ڪڪلو – مان جيڪر ڪيڏانهن جو ڪيڏانهن هلي وڃان. واٽ تي ڍنڍون ۽
ڍورا هجن، ته پاڻي جهاڳي به جيڪر پري پري لنگهي
وڃان. ڌرتيءَ جو ماڻهو دروازا بند ڪري ٻه گهڙيون
اک لائين ٿا؛ پر مان جيڪر ٿڌيءَ تتيءَ جي ڪابه ڪاڻ
نه ڪري، ڏونگر ڏاريندي ۽ جهر جهنگ جهيڙيندي وتان.
ڪاڪو- اول چڱي ڀلي ٿيءُ، ته پوءِ اهي ڳالهيون ڪج.
ڪڪلو- چڱي ڀلي ٿيان، ته پوءِ ائين نه چئجو ته سڄو ڏينهن ڪتابن ۾
منهن وجهي پيئي هج.
ڪاڪو- پڙهيندينءَ نه، ته ٻيو ڇا ڪندينءَ؟
ڪاڪو- مون اڃا انهيءَ ڳالهه تي ويچار ڪونه ڪيو آهي، تنهن ڪري
پوءِ ٻڌائينديسانوَ ته ڇا ڪرڻو اٿم. ڪڪلو- چڱو
ٻچا، تون گهڙي کن اک لاءِ، مان تيستائين تنهنجي
لاءِ نارنگيون ۽ موسميون وٺي اچان، ته انهن جي رس
ڪڍي پياريانءِ (وڃي ٿو).
(سگهو ئي هڪ مکڻ واري رستي تان لنگهي ٿي ۽ هوڪو ڏيئي ٿي.)
مکڻ واري، ڏڌ، مکڻ، مهي! ڏڌ، مکڻ، مهي!
ڪڪلو- (دريءَ ڏي منهن ڪري) مائي مکڻ واري! او مائي مکڻ واري!
(مکڻ واري دريءَ وٽ اچي بيهي ٿي.)
مکڻ واري- (ڪڪلوءَ کي) اَبا، تو مون کي سڏيو ڇا؟
ڪڪلو- هائو مائي!
مکڻ واري- ڇا کپيئي؟ مکڻ يا مهي؟
ڪڪلو- هينئر مون کي پئسو ڪونهي جو مان ڪجهه ڳنهان، ڪاڪو اچي ته
پوءِ.
مکڻ واري- تڏهن مون کي سڏ ڇو ڪيئي؟ هيءُ ٿيو هروڀرو ڪنهن کي ڪڪ
ڪرڻو.
ڪڪلو- مان جيڪر توسان گڏجي هلان!
مکڻ واري- مون سان! ڇو؟
ڪڪلو- توکي رستي تي هلندو ٿي ڏسان، ته مون کي گهر ۾ ويهڻ نه پيو
وڻي، گهر ۾ ويهي ويهي مان ڪڪ ٿي پيئي آهيان.
مکڻ واري-اتي ڇا ويٺي ڪرين؟
ڪڪلو- حڪيم صاحب ٻاهر نڪرڻ نٿو ڏئيم، تنهن ڪري سڄو ڏينهن هت
پيئي آهيان.
مکڻ واري- تون بيمار پيئي ڏسجين؟ توکي ڇا ٿيو آهي؟
ڪڪلو- مان بيمار ته آهيان، پر پڙهيل ڪانه آهيان، جو سمجهي سگهان
ته مون کي ڪهڙي بيماري آهي. پر مائي مون کي ٻڌاءِ
ته تون اچين ڪٿان ٿي؟
مکڻ واري- پنهنجي ڳوٺان.
ڪڪلو- توهان جو ڳوٺ پري آهي يا ويجهو؟
مکڻ واري –(هٿ کڻي) اسان جو ڳوٺ اجهو هن تلاءَ جي پريان، هن
سامهين وڏي ٽڪريءَ جي هنج ۾ آهي.
ڪڪلو- مان ڀانيان ٿي ته مون توهان جو ڳوٺ ڏٺو آهي، پر ياد نٿو
پويم ته ڪڏهن.
