ابن حيات
پنهور
شاعر جي سزا
(سنڌ جي تاريخ جو هڪ يادگار واقعو)
هيءُ هجري 1009 جو واقعو آهي، ان وقت سنڌ جي حڪمران مرزا جاني
بيگ وفات ڪئي هئي، ۽ ان جي جاءِ تي سندس نوجوان
پٽ، مرزا غازي بيگ، سنڌ جي قسمت جون واڳون ورتيون.
بدقسمتيءَ سببان، هي سنڌ جا حڪمران ڪنهن مدت کان
دهلي سلطنت جا ڏن ڀرُو رهندا ٿي آيا ۽ جڏهن به سنڌ
جي گاديءَ تي ڪو نئون حڪمران ويهندو هو ته شروع ۾
ان کي دهلي درٻار ۾ گهرايو ويندو هو، جتي هن کي
خلعتن ۽ ٻين انعامن اڪرامن سان نوازي، وفادار رهڻ
جو اعتماد وٺي، پوئتي موٽايو ويندو هو. هيءُ زمانو
مغل شهنشاهه اڪبر جو دور هو. دستور موجب غازي بيگ
کي به درٻار ۾ حاضر ٿيڻ جو حڪم روانو ڪيو ويو.
غازي بيگ اڃا پهچي ئي پهچي، تنهن کان اڳ سنڌ جي
اميرن، هڪ نئين حڪمران جي ننڍيءَ ڄمار ۽
ناتجربيڪاريءَ جو غلط اندازو لڳائي، سنڌ ۾ هر هنڌ
فتنا فساد شروع ڪري ڏنا. فسادين کي جوڳيون سزائون
ڏيڻ ۽ ملڪ ۾ امن امان بحال رکڻ ڪري، غازي بيگ کي
مغل درٻار پهچڻ ۾ ڪافي دير ٿي ويئي.
1013 عيسويءَ ۾، مرزا غازي بيگ آگري پهتو. اڪبر هن نوجوان
حڪمران کان نهايت خوش ٿيو، ۽ کيس خلعت سان گڏوگڏ
هڪ تلوار پڻ عنايت ڪيائين. ٿورن ئي ڏينهن گذرڻ
کانپوءِ، اڪبر وفات ڪري ويو ۽ کانئس پوءِ سندس پٽ
جهانگير، تخت نشين ٿيو. جهانگير به پنهنجي پيءُ
وانگر غازي بيگ تي گهڻو مهربان هو ۽ پاڻ سان گڏ
کيس لاهور وٺي آيو؛جتي ملتان پرڳڻي جا ڪيترا ڳوٺ،
غازي بيگ کي جاگير طور ڏنائين.
ان دور ۾ ڪابل ۽ قنڌار جا صوبا، مغل سلطنت ۾ شامل هئا. پر جڏهن
ايران جي ڪن اميرن ۽ نوابن کي شهنشاهه اڪبر جي موت
جي خبر پهتي، تڏهن هنن پنهنجي بادشاهه شاهه عباس
جي مشوري بنا، قنڌار تي حملو ڪيو ۽ شهر جي ٻاهران
گهيرو ڪري ويهي رهيا. قنڌار ۾ ان وقت، مغل حڪومت
جي پاران شاهه بيگ گورنر هو. شاهه بيگ پهرين ته
مقابلو ڪيو، پر پوءِ ٿوريءَ فوج هئڻ سببان لاچار
ٿي قلعي ۾ بند ٿي ويهي رهيو ۽ جهانگير کي مدد لاءِ
لکيائين. جهانگير هن مهم کي منهن ڏيڻ لاءِ، مرزا
غازي بيگ جي اڳواڻيءَ ۾، هڪ شاهي فوج قنڌار ڏانهن
رواني ڪئي.
غازي بيگ اڃا قنڌار جي ويجهو پهتو ۽ ايراني فوجن کي کڙڪ پيئي،
ته هو بنا ڪنهن مقابلي جي جتان آيون هُيون،
اوڏانهن ڀڄي روانيون ٿيون.
غازي بيگ قنڌار ۾ نئين سر امن امان جي فضا قائم ڪري، لاهور موٽي
آيو. جهانگير، غازي بيگ جي فتحيابيءَ کان گهڻو
متاثر ٿيو ۽ سنڌ جو صوبو، ملتان جا ڪي پرڳڻا ۽
قنڌار جو صوبو سندس حوالي ڪيائين. غازي بيگ هن وقت
سنڌ جي بدران قنڌار ۾ رهي، مٿين ٽنهي پرڳڻين جي
نگراني ڪندو رهيو.
