سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل مارچ، جون 1964ع

باب: --

صفحو :10

چار حڪيم

(سنڌيڪار: اسرار احمد، ٽنڊوڄام)

ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن ملڪ ۾، هڪ وڏو حڪيم رهندو هو. هو غريبن جو علاج مفت ۾ ڪندو هو، انهيءَ ڪري سڀيئي ماڻهو کيس گهڻو پيار ڪندا هئا.

هڪ دفعي، اهو حڪيم اهڙو اچي بيمار ٿيو، جو ماڻهن کي پڪ ٿي ويئي ته هاڻي بچندو ئي ڪين—ننڍا وڏا، ٻار، زالون مرد- سڀيئي هن جي کٽ کي وڪوڙي ويا. هنن جي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا. اوچتو حڪيم اکيون کوليون ۽ سڀني ڏانهن نهاري، چوڻ لڳو ته ”اوهين ڇو ٿا روئو؟“

”اسان کي ارمان آهي ته اوهان اسان کان وڇڙي رهيا آهيو؟ هاڻي اسان جو ڪير آهي، جو اوهان وانگر آئيءَ ويل اسان جي مدد ڪندو.“

”خدا جو حڪم آهي، ان کي ڪير به ٽاري نٿو سگهي. توهان ڪوبه خيال نه ڪريو، آءُ اوهان لاءِ چار وڏا حڪيم ڇڏي ٿو وڃان، جيڪي بنا اجوري وٺڻ جي اوهان جي خدمت ڪندا رهندا.“

ماڻهن پڇيس ته ”اهي ڪهڙا چار حڪيم آهن؟“

حڪيم ورندي ڏني ته ”اهي چار حڪيم هي آهن: پهريون حڪيم هيءُ آهي ته صبح جو سوير اٿي ڪسرت ڪجي، ٻيو حڪيم، روزانو ڏندڻ ڪجي، ٽيون حڪيم، صبح جو روز وهنججي، ۽ چوٿون حڪيم، جڏهن بک لڳي تڏهن ماني کائجي. انهن چئني حڪيمن جي چوڻ تي هلندئو، ته اوهان سدائين تندرست گذاريندئو.“ ائين چئي، حڪيم کڻي اکيون ٻوٽيون.

حڪيم جي وفات کانپوءِ ڳوٺ جي ماڻهن حڪيم جي صلاحن تي عمل ڪيو ۽ واقعي هو پوءِ گهڻن ئي مرضن کان ڇٽي پيا ۽ تندرست گذارڻ لڳا.

 

 

اگني بگني

(قطب الدين لغاري)

گهڻو اڳي، هڪ گدڙ ۽ گداڙيءَ پاڻ ۾ شادي ڪئي. شاديءَ کان ڳچ مهينا پوءِ گداڙي پيٽ سان ٿي. جڏهن ٻچن ڄڻڻ جو وقت آيو، تڏهن گداڙيءَ گدڙ کي چيو ته ”هاڻي ٻچا ڪنهن اهڙيءَ جڳهه تي ڪجن جو خطرو گهٽ هجي.“ گدڙ سڄو ڏينهن جڳهه ڳولي ڳولي ٿڪجي پيو. آخرڪار شام جو کيس هڪ غار ڏسڻ ۾ آئي، جا اصل ۾ شينهن جي هئي. گدڙ، گداڙيءَ کي وٺي انهيءَ غار طرف روانو ٿيو. جڏهن غار ۾ پهتا ته گداڙيءَ چيو، ”هيءَ غار ته شيهن جي آهي، هاڻي ڪيئن ڪريون؟“ مٿان ٻچن ڄڻڻ جو وقت به ڀرجي آيو هو، سو گداڙيءَ کڻي اتي ٻچا ڪيا. گدڙ، گداڙيءَ کي سمجهائي ڇڏيو ته جنهن مهل شينهن ايندو ته انهيءَ مهل آءُ توکان سوال پڇندس ۽ تون انهن جا جواب ڏجانءِ. پوءِ گدڙ گداڙيءَ کي سمجهائي، غار مان نڪري ٻاهر وڃي ويهي رهيو. جڏهن ڏٺائين ته شينهن غار ڏانهن پيو اچي، تڏهن پاڻ ۾ هيٺين گفتگو شروع ڪيائون:

گدڙ: اِگني بِگني!

گداڙي: جي، نظر سَولا.