مکڻ واري- ڪڏهن تون هن ٽڪريءَ جي ڪور تائين ويئي آهين؟
ڪڪلو- ڪڏهن به ڪونه، تڏهن به ڀانيان ائين پيئي، ڄڻ توهان جو ڳوٺ
ڏٺل اٿم. اتي ججهي وڻڪار اهي. اتي جيڪي اوڀر اُڀرن
ٿا، ان ۾ توهان جو مال چرندو هوندو.
مکڻ واري- ڌيءَ، اسان مالدارن جو گذران آهي ئي مال تي. اسان جي
ڳوٺ ڏي ججهي وڻڪار ۽ وڏا چراگاهه آهن، جن ۾ رات
ڏينهن مال پيو چري- ڏڌ مکڻ وڪڻي چار ڏوڪڙ ڪمايون،
جن سان اَن داڻا ڳنهي، روٽلو ٿڦي کائون. اسان
گريبن (غريبن) جو گذران اجهو ائين ٿئي ٿو.
ڪڪلو- توهان جون ڳوٺاڻيون، ڳاڙهيون ساڙهيون پائينديون هونديون ۽
مٿن تي دلا کڻي، تلاءَ تي پاڻي ڀرڻ وينديون
هونديون؟
مکڻ واري – هائو، ٻچا! گهڙا مٿي تي کڻي، تلاءَ تان پاڻي ڀرڻ به
وينديون آهن، پر ڳاڙهيون ساڙهيون اسان وٽ ڪٿان
آيون؟ اسان غريبن وٽ چُنيءَ جون پوتيون ۽ اڇا لسا
روا آهن، ۽ اسان مان ڪي اجرڪ به اوڍينديون آهن.
تون شايد اسان جي پاسي گهمي آئي آهين؟
ڪڪلو-نه مائي، مان ايڏانهن ڪڏهن به ڪانه ويئي آهيان. حڪيم صاحب
مون کي ٻاهر نڪرڻ جي موڪل ڏئي، ته پوءِ تون مون کي
پنهنجو ڳوٺ گهمائيندينءَ؟
مکڻ واري- گهڻيءَ خوشيءَ سان.
ڪڪلو- مون کي به پاڻ وانگر هوڪو ڏيڻ سيکاريندينءَ؟
مکڻ واري، (کلي) توهين وڏا سيٺيون، توهين ڇو هوڪا ڏيئي ڏڌ مکڻ
وڪڻو. توهين ته وڏا وڏا ڪتاب پڙهو......
ڪڪلو-نه نه، مون کي ڪتاب ڪونه کپن. مان چاهيان ٿي ته مان تو
وانگر مکڻ واري ٿيان، ۽ هنڌ هنڌ هوڪا ڏيندي وتان.
تنهنجو هوڪو ڪهڙو نه مٺو ۽ وڻندڙ آهي: ڏڌ، مکڻ،
مهي! مون کي تو وانگر لات سان چوڻ نٿو اچي. اهو
پاڻ وارو سُرُ مون کي سيکارجانءِ.
مکڻ واري- تون عجيب ڇوڪري آهين، تنهنجا ته خيال ئي پنهنجا! تون
اسان جا هوڪا سکي ڇا ڪندينءَ؟
ڪڪلو- تنهنجي انهيءَ مٺڙي هوڪي مان منهنجي اندر کي جيڪو آنند
آيو آهي، تنهن جي مون کي سڌ آهي.
مکڻ واري- مائي، تون ڄاڻ تنهنجيون ڳالهيون ڄاڻن. مون کي دير ٿي
ٿئي، مان وڃان ٿي.
ڪڪلو- معاف ڪج جو سيڙايومانءِ- دل ۾ نه ڪج!
مکڻ واري – ڇو دل ۾ ڪنديس؟ تو ته پاڻ مون کي سيکاريو ته ڏڌ مکڻ
وڪڻندي به ڪيئن خوش گذارجي.
