جڏهن راڻي نوابزادي سان اڪيلي ڳالهائڻ ويٺي ته اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي،
۽ اوڇنگارون ڏيئي چوڻ لڳي ته ”منهنجي لاءِ هيءُ
تاج تخت ۽ شان شوڪت ڪهڙي ڪم جي، جو آءُ روزانو
صبح جو اُٿڻ مهل ڳڻتيءَ ۽ ڏک کان سواءِ ٻيو ڪجهه
ڪين ٿي ڏسان! ٻڌ، مون کي ٽي نياڻيون هيون، انهن
منجهان جيڪا سڀ کان ننڍي هئي، سا ته سونهن سوڀيا
جو هڪ معجزو هئي. هن جي حسن جي ڪهڙي واکاڻ ڪريان.
لعلن جهڙي لاکيڻي هئي: برف جهڙو گورو رنگ، صوفن
جهڙا گلابي ڳل ۽ سندس وار ته ڄڻ سج جي ڪرڻن وانگر
پيا بکندا هئا. جڏهن هوءَ روئندي هئي، تڏهن سندس
لڙڪ، موتي ۽ هيرا جواهر بنجي پوندا هئا. آخر جڏهن
پندرهن ورهين جي ٿي، تڏهن بادشاهه پنهنجي ٽنهي
ڌيئرن کي پاڻ وٽ گهرايو. جيڏيءَ مهل ننڍي نينگري
درٻار ۾ آئي، تڏهن درٻارين جا وات ڦاٽي ويا. ڄڻ ته
ڪو نئون سج اڀريو هو. بادشاهه ٽنهي کي چيو:
’منهنجون پياريون ڌيئرون، آءُ هاڻ اچي پوڙهو ٿيو
آهيان. الائجي ڪڏهن اکيون پورجي وڃن، سو اڄ آءُ
اهو فيصلو ڪرڻ ٿو گهران ته منهنجي مرڻ تي اوهان
مان هر هڪ کي ڪيترو حصو ملندو. اوهين سڀ مون کي
ڀانيو ٿيون، پر جيڪا مون کي سڀ کان گهڻو گهرندي
هوندي، سڀ کان وڏو حصو ان کي ملندو.‘ ٽنهي ڄڻين
چيو ته ”اسين اوهان کي نهايت گهڻو ٿيون گهرون.“
بادشاهه چين، ”مون کي مثال ڏيئي ٻڌايو ته پوءِ آءُ
فيصلو ڪري سگهان ته ڪير مون کي ڪيترو ٿي گهري.“ سڀ
کان وڏي ڌيءَ چيو، ”آءُ پنهنجي بابي کي ماکيءَ کان
به مِٺو ٿي گهران“ وچينءَ چيو، ”آءُ پنهنجي ابي کي
پنهنجي سڀني چولن مان خوبصورت چولي کان به گهڻو ٿي
گهران،“ پر ننڍڙي نينگر ماٺ ڪري بيٺي رهي. تڏهن
بادشاهه پڇيس، ”۽ تون، منهنجي پياري، ٻچڙي، چئو ته
مون کي ڪيترو ٿي گهرين؟“ ان تي ننڍيءَ جواب ڏنو،
”بابا، آءُ چئي نٿي سگهان ۽ پنهنجي پيار کي ڪنهن
شيءِ سان ڀيٽ ڏيئي نٿي سگهان.“ پر بادشاهه زور
رکيس ته ڪيئن به هوءِ ڪنهن شيءِ جو نالو ضرور وٺي.