مرزا غازي بيگ نهايت هوشيار هو ۽ منجهس ملڪي انتظام هلائڻ جون
بهترين صلاحيتون موجود هيون. هن قنڌار ۾ رهڻ
کانپوءِ اتان جي اديبن، شاعرن ۽ دانشورن کي
پنهنجيءَ درٻار ۾ گهرائي وڏا انعام، پگهارون ۽
جاگيرون ڏيئي، نوازڻ شروع ڪيو. غازي بيگ جي علم
پروريءَ ۽ سخن شناسيءَ جي هاڪ ٻڌي، ڪٿان ڪٿان جا
شاعر ۽ اديب درٻار ۾ حاضر ٿي، پنهنجو فن ڏيکاري،
داد حاصل ڪرڻ لڳا.
غازي بيگ جي علم نوازيءَ جي هيءَ ساک جڏهن هندستان پهتي، تڏهن
هڪ ڀَٽُ شاعر، جو پنهنجي غربت ۽ مفلسيءَ سببان
نهايت پريشان هو، تنهن کي پنهنجي قسمت آزمائيءَ جو
اچي خيال ٿيو. بر بيابان لتاڙيندو، جهنگل ۽ جبل
جهاڳيندو، نيٺ هڪ ڏينهن اچي قنڌار جي شهر ۾ پهتو.
ڀٽ شاعر کي پنهنجي فن تي وڏو ناز هو! هن چاهيو ٿي ته مون کي فقط
هڪ دفعو بادشاهه جي حضور ۾ شرفيابيءَ جو موقعو
ملي. هن ڏاڍا وس ڪيا ۽ حيلا هلايا، مگر بادشاهه جي
درٻارين ۽ ملازمن، بادشاهه جي حضور ۾ پهچڻ ته وڏي
ڳالهه، پر مورڳو محل جي ويجهو به اچڻ ڪين ڏنس. ڀٽ
اڳيئي مسڪين هو، واٽ جي لنبي سفر ۽ پرديس جي ڪري،
هڙ ۾ جيڪي الهو تلهو هوس، سو کائي کپائي ڇڏيو
هئائين ۽ قنڌار ۾ ٿوري وقت رهڻ کانپوءِ، سندس حالت
اچي فاقن ڪڍڻ تي پهتي.
هن بي بسيءَ ۽ مجبوريءَ جي حالت ۾، هن هندستان موٽي وڃڻ جو
ارادو ڪيو ۽ موٽڻ وقت غازي بيگ جي خلاف هندي زبان
۾ هجوَ طور ڪي شعر پڻ چيا.
آخر هڪ ڏينهن قنڌار ڏانهن حسرت ڀرين نگاهن سان نهاري، پنهنجي
مظلوميت تي ڳوڙها ڳاڙي، شهر کان ٻاهر نڪتو. ٻه –
چار ميل پنڌ ڪرڻ کانپوءِ، حسن ابدالي اولياءَ جي
درگاهه تي اچي پهتو. درگاهه ۾ گهڙندي، اتي هن کي
پنهنجا ڪي هموطني چهرا ڏسڻ م آيا. هي بي بسيءَ جي
عالم ۽ پرديس ۾، ڀٽ جي دل ۾ هڪ اهڙي نامعلوم ڪشش
پيدا ٿي، جو هن بنا ڪنهن سوچ ويچار جي وڌي وڃي هنن
کي ڳلي لڳايو- ڏورانهين ديس ۾ هموطنين سان ملندي،
خوشيءَ وچان ڀٽ جي دل جا چاڪ کلي پيا. هن سڄي
ماجرا ساڻن بيان ڪئي، ۽ غازي بيگ جي خلاف هندي
زبان ۾ جيڪي شعر چيا هئائين، سي کين پڙهي
ٻڌايائين. هو دل جي بخار ڪڍڻ لاءِ اهي شعر تمام
وڏي آواز سان پڙهي رهيو هو. اوڏيءَ مهل درگاهه ۾،
مرزا غازي بيگ جو هڪ ملازم شهبازي خان اتي موجود
هو. پڇا ڪندي جڏهن کيس معلوم ٿيو ته هن ماڻهوءَ
مرزا غازي بيگ جي شان ۾ گستاخيءَ جهڙا شعر چيا
آهن، تڏهن هڪدم پنهنجن ماڻهن کي حڪم ڏنائين ته هن
ماڻهوءَ کي لٺين سان ماريو. حڪم ملندي، غريب شاعر
تي لٺين جي وارو وار ٿي ويئي. شاعر بيهوش ٿي ويو ۽
جڏهن هوش ۾ آيو، تڏهن هن فيصلو ڪيو ته هن ٿيل ظلم
جي دادرسيءَ لاءِ، مرزا جي حضور ۾ پهچڻ گهرجي. اهو
فيصلو ڪري، هو موٽي قنڌار ۾ آيو. پڇا ڪندي هن کي
معلوم ٿيو ته سڀاڻي صبح جو سوير، مرزا غازي بيگ
فلاڻي رستي سان شڪار تي روانو ٿيندو.