(مکڻ واري وڃي ٿي)
ڪڪلو- (پنهنجي منهن) ڏڌ، مکڻ، مهي! ڪهڙيءَ نه مٺيءَ لات سان
هوڪو ٿي ڏنائين. هي ڳوٺاڻيون سانجهيءَ جو کير ڏهي
ڄمائڻ رکن ۽ اَڻ اڀرئي جو ڏڌ ولوڙي مکڻ ڪن ۽ پوءِ
ڏڌ ۽ مکڻ جون ماٽيون ڀري، هوڪا ڏيئي وڪڻنديون وتن.
ڪهڙي نه، هنن جي جيوت سکي گذري ٿي!
(پيرن جي آهٽ ٻڌي ٿي)
هيءُ ته شايد چوڪيدار آهي جو پهري تي نڪتو آهي. چوڪيدار! او
چوڪيدار!
چوڪيدار- (دريءَ ڏي نهاري) مون کي ڪير ٿو سڏي؟
ڪڪلو- مون سڏيو.
چوڪيدار- ڇوڪري، تون ته ڪا ڏاڍي بيڊپي ٿي ڏسجين! اسان چوڪيدارن
کان توکي ڊپ ئي ڪونه ٿو ٿئي؟
ڪڪلو- ڇو ڊڄان؟
چوڪيدار- پڪڙي وٺي وڃانءِ ته پوءِ؟
ڪڪلو- مون کي ڪيڏانهن وٺي ويندين؟ هن ٽڪريءَ جي پار يا انهيءَ
کان به پري؟
چوڪيدار- سمجهه ته مان توکي سڌو پنهنجي حاڪم وٽ وٺي هلان ته
پوءِ؟
ڪڪلو- حاڪم وٽ! سو ته پاڻ چڱو، پر حڪيم صاحب مون کي ٻاهر نڪرڻ
نٿو ڏئي. سڄو ڏينهن در اندر پيئي آهيان.
چوڪيدار- تون برابر بيمار ٿي ڏسجين. رت سُڪي ويو اٿيئي، سڄو
منهن هيڊ جهڙو ٿي ويو اٿيئي ۽ منهن ۾ کڏون به
پئجي ويون اٿيئي؛ هٿ پير به ڳري ڪنڊا ٿي ويا
اٿيئي، جنهن ڪري نسون پيون نظر اچن.
ڪڪلو- توهين پهري تي گهنڊ وڄائي بَجا هڻندا آهيو. اهو گهنڊ ته
وڄاءِ.
چوڪيدار- گهنڊ جو اڃا وقت نه ٿيو آهي.
ڪڪلو- هيءَ ته عجيب ڳالهه ٿو ڪرين. تون چوين ته اڃا وقت نه آيو
آهي، ۽ ڪي چون ته وقت لنگهي به ويو! پر گهنڊ وڄائڻ
سان تنهنجو به وقت اچي ويندو.
چوڪيدار- ائين نه آهي. مان گهنڊ وڄائيندو ئي تڏهن آهيان، جڏهن
وقت ٿيندو آهي.
ڪڪلو- اِنهيءَ گهنڊ جو آواز ٻڌي مون کي فرحت ايندي آهي. منجهند
جي مانيءَ کائڻ کانپوءِ ڪاڪو وڃي ڪم تي، ته چاچي
لائي اک. اڱڻ ۾ اسان جو ڪتو به ڀت جي پاڇولي هيٺ
ليٽي، پنهنجو ٻوٿ پڇ ڏي ورائي سمهي پوي ٿو. انهيءَ
مهل تنهنجو گهنڊ ڪري ”ٺن، ٺن، ٺن،“ ته منهنجي اندر
کي آنند پيو اچي! چوڪيدار، اهو گهنڊ ڇو وڄائيندا
آهيو؟
چوڪيدار- هر هڪ پهر پوري ٿيڻ تي اسان جو گهنڊ هن لاءِ وڄي ٿو،
ته سڀني کي سڌ پوي ته حياتيءَ جو هڪ پهر پورو ٿيو
۽ اهو وري هٿ نه ايندو.
