتي خطبي ۾ پنهنجون جلد 14 طلبون پيش ڪيون. اهي طلبون سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگي، صوبي سرحد ۽ بلوچستان لاءِ سڌارا، ۽ مسلمانن کي صوبي ۽ مرڪز جي ڪائونسلن ۽ سرڪاري ملازمتن ۾ خاص حقن ملڻ متعلق هيون. هن صاحب ڪانگريس کي صاف چئي ڏنو، ته هُو جيڪڏهن هندستان جي آئيندي جوڙجڪ ۾ مسلمانن جي مدد چاهي ٿي، ته کيس اهي طلبون قبول ڪرڻيون پونديون.

گول ميز ڪانفرنسون:

سال 1929ع ۾، مسٽر جناح انگلينڊ جي وڏي وزير، مسٽر ريمسي مئڪڊونالڊ، کي هڪ خط لکيو، جنهن ۾ هن زور ڏنو ته حڪومت برطانيا هندستان کي خود اختياري واريءَ حڪومت ڏئي. انهيءَ ڪري سال 1930ع ۾ برطانيا جي حڪومت هندن، مسلمانن ۽ ٻين قومن جي نمائندن جي انهيءَ مطلب تي انگلينڊ ڏانهن گهرايو، ته جيئن هو سڀ گڏ ٿي، هندستان جي لاءِ اهڙي نئين تجويز تيار ڪن، جنهن مان سڀئي راضي رهن ۽ ڪنهن به فرقي جي حق تلفي نه ٿئي. مسٽر جناح انهيءَ ”گول ميز ڪانفرنس“ ۾، مسلمانن جي نمائندي جي حيثيت سان شريڪ ٿيوهو. سنڌ مان مرحوم شيخ غلام حسين هدايت الله ۽ سر شاهنواز ڀٽو انهيءَ ڪانفرنس ۾ عيوضي ٿي ويا هئا.

ڪانفرنس جو صدر، انگلينڊ جو وڏو وزير، مسٽر مئڪڊونالڊ آنجهاني هو. انهيءَ گول ميز ڪانفرنس ۾ هندن ۽ مسلمانن جو پاڻ ۾ اتفاق ٿي ڪين سگهيو، جنهن ڪري ڪانفرنس ناڪام ٿي ۽ سڀ اڳواڻ مايوس ٿي، واپس هندستان موٽي آيا.

مسٽر جناح انهيءَ نااتفاقيءَ جي صدمي ڪري هندستان واپس ڪين آيو ۽ اتي انگلينڊ ۾ رهائش اختيار ڪري، پروي ڪائونسل ۾ وڪالت شروع ڪيائين.

وري ٻي گول ميز ڪانفرنس، سال 1931ع ۾، مسٽر مئڪڊونالڊ جي صدارت هيٺ لنڊن ۾ ٿي، پر اها به ڪامياب ڪين ٿي. جنهن تي مئڪڊونالڊ هندستان جي مختلف فرقن جي وچ ۾ اختلاف ۽ ناراضگي وڌندي ڏسي، مسلمانن ۽ هندن کي ڌار، ۽ اڇوتن کي الڳ عيوضين چونڊڻ جو حق ڏنو، جنهن کي ’فرقيوارانه چونڊن جو فيصلو‘ (Communal Award) چيو وڃي ٿو. اهو فيصلو سال 1931ع ۾ ڏنو ويو.

مسلم ليگ، مسٽر جناح جي رهنمائيءَ ۾ انهيءَ فيصلي کي قبول ڪيو، مگر هندن انهيءَ تي سخت نڪته چيني ڪئي. انهيءَ ئي سال وري ٽين گول ميز ڪانفرنس لنڊن ۾ ٿي. انهن پوين ٻنهي ڪانفرنس ۾ به مسٽر جناح شريڪ ٿيو.

مسلم ليگ جي اڳواڻي:

لنڊن جي گول ميز ڪانفرنسن کانپوءِ، ڪانگريس کي تنگ نظر جماعت سمجهي، مسٽر جناح کانئس الڳ رهڻ لڳو ۽ جڏهن ڪانگريس کان بلڪل مايوس ٿيو، تڏهن سندس پوري همدردي ۽ توجهه مسلم ليگ ڏانهن ٿي پيو.

مولانا محمد علي جي اوچتي موت سببان گڏيل هندستان بلڪل خالي ٿي پيو. مسلمانن جي رهبريءَ ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪوئي نه رهيو، ۽ ڪا به اهڙي هستي نظر نٿي آئي، جا هندستان جي مسلمانن جي صحيح رهنمائي ڪري سگهي. ڊسمبر 1933ع ۾ هندستان جي مسلمانن جي اعليٰ اڳواڻن جي هڪ ڪانفرنس ڪَٺي ٿي، جنهن ۾ اتفاق راءِ سان اهو فيصلو ٿيو ته مسلم ليگ کي نئين سر قائم ڪيو وڃي ۽ مسٽر محمد علي جناح کي دعوت ڏني وڃي ته هو مسلم ليگ جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ وٺي. اهڙو اطلاع ان کي انگلينڊ ڏانهن تار رستي موڪليو ويو.

مسٽر جناح هندستان جي مسلمانن جي فيصلي تي لبيڪ چوندي هندستان هليو آهي، ۽ تن من ۽ ڌن سان مسلمانن جي خدمت ۾ لڳي ويو.

تاريخ 14 مارچ 1934ع ڌاري، نئين دهليءَ ۾ مسلم ليگ جي سالياني ميڙ جي صدارت ڪيائين. مسلم ليگ ۾ جيڪي به اندروني اختلاف هئا، سي سڀ سندس اچڻ تي يڪدم ختم ٿي ويا ۽ سڀيئي کيس پنهنجو رهبر ۽ قائد تسليم ڪرڻ لڳا.

پاڪستان جو ٺهراءُ:

آڪٽوبر 1937ع تي، لکنوءَ ۾، مسٽر جناح جي صدارت هيٺ، مسلم ليگ جو ساليانو اجلاس ٿيو، جتي مسلم ليگ جي آئيندي پاليسي مرتب ڪرڻ لاءِ ٺهراءَ آيل هئا، مسٽر جناح ڪانگرس کي دعوت ڏني ته اتي اچي ملڪي، سياسي، مالي، تعليمي، ادبي ۽ سماجي مسئلن تي مسلم ليگ سان ڳالهيون هلائي، پر ڪانگريس دعوت ڪين قبول ڪئي.


* سنڌ مدرستھ الاسلام، ڪراچيءَ جي رجسٽر تي هن جي پيدائش جي تاريخ 28 آڪٽوبر 1875ع ۽ جنم جي جاءِ ”وزير مينشن“ ڪراچي ڄاڻايل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com