مترجم: ع. ق. شيخ
(چيني لوڪ- ڪهاڻي)
سج
ڏانهن مسافري
ڪو زمانو هو جو چوئنگ قوم جي ملڪ ۾ سج اڀرندو ئي
ڪونه هو. اتي نڪا هئي اس ۽ نڪا هئي گرمي. سارو سال
ٻُٽ اونداهي لڳي پئي هوندي هئي. بس اک نه ڏسي گوڏي
کي. هميشھ اونداهه ۽ انڌوڪار لڳو پيو هو. ملڪ ۾
شينهن، چيتا، بگهڙ ۽ نانگ بلائون پيا ڦيريون ڏيندا
هئا. ماڻهن سان جنسي آزار هوندو هو.
ماڻهن کي اها ته خبر هئي ته آسمان ۾ سج آهي ۽ اهو
اوڀر مان اڀري، اولهه ڏانهن لهندو آهي. اهو سج
ڌرتيءَ تي رهندڙ ساهوارن لاءِ نهايت ڪمائتو آهي.
پر هتي جا ماڻهو سج جي روشنيءَ ۽ گرميءَ لاءِ پيا
سڪندا هئا. نيٺ هڪڙي دفعي چوئنگ قوم جا سڀيئي مرد
۽ زالون هڪڙي هنڌ گڏ ٿيا. گهڻي خيال ۽ ويچار
کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ڇو نه سج ڏانهن ڪو
پنهنجو ماڻهو موڪلجي، جو وڃي کانئس ئي ڪا مدد وٺي
اچي.
انهيءَ فيصلي ماڻهن ۾ ڏاڍو چاهه جاڳايو، ايتريقدر
جو هر ڪنهن جي اها مرضي ٿي ته آءُ سج ڏانهن وڃان.
ڳالهه ئي ڀلا اهڙي هئي. سڀني ۾ ڏاڍو جوش ۽ خروش
هو. گڏ ٿيل ماڻهن مان، هڪڙي سٺ ورهين جي پوڙهي اٿي
چيو، ”سج ڏانهن آءُ ويندس. مون دنيا ڏٺي وائٺي
آهي. سڀ مزا ماڻيا اٿم. مون کي وجهه ڏيو ته
پڇاڙيءَ ۾ اهو نيڪيءَ جو ڪم آئون ڪريان. مون کان
ته ٻيو ڪم هاڻي ٿئي به نٿو. پر آءُ پنڌ ڪري
سگهندس. آءُ اها مسافري بيشڪ ڪري سگهندس....“
اڃا مٿين ڳالهه پوري مس ٿي هئي ته هڪڙو ڪرڙوڍ جوان
ميڙ مان نڪري آيو ۽ چوڻ لڳو، ”پير مرد تون سج
تائين پهچي ڪين سگهندين. آءُ تو کان ننڍو ۽ وڌيڪ
تندرست آهيان. آءُ يڪ ساهيءَ ڪوهن جا ڪوهه پنڌ ڪري
سگهان ٿو. آءُ توکان جلد سج تائين پهچي سگهندس.“
هن ماڻهوءَ کان پوءِ ڪيترائي ننڍا نيٽا نوجوان،
زالون ۽ مرد اٿي بيٺا ۽ هرڪو اها هام پيو هڻي ۽
آزي نيزاري ڪري ته کيس ئي اجازت ڏني وڃي، ڇاڪاڻ ته
هو ئي انهيءَ مسافريءَ جي لائق آهي ۽ هو ئي ٻين
کان اڳواٽ ٿوري وقت ۾ سج تائين پهچي وري واپس موٽي
سگهندو. هر ڪنهن جي ڳالهائڻ ڪري گوڙ ويو وڌندو ۽
فيصلو ويو پري پوندو....