ڪڪلو- جيڪي پهر نبرندا وڃن ٿا، سي ڪيڏانهن ٿا وڃن؟
چوڪيدار- اهو انت ڪنهن به ڪونه پاتو آهي.
ڪڪلو- تڏهن چئبو ته جيڪي پل ۽ پهر نبرندا وڃن ٿا، سي انهيءَ
هنڌ وڃن ٿا، جنهن هنڌ اڃا ڪنهن پير ڪونه پاتو آهي.
تڏهن مان جيڪر انهن پلڪن ۽ پهرن سان اڏامي، اهو
هنڌ وڃي ڏسان، جنهن جي ڄاڻ اڄ تائين ڪنهن ڪانه
ڄاتي آهي.
چوڪيدار- ابا! نيٺ اسان سڀني کي اوڏانهن هلڻو آهي.
ڪڪلو- مون کي به؟
چوڪيدار-هائو، توکي به اَوس هلڻو پوندو.
ڪڪلو- پر، حڪيم صاحب ته مون کي گهر کان ٻاهر پير به ڪڍڻ نٿو
ڏئي.
چوڪيدار- خود تنهنجي حڪيم صاحب کي به اوڏانهن هلڻو پوندو- تون
به ساڻس.
ڪڪلو- تڏهن تون حڪيم صاحب کي ڪونه سڃاڻين، هو مون کي ڪڏهن ڪين
وٺي هلندو. منهنجي نالي چئي ٿو ته اتي پيئي هجي، ۽
ٻاهر بلڪل نه نڪري.
چوڪيدار- تنهنجي حڪيم کان به وڏو حڪيم ايندو. سو توکي وٺي ويندو
۽ تون هميشھ لاءِ آزاد ٿيندينءَ.
ڪڪلو- اهو وڏو حڪيم مون لاءِ ڪڏهن ايندو؟ مان آزاديءَ جي ڪوڏي
آهيان ۽ هتي وڌيڪ رهڻ نٿي چاهيان.
چوڪيدار- ائين نه چئو. سڀ ڳالهه پنهنجي مداءَ تي ٿئي ٿي.
ڪڪلو- ڀلا، مهرباني ڪري هيءُ ٻڌايو ته پرينءَ ڀر هوءَ وڏي جاءِ
ڪهڙي آهي، جنهن جي مٿان سونو وائنٽو پيو ورڪي؟ اتي
ڇا آهي جو هيترا ماڻهو اوڏانهن اچن وڃن ٿا.
چوڪيدار- اهو سرڪاري ٿاڻو آهي ۽ اتي پوسٽ آفيس به آهي.
ڪڪلو- پوسٽ آفيس! ڪنهن جي؟
چوڪيدار- ملڪ جي حاڪم جي.
ڪڪلو- ملڪ جي حاڪم جا خط پٽ به اتي ايندا هوندا؟
چوڪيدار- هائو، ڪنهن ڏينهن تولاءِ به چٺي ايندي.
ڪڪلو- مون لاءِ چٺي! مان ته اڃا ٻار آهيان.
چوڪيدار- ننڍڙن ٻارن لاءِ به ملڪ جي حاڪم وٽان وقتي نازڪ نياپا
ايندا آهن.
ڪڪلو- تڏهن ته ڏاڍو چڱو! پر، ڪيئن ٿو چوين ته مون لاءِ به چٺي
ايندي؟
چوڪيدار- هتي جيڪي به رهن ٿا، تن سڀني لاءِ ڪڏهن نه ڪڏهن حاڪم
وٽان چٺي ايندي. نه ته هتي پوسٽ آفيس کولڻ جو ڪم
ڪهڙو؟
ڪڪلو- حاڪم جي چٺي مون کي ڪير آڻي پهچائيندو؟
چوڪيدار- حاڪم وٽ هزارين قاصد آهن، جي اَٺ ئي پهر ڊڪندا ڊوڙندا
وتن ۽ هر هڪ انسان کي چٺي پيا پهچائين. انهن جي
چيلهه سان چيلهڪي ٻڌل آهي، جنهن جو پيتلي چمڪندڙ
پٽو پريان ئي ڄاڻائي ٿو ته اهي قاصداڻي ڪار ڪن ٿا.