ٻئي ڏينهن صبح جو سوير، ڀٽُ انهيءَ ڏَس ڏنل رستي تي ڪنهن جهنگ ۾
وڃي لڪي ويهي رهيو. جڏهن غازي بيگ جي سواري سندس
ويجهو آئي، تڏهن هن جهنگ مان نڪري وٺي هاءِ گهوڙا
ڪئي- ”بادشاهه سلامت منهنجو داد ٿئي! آءُ غريب
شاعر، ناحق ماريو ويو آهيان.“ شهبازي خان به
بادشاهه جي اهلڪارن سان شامل هو. شهبازي خان تي
نظر پوندي، ڀٽَ ڊوڙي وڃي ان جي گهوڙي جي واڳ کان
ورتو- ”حضور، مون سان هن ظلم ڪيو آهي، منهنجو داد
ٿئي!“
غازي بيگ، شهبازي خان کي هٿ جو اشارو ڏنو! شهبازي هڪدم گهوڙي
تان لهي، مرزا جي اڳيان ڪنڌ نمائي، ٻانهون ٻڌي چوڻ
لڳو: ”عاليجاهه، هن ڪميني شاعر، حضور جي شان ۾
گستاخيءَ جهڙا شعر ٿي پڙهيا- مون کي باهه وٺي
ويئي. مون هن کي جوڳي سزا ڏني آهي.“ اهلڪارن ۾
خاموشي ڇانئجي ويئي، ۽ سڀ انهيءَ ڳالهه لاءِ منتظر
هئا ته عاليجاهه ڪهڙو حڪم ٿو ڏيڻ فرمائي.
بادشاهه جو چهرو غضبناڪ بنجي ويو ۽ اکين ۾ خون اچي ويو. هڪل
ڪيائين ته ”شهبازي، تو جڏهن هن جي واتان اسان جي
گلا ٻڌي هئي، تڏهن ڇو نٿي هن جي زبان تارونءَ کان
وڍائي ڇڏيئي- هن جواب ٻڌندي، اهلڪارن تي خوف طاري
ٿي ويو ۽ غريب شاعر جو سڄو جسم بيد جيان ڪنبڻ لڳو.
ڳچ منٽن جي ماٺ بعد، بادشاهه پنهنجي هڪ ملازم کي
آڱر جو اشارو ڏنو-” هن بدبخت کي سڀاڻي صبح جو
قتلگاهه تي آندو وڃي ته جيئن سندس زبان تارونءَ
کان وڍائي وڃي.“ حڪم ٻڌندي، ماڻهن جي جسم مان
سيانڊا نڪري ويا، ۽ کين ائين ٿي محسوس ٿيو ته
سڀاڻي شاعر جي نه، پر اسان جي زبان ، تارونءَ کان
وڍي ويندي.
غريب ڀٽ جا هوش و حواس خطا ٿي ويا. موت اکئين ڏسجي رهيو هو. هن
پنهنجو پاڻ تي هزار لعنتون وڌيون- بادشاهه ۽ رحم
جي اميد! هيءَ به ڪا ٿيڻ جوڳي ڳالهه هئي. هن
پنهنجي عقل ۽ انهيءَ فيصلي تي، پاڻ مٿان هزارها
ملامتون ڪيون. هو هاڻ انهيءَ گهڙيءَ جي انتظار ۾
هو، جنهن مهل کيس پنهنجي شاعرانه فن جو اجورو ملڻ
وارو هو. هن جون ساري رات اکيون آسمان ۾ هُيون-
هن ائين ٿي چاهيو ته شل قيامت تائين سج ئي نه
اڀري، ۽ ڪائنات ۾ سدائين اوندهه ئي اوندهه هجي، ته
جيئن ڪنهن حساس دل کي متاثر ٿيڻ جو موقعو ئي نه
ملي- اوچتو صبح جي ٻانگ جو آواز هنن جي ڪنن تي
پهتو ۽ هو بيهوش ٿي ويو.