گدڙ:ٻچا ڇو ٿا روئن؟

گداڙي: شينهن جي ماس لاءِ.

شينهن جو ”اگني بگني“ جو نالو ٻڌو ۽ وري پنهنجي ماس جو ٻڌائين، سو وٺي پوئين پيرين ڀڳو ۽ اچي بگهڙ سان مليو. بگهڙ کي چيائين ته ”ماما، ڙي ماما! منهنجي گهر ۾ اگني بگني  آيا آهن، تون ڪا مون سان واهر ڪر.“ بگهڙ، شينهن کي ورندي ڏني، ”آءُ توسان گڏجي هلان ٿو، پر ٻيلي تون آهين ڀڄڻ ۾ تکو، ڀڄي جند ڇڏائي ويندين، پوءِ آءُ ڪيئن ڪندس؟“ شينهن وراڻي ڏنيس، ”اهو خيال نه ڪر، تون منهنجي سر سان آهين.“ پوءِ شينهن ڇا ڪيو جو هڪڙو رسو کڻي، ان جو هڪڙو پاسو پنهنجي ڳچيءَ ۾ ٻڌائين، ۽ ٻيو بگهڙ جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي، ٻيئي گڏجي هليا غار ڏي. جڏهن غار کي ويجهو پهتا ۽ گدڙ جي مٿن نظر پيئي، تڏهن هڪل ڪري گداڙيءَ کي چيائين، ”اگني بگني، ٻن ڏينهن جو ڍئو گهر ويٺي اچي ويو آهي. تون اٿي شينهن جو ڪنڌ ڀڃ اءُ بگهڙ جو.“

شينهن جڏهن ٻُڌو ته اگني بگني اجهو ٿي منهنجو ڪنڌ ڀڃي، سو اچي رڦڻيءَ ورتس ۽ وٺي پوئين پيرين ڀڳو. بگهڙ جا ته پهرينءَ سَٽ پير نڪري ويا، سو شينهن جي پٺيان گهلبو رهيو. آخر جڏهن شينهن ڊوڙي ڊوڙي ٿڪو ۽ وڃي گهٽاي جهنگ ۾ پيو، ته ڏسي ته بگهڙ ڏند ڪڍيو پيو آهي. تڏهن ڪاوڙ مان بگهڙ کي چيائين، ”انصاف آهن تنهنجا، اسان کي ساهه جي توکي کلڻ جي!“


 

ڳجهارتون

 

محمد سليم بهراڻي، ميهڙ.

(1)  رڇ مَ آڇ سومرا، اسين گاهن جا هيراڪ.

(2) پٺي اٿس ڪاٺ جي، پي تي اٿس وار؛

ڪم ڪري صفائيءَ جو، نالو ٻڌايو يار.

(3) هلي ته خبر ڪانه پوي، ويهي ته باهه ٻاري.

(4) هڪ ناري ڪجهه نه کائي، رات ڏينهان جنهن کي ننڊ نه آهي،

ماڻهن ۾ ويٺي پاڻ لڪائي، بنا علم جي حڪم هلائي،

مرڻ جيئڻ جي سڌ سڻائي!

(5)  اها ڇا آهي، جا ٻين کي ڏيندا آهيون، پر پاڻ نه وٺندا آهيون.

محمد هاشم لغاري، ٽنڊوڄام:

(6) اها ڪهڙي کاڌي جي شيءِ آهي، جنهن جو پهريون اکر ڪڍڻ سان هڪ انگ ٺهي ٿو ۽ ٽيون اکر ڪڍڻ سان هڪ ڏينهن جو نالو ٺهي ٿو.

ڪريم بخش سومرو، داد لغاري:

(7) ڌڪ لڳن جيئرن کي واڪا ڪن مئا، جيڪي دوزخ ۾ هئا، سي بهشت ۾ ويا.

(8) پؤڙي ۾ گڙ گڙ، بنگلي ۾ باهه، ننڍي چئي وڏي کي ڪاهه ڙي ڪاهه.

اشوڪ ڪمار ڀاٽيا، جيڪب آباد:

(9) اڇو آهي پاڻ ڪري ٿو ڪارا ويس، گهمي ٿو پرديس.

(10)ننڍو منهن، وڏي ڳالهه.

(11)ڪٽوري ۾ ڪٽورو، پٽ پيءُ کان گورو.