اهي سڄ ملڪ ۾ در در ڊوڙندا وتن.
ڪڪلو- وڏي هوندي مان به جيڪر ٽپالڻ ٿيڻ چاهيان.
چوڪيدار- (مشڪي) ٽپالي ٿيڻ چرچو ڪونهي! آڌيءَ مانجهيءَ، صبح
سانجهيءَ، بلڪه جهڙيءَ ڦڙيءَ ۾ به در در تي وڃڻو
پوي ٿو ۽ چٺيون پهچائڻيون پون ٿيون. اهو ڳرو ڪم
آهي.
ڪڪلو- مان جيڪر اهو ڪم خوشيءَ سان ڪريان. پر تون هيئن مشڪيو ڇو؟
ٺهيو ٺهيو، سمجهيم، تنهنجو ڪم به ڳرو آهي. تتيءَ
ٿڌيءَ بلڪ جهُڙيءَ ڦڙيءَ ۾ به توکي چتاءُ ڪرڻو
پوي ٿو ته حياتيءَ جو پهر پورو ٿيو ۽ ان لاءِ تون
گهنڊ وڄائين ٿو. ڌرتتيءَ جو جڏهن چوڌاري سانت لڳي
پيئي هوندي آهي، تڏهن تنهنجو گهنڊ ڪري ”ٺن، ٺن،
ٺن!“ اڌ رات مهل اسان جي بتي گل ٿي پيئي هوندي
آهي، ۽ مان جي اوچتو سجاڳ ٿيندي آهيان، ته اوڏي
مهل به تنهنجي گهنڊ جو مٺڙو آواز ”ٺن، ٺن، ٺن!“
منهنجي ڪنن تي پوندو آهي. ڪهڙو نه مٺو آواز آهي!
چوڪيدار- بابلا، توکي ته آهن ڳالهيون ڪرڻيون، مون کي پنهنجي
نوڪريءَ جو اونو آهي. پريان جمعدار پيو اچي، اهو
جي مون کي توسان ڳالهيون ڪندو ڏسندو، ته مون لاءِ
چڱائي نه ٿيندي.
ڪڪلو- ملڪ جي حاڪم کيس جمعدار بنايو هوندو؟
چوڪيدار- هن جي ڳالهه ئي نه پڇ. هي آهي مهيءَ ولوڙ. هي رستا ئي
اهڙا اختيار ڪندو جو ڪنهن کي ڏٺو به ڪونه وڻندو
آهي.- هر ڪنهن لاءِ تڪليف پيدا ڪندو آهي. تنهن ڪري
هرڪو پيو ڪن هڻندو آهي. مان هاڻ وڃان ٿو جو پنهنجو
ڪم سيڙائڻو نه اٿم.
(وڃي ٿو)
ڪڪلو- (پنهنجي منهن) ملڪ جي حاڪم وٽان مون کي جيڪڏهن ڏيهاڙي چٺي
اچي، ته ڏاڍو چڱو! مان جيڪر هن دريءَ وٽ ويهي
پڙهان. پر مون کي چٺي پڙهي ڪير ٻڌائيندو؟ چڱو آءُ
چٺيون سانڍي رکنديس ۽ جڏهن وڏي ٿينديس، ته پوءِ
پيئي پڙهنديس. پر جيڪڏهن ٽپاليءَ کان منهنجو گهر
لڀيئي نه، ته پوءِ؟ (جمعدار لنگهي ٿو) جمعدار
صاحب! او جمعدار صاحب! ڀلائي ڪري ڳالهه ته ٻڌجو.
جمعدار- هن شاهي رستي تي مون کي ڪير ٿو سڏي؟
(دريءَ ڏي نهاري ڪڪلو کي چوي ٿو)
تو مون کي سڏيو؟
ڪڪلو- هائو، اوهين جمعدار صاحب آهيو؟ توهان کان ته سڀڪو ڪن
هڻندو هوندو؟
جمعدار (خوش ٿي) ڇو نه هڻندا؟
ڪڪلو- ملڪ جي حاڪم جا ٽپالي اوهان جو چيو مڃيندا آهن؟
جمعدار- ڇو نه مڃيندا؟
ڪڪلو- ڀلائي ڪري ٽپاليءَ کي چئجو ته آءُ ڪڪلو آهيان، جا هن
دريءَ وٽ ويٺي هوندي آهيان.