تنهن تي ننڍڙيءَ چيو: ”بابا، جيڪي سڀن کان سٺا
طعام هوندا آهن، تن ۾ به لوڻ کانسواءِ لذت نه
ٿيندي آهي. آءُ پنهنجي ابي کي لوڻ جيترو ٿي
گهران.“ بادشاهه جو اهو ٻڌو ته باهه ٿي ويو ۽
چيائين ته ”جيڪڏهن توکي منهنجي پيار کي ڀيٽڻ لاءِ
لوڻ کان سٺي ڪا شيءِ ئي نٿي ملي، ته پوءِ توکي ان
جو انعام به لوڻ سان ملندو.“ پوءِ ته بادشاهه
پنهنجو راڄ ٻنهي وڏين ڌيئرن ۾ ورهائي ڇڏيو، ۽
ننڍڙيءَ کي لوڻ جي ڳوڻ پٺن سان ٻڌائي، ٻن نوڪرن
سان گڏي، هڪ ڀوائتي جهنگ ۾ موڪلي ڇڏيائين، جتي هن
کي اڪيلو ڇڏي، نوڪر موٽي آيا. بادشاهه ترت ئي
پنهنجي ظلم ۽ ڏاڍائيءَ تي پشيمان ٿيو ۽ گهڻا ئي
ماڻهو کيس ڳولڻ لاءِ ڊوڙايائين، پر هوءَ ويچاري
وڃڻ کي ويئي، ۽ وري ڪنهن کي به نظر نه آئي. اُهو
ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن- تون خيال ڪر ته جڏهن مون اها
دٻلي کولي، تڏهن مون ان ۾ هڪڙو موتي پيل ڏٺو، جيڪو
منهنجي ننڍڙي ڌيءَ جي لڙڪن جهڙو هو. منهنجيءَ دل
تي اُن وقت ڇا وهيو هوندو! ڀلائي ڪر، مون کي ڏس ڏي
ته توکي هيءُ خزانو ڪٿان هٿ آيو.“
نوابزادي، راڻيءَ کي سڄي سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائي، ته اها دٻلي
کيس ٻڍڙيءَ کان ملي هئي، جيڪا هن جي خيال موجب ڪا
ڏائڻ هئي. باقي راڻيءَ جي وڃايل ڌيءَ بابت هن نڪي
ڪي ڏٺو، نڪي ٻڌو هو.
راڻي ۽ بادشاهه پهه ڪيو ته هلي اُن ٻڍڙيءَ سان ملجي. هنن خيال
ڪيو ته جتان اهو موتي نوابزادي کي هٿ لڳو، متان
اُتي ڪو سندن نينگريءَ جو ڏَس پار ملي وڃي.
هوڏانهن ٻڍڙي پنهنجي گهر ۾ ويٺي سُٽ ڪتيو. اونداهي به گهگهه لڳي
پيئي هئي. فقط هڪڙو بنڊ پئي ٻريو، جنهن مان ٿورڙي
روشني پئي آئي. اوچتو ٻاهر پکين جي ڦڙ ڦڙ جو آواز
آيو ۽ ٻڍڙيءَ جا هنج جهنگ مان ڦري پنهنجي گهر ۾
آيا. ڪجهه گهڙين کانپوءِ هن جي ڌيءَ- هنجن واري
ڇوڪري به اندر لنگهي آئي. ٻڍڙي هن کي ڏسي، رڳو
پنهنجو ڪنڌ لوڏيو. ڇوڪري به چرخو کڻي، اچي اتي ئي
ويهي رهي ۽ ويهي سُٽ ڪتڻ لڳي ۽ ٻه ڪلاڪ برابر ٻنهي
گڏجي ويٺي سُٽ ڪتيو، پر پاڻ ۾ اکر به ڪين
ٻوليائون.
آخر دريءَ تي ڪجهه کڙڪو ٿيو، ۽ ڳڙکيءَ مان ٻن ڀوائتين اکين ٿوري
جهاتي پاتي. اهو هڪ ٻڍڙو چٻرو هو، جنهن پنهنجي ’هو
هو‘ ڪري، ٻڍڙيءَ جو ڌيان ڇڪايو. ٻڍڙيءَ چيو، ”اما،
هاڻ اٿ، ۽ وڃي ٻاهر پنهنجو ڪم ڪار ڪر.“
ڇوڪري اٿي ٻاهر هلي ويئي- پر ويئي ڪيڏانهن؟ چراگاهه لتاڙي،
هلندي ويئي، تان جو اچي ماٿريءَ ۾ پهتي. ماٿريءَ ۾
هڪڙو کوهه هوندو هو، جنهن جي پاسن کان ٽي وڏا بڙ
جا وڻ بيٺل هئا. هوءَ به کوهه وٽ اچي بيهي رهي.