ارباب علي ڀٽو، سکر:

(12) شيءَ آهي منهنجي، ڪم ٿي اچي ٻين کي؟

(13) اها ڪهڙي شيءِ آهي، جا اکين اڳيان هوندي به ڏسڻ ۾ نه ايندي آهي؟

 

ڀڃڻيون

(1) رَڇ= وٽا. گاهه=ٻڪن. وٽا نه اَڇ سومرا، اسين ٻڪن جا هيراڪ. (2) برش (3) جُون (4) وقت (5) نصيحت (6) آچار (7) کوهه (8) حقو (9) خط (10) دهل (11) ناريل (12) نالو (13) مستقبل.

 

 

کل ڀوڳ

 

سڪندر پنهور:

گراهڪ: مون کي اوهان جي اخبار ۾ پنهنجو فوٽو ڏيڻو آهي. مهرباني ڪري ٻڌايو ته اوهان جو ڪهڙو اگهه آهي؟

ايڊيٽر: هڪ انچ لاءِ ٽي رپيا.

گراهڪ: منهنجي ماپ وٺو ته خبر پوي!

هڪ شخص ڪنهن ڇوڪر کي چيو ته ”مون کي وڃڻي هڻ. جي ننڊ آئي ته توکي ٽڪو ڏيندس.“ ٿوريءَ دير کانپوءِ ان ماڻهوءَ جي اڃا اک ئي مس لڳي ته ڇوڪر ننڊ مان اٿاري چوڻ لڳس: ”توکي ننڊ اچي ويئي، هاڻي اٿي، ٽڪو ڏي!“

هڪ شخص کان ڪنهن ماڻهوءَ پڇيو، ”تنهنجي عمر ڪيتري آهي؟“

ورندي ڏنائين ته ”چاليهه سال.“

ڏهن سالن گذرڻ کانپوءِ، وري انهيءَ ماڻهوءَ پڇيس، ميان، ”هن وقت تنهنجي عمر ڪيتري آهي؟“ جواب ڏنائين، ”چاليهه سال.“ تنهن تي هن چيس ته ”ڏهه سال اڳ به تو ٻڌايو هو ته چاليهه سال، ۽ هينئر به ساڳيا چاليهه سال؟“ جواب ڏنائين ته ”مردن جي ڳالهه هڪ ٿيندي آهي. جيڪڏهن ويهن سالن گذرڻ کانپوءِ به عمر پڇندين، ته آءُ اهو ئي جواب ڏيندس ته ’چاليهه سال‘.“

ڪنهن  شخص جو گڏهه رات جو چوري ٿي ويو ۽ صبح جو هو ان جي ڳولا ۾ نڪتو. دوست چوڌاري ڦري آيس ۽ لڳا کيس ملامت ڪرڻ.

هڪڙي چيس، ”تو جاءِ جي دروازي کي ڪلف ڇو نه لڳايو؟“ ٻئي وري چيس، ”ڇو اهڙيءَ گهريءَ ننڊ ۾ سمهين پئين، جو توکي خبر ئي ڪانه پئي، ۽ چور دروازو کولي گڏهه چورائي هليا ويا.“ هو وائڙو ٿي ويو ۽ جواب ڏنائين: ”اوهان جنهن نموني مون کان پڇي رهيا آهيو، ان مان ته ائين ٿو معلوم ٿئي ته ڏوهه سڄو ئي منهنجو آهي ۽ چور ته بڪل بي قصور آهي.“

شگفته شاهين، حيدرآباد

ماءُ ڌيءَ کي چيو ته وڃي بزار مان ڪريم جي شيشي وٺي اچ، هجي ڪجهه سستي، متان مهانگي وٺي اچين. ڇوڪري ويچاري ويئي بزار، سو دڪاندار کي چيائين ته ڪريم ڏي. دڪاندار ڪريم ڏيکاري چيس ته ”اڍائي رپيا“. ڇوڪريءَ چيو ته آءُ توکي ساڍا چار رپيا ڏينديس. پوءِ ڪريم وٺي ڏاڍي خوش ٿي گهر موٽي ۽ ماءُ کي ڏيئي چيائين ته اما مون سستي آندي آهي. دڪان واري چيو ته اڍائي رپيا، پر مان ساڍا چار رپيا ڏيئي وٺي آيس.