جمعدار – ٽپاليءَ کي انهيءَ ڳالهه ٻڌائڻ جي ضرور ڪهڙو؟
ڪڪلو- متان مون لاءِ ڪا چٺي هجي.
جمعدار- تو لاءِ چٺي! لکندءِ اول ڪير؟
ڪڪلو- ملڪ جو حاڪم کڻي لکي ته!
جمعدار- (ٽهڪ ڏيئي) ڏاڍي ڪا عجيب ڇوڪري ٿي ڏسجين! ملڪ جو حاڪم
تنهنجي سڪ ۾ پيو سڪي! دلجاءِ ڪر، سڀاڻي تنهنجي چٺي
اچي ويندي!
ڪڪلو- ڇو جمعدار صاحب؛ چڙ لڳيوَ ڇا، جو هيئن ٿا ڳالهايو؟
جمعدار- تنهنجي ڪاڪي ٽَڪا ميڙيا آهن ۽ توهين هاڻ وڏا ماڻهو ٿيا
آهيو، ته توهان وٽ رڳو راجائن ۽ بادشاهن جي پچار
پيئي هلي. مون کي هڪ واري تنهنجو ڪاڪو گڏجي نه
ٺڪرين تي نچايانس. ملڪ جي حاڪم جي چٺي مان پاڻيهي
اوهان جي گهر پهچائيندس، تون دلجاءِ ڪر.
ڪڪلو- نه نه، توهين تڪليف نه ڪجو.
جمعدار- ڇو نه، مان ملڪ جي حاڪم کي تو بابت چوندس، ته هو ويرم
ئي ڪانه ڪندو. سندس هڪڙو نه ٻيو قاصد اچي توکي چٺي
رسائيندو.
(جمعدار وڃي ٿو. هڪ ڇوڪري گلن جي ٽوڪري کڻي اچي ٿي.)
ڪڪلو- ڇوڪري تون ته اتي گهڙي کن ترس! پير ۾ جيڪي نُورا پيا
اٿيئي، تن جي گهڻ گهڻ مون کي ڏاڍي وڻي ٿي.
گلن واري- مون کي وقت ڪونهي جو ترسان، اڳيئي گهڻي دير ٿي ويئي
اٿم.
ڪڪلو- توکي ترسڻ نٿو وڻي ۽ مون کي گهر ۾ ويهڻ نٿو وڻي.
گلن واري- ڇو؟ توسان ڪهڙي ويڌن آهي؟
ڪڪلو-اها ته مون کي به سُڌ ڪانهي، پر حڪيم صاحب مون کي ٻاهر
نڪرڻ نٿو ڏيئي.
گلن واري- تڏهن ٻاهر نه نڪر، جيئن حڪيم چويئي ٿو تيئن ڪر، نه ته
تنهنجا مائٽ به توتي ڏمربا. تون برابر ٻاهر نهاري
نهاري ٿڪبي هوندينءَ، پر مان تنهنجي هيءَ دري ٿورو
ٻيڪڙي ٿي ڇڏيان.
ڪڪلو- نه نه، هائي ڌائي اها ئي هڪڙي دري کليل آهي سا ته بند نه
ڪر. ٻيون دريون ۽ دروازا سڀ بند آهن. پر ڀينڙي،
ٻڌائينم ته تون ڪير آهين؟
گلن واري- مان پشپا آهيان.
ڪڪلو- تون ڇا ڪندي آهين؟
گلن واري- مان هارن واريءَ جي ڌيءَ آهيان ۽ سڄو ڏينهن گل ڦل
چونڊيندي وتان.