صبح جي پوري ٽائيم تي، قتلگاهه جي چوڌاري هشام ماڻهن جا گڏ ٿي
ويا- جلاد، بدنصيب شاعر جي انتظار ۾ هو. وقت ڀربو
ويو، ڀربو ويو- باقي ٻه منٽ مس هئا ته هن بدنصيب
شاعر کي ٻه چوبدار گهليندا، وچ ميدان تي وٺي آيا-
هن جا پساهه هينئر پورا ٿيڻ تي هئا. مجموعي مان
ڪيترن ڏانهنس نهاريندي پنهنجون اکيون کڻي ٻوٽيون.
ڪن ماڻهن جي چهري مان ائين ٿي محسوس ٿيو، ته هاڻ
هنن جي زبان مان سڄيءَ عمر تائين هڪ اکر به نه
اُڪلي.
مجموعي تي وڏي هيبت طاري هئي، ۽ سڀئي انهيءَ فيصلي جي انتظار ۾
هئا- اوچتو، پريان هڪ هاٿي جهولندو آيو. ماڻهن جو
خيال هو ته شايد شاعر کي هاٿيءَ جي پيرن هيٺان
چيچلائي مارايو ويندو- - هاٿي ويجهو پوندو ويو….
عين موقعي تي، شهبازي خان هڪ قيمتي خلعت ۽ رپين جي ڳوٿريءَ سميت
شاعر ڏانهن وڌيو؛ هڪدم کيس اها خلعت پهرائي اڃا
ڳوٿري هٿ ۾ مس ڏنائينس، ته هاٿي جهوليندو اچي ڀر ۾
پهتو. پيلبان ٽپ ڏيئي هاٿيءَ تان لٿو، ۽ شاعر کي
هاٿيءَ تي چڙهڻ جو اشارو ڏنو.
مرزا غازي بيگ مجموعي جي ڀر ۾ ، هڪ محل جي دريءَ مان سڀڪجهه ڏسي
رهيو هو. جڏهن شاعر هاٿيءَ تي چڙهيو ته اوڏيءَ مهل
بادشاهه وڏي آواز اعلان ڪيو: ”شهبازي، شاعر جي
زبان هن نموني وڍي ويندي آهي- پڪ ڄاڻ ته اڄ کان
پوءِ، هيءُ شاعر منهنجي خلاف، هڪ لفظ به ڪين
ڪڇندو.“
(ماهوار ”نونهال“، ڪراچي، جون 1964ع، حبيب الله رشدي جي اڙدو
مضمون جو ترجمو ۽ تلخيصَ.)
مير محمد نظاماڻي
ليڊي اَميليا
ليڊي اَميليا هڪ نيڪ عورت ٿي گذري آهي، جنهن انگلينڊ ملڪ جي
عورتن کي سندن حق ڏيارڻ لاءِ سخت قربانيون ڏنيون.
سن 1918ع کان اڳ، انگلينڊ جهڙي سڌريل ملڪ ۾ به عورتن کي ووٽ جو
حق ڪونه هو. مرد عورتن سان ڪو سٺو برتاءُ نه ڪندا
هئا، ۽ عورتن تي طرح طرح جا ظلم ڪيا ويندا هئا.
اَميليا تي انهن ڳالهين جو ڏاڍو اثر پيو. خوش
قسمتيءَ سان، سندس شادي هڪڙي هلنديءَ واري
سياستدان سان ٿي، جو پاڻ ڏاڍو نيڪ ۽ عورتن جي حقن
جو حامي هو. انهيءَ ڪري عروتن کي حقن ڏيارڻ لاءِ
اَميليا جو ارادو وڌيڪ پڪو ٿيو.
هڪ محتاجخاني ۾، جنهن جي صلاحڪار بورڊ جي پاڻ به هڪ ميمبر هئي،
عروتن تي سخت ظلم ڪيا ويندا هئا. عورتن کي پٿر جي
بنا ٽيڪ بينچن تي ويهي، پورهيو ڪرڻو ٿي پيو.