اهو ٻڌي ماڻس ڪاوڙجي باهه ٿي ويئي. مار به اهڙي ڪڍيس ها، جو عمر ڀر ياد ڪري ها! پر پوءِ ڇوڪريءَ تي کل اچي ويس.

 


 

سوال ۽ جواب

 

 

منير احمد، لاڙڪاڻو:

سوال: ڪجهه وقت ٿيو ته اخبارن ۾ پڙهيم ته روس جي ماسڪو يونيورسٽيءَ ۾ هڪ ڇوڪري آهي، جا سنڌي ٻولي ڄاڻي ٿي. اها سنڌي ٻولي ڪيئن سکي؟

جواب: سنڌي ٻوليءَ جو گرامر ۽ ٻولي سکڻ لاءِ ٻيا اهڙا ڪارائتا ڪتاب پڙهي سکي آهي.

سوال: يورپ جي ٻين ملڪن ۾ به ڪي اهڙا مرد يا عورتون آهن، جي سنڌي ٻولي ڄاڻن؟

جواب: اهو ته چڱيءَ طرح سان جاچ ڪرڻ سان ئي ٻڌائي سگهجي ٿو، پر اسان کي ايترو معلوم آهي ته لنڊن ۾، رٽائرڊ آءِ سي ايس عملدارن جو هڪ ڪلب آهي، جن سنڌ ۾، انگريزن جي حڪومت جي دور ۾ ملازمت ڪئي هئي. انهن مان ڪيترائي رٽائرڊ انگريز عملدار صاف سنڌي ڳالهائي ۽ لکي پڙهي سگهن ٿا.

اولهه جرمنيءَ جي مشهور عالم خاتون ڊاڪٽر انيمري شمل، سنڌي لکي پڙهي ڄاڻي ۽ ٿوري گهڻي ڳالهائي به سگهندي آهي. هن ڪيترن ئي سنڌي ادبي ڪتابن تي يورپ جي رسالن ۾ تبصرا لکيا آهن.

اهڙيءَ ريت، ممڪن آهي ته ٻين يورپي ملڪن ۾ به سنڌي ڄاڻندڙ هجن.

بلقيس، شڪارپور:

سوال: پاڪستان ۽ هندستان جي ڪهڙين ريڊيو اسٽيشنن تان سنڌيءَ ۾ پروگرام نشر ٿيندا آهن؟

جواب: پاڪستان ۾ حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تان ۽ هندستان ۾ بمبئي، گوا، سلون ۽ (شايد دهليءَ تان پڻ) سنڌيءَ ۾ پروگرام نشر ٿيندا آهن.

محمد عمر، سيوهڻ:

سوال: هن وقت دنيا جو مشهور فيلسوف ڪير آهي ۽ اهو ڪٿي رهندو آهي؟

جواب: برٽرانڊ رسيل. هو انگريز آهي. لنڊن ۾ رهندو آهي.

محمد يعقوب، ميرپورخاص:

سوال: دنيا ۾ سڀ کان سٺو ڪم ڪهڙو آهي؟

جواب: خدا جي خلق جي خدمت.

ڪنيز فاطمه، حيدرآباد:

سوال: سٺيءَ صحت لاءِ سڀ کان ضروري ڳالهه ڪهڙي آهي؟

جواب: وقت تي کاڌو کائڻ.

جلال، نوابشاهه:

سوال: مان وڏو ماڻهو ٿيڻ چاهيان ٿو. ٻڌايو ته ڇا ڪريان؟

جواب: وڏن ماڻهن جي حياتين بابت لکيل ڪتاب پڙهه.

محمد عثمان، ڪراچي:

سوال: سنڌ ۾ درياءَ تي هن وقت گهڻيون پليون آهن؟

جواب: پنج، انهن مان ٽي سکر وٽ آهن: لئنسڊائون پل، ايوب پل ۽ سکر بئراج پل. ٻه پليون حيدرآباد وٽ آهن: هڪ ڪوٽڙي براج پل، جا ڄامشوري ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ آهي ۽ ٻي ڪوٽڙي پل، جا ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ آهي.

سوال: اهو سچ آهي ته اسان ڪراچيءَ ۾  جيڪو پاڻي پيئندا آهيون. اهو سنڌو درياءَ مان اچي ٿو؟

جواب: هائو.

محمد قاسم، حيدرآباد:

سوال: شاهه جي بيتن ۾، سُر عمر مارئيءَ ۾ جنهن ملير جو بيان آهي، اهو ڪراچيءَ وارو ميلر آهي؟

جواب: نه، هي ٻيو ملير آهي. مارئيءَ وارو ملير ٿر ۾ هو.