چنڊ به جبلن کان چڙهي چانڊاڻ لائي ڏني ۽ چوڏس اهڙي
روشنائي ڦهلجي ويئي، جو هوند سئي به لڀي پوي. هن
هيڏانهن هوڏانهن نهاري پنهنجي منهن تان هڪ سنهون
نقاب لاهي ورتو، ۽ پوءِ کوهه تي بيهي وهنجڻ لڳي.
جڏهن وهنجي لاٿائين، تڏهن جنهن چمڙيءَ کي پاڻيءَ ۾
ڌوتو هئائين، سا لاهي کڻي ڦٽي ڪيائين ۽ چنڊ جي
چانڊوڪيءَ ۾ بيهي بدن سڪائڻ لڳي.خدا جي قدرت، هن
جي صورت ئي مَٽجي ٻي ٿي پيئي. مٽيءَ لتل وارن جي
بدران سون جهڙا چلڪندڙ وار سندس ڪلهن تي لڙي پيا.
سندس اکيون آسمان جي سهڻن سهڻن ستارن وانگر چمڪڻ
لڳيون، ۽ سندس ڳَل گلابي صوفن جيان ٻهڪڻ لڳا.
پر ويچاري ڪا ڏاڍي ڏکويل ٿي ڏٺي. هوءَ هيٺ گاهه تي بيهي رهي ۽
ڏاڍي سوز مان سڏڪا ڀري روئڻ لڳي ۽ لڙڪ سندس اکين
مان ڳڙندا ڌرتيءَ تي ڪِرڻ لڳا. هوءَ اتي ڳچ دير
ويٺي رهي ها، پر اوچتو پاسي وارن وڻن جي ٽارين ۾
کڙڪو ٿيو. هوءَ اُٿي هرڻيءَ وانگر ڀڳي، ڄڻ ڪو
شڪاري پٺيان پيو هوس. چنڊ به هڪ ڪاري ڪڪر ۾ لڪي
ويو ۽ ڇوڪري به پنهنجي اڳينءَ ڪاريءَ کل ۾ لڪي
ائين گم ٿي ويئي، ڄڻ ته باهه هئي، جا ڦوڪ ڏيڻ سان
اجهامي گم ٿي ويئي.
ڇوڪري ڏڪندي ڏڪندي گهر آئي. ٻڍڙي دروازي تي بيٺي هئي. ڇوڪريءَ
ڀانيو ته کيس سڄي سربستي ڳالهه ڪري ٻڌايان، پر
ٻڍڙي ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي، ۽ چيائين ته هن کي سموريءَ
ڳالهه جي اڳي ئي خبر هئي. پوءِ اڱڻ ۾ وڃي، باهه ۾
هڪ ٻيو بنڊ به اڇلي وڌائين. سُٽ ڪتڻ لاءِ چرخي کڻڻ
بدران، هو ٻهارو کڻي، گهر جي صفائيءَ کي لڳي ويئي.
”گهر ۾ سڀڪا شيءِ صفائيءَ سان هجڻ گهرجي.“ هن ڇوڪريءَ کي چيو.