حامليل عورتن کان ٻار پيدا ٿيڻ جي آخري وقت تائين
مزوري ڪرائي ويندي هئي.
معصوم ۽ ننڍڙيون ڇوڪريون، سارو سيارو، اونهاري وارن سرد ڪپڙن ۾
گذارينديون هيون. ماسترن جي مقابلي ۾، ماسترياڻين
کي تمام گهٽ پگهار ڏنو ويندو هو، جيتوڻيڪ ويچاريون
ماسترياڻيون، مرد ماسترن کان گهڻو وقت پڙهائينديون
هيون. جج ۽ ٻيا آفيسر، عورتن کي پنهنجين آفيسن کان
ٻاهر لوڌي ڇڏيندا هئا. سڀ کان وڏو ظلم وري هيءُ،
جو کين مردن جي زبردستيءَ ۽ غلاميءَ ۾ رهندي،
انصاف ۽ آزاديءَ لاءِ ٻاڏائڻ جي به اجازت ڪانه
هئي.
انهن سڀني ڳالهين خلاف ليڊي اَميليا پنهنجو آواز بلند ڪيو. سندس
سخت مخالفت ڪئي ويئي، پر هوءَ عورتن کي بيدار ڪرڻ
کان باز نه آئي. ڪيترا ڀيرا عورتن جا ميڙ ڪري،
پارليامينٽ هائوس جي اڳيان وڃي تقريرون ڪيائين پر
هر دفعي کيس گرفتار ڪري، جيل موڪليو ويو. هڪ ڀيري
جڏهن عورتن پارليامينٽ هائوس اڳيان مظاهرا پئي
ڪيا، تڏهن سرڪاري سپاهين انهن مٿان گهوڙا ڊوڙائي،
ڪيترين عورتن کي لتاڙي ماريو. ڪيترين کي لٺيون
هڻي، رتورت ڪري، ماڙين جي ڏاڪڻين مٿان هيٺ ڪيرائي
ڇڏيائون. باقي جيڪي بچيون، تن سڀني کي جيل ۾ بند
ڪري ڇڏيائيون. اهڙين مصيبتن هوندي به، هِن بهادر
عورت همت ڪانه هاري. هن جيل ۾ بک هڙتال شروع ڪئي.
کيس ڏسي، ٻين سوين عورتن به بک هڙتال شروع ڪئي.
سپاهين کين زبردستيءَ ماني کارائڻ جي ڪوشش ڪئي.
جڏهن ان ۾ ڪامياب نه ٿيا، تڏهن سڀني کي جيل مان
ٻاهر ڪڍي ڇڏيائون، انهيءَ لاءِ ته وري بهتر حالت
ٿيڻ بعد کين جيل ۾ وڌو وڃي. اهڙيءَ طرح، هن دلير
عورت کي ڪيترائي ڀيرا بيهوشيءَ جي حالت ۾ گِهلي،
جيل ۾ وڃي بند ڪيائون. تڏهن به هوءَ عورتن کي ووٽ
جي حق ملڻ جو مطالبو ڪندي رهي.
ايترين مصيبتن ۽ قربانين بعد، ملڪ جي ڪيترن اميرن، هلنديءَ وارن
۽ ٻين ماڻهن جي دلين ۾ آخر عورتن سان همدردي ۽
انهن جي حقن جو احساس پيدا ٿيو.
پارليامينٽ جا ميمبر به هڪٻئي پٺيان سندن حامي بنجڻ لڳا. تان
جو، سن 1917ع ۾، ليڊي اَميليا کي پنهنجي مقصد ۾
ڪاميابي حاصل ٿي. پهرين، ٽيهن ورهين کان مٿي عمر
وارين عورتن کي ووٽ جي حق ڏيڻ جو بِل بحال ڪيو
ويو، ۽ ڪجهه ورهين کانپوءِ هر بالغ عورت کي ووٽ جو
حق ڏنو ويو.
اَميليا پنهنجي ساري حياتي عورت ذات جي ڀلي لاءِ صرف ڪئي، پر
پاڻ حياتيءَ ۾ ڪوبه سک ڪونه ڏٺائين. سدائين
مفلسيءَ ۾ گذاريائين، ڇاڪاڻ جو مڙس مري ويو هوس، ۽
پاڻ چئن ٻارن جي ماءُ هئي.هيءَ نيڪدل عورت، 14 جون
1928ع تي خدا کي پياري ٿي ويئي. اڄ به سندس بُت
پارليامينٽ هائوس جي سامهون بيٺو آهي، جيڪو هر وقت
سندس ملڪي ۽ قومي خدمت جي ڪارنامن ۽ قربانين جي
ياد پيو ڏياري.