ادارو

ديس ديس جون خبرون

 

 

پاڪستان

ڀنڀور ۾ عجائب- گهر

محڪمہء آثارِ قديمه وارن، ڀنڀور ۾ هڪ عجائب- گهر تيار ڪرايو آهي. انهيءَ ۾ ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان لڌل ٺڪر جا ٿانوَ، ٻيون گهر جي استعمال جون لوهه ۽ پتل جون شيون، سون چانديءَ جا زيور ۽ سڪا نمائش لاءِ رکيا ويندا.

اهو پڻ فيصلو ٿيو آهي ته سنڌ ۾ ٻين هنڌن تان کوٽائيءَ مان لڌل شيون پڻ ان عجائب- گهر ۾ نمائش لاءِ رکيون وينديون.

شاهه جي ورسي

حيدرآباد ۾، ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ، تازو، بسنت هال ۾، سنڌي زبان جي سدا حيات شاعر، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ورسي، وڏيءَ ڌام ڌوم سان ملهائي. ان ۾ حيدرآباد جي شاعرن ۽ اديبن، شاهه ڀٽائيءَ تي پنهنجا شعر ۽ مضمون پيش ڪيا. جلسي جي صدارت، سنڌ يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار، محمد حسين ترڪ ڪئي.

گلن جي چٽاڀيٽي

تازو راولپنڊيءَ ۾، گلاب جي گلن جي نمائش ٿي. ان ۾ ٿل ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ جي زرعي شعبي کي پهريون نمبر انعام ڏنو ويو. انهيءَ شعبي وارن، گلاب جي گل جا 20 نمونا پيش ڪيا.

نمائش ۾ ڊاڪا، ملتان، بنون، ڪوهات، سرگوڌا، واهه ڇانوڻي ۽ ٻين شهرن مان ڪيترن نمونن جا گل آندا ويا هئا. پهريون انعام، چانديءَ جو ڪپ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو. ٿل ڊيولپمينٽ جي زرعي اسٽال کي به 4 انعام ڏنا ويا.

 

روس

بئٽريءَ جي دل تي زنده رهندڙ انسان

هڪ شخص، جنهن کي بئٽريءَ تي ڪم ڪندڙ نقلي دل لڳل آهي، سو گذريل ٽن سالن کان جيئرو آهي ۽ پنهنجو دستوري ڪم ڪار ڪري رهيو آهي. هن جي دل جي دَڪ دَڪ هڪ ننڍيءَ مشين جي ذريعي تيز ڪئي وڃي ٿي، جنهن کي 9 بئٽريون طاقت پهچائين ٿيون.

 

ناروي

40 ڪروڙ سال پراڻي مڇي

هن سال، گرميءَ جي موسم ۾، اوسلو جي قديم عجائب- گهر جو پروفيسر، اناٽولي هينز اسٽينز، برگن ٻيٽن ۾ گهمڻ ويو. اتي هن کي هڪ مئل مڇي، برف ۾ پوريل ملي، جا تاريخ کان اڳ جي زماني سان تعلق رکي ٿي. ماهرن جو چوڻ آهي ته اِها مڇي، 40 ڪروڙ سال اڳ جي آهي.

 

اولهه جرمني

پاڪستاني افسانا ۽ ڪهاڻيون جرمن زبان ۾ شايع ٿينديون

تازو، جديد مصري افسانن جو هڪ ڪتاب جرمن زبان ۾ شايع ٿيو آهي، جنهن کي جرمنيءَ ۾ گهڻو پسند ڪيو ويو آهي. اهو ڪتاب اولهه جرمنيءَ جي پرڏيهي وزارت ۾ اطلاعات کاتي شايع ڪيو آهي. هينئر انهيءَ کاتي دنيا جي ٻين ملڪن، جهڙوڪ پاڪستان، هندستان، فلپائينس، يوگوسلويا، برازيل ۽ جپان جي ڪهاڻين ۽ افسانن جي چونڊ ۽ ترجمي جو ڪم هٿ ۾ کنيو آهي. اندازو آهي ته انهن ملڪن جي ڪهاڻين ۽ افسانن جا 24 ڪتاب شايع ڪيا ويندا.