ڇوڪريءَ تنهن تي پڇيس، ”پر اما، هيڏي دير ٿي ويئي، هي به ڪو ڪم
جو وقت آهي. آخرڪا نئين ڳالهه ٿيڻي آهي ڇا؟“
ٻڍڙيءَ چيو، ”خبر نه اٿئي ته هي وقت ڪهڙو آهي؟“
ڇوڪريءَ وراڻيو ”آڌيءَ ٿيڻ ۾ ڪا محل باقي آهي- يارهن کن وڳا
هوندا!“
ٻڍڙيءَ تنهن تي کيس چيو، ”نه نه، ڇوڪري، توکي اها ڳالهه خيال ۾
ئي ڪانهي ڇا ته اڄوڪي ڏينهن تي، توکي پورا ٽي سال
هتي رهندي ٿيا آهن، هاڻ تنهنجو وقت اچي ڀريو آهي ۽
هاڻ پاڻ ٻيئي گڏ رهي ڪين سگهنديونسين.“
ڇوڪري ويچاري سڄي ڏڪي ويئي ۽ روئندي چيائين، ”منهنجي مٺي اما،
ڇوٿي تون مون کي ڦٽو ڪرين. منهنجو ٻيو ڪير آهي،
جنهن وٽ آءُ وڃان!“
ٻڍڙيءَ ڇوڪريءَ کي سندس قسمت ٻڌائڻ نٿي گهري، سو چيائين: ”ٻڌ،
مون کي هاڻ هت گهڻو وقت رهڻو ڪينهي، ۽ منهنجي وڃڻ
کان اڳ سڄو گهر صاف ٿي وڃڻ گهرجي، ان ڪري مون کي
ڪم ۾ نه رنڊڪ وجهه. تون ڊڄ نه، ڇا به ٿي پوي، توکي
پنهنجو مٿو لڪائڻ لاءِ سڀڪي هوندو. جيئن آءُ چوان
ٿي، پنهنجي ڪمري ۾ وڃ، ۽ پنهنجي ڪاري کل ڌوئي لاهي
ڇڏ، ۽ ريشمي وڳو پائي ويهه، جيڪو هِت اچڻ وقت تون
پائي آئي هئينءَ. تون اتي ئي ويهي رهجانءِ، پوءِ
آءُ پاڻيهي توکي سڏ ڪنديس.“
هاڻ اچو ته بادشاهه ۽ راڻيءَ جي خبر وٺون، جيڪي نوابزادي سان
گڏجي، ٻيلي ۾ پنهنجي ڌيءَ کي ڳولڻ نڪتا هئا. هلندي
هلندي نوابزادو، راڻيءَ ۽ بادشاهه کان ڇڄي جدا ٿي
ويو، ۽ اڪيلي سر ٻيلي ۾ ڀٽڪڻ لڳو. ٻئي ڏينهن هن
آخرڪار رستو ڳولي لڌو ۽ ٻڍڙيءَ جي گهر ڏانهن هلڻ
لڳو. هلندي هلندي مٿان اچي رات پيس. خيال ڪيائين
ته متان اوندهه ۾ رستو وري ڀلجي وڃي، سو چڙهي ويو
هڪ وڻ تي، ته چار پهر رات جا اُتي سمهي گذاري.
جڏهن چنڊ اڀريو ۽ چوڏس چانڊاڻ ڦهلجي ويئي، تڏهن هن جبل کان ڪنهن
کي ايندو ڏٺو. هن سڃاتو ته اها ساڳي هنجن واري
ڇوڪري هئي (جيتوڻيڪ هٿ ۾ اها لٺ نه هُيس)، جيڪا هن
ٻڍڙيءَ جي گهر ڏٺي هئي.
هن جڏهن ڇوڪريءَ کي کوهه وٽ اچي کل لاهيندي، وهنجندي، ۽ پنهنجا
سهڻا سهڻا سونهري وار کوليندي ڏٺو، تڏهن حيرت کان
ڏندين آڱريون اچي ويس. هن سڄي ڄمار اهري سونهن
ڪانه ڏٺي هئي. هن کي ساهه کڻڻ جي به همٿ نه پئي
ٿي- پر وڻ منجهان ڪنڌ ڊگهيري هن کي ڏسندو رهيو.