انهيءَ کانپوءِ هڪڙو ڏهن ورهين جو ٻار اٿي زور زور
سان رڙيون ڪرڻ لڳو. هن چوڻ شروع ڪيو ”منهنجي خيال
۾ اوهان مان ڪوبه سفر ڪرڻ جي لائق ڪونهي. اوهان
سڀيئي اها ڳالهه وساري ويٺا آهيو، ته سج اسان کان
ڪيترو پري ۽ بنهه پري آهي! سج تائين پهچڻ ۾ چاليهه
۽ پنجاهه سال به گهٽ آهن. سج تائين پهچڻ ۾ شايد
نوي (90) ورهيه لڳي وڃن، تنهن ڪري اها مسافري آءُ
ئي ڪري سگهندس. مون کي ڇڏيو. مون کي خوشيءَ سان
اجازت ڏيو، ته آءُ انهيءَ مسافريءَ تي وڃان....“
ڇوڪري اڃا ڳالهائڻ پئي چاهيو، ته ماڻهن ۾ گرما گرم
بحث شروع ٿي ويو. هر ڪو پنهنجو خيال ظاهر ڪرڻ لڳو:
”جيڪو هيءُ ڇوڪر چوي ٿو سو سراسر سچ آهي.“
”هيءُ ڇوڪرو تندرست ۽ طاقتور آهي.“
هن کي اجازت ڏجي ته ڀل مسافريءَ تي روانو ٿئي.“
”هيءُ ته تمام عقل وارو ڇوڪرو آهي.“
پوءِ هڪ ويهن ورهين جي زال جيڪا پيٽ سان هئي، سا
اٿي بيٺي. هن جو نالو ”ماليهه“ هو. هن ٻئي هٿ مٿي
کڻي سڀني کي ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. ”سڀئي صبر
ڪريو، سڀيئي ماٺ ڪريو“ هن وڏي واڪي رڙ ڪئي ۽ سڀئي
خاموش ٿي ڏانهنس نهارڻ لڳا.
هوءَ چوڻ لڳي ته ”ڇوڪري سچ ڳالهايو آهي. سج اسان
کان تمام گهڻو پري آهي. آءُ سمجهان ٿي ته سج تائين
نوي (90) ورهين ۾ به پهچي ڪونه سگهبو. تنهن ڪري
ڇوڪري کي اجازت ڏيڻ بدران مون کي ڇڏيو وڃي، ته
انهيءَ مسافريءَ تي آءُ وڃان. آءُ مسافري تي وڃان،
ان لاءِ هيٺان سبب آهن. آءُ بهادر آهيان. مون کي
جهنگلي جانورن، نانگن، بلائن، رڻ پٽ ۽ جبلن وغيره
کان ڪوبه ڊپ ڪونه ٿيندو آهي. آءُ مسافريءَ جي هر
مشڪلات کي منهن ڏيئي سگهان ٿي. وڏي ڳالهه اها آهي
ته آءُ پيٽ سان پڻ آهيان. جيڪڏهن اتفاق سان آءُ
پنهنجي ارادي ۾ ناڪام به ٿيان ۽ سج تائين پهچي نه
به سگهان، ته منهنجو ٻار جيڪو مون کي پيٽ ۾ آهي،
سو ته ضرور سج تائين پهچي سگهندو. انهيءَ ڪري مون
کان وڌيڪ مسافريءَ جو ڪوبه حقدار ٿي نٿو سگهي.
اها ڳالهه ٻڌي چوڌاري واهه، واهه پئجي ويئي. سڀني
وٺي خوشيءَ وچان تاڙيون وڄايون. نيٺ سڀني گڏجي
فيصلو اهو ڪيو، ته ڀلي اها سدوري مائي ماليهه سج
ڏانهن وڃي. کيس اها هدايت ڪئي ويئي، ته جڏهين هوءَ
سج وٽ پهچي، ته اتي پهچڻ شرط باهه جو وڏو مچ ٻاري،
جيئن سندس ملڪ جي ماڻهن کي سندس اتي پهچڻ جي اڳواٽ
خبر پئجي سگهي.