يورپ ۾ جانورن کي انسانن جهڙا حق

اولهه جرمنيءَ ۾ ڪُتن کي به ريلوائي سفر ۾ اهي سهولتون ملنديون جي ماڻهن کي ملن ٿيون. ڪتن کي نه رڳو سندن مالڪن سان گڏ ويهڻ جون جايون ملنديون، بلڪه سمهڻ لاءِ به مالڪن جي سيٽن سان گڏ سيٽون ڏنيون وينديون. البت ريلوائيءَ وارن اهو فيصلو اڃا نه ڪيو آهي ته ڪتا پنهنجن مالڪن سان گڏ، کاڌي جي ڪمري ۾ به وڃي سگهندا يا نه.

ڪئناڊا

ڪئناڊا جي شاگردن طرفان ڏکڻ آفريڪا سان بائيڪاٽ ڪرڻ جو مطالبو

ڏکڻ آفريڪا جي حڪومت پنهنجي ملڪ ۾ ڪاري رنگ جي ماڻهن (شيدين) سان بنا ڪنهن سبب جي رڳو رنگ ۽ نسل جي فرق ڪري جيڪو ظلم ڪري رهي آهي، انهيءَ تي احتجاج ڪندي، ڪئناڊا جي شاگردن پنهنجي حڪومت کان گُهر ڪئي آهي ته ڏکڻ آفريڪا جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي ۽ انهيءَ حڪومت سان ڪي به واپاري ناتا نه رکيا وڃن.

شاگردن هڪ هفتو لاڳيتو ڪئناڊا جي گاديءَ اوٽاوا ۾، ڏکڻ آفريڪا جي سفارتخاني اڳيان مظاهرا به ڪيا.

ترڪي

ڪُئي جا ڪم!

ڏکڻ ترڪيءَ ۾ گنياڪا نالي هڪ ڳوٺ ۾، ٻن شخصن هڪ ڪئي کي جهليو، جو سندن فصل ۾ بيٺل ڀاڄين جي ٻاريءَ ۾ روز نقصان ڪري ويندو هو. هنن ڪئي تي گاسليٽ هاري کيس باهه ڏني. ڪئي کي جو باهه لڳي، سو  امالڪ ٽپ ڏيئي وٺي ڀڳو ۽ جيسين اهي ٻه شخص کيس پڪڙن ئي پڪڙن، تنهن کان اڳ پڪل فصل ۾ گهڙي ويو. فصل جي پنن ۽ سڪل ڪانن کي اهڙي ته تيز باهه اچي لڳي جو اهي ٻه شخص وسائي نه سگهيا ۽ نتيجو اهو نڪتو ته سڄو فصل سڙي خاڪ ٿي ويو. اندازو آهي ته ارڙهن هزارن رپين جي قيمت جو نقصان ٿيو.

 

سئٽزرلئنڊ

سرطان جي 75 سيڪڙو مريضن کي چاق چڱو ڀلو ڪري سگهجي ٿو

صحت جي عالمي اداري جي رسالي، ”ڪرانيڪل“ ۾، ٻارهن ڊاڪٽرن جو بيان ڇپيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن سرطان جي مريض جي منڍ ۾ ئي تشخيص ٿي وڃي، ته پوءِ ان جو 75 سيڪڙو علاج ڪري کيس چاق چڱو ڀلو ڪري سگهجي ٿو.

 

هندستان

فلمي گانو رڪارڊ ڪرڻ لاءِ 109 واڄي وارا

ممتاز فلمس جي فلم ”ڀوت بنگله“ جو هڪ گانو رڪارڊ ڪرڻ وقت 109 واڄي وارن گڏجي ساز وڄايا. کين گانو رڪارڊ ڪرڻ ۾ اٺ ڪلاڪ لڳا.

هن کان اڳ آرسي بورال موسيقار لاءِ مشهور هو ته هن پنهنجن ڪن گانن رڪارڊ ڪرڻ ۾ 84 واڄي وارا رنڀايا هئا، پر ممتاز فلمس وارن هاڻي دنيا ۾ نئون رڪارڊ قائم ڪيو آهي.

نيپال

بادشاهه فلمي گانا لکندو

نيپال جو بادشاهه مهندرا، نيپال ۾ تيار ٿيندڙ هڪ فلم لاءِ گانا لکي رهيو آهي. اها فلم نيپال جي پهرين پهرين فلم ٿيندي ۽ مهندرا دنيا جو اهو پهريون پهريون بادشاهه ٿيندو، جو هڪ فلم لاءِ گانا ٺاهي رهيو آهي.