شايد هن ڏسڻ جي شوق ۾ جيئن ئي پنهنجو ڪنڌ ٿي
ڊگهيريو، ته جنهن ٽار تي پاڻ ويٺو هو، سو ٽڙڪي
ٺڪاءُ ڏيئي ڀڄي پيو. انهيءَ آواز تي، انهيءَ صورت
وري پنهنجي ساڳي کل اوڍي، هرڻيءَ وانگي ڇال ڏيئي،
اٿي ڀڳي. چنڊ اڳيان به ڪارو ڪڪڙ اچي ويو ۽ هوءَ هن
جي نظرن کان غائب ٿي ويئي.
نوابزادو به ٽپ ڏيئي وڻ تان لهي پيو ۽ جنهن طرف هوءَ ويئي هئي،
اهو کڻي رخ رکيائين. اڃا ٿورو پنڌ ڪيائين ته راڻي
۽ بادشاهه به ملي ويس، جن به ٻڍڙيءَ جي گهر جي
دريءَ مان روشني ايندي ڏسي، اهو ساڳيو رستو ورتو
هو. نوابزادي کيس سربستو قصو ڪري ٻڌايو ته ڪيئن هن
جي سامهون هڪ ڇوڪريءَ پنهنجي صورت بدلائي. بادشاهه
۽ راڻيءَ کي پڪ ٿي ويئي ته اها سهڻي ڇوڪري پڪ سان
سندن ڌيءَ هئي.
هو ڏاڍي خوشيءَ ۽ اميد منجهان اڳتي وڌڻ لڳا ۽ آخرڪار اچي ٻڍڙيءَ
جي گهر پهتا. ٻڍڙيءَ چرخي تي ويٺي سُٽ ڪتيو- اڱڻ ۽
آڳنڌ اهڙو ته اڇو اجرو، ۽ صاف سٿرو هو، ڄڻ ته اتي
ڪي ننڍڙا پريزادا رهندا هئا، جن کي مٽيءَ جو ذرڙو
به ڏکيو لڳندو هجي. راڻيءَ ۽ بادشاه همٿ ڪري دريءَ
جي ڪڙي کي ٿورو کڙڪايو.
ٻڍڙي ته ڪا اڳيئي هنن لاءِ ترسيو ويٺي هئي، سا هڪدم اُٿي، ۽
پنهنجائپ سان چيائين ته ”اندر لنگهي اچو، مون کي
خبر آهي ته اوهين ڪير آهيو.“
جڏهن هو لنگهي اندر آيا، تڏهن ٻڍڙيءَ کين چيو ته ”جيڪڏهن اوهين
اڄ کان ٽي سال اڳي پنهنجي پياري ۽ مٺڙي ڌيءَ سان
بي انصافي نه ڪريو ها، ته اڄ اوهان کي هيڏو سارو
اڻانگو سفر ڪين ڪرڻو پوي ها. هوءَ ويچاري ڪهڙي نه
سهڻي ۽ سٻاجهي آهي. پر اصل ۾، اوهان هن کي ڪو ڇيهو
ڪونه رسايو آهي. ٽي سال هن منهنجي هنجن کي پاليو
آهي، ۽ انهيءَ عرصي ۾ هن جي دل پاڪ ۽ معصوم رهي
آهي. پر هن جي جدائيءَ ۾ اوهان کي جيڪا اون ۽ ۽ ڏک
ڏسڻا پيا آهن، اها ئي اوهان کي سزا ملي آهي.“ ائين
چئي هو اندر ڪوٺيءَ ۾ وڃي چوڻ لڳي ته ”او، ننڍڙي
شهزادي، هاڻ ٻاهر هلي اچ.“
دروازو کليو، ۽ شهزادي پنهنجي ريشمي وڳي ۾ ٻاهر نڪتي. هن جا
سهڻا سونهري وار چمڪي رهيا هئا، ۽ سندس روشن اکيون
۽ صوفن جهڙا ڳاڙها ڳل، جهلڪا ڏيئي رهيا هئا.