ڪڪلو- گل چونڊين! هلين به ائين ٿي ڄڻ ته ڪنهن ڦلن ڇانئين واٽ
تان ٿي لنگهين. تنهنجا نُورا به عمديءَ ريت گهڻ
گهڻ پيا ڪن. مان به جيڪڏهن ٻاهر هجان، ته وڻن ۽
ٻوٽن جا ڏار موڙي، توکي گل پٽي ڏيان.
گلن واري- توکي گلن جي ڪهڙي سُڌ؟
ڪڪلو- ڇو نه سڌ اٿم، گلاب، چنبيلي، موتيو، مگرو، سڀ سڃاڻان. مون
کي جي ٻاهر نڪرڻ جي موڪل ملي، ته مان جيڪر اهڙن
گهاٽن جهنگن ۾ گهڙي وڃان، جتان جيڪر تون واٽ به
مشڪل لهي سگهين. جتي پکي لامن تي لڏي مٺيون لاتيون
لنون ٿا، ۽ ڦلن ڦولن ۾ ٺونگا هڻي رس چوسين ٿا، تتي
جيڪر لنگهي وڃان. سڀڪو جيڪر ائين سمجهي ته مان
ڏونگر ڏاري، برپٽن مان پيدا ٿي آهيان ۽ پاروتي
آهيان. توکي جيڪر پنهنجي ڀيڻ لڇمي ڪريان.
گلن واري- تون هيءُ چوين ڇا ٿي؟ مان پشپا گلن واري آهيان، سا
ڦري تو سيٺياڻيءَ جي ڀيڻ لڇمي ڪيئن ٿينديس؟ مون کي
ڏيهاڙي گهڻي ئي هار پوئڻا پون ٿا. منهنجي لاءِ ته
پاڻ جيڪر فرحت ٿئي، جيڪڏهن تو وانگر ٽنگون ٽيڙي
سمهي پيئي هجان.
ڪڪلو- پوءِ ڀلا سڄو ڏينهن تون ڇا ڪرين؟
گلن واري- مان جيڪر پنهنجي گُڏن ۽ گڏين سان راند ڪريان، مان
هينئر وڌيڪ ترسي نٿي سگهان. متان هڪڙو به گل هٿ نه
اچيم.
ڪڪلو- ڀلائي ڪري ٿورو ترس.
گلن واري- هينئر ڇڏينم، موٽندي تولاءِ گل کڻي اينديس ۽ ٿورو وقت
توسان ڳالهيون اچي ڪنديس.
ڪڪلو- مون کي وسارجانءِ نه، منهنجو نالو ڪڪلو اٿيئي.
گلن واري- دلجاءِ ڪر، مان توکي ڪانه وسارينديس.
(وڃي ٿي)
(ڇوڪرن جي ٽولي اچي ٿي)
ڪڪلو- ڀائڙا! توهين ڪاڏي ٿا وڃو؟ ٿورو ترسو.
هڪ ڇوڪر- اسين وڃون ٿا راند ڪڏڻ.
ڪڪلو- ڪهڙي راند ڪڏندا؟
ٻيو ڇوڪر- هر کيڙينداسين.
ٽيون- (لڪڻ ڏيکاري) هيءُ آهي هَر ۽ مان ٿيندس هاري.
پهريون- هي ٻيا ٻه ڇوڪرا، ڏاند ٿيندا جي هر ڪاهيندا.
ڪڪلو- سڄو ڏينهن راند ڪندا؟
ڇوڪر-هائو سڄو ڏينهن.
ڪڪلو- شام جو هن تلاءَ واري رستي وٽان لنگهندا؟
هڪ ڇوڪر- هائو.
ڪڪلو- پنهنجي گهر ڏانهن موٽندي اسان جي گهر وٽان لنگهندا آهيو؟
هڪ ڇوڪر- هائو، تون به اچي اسان سان راند ڪڏ.
ڪڪلو- حڪيم صاحب مون کي ٻاهر نڪرڻ نٿو ڏئي.
هڪ ڇوڪر- تون حڪيمن جي مت تي لڳندي آهين! (ٻين ڇوڪرن کي) هلو
ڀائي، هلو، ته پاڻ هلي راند ڪڏون، دير ٿي ٿئي.