مهندرا نيپال جو بادشاهه هئڻ سان گڏ هڪ وڏو شاعر پڻ آهي.

 

ميڪسيڪو

ٻرندڙ جبل جو وسامڻ

ميڪسيڪو جو آرٽسٽ، گرارڊومريلو، ٻرندڙ جبلن ڏسڻ جو ڏاڍو شوقين هو. ائين چئجي ته هن کي ٻرندڙ جبلن سان عشق هو. هن ڇهه مهينا ايٽنا پهاڙ (اٽليءَ جو مشهور ٻرندڙ جبل) جي ماٿرين ۾ گذاريا هئا ۽ ڇهه مهينا پاپوڪيٽيپيٽل پهاڙ جي وساڻل چوٽيءَ ۾ جيڪو غار هو، ان ۾ اندر وڃي رهيو هو. 1943ع ۾، پريڪيوٽن ٻرندڙ جبل جڏهن اڃا ٿورو ڦاٽو هو، ته هن اهو 78 ڊالرن (اٽڪل 390 رپين) ۾ خريد ڪيو هو. هن جي 12000 تصويرن مان گهڻين ۾، ٻرندڙ جبلن جا ئي نظارا هئا. ٻرندڙ جبلن جي آسپاس، سٺن نظارن جي تلاش ۾، هن گندرف جي دونهي جي اثر ڪري پنهنجا سڀ ڏند وڃايا ۽ هڪ ٽنگ به خراب ڪري وڌي، جا آخر ڊاڪٽرن کان ڪپائڻي پيس. جيئن اديب ۽ شاعر پنهنجا تخلص رکندا آهن، تيئن هن پنهنجو تخلص ’ڊاڪٽر ائٽل‘ رکيو هو.

’ڊاڪٽر ائٽل‘ پاڻ به هڪ ٻرندڙ جبل هو. هن بارسيلونا جي هوٽلن ۾ حڪومت کان بغاوت جي تبليغ ڪئي، لاسنا ۾ لينن سان بحث- مباحثا ڪيا ۽ اٽليءَ ۾ بنيٽو مسولنيءَ سان گڏجي هڪ اخبار ڪڍي. مسولني تن ڏينهن ۾، اڃا نوجوان هو ۽ سوشلسٽ خيالن جو هو. 1911ع ۾، جڏهن ميڪسيڪو ۾ انقلاب آيو، ته ڊاڪٽر ائٽل پنهنجي ملڪ ۾ موٽي آيو ۽ دانشور طبقي کي گرمائڻ لڳو. بعد ۾ هو ميڪسيڪو ۾ آرٽ کاتي جو وزير مقرر ٿيو. وزير مقرر ٿيڻ سان هن آرٽ جي قومي ايڪيڊميءَ کي انهيءَ سبب ڪري بند ڪري ڇڏيو، ته اها نهايت قدامت پسند هئي. هن لوڪ ادب ۽ سماجي حالتن کي بنياد بنائي، ميڪسيڪو جي آرٽ ۾ نوان لاڙا آڻڻ لاءِ تحريڪ هلائي.

ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ ۾، ڊاڪٽر ائٽل فسطائيت جي حمايت ۾ اخبارن ۾ مضمون لکيا. جڏهن سياسي صورتحال ۾ ٺاپر آئي، ته هو ٻرندڙ جبلن ڏانهن موٽي ويو.

گذريل هفتي ڊاڪٽر ائٽل جي اندر جو ٻرندڙ جبل وساڻو . مرڻ وقت هن جي عمر 89 سال هئي. ميڪسيڪو جي صدر جي حڪم موجب ڊاڪٽر ائٽل کي، ميڪسيڪو جي قومي سورمن جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

 

جپان

اولمپڪ رانديون

هن سال، ڏهين آڪٽوبر کان ٽيويهين آڪٽوبر تائين، جپان جي راڄڌاني، ٽوڪيو ۾ اولمپڪ رانديون ٿينديون. دنيا جي ڇهانوي مختلف ملڪن جا ڇهه هزار ڇهه سئو ڇويهه رانديگر انهن راندين ۾ شريڪ ٿيندا. شريڪ ٿيندڙ ملڪن کي ٻن گروهن: ”الف“ ۽ ”ب“ ۾