هن همٿ اوري مائيءَ اوڀر طرف پنهنجي مسافري شروع
ڪئي. هوءَ اڳتي وڌندي رهي ۽ پنڌ ڪندي ويئي. اٺن
نون مهينن کانپوءِ هن کي هڪڙو سدا ملوڪ ۽ سهڻو پٽ
ڄائو. هوءَ ٻار سميت اڳتي پنڌ ڪندي رهي. ائين
هلندي هلندي جڏهين ستر ورهيه گذري ويا، ته هوءَ
پوڙهي ٿي ويئي ۽ هلڻ کان هلاک ۽ پنڌ ڪرڻ کان لاچار
ٿي پيئي. پوءِ ته هوءَ هڪ نيڪ دل هاريءَ جي
جهوپڙيءَ ۾ ترسي پئي ۽ پٽ کي همٿائي ۽ هدايتون
ڏيئي اڳتي روانو ڪيو.
گذريل ستر ورهين ۾ ماءُ ۽ پٽ هزارين جبلن تان
چڙهيا، هزارين ندين مان اڪريا ۽ هزارين نانگن
بلائن ۽ جهنگلي جانورن سان اٽڪيا. هنن هزارين سور
۽ سختيون ڏٺيون ۽ سٺيون. هنن ڪيترائي ڀيرا پنهنجي
جان جوکي ۾ وڌي. هو سڀني آزمائشن مان سلامتيءَ سان
نڪري اڳتي هلندا پي ويا. ڇاجي ڪري جو هو ٻئي بهادر
۽ باهمت انسان هئا. ٻنهي جي دل ۾ پنهنجي ملڪ جي
ماڻهن لاءِ محبت هئي. هنن کي تجربو ٿي ويو هو ته
جبلن تان ڪيئن چڙهجي، جهنگلي جانورن ۽ نانگن بلائن
کي ڪيئن منهن ڏجي.
رستي تي ماليهه ۽ ان جي پٽ سان ڪيترن ماڻهن جي
ملاقات ٿي، جنهن کي به خبر ٿي پئي ته هي ٻئي هڪ
نيڪ ارادي سان سج ڏانهن پيا وڃن، تڏهن ڪيترن ئي
انسانن هنن جي مرحبا ڪئي، کين هر ڪنهن قسم جي
سهولتون ڏنائون ۽ مددون ڪيائون. هو جتي ڀليا ٿي
اتي کين رستو ٿي ڏيکاريائون. جتي سمنڊ هو ته کين
جهازن ۾ چاڙهي اڳتي ٿي پهچايائون. انهيءَ همدرديءَ
کانسواءِ کين ماني ٽڪي پئي ڏنائون.
پرپٺيان هنن جي ملڪ ۽ ماڻهن جو ڪهڙو حال هو؟
ماليهه جي نڪرڻ کان پوءِ هو هر روز صبح جو اٿي
ٻاهر نڪري، اوڀر طرف نهاريندا هئا ته متان ڪٿي
باهه ٻرندي ڏسڻ ۾ اچي. ائين سال ويا گذرندا. پر
اها باهه جيڪا ماليهه کي ٻارڻي هئي، تنهنجو نڪو هو
نالو ۽ نڪو هو نشان. اتي ماڻهن جي زندگي ساڳئي ئي
نموني تي گذري رهي هئي. نڪا هئي سج جي روشني نڪا
گرمي. هر ڪنهن هنڌ شينهن، چيتا، بگهڙ ۽ نانگ
بلائون پئي ڦريا. ماڻهن ۽ اتي جي رهاڪن ائين
سمجهيو ته ماليهه ۽ سندس ٻار سج تائين پهچي ڪين
سگهيا آهن. هو شايد ٻئي مري ۽ کپي ويا آهن. هر
ڪنهن سندن آسرو لاهي ڇڏيو.
نوانوي (99) ورهين جي آخري ڏينهن تي چوئنگ ملڪ جي
مايوس ماڻهن اوڀر طرف هڪ وڏو باهه جو مچ ٻرندو
ڏٺو. انهيءَ باهه آسمان جو رنگ ڦيرائي ڳاڙهي رت
جهڙو ڪري ڇڏيو هو. چوئنگ قوم جو عيوضي سج تائين
پهچي چڪو هو. ٿوري ئي وقت کانپوءِ اتان چمڪندڙ سج
اڀريو ۽ ان جا سونهري ڪرڻا ماليهه جي ملڪ تي
چوڌاري پکڙجي ويا. اتي جي ماڻهن خوشيون ۽ شادناما
ڪيا. شينهن، چيتا، بگهڙ ۽ نانگ بلائون توڙي ٻيون
آفتون جيڪي ماڻهن کي تڪليف ۽ ايذاءُ رسائينديون
هيون، تن جو هميشھ لاءِ خاتمو ٿي ويو.
انهيءَ ڏينهن کان ويندي اڄ ڏينهن تائين چوئنگ قوم
جي ملڪ تي باقاعدي سج اڀرندو آهي. هن ملڪ جا ماڻهو
سج لٿي ڪم تان موٽي گهر ايندا. پر انهن ٻنهي وقتن
تي ماليهه ۽ سندس ٻار جي ساراهه ۾ گڏجي گيت
ڳائيندا آهن.
ادارو
ٻارن جو هفتو
ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد تان، هر هفتي، آچر ڏينهن
صبح جو، ”ٻارڙن جي ٻاري“ نالي سان، ٻارن لاءِ هڪ
پروگرام نشر ڪيو ويندو آهي. ان پروگرام ۾ معلوماتي
تقريرون، تاريخي ڳالهيون، نصيحت آموز ناٽڪ آکاڻيون
۽ دلچسپ گيت وغيره، پيش ڪيا ويندا آهن. اهو
پروگرام ٻارن کي گهڻو پسند آهي. حيدرآباد شهر جا
ته ڪيترائي ٻار آچر ڏينهن ريڊيو اسٽيشن تي اچي ان
پروگرام ۾ شريڪ ٿيندا آهن، پر ٻاهرين شهرن جا ٻار
به خط پٽ وسيلي، ان پروگرام ۾ حصو وٺندا آهن.
حيدرآباد شهر جا ٻار، ريڊيو اسٽيشن جي اسٽوڊيو ۾
ريڊيو پروگرام ۾ ٻارن جي دلچسپي ڏسي، ريڊيو
پاڪستان حيدرآباد وارن فيصلو ڪيو ته ٻارن جو هڪ
خاص هفتو ملهائجي، جنهن ۾ ٻارن لاءِ دلچسپ پروگرام
پيش ڪيا وڃن. انهيءَ فيصلي موجب، 22 کان 28 نومبر
1964ع تائين، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ”ٻارن جو
هفتو“ ملهايو، جنهن ۾ جملي ڇهه پروگرام –ٽي اردو ۽
ٽي سنڌي پيش ڪيا ويا. سنڌي پروگرام 22، 25 ۽ 27
نومبر 1964ع تي پيش ٿيا.
تقريرن جي چٽاڀيٽيءَ ۾ هڪ ٻار تقرير ڪري رهيو آهي
پهرئين سنڌي پروگرام ۾ ٻارن جي تقريرن جي چٽا ڀيٽي
رکي ويئي هئي. تقريرن جو عنوان هو ”ٻارن لاءِ
رانديون ضروري نه آهن.“ انهيءَ پروگرام لاءِ، 23
نومبر تي، شام جو، حيدرآباد شهر جي مختلف اسڪولن
جا ٻار، سهڻا ويس وڳا پائي، پنهنجن ماسترن ۽
ماسترياڻين سان گڏجي ريڊيو اسٽيشن تي آيا. ريڊيي
وارن حيدرآباد ڊويزن جي اسڪولن جي انسپيڪٽر جناب
رحيم بخش ميمڻ کي ان ڏينهن جو خاص مهمان ڪري
گهرايو هو ۽ ٻارن جي تقريرن جي چٽاڀيٽيءَ ۾ بهترين
تقريرون ڪندڙ ٻارن کي انعام ڏيڻ جو فيصلو ڪرڻ لاءِ
ٽي جج مقرر ڪيا هئا، جي هئا: 1-ع. ق. شيخ صاحب،
ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد جو ڊرائنگ ٽيچر،
2- الله بخش نظاماڻي صاحب، نورمحمد هاءِ اسڪول
حيدرآباد جو پرنسپال ۽ 3- بيگم آمنه خميساڻي
صاحبه، سچل گرلس ڪاليج حيدرآباد. |