ڪڪلو- ڀائڙا، نه وڃو. منهنجي هن دريءَ وٽ رستي تي بيهي راند
ڪريو ته مان به ڏسان.
هڪ ڇوڪر- هتي ڪهڙي راند ڪري سگهنداسين؟
ڪڪلو- مان توهان کي رانديڪا ڏيان. مون وٽ ڪيترائي رانديڪا آهن،
جي رکئي پيا لَٽجن.
(رانديڪا ڏئينِ ٿي)
ڇوڪرو- واه ڙي واه! رانديڪا ته ڏاڍا سٺا آهن! اڙي هيءَ ٻيڙي! هي
موٽا موٽا سپاهي! اڙي هيءَ ڀُوري ته جهڙي ناني
مورند ماءُ!
ڇوڪر- (ڪڪلوءَ کي) هيءُ سڀ رانديڪا اسان کي ڏيندينءَ؟ دل ۾ ته
ڪين ڪندينءَ؟
ڪڪلو- ڇو دل ۾ ڪنديس؟ بلاشڪ، سڀئي رانديڪا کڻو.
ڇوڪر- توکي موٽي ڪونه کپن؟
ڪڪلو- نه نه، مون کي ڪونه کپن.
ڇوڪر- رانديڪا ڏيئي ڇڏيندينءَ ته مائٽ ڪين ڪاوڙبئي؟
ڪڪلو- مون تي ڪاوڙ ڪو ڪونه ڪندا آهن. توهين رڳو ايترو ڪريو جو
ڏيهاڙي صبح جو منهنجي دريءَ اڳيان اچي راند ڪريو.
اهي رانديڪا ميرا ٿيندا ته ٻيا نوان توهان کي
گهرائي ڏينديس.
هڪ ڇوڪر- اسين بيشڪ هتي اچي راند ڪنداسين. اڙي هي سپاهي قطار
ڪري بيهاريو. بندوق به کپي. اجهو هيءُ ڪانُوَ !
هيءُ ٿا بندوق ڪريون. پر توکي ته (ڪڪلوءَ کي) ننڊ
پيئي اچي.
ڪڪلو- برابر، منهنجون اکيون پيون لڳن. هتي گهڻو وقت ويٺي آهيان
ته ٿڪجي پيئي آهيان. پٺي سور ٿي ڪريم.
هڪ ڇوڪر- اڃا ڏينهن جو پهريون پهر آهي، ته سويلئي ٿي ننڊ اچيئي.
اجهو پهرئين پهر جو گهنڊ پيو وڃي.
ڪڪلو- برابر، اهو گهنڊ جو مٺو آواز ”ٺن، ٺن، ٺن!“ اهو آواز آرام
ڏيندڙ آهي.
ڇوڪر- چڱو تون آرام ڪر، اسين وڃون ٿا. وري سڀاڻي صبح جو
اينداسين.
ڪڪلو- پوءِ وڃجو، مون کي توهان کان هڪڙي ڳالهه پڇڻي آهي. توهين
پيا گهمو گهتو، سو توهان کي ضرور سڌ هوندي ته حاڪم
جا ٽپالي ڪهڙا آهن؟
ڇوڪر – ٽپالي ڇو نه سڃاڻون.
ڪڪلو-نالا ڪهڙا اٿن؟
هڪ ڇوڪرو- هڪڙي ٽپاليءَ جو نالو بدل، ٻئي جو سرت.
ٻيو ڇوڪيو- ٻيا به گهڻيئي آهن.
ڪڪلو- منهنجو ڪو خط هوندو ته مون کي ٽپالي ڳولي لهي سگهندو؟
ڇوڪر- تنهنجو نالو نيشان لکيل هوندو ته پاڻيهي ڳولي لهندو.
ڪڪلو- سڀاڻي اچو ته ڪنهن ٽپاليءَ کي ساڻ وٺي اچجو ته مون کي
سڃاڻي ڇڏي.
ڇوڪر- چڱو، وٺي اينداسونس. |