بادشاهه ۽ راڻيءَ پنهنجي وڃايل ڌيءَ کي ڳراٽيون
پائي چمڻ لڳا، ۽ خوشيءَ کان سڀني جي اکين ۾ ڳوڙها
ڀرجي آيا.
نوابزادو به ڀر ۾ ئي بيٺو هو، شهزاديءَ جو ان کي ڏٺو، تڏهن لڄ
کان سڄو منهن گلاب جي گل جهڙو ڳاڙهو ٿي ويس.
بادشاهه چوڻ لڳس، ”منهنجي پياري ڌيءَ، مون پنهنجو راڄ ڀاڳ ته
اڳيئي وصيت ڪري تنهنجي ٻنهي ڀينرن کي ڏيئي ڇڏيو
آهي. هاڻ توکي ڇا ڏيان؟“
ٻڍڙي چوڻ لڳي، ”هن کي ڪنهن به شيءَ جي گهرج ڪانهي. آءُ هن کي
سندس اهي لڙڪ واپس ڏينديس، جيڪي هن اوهان جي لاءِ
ڳاڙيا هئا. اهي املهه موتي آهن، ۽ سمنڊ مان لڀندڙ
موتين کان وڌيڪ خوبصورت آهن ۽ سوين راڄ ڀاڳ خريد
ڪري سگهن ٿا. هن جيڪا منهنجي خدمت چاڪري ڪئي آهي،
ان جي عيوض پنهنجي طرفان به هڪ سوکڙي ڏينديس.“
ٻڍڙيءَ اڃا ڳالهه پوري مَسَ ڪئي ته گهر جون ڀتيون لڏڻ لڳيون ۽
اومالڪ ٻڍڙي هنن جي اکين اڳيان غائب ٿي ويئي. جان
کڻي چوڌاري ڏسن ته ٻڍڙيءَ جي ننڍڙي گهر جي بدران،
هُو هڪ عاليشان محلات ۾ بيٺا هئا، ۽ اتي هڪ وڏي
ميز پئي هئي، جنهن تي ست رڇي طعام ڍاڪن ۾ ڍڪيا پيا
هئا ۽ نوڪراڻيون ۽ ٻانهيون پئي هيڏانهن هوڏانهن
ڊوڙيون.
آکاڻي اڃا وڏي آهي، پر منهنجي ٻڍڙي نانيءَ- جنهن کان مون اها
آکاڻي ٻڌي هئي، تنهن جي يادگيري اهڙي پڪي ڪانه
هئي، ان ڪري باقي اکاڻي هن کان به وسري ويئي. پر
منهنجي خيال موجب، شهزاديءَ جي شادي اُن نوابزادي
سان ٿي ويئي، ۽ هو ٻيئي انهيءَ محلات ۾ آرام ۽
خوشيءَ جي زندگي گذارڻ لڳا.
باقي اها سا خبر نٿي پويم ته ٻڍڙيءَ جي گهر ۾ جيڪي هنج هئا، تن
جو ڇا ٿيو. پر منهنجي راءِ موجب، اصل ۾ اهي ڪي
ٻانهيون ۽ نوڪراڻيون هيون، جيڪي ٻڍڙيءَ ڪنهن وقت
پاڻ سان آنديون هونديون، ۽ جيڪي پوءِ مٽجي انسان
ٿي پيون، ۽ ننڍڙي راڻيءَ جي خدمت چاڪري ڪرڻ لڳيون.
ايتري سا البت پڪ آهي، ته اها ٻڍڙي ڪا ڏائڻ ڪانه
هئي، پر هڪ ڏاهي زال هئي، جنهن جي حياتيءَ جو مقصد
هو ڀلائي ڪرڻ. ائين به ٿي سگهي ٿو، ته انهيءَ
ٻڍڙيءَ ئي شهزاديءَ جي ڄمڻ وقت هن کي اها ڏات بخشي
هجي ته سندس اکين مان لُڙڪن بدران موتي ڳڙندا هئا!
|