انگريزيءَ تان ترجمو
جواهر لعل نهرو
گلاب، گينڊي ۽ ياسمين جي گلن سان سينگاريل سيج تي، جواهر لعل
نهروءَ جو جنازو رکيو هو. سندس رهائشگاهه جو
سامهون وارو دروازو کليل هو. دروازي جي پٺيان،
ماڻهن جي هڪ قطار هئي، جا ٻه ميل ڊگهي هئي. ان
قطار مان دهليءَ جا ماڻهو، هڪ هڪ ڄڻو ٿي، دروازو
لنگهي اندر ٿي آيا ۽ پنهنجي قومي اڳواڻ جو آخري
درشن ڪري، اڳتي هلندا ٿي ويا. ماڻهن جي پيهه ايڏي
ته سخت هئي، جو چار ماڻهو چيڀاٽجي مري ويا- ڄڻ ته
پتنگن جا وَلَرَ هئا، جي شمع جي آخري جهلڪ پسڻ ۽
سر گهورڻ واسطي اچي ڳاهٽ ٿيا هئا. اُها سڄي رات
جواهر لعل جي ڌيءَ اِندرا، پنهنجي پيءُ جي جنازي
جي ڀرسان زمين تي ويٺي رهي. ڪڏهن ڪڏهن گلاب جي ڪا
پنکڙي اڏامي، جواهر لعل جي گنڀير چهري تي اچي ٿي
ڪِري، ته اِندرا پَٽ تان اٿي، اها پنکڙي کڻي، پاسي
سان رکي ٿي ڇڏي.
جواهر لعل نهرو- گذريل چئن هزارن ورهين ۾ هندستان جو پهريون
وزيراعظم—اڳئين ڏينهن (27 مئي) شام جو دل جي دوري
پوڻ ڪري گذاري ويو هو. سندس موت جو اعلان هندستان
جي پارليامينٽ ۾ هنن لفظن ۾ ڪيو ويو: ”روشني گل ٿي
ويئي!“ جيئن ئي اها خبر ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتي، ته
سوين هزارين هارين ۽ مزورن جا قافلا، دهليءَ ڏانهن
روانا ٿيا— ڪي ريلوائي پَٽن تي ليٽي پيا ته جيئن
گاڏيون بيهاري، سوار ٿي، دهليءَ پهچن.
صبح جو جڏهين نئين دهليءَ جي مٿان سج اُڀريو ته فوج جا 10،000
سپاهي، انهيءَ رستي جي ٻنهي پاسن کان قطارون ٺاهي
اچي بيٺا، جنهن تان جواهر لعل جي جنازي جو جلوس
لنگهڻو هو. عقيدت ۽ احترام سبب، هنن جا ڪنڌ هيٺ
جهڪيل هئا ۽ هٿن ۾ جي بندوقون هئن، تن جون ناليون
زمين ڏانهن نِميل هيون. دهليءَ جا ماڻهو، انهن
سپاهين جي پٺيان قطارون ٻڌي بيٺا. اوچتو ڌرتي ڌڏڻ
لڳي، ماڻهن ۾ پريشاني ۽ چُر پر پيدا ٿي، پر پوءِ
جلد ئي زلزلي جي جهٽڪي پوري ٿيڻ بعد، وري چوڌاري
چپ چاپ ٿي ويئي! بئنڊ وارا ڪارا پٽڪا ٻڌي،
وزيراعظم جي رهائشگاهه وٽ پهتا. هنن پنهنجا توتارا
بلند ڪيا، نغارا زور سان وڄڻ لڳا ۽ پوءِ بئنڊ وارا
هڪ مشرقي سُر ۾ جواهر لعل جا ٻه پسنديده نغما
وڄائڻ لڳا: هڪ
“Abide with me”
(مون سان گڏ رهه!)، ۽ ٻيو
“Lead kindly light” (رحمت ڀريا نُورَ! منهنجي رهنمائي ڪر!). جواهر لعل جو
جنازو، هڪڙيءَ توب بردار گاڏيءَ تي رکيو ويو، ۽ ان
کي گلاب جي گلن سان ڍڪيو ويو. بَري ۽ بحري فوجن جا
سپاهي، توب بردار گاڏيءَ کي ڇڪڻ لڳا. گاڏي دروازي
مان نڪري اچي ماڻهن جي سمنڊ ۾ پيئي.
ڪي ماڻهو گاڏيءَ ڏانهن ڊوڙيا، ته من ڪا گلاب جي هيٺ ڪِريل هڪ –
اڌ پنکڙي کين نصيب ٿئي، ۽ ڪي وري گلاب جا گل
گاڏيءَ ڏانهن اُڇلڻ لڳا. سوين، هزارين، لکين ماڻهن
جي منهن مان هڪ ئي آواز اچي رهيو هو.- ”نهرو امر
آهي! نهرو امر آهي!“ گاڏي اڳتي هلندي ٿي ويئي، ۽
پٺيان فضا ۾ سُڏڪن جو آواز ڇڏيندي ٿي ويئي. ننڍا
ٻار، جي پنهنجي پيءُ ماءُ جي ڪلهن تي هئا، گاڏيءَ
کي ڏسي چوڻ لڳا، ”چاچا، نهرو! چاچا نهرو!“ هڪ
معصوم ٻار اهو نظارو ڏسي ٽهڪ ڏنو، پڻس امالڪ کيس
پاڻ ڏي ڇڪي، سندس ننڍڙي وات تي کڻي هٿ ڏنو.
رستي جي پاسن سان ماڻهو پنهنجن ٻارن ۽ زالن سان لارين، موٽرن ۽
جاين جي ڇتين تي چڙهي بيٺا هئا. نوجوان وڻن جي
چوٽين تي چڙحي ويا هئا ۽ اتان هنن هٿ لوڏي اشارا
پئي ڪيا: ڪڏهن ڪڏهن وڻن جا ڏار، گهڻي بار ڪري ڀڄي
ٿي پيا ۽ مٿن چڙهيل ماڻهو اچي ٿي هيٺ ڪِريا. سخت
گرميءَ جي ڪري گاڏيءَ کي ڇڪيندڙ سپاهي رکي رکي
پگهر ۾ شَلَ ٿي پئي ويا. پٺيان ماڻهن جو هجوم- جو
جلوس جي صورت ۾ ٿي آيو، تنهن جي پيرن سان اُٿاريل
مٽيءَ جو غبار، گاڏيءَ کي ڇڪيندڙ سپاهين جي مٿان
هڪ ڪڪر وانگ هلندو ٿي رهيو.
جڏهن گاڏي راج- رستي وٽ پهتي، ته ماڻهن جي اُڇلايل گلن جي
پنکڙين ڪري هوا ڳاڙهي ٿي ويئي. انڊيا- گيٽ وٽ،
ماڻهن جو هجوم ايڏو ته وڌي ويو، جو رستي جي ٻنهي
پاسن کان بيٺل فوجي سپاهين جي قطارن کي ٽوڙڻ لڳو.
پوليس کي لاچار ٿي لٺين سان ماڻهن کي پٺتي ڌڪڻو
پيو. ليڪن گهڻا ماڻهو جتي هئا، اتي ئي چپ چاپ بيٺا
رهيا. هڪ سرڪاري عملدار چيو، ”اسان جي ماڻهن کي
اڃا ايترو به وقت نه مليو آهي، جو کين خبر پئجي
سگهي ته هيءُ ڇا ٿي رهيو آهي!“ پر پوڙها ماڻهو
روئي رهيا هئا.
(جلوس)
جمنا نديءَ جي ڪناري تي، هڪ وڏو شاهي دڙو انهيءَ هنڌ جو نشان
هو، جتي اڄ کان 16 سال اڳ، موهنداس گانڌيءَ کي
چکيا تي چاڙهيو ويو هو. انهيءَ هنڌ جلوس پڪو رستو
ڇڏي، ڪچي رستي تي مُڙيو. دنيا جي پنجاهه ملڪن مان
آيل سياسي اڳواڻ اتي اڳيئي انتظار ۾ بيٺا هئا.
انهن ۾ آمريڪا جو پرڏيهي وزير ڊين رسڪ، برطانيا جو
وزيراعظم سرڊگلس هوم، روس جو نائب وزيراعظم اليگزي
ڪوسيجن، پاڪستان جو پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو
۽ چيني، جاپاني ۽ يوروپي وفدن جا اڳواڻ موجود هئا. |