بورچيءَ جو مٿو ٻيڙيءَ جي ڪناري تي هو. هو بي
ڌيانائيءَ سان پاڻيءَ ڏانهن نهاري رهيو هو. حقيقت
۾ هن جي دماغ ۾ انهيءَ وقت ٻيا نظارا ڦري رهيا
هئا. آخر هن سوچي سوچي اوچتو چيو: ”بِلي توکي حلوو
وڻندو آهي؟“
(5)
”حلوو! هي حلوي کائڻ جو وقت آهي؟ خدا جي واسطي
اهڙين شين جو نالو نه وٺ.“ بلي ۽ خاطوءَ چِڙَ مان
ٿيندي چيو.
”مان هينئر حلوي بابت سوچي رهيو هوس.“ بورچيءَ
جواب ڏنو.
ٻيڙيءَ جي پوئين حصي ۾ ٻه ماڻهو هڪٻئي کي چنبڙيا
ليٽيا پيا هئا. انهيءَ ڳالهه جو اندازو هيئن لڳائي
سگهجي ٿو ته آئيلر کي جڏهن پنهنجا پير ڪوسا ڪرڻا
هوندا هئا، ته انهن کي ڊگهيري ڇڏيندو هو. اهڙيءَ
طرح هن جا پير هن جي ٻين ساٿين جي جسم جي هيٺان
اچي ويندا هئا ۽ انهن جي جسم مان گرمي حاصل ڪندا
هئا.هن جا پير سندس دوستن جي هيٺان لنگهي، ڪپتان
جي پيرن تائين پهچي ويندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ٻيڙي
هلائڻ واري جي انتها ڪوشش جي باوجود ڪا لهر ٻيڙيءَ
۾ ڌوڪي ايندي هئي. برف جهڙو پاڻي ستلن کي ڀڄائي
ڏڪائي ڇڏيندو هو. هو بيچينيءَ سان ڪر موڙيندا،
ڪِنجهندا وري گهريءَ ننڊ ۾ سمهي پوندا هئا ۽
ٻيڙيءَ جو پاڻي سندن چوڌاري ڇلڪندو رهندو هو.
خاطوءَ ۽ آئيلر جو پاڻ ۾ فيصلو ٿيل هو ته هو واري
واري سان ٻيڙي هلائين. هنن مان هر ڪو تيستائين
ڊيوٽي ڏيندو رهندو هو. جيستائين بلڪل بيسَتو نه ٿي
ويندو هو. انهيءَ کانپوءِ هو ٻئي ڄڻي کي اٿاريندو
هو.
آئيلر ايستائين ٻيڙي هلائيندو رهيو، جيستائين هن
جون اکيون ننڊ سان ڀرجي نه ويون. انهيءَ کانپوءِ
هن ٻيڙيءَ جي تري مان هڪڙي ماڻهوءَ کي لوڏيو ۽
چيو: ”هاڻي تون ٿوريءَ دير لاءِ اچ.“
”هائو، هاڻي تون ڪجهه آرام ڪر.“ خاطوءَ جاڳندي
چيو. هنن وڏي خيال سان جڳهه مٽائي. آئيلر ٻيڙيءَ
جي تري ۾ بورچيءَ جي ڀرسان ڊگهو ٿي پيو ۽ هڪدم کيس
گهري ننڊ اچي ويئي. سامونڊي طوفان ۾ ڪجهه ڪمي اچي
چڪي هئي. لهرون اينديون ٿي رهيون، پر اڳئين جهڙيون
نه. هاڻي ٻيڙي هلائڻ واري جو ڪم رڳو اهو هو ته
ٻيڙيءَ کي سڌو رکي ته جيئن ٻيڙي اونڌي نه ٿئي ۽ هن
کي اهو به خيال رکڻو هو ته هو ٻيڙيءَ کي وڏين
ڇولين کان بچائي ته جيئن پاڻي ٻيڙيءَ ۾ نه اچي.
ڪاريون ڇوليون هاڻي خاموشيءَ مان اينديون ٿي
رهيون، تنهن ڪري انهن کي ڏسڻ مشڪل هو. ڪڏهن ڪڏهن
ته ٻيڙي هلائڻ وارو انهن کي تڏهن ئي ڏسندو هو،
جڏهن انهن جو پاڻي ٻيڙيءَ تي چڙهي ايندو هو.
”ڪپتان صاحب، ٻيڙيءَ کي اتر طرف ڪاهي هلون.
ايڏانهن ڪجهه روشني نظر اچي رهي آهي.“
”هائو.“ ڪپتان جو آواز آيو.
خاطوءَ ٻيڙي هلائيندي هلائيندي پنهنجن ساٿين کي
ڏٺو. بورچيءَ جا هٿ آئيلر جي ڪلهي تي هئا. هن جي
ڪپڙن ۽ چهري مان بيوسي ۽ مجبوري ظاهر ٿي رهي هئي.
اها گهڙي پلڪ ڇولين ڏانهن توجهه هٽائي، ساٿين کي
ڏسڻ جي غفلت سبب هڪ وڏي لهر اچي ٻيڙيءَ ۾ داخل ٿي.
گهڻي پاڻيءَ جي ڪري بورچي ته ذري گهٽ ترڻ لڳو.
آئيلر ڇرڪي اٿيو. هو سيءَ ۾ ڏڪي رهيو هو.
”بلي، مون کي افسوس آهي.“ خاطوءَ چيو.
”ٺهيو، ذرا خيال رک.“ آئيلر چيو، ۽ وري سمهي رهيو.
انهيءَ کانپوءِ ائين معلوم ٿي رهيو هو، ته ڪپتان
به سمهي رهيو هو ۽ رڳو خاطو اڪيلو جاڳي رهيو هو.
اوچتو کيس ٻيڙيءَ جي ڀرسان هڪ تيز ۽ ڊگهي شيءِ
سرسراهٽ ڪندي معلوم ٿي ۽ نيريءَ روشنائيءَ واري ڪا
چيز ڏسڻ ۾ آئي- اها پاڻيءَ کي اهڙيءَ طرح چيري رهي
هئي، جيئن ڪو وڏو چاقو ڪنهن شيءِ کي چيري.
خاطوءَ اوٻاسي ڏيندي سمنڊ طرف ڏٺو. هن کي وري ساڳي
چيز ڏسڻ ۾ آئي. هن دفعي اها شيءِ ٻيڙيءَ جي ايترو
ويجهو هئي، جو ذري گهٽ ونجهه سان پئي لڳي. خاطوءَ
هڪ ٻيءَ وڏي شيءِ کي به تيزيءَ سان لنگهندي ڏٺو.
خاطوءَ ڦري ڪپتان کي ڏٺو، جنهن جو چهرو ڍڪيل هو.
هو ستل هو. هن پنهنجن ٻين ساٿين کي ڏٺو، جيڪي
گَهريءَ ننڊ ۾ ستل هئا، جنهن ڪري هو ڪنهن جي به
همدردي حاصل ڪري نه سگهيو.
اها شيءِ ٻيڙيءَ جي چوگرد ڦرندي رهي ۽ ٿوريءَ
ٿوريءَ دير بعد چمڪندي ڏسڻ ۾ آئي ٿي. انهيءَ جي
رفتار ۽ طاقت تمام گهڻي هئي، هوءَ پاڻيءَ کي
چيريندي وڃي رهي هئي.
انهيءَ بلا جو خاطوءَ کي ڪوبه خوف ڪونه ٿيو. البته
هو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري رهيو هو. هن گهريو ٿي
ته جيڪر هن جو ڪو ساٿي جاڳي پوي، پر هو سڀيئي
گَهريءَ ننڊ ۾ هئا.
(6)
جڏهن انسان اهو محسوس ڪندو آهي ته دنيا ۾ هن جي
ڪابه حيثيت ڪانهي ۽ هن جي تباهيءَ سان دنيا جي
ڪاروبار ۾ ڪا به ڪمي نه ايندي، ته هو ڏاڍو خفي
ٿيندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾، اڪثر ڪري، هو دنيا تي
ٺٺول ڪندو آهي.
جيتوڻيڪ انهيءَ مسئلي تي ٻيڙيءَ جي مسافرن جي وچ ۾
ڪابه گفتگو ڪانه ٿي هئي، پر حقيقت ۾ هنن انهيءَ
ڳالهه تي پنهنجي نموني دل ۾ ضرور سوچيو هوندو.
هونئن ظاهر ۾ هنن جي چهرن تي ٿڪاوٽ کان سواءِ ٻيو
ڪجهه به ڪونه هو. هنن جون ڳالهيون فقط ٻيڙيءَ
متعلق ٿينديون هيون. خاطوءَ کي ڪي شعر ياد آيا،
جيڪي سندس دل جي جذبات جي ترجماني ڪري رهيا هئا.:
”هڪ فرانسي سپاهي الجزائر جي سر زمين تي مري رهيو
هو.
”اتي ڪابه عورت ڪانه هئي، جا هن جي ملم پٽي ڪري،
يا هن جي موت تي ڳوڙها ڳاڙي، پر هن جو هڪ ساٿي
سندس ويجهو بيٺو هو.
”هن انهيءَ ساٿيءَ کي چيو: ’مان هاڻي پنهنجو وطن
وري ڏسي نه سگهندس.‘“
اهو شعر خاطوءَ ننڍي هوندي پڙهيو هو، مگر تڏهن
انهيءَ ۾ هن کي ڪابه خاص ڳالهه نظر نه آئي هئي.
هينئر کيس اهو شعر پراسرار ۽ تمام معنيٰ خيز ۽
بااثر معلوم ٿيڻ لڳو. هن ۾ ڪنهن اهڙي شاعر جي دل
جو درد نه هو، جيڪو چانهه پِي رهيو هجي ۽ شعر ٺاهي
رهيو هجي. هي شعر هينئر خاطوءَ لاءِ هڪ حقيقت بنجي
چڪو هو. ان ۾ دلڪشي ۽ رعنائي هئي ۽ زندگيءَ جي
ڪوڙاڻ پڻ.
خاطوءَ کي ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ ته مرندڙ
سپاهي هن جي اکين اڳيان آهي. هو واريءَ تي پيو
آهي. هن جا بيستَا پير سڌا ٿيا پيا آهن. هن جو زرد
زرد کاٻو هٿ هن جي سيني تي رکيل آهي، ڄڻ هو بيستي
جسم مان نڪرندڙ روح کي هٿن سان روڪڻ جي ڪوشش ڪري
رهيو آهي. هن جي آڱرين جي وچ مان رت وهي رهيو آهي.
پري، الجزائر جي ڪناري تي نيري آسمان جي نيري پردي
هيٺان، ننڍين ڇتين وارن بنگلن جو شهر آهي، جنهن تي
لهندڙ سج جا پهريان ڪرڻا پئجي رهيا آهن. خاطو ٻيڙي
هلائيندو رهيو ۽ مرندڙ سپاهيءَ جي ڏڪندڙ چپن جو
تصور ڪندي، هو ڪنهن نامعلوم خوف سبب ڏڪڻ لڳو. هن
جي دل ڀرجي آئي.
جيڪا شيءِ ٻيڙيءَ جو پيڇو ڪري رهي هئي، سا پوئتي
رهجي ويئي. هاڻي پاڻيءَ ۾ ڪنهن به شيءِ جي ترڻ جو
آواز ڪونه ٿي آيو ۽ ڪابه چيز ڏسڻ ۾ به ڪانه ٿي
آئي. اتر طرف واري روشني ٻيڙيءَ جي ويجهو ٿي رهي
هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڪناري وارين لهرن جو آواز، خاطوءَ
جي ڪنن تائين ٿي پهتو ته هو تيز تيز ٻيڙي هلائڻ ٿي
لڳو. ڏکڻ طرف ڪناري تي ڪنهن باهه ٻاري هئي. اها
باهه گهڻو پري هئي، سو آسانيءَ سان ڏسڻ ۾ نٿي آئي.
پر هن جو عڪس ڀر واري پهاڙيءَ تي پئجي رهيو هو.
تيز هوا لڳي رهي هئي. لهرون جهنگلي ٻليءَ جيان ٽپا
ڏيڻ لڳيون.
ڪپتان ٻيڙيءَ ۾ چُرپر ڪئي، ۽ سڌو ٿي ويهي رهيو:
”رات ڏاڍي ڊگهي آهي.“ هن ڪناري طرف ڏٺو ۽ خاطوءَ
کي چيو: ”حفاظتي دستي جا ماڻهو پنهنجي وقت تي
ايندا آهن.“
”توهان شارڪ مڇيءَ کي ڏٺو هو؟“ خاطوءَ ڪپتان کان
پڇيو.
”ها، ڪافي وڏي هئي.“
”جيڪر انهيءَ وقت مون کي خبر هجي ها، ته اوهان
جاڳي رهيا آهيو!“ خاطوءَ ڊگهو ساهه ڀري چيو.
انهيءَ کانپوءِ خاطوءَ ٻيڙيءَ جي تري ڏانهن
نهاريندي چيو: ”بلي، هاڻي تون وارو وٺندين؟“
”حاضر“ آئيلر چيو.
خاطو ٻيڙيءَ جي تري ۾ بورچيءَ جي پاسي ۾ ليٽي پيو.
جيتوڻيڪ هن جا ڏند کڙڪي رهيا هئا، تڏهن به هن کي
هڪدم ننڊ اچي ويئي. هن کي اهڙي گَهري ننڊ آئي، جو
جڏهن هن کي وري اٿاريو ويو ته ”هاڻي تون اچي وارو
وٺ“، تڏهن هن کي ائين محسوس ٿيو ته کيس سُتي گهڙي
کن مس گذري هئي.
”هائو،“ هو اکيون مهٽيندي اٿيو.
اتر طرف روشني غائب ٿي چڪي هئي. خاطو، ڪپتان کان
هدايتون وٺڻ لڳو. ڪپتان اڃا جاڳي رهيو هو. هن
بورچيءَ کي چيو ته ”هاڻي تون ونجهه کڻي ٻيڙيءَ جي
پٺئين حصي ۾ ويهه.“ اهڙيءَ طرح خاطوءَ ۽ آئيلر جي
جند آزاد ٿي ۽ هنن کي وري ٿورو موقعو ڏنو ويو، ته
جيئن ڪجهه آرام ڪري سگهن. هو سوڙها ٿي سمهي رهيا ۽
سرديءَ جي باوجود گَهري ءَ ننڊ ۾ پئجي ويا.
”دوستو، ٻيڙي ڪناري طرف وڃي رهي آهي. هاڻي اوهان
مان ڪو اچي.“ بورچيءَ چيو. خاطو سجاڳ ٿيو. هن
ڪناري سان لهرن جي ٽڪرجڻ جو آواز ٻڌو.
جڏهن هو ونجهه لڳائڻ لڳو ته ڪپتان هن کي وسڪي پيئڻ
لاءِ ڏني، جنهن ڪري هن جو سيءُ لهي ويو.
”بلي، بلي، هاڻي تون اچ.“
”ها، اچان ٿو.“
جڏهن خاطوءَ جون اکيون کليون ته سمنڊ ۽ آسمان تي
صبح جي سفيدي ظاهر ٿي رهي هئي. اها سفيدي آهستي
آهستي سرخ ۽ سونهري رنگ ۾ تبديل ٿيندي ويئي، تان
جو صبح ٿي ويو ۽ آسمان جو رنگ بلڪل نيرو ٿي ويو.
پري واريءَ جي دڙن تي ڪاريون ڪاريون جهوپڙيون نظر
اچڻ لڳيون. اتي ڪنهن ماڻهو، سائيڪل يا ڪنهن جانور
جو نشان به ڪونه هو. البت ڪجهه اجڙيل جهوپڙيون نظر
اچي رهيون هيون.
ٻيڙيءَ جي قيدين خشڪيءَ تي نظر وڌي. پوءِ هنن صلاح
ڪئي ته جيڪڏهن اسان کي ڪنهن جي به اچڻ جي اميد
ناهي، ته پوءِ ڇو نه پاڻ ئي ڪناري وارين لهرن جو
مقابلو ڪريون. جيڪڏهن اسين وڌيڪ انتظار ڪنداسين،
ته ايترو ڪمزور ٿي وينداسين جو ڪوبه ڪم ڪري نه
سگهنداسين. سڀني اها ڳالهه سمجهي ۽ ٻيڙي ڪناري طرف
وڃڻ لڳي. خاطو سوچڻ لڳو ته هنن جهوپڙين جا رهاڪو
سمنڊ ڏانهن نهارڻ جو قسم کڻي چڪا آهن ڇا!
”دوستو، هاڻي ٻيڙي ٻڏڻ واري آهي.“ ڪپتان چيو، ”پر
جيستائين هلي سگهندي اوستائين اسين کيس ڪاهي
هلنداسين. جڏهن ٻڏڻ لڳندي ته اسان پاڻيءَ ۾ ٽپي
پونداسين ۽ ڪناري تائين ترڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هاڻي
ڪجهه سوچ ويچار ۽ ٿڌي دماغ سان ڪم ڪريو. جيستائين
ٻيڙي ترندي رهي، تيستائين ٽپو نه ڏجو.“
آئيلر ٻيڙي هلائڻ ويٺو. ڪنڌ ڦيرائي هن ڪناري وارين
لهرن جو جائزو ورتو ۽ چيو، ”ڪپتان صاحب! مان
سمجهان ٿو ته هن وقت ٻيڙيءَ کي ڦيرائڻ چڱو آهي.
پهريائين اسان سمنڊ طرف هلون، پوءِ وري ڦري سڌا
ڪناري طرف هلون.“
”ٺيڪ آهي. ائين ئي ڪريو. ٻيڙي پوئتي ڪاهي هلو.“
ڪپتان چيو. آئيلر ٻيڙيءَ کي لوڏو ڏنو. خاطوءَ ۽
بورچي جيڪي پوئين حصي ۾ ويٺا هئا. تن ڦري ويران
ڪناري کي ڏٺو.
موجن ٻيڙيءَ کي مٿي کڻي اڇلي ڇڏيو. هنن ماڻهن
پاڻيءَ جون چادرون ڪناري طرف ترڪندي ڏٺيون.
”اسان ڪناري کي وڌيڪ ويجهو وڃي نه سگهنداسين.“
ڪپتان چيو.
”هيءَ ڳالهه ياد رکو ته جڏهن اوهان ٽڦو ڏيو ته
ٻيڙيءَ کان بلڪل پري ڏجو.“
ڪناري سان ٽڪري پوئتي موٽندڙ هڪ لهر اوچتو ئي
اوچتو سمنڊ طرف وڌي ۽ گجيءَ جو سفيد ڄار تيزيءَ
سان ٻيڙيءَ جي طرف اچڻ لڳو.
”سنڀاليو!“ ڪپتان چيو. ٻيا سڀ خاموش هئا. هنن
ڪناري تان نظرون هٽائي، ٻيڙي طرف ايندڙ گجيءَ جي
سفيد چادر ڏي ڪيون. ٻيڙي اوچائي تي چڙهي، چوٽيءَ
تي پهتي ۽ لهر جي پٺيءَ تي ترڪڻ لڳي. جيڪو پاڻي
اندر آيو، تنهن کي بورچي ٻاهر ڪڍڻ شروع ڪيو. مٿان
ٻيءَ لهر جي چوٽي اچي ٽڪري. ڇوليون هڻندڙ پاڻيءَ
ٻيڙيءَ کي سڌو ڪري ڇڏيو. هاڻي چئني طرفن کان پاڻي
اندر اچڻ لڳو. ڪمزور ٻيڙي پاڻيءَ جي وزن جو بار نه
سهي سمنڊ ۾ وڌيڪ جهڪي ويئي.
”بورچي، پاڻي ڪڍ.“ ڪپتان چيو.
”حاضر“. بورچيءَ جواب ڏنو.
”ٽين لهر سموري قصي کي ختم ڪري ڇڏيندي- سڀئي ٻڌو!
ٻيڙيءَ کان هٽي ٽپو ڏيڻ نه وسارجو.“آئيلر چيو.
ٽين لهر آئي جا خطرناڪ هئي، ۽ هڪ پهاڙ جيڏي وڏي!
سڀئي همراهه سمنڊ ۾ ٽپي پيا. رٻڙ جو هڪ ٽڪرو
ٻيڙيءَ جي تري ۾ پيو هو. جڏهن خاطوءَ ٽپو ڏنو،
تڏهن هن اهو ٽڪرو پنهنجي سيني سان ٻڌي ڇڏيو. جنوري
جي مهيني جو پاڻي برف جهڙو ٿڌو هو. ٿڌاڻ ڪري هن جي
اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا.
جڏهن هو پاڻيءَ جي سنوت تي ظاهر ٿيو ته هن کي
پنهنجا ساٿي نظر آيا. آئيلر سڀني کان اڳيان هو. هو
تمام برجستانيءَ ۽ تيزيءَ سان ڪناري ڏانهن تري
رهيو هو. خاطوءَ کي کاٻي پاسي ڪجهه پري بورچيءَ جي
پٺ نظر اچي رهي هئي. پويان ڪپتان پنهنجي اڪيلي چاق
هٿ سان اونڌي ٿيل ٻيڙيءَ کي چنپڙيو پيو هو.
ڪنارو سامهون هو، مگر خاطوءَ ڄاتو ٿي ته سفر اڃا
ڊگهو آهي. هو آهستي آهستي هٿ پير هلائيندو رهيو.
رٻڙ جو ٽڪرو هن جي هيٺان هو. ٿوريءَ دير بعد هو
سمنڊ جي اهڙي حصي ۾ پهتو، جتي ترڻ ڏکيو ٿي پيو. هن
اهو معلوم ڪرڻ لاءِ ٿوري دير ترڻ بند ڪري ڇڏيو، ته
ڏسي ته آخر ڪهڙي قسم جي وهڪري ۾ وڃي ڦاٿو آهي. هن
جو اڳتي وڌڻ رُڪجي ويو.
جڏهن هو بورچيءَ وٽان لنگهيو ته ان وقت ڪپتان هن
کي چئي رهيو هو، ”پنهنجن پٺن ڀر ليٽي پؤ- ونجهه
استعمال ڪر.“
”هائو“. بورچيءَ پٺا هيٺ ڪيا ۽ ونجهه هلائيندو
رهيو. هو اڳتي نڪري ويو.
ٿوريءَ دير کانپوءِ ٻيڙي به هن جي پاسي کان نڪتي.
ڪپتان ان سان چهٽيل هو. خاطوءَ کي اهو ڏسي حيرت
لڳي ته ڪپتان ٻيڙيءَ کي هڪ هٿ سان ايترو ڪيئن جهلي
سگهيو هو.
آئيلر، بورچي ۽ ڪپتان ڪناري طرف وڌي رهيا هئا.
خاطو پٺتي وهڪري ۾ ڦاسي پيو هو. هن سوچيو ته ”مان
هاڻي ٻڏي ويندس.“ مگر هڪ لهر هن کي اوچتو وهڪري
مان ڪڍي اڳتي ڌڪي ڇڏيو. هو هاڻي آسانيءَ سان ڪناري
طرف وڌي ٿي سگهيو. ٿوريءَ دير بعد هن ڏٺو ته ڪپتان
هٿ سان ٻيڙيءَ کي جهلي، ڪناري ڏي وڃڻ بجاءِ هن ڏي
اچي رهيو هو ۽ رڙ ڪري چئي رهيو هو، ”ٻيڙيءَ وٽ اچ-
ٻيڙيءَ وٽ اچ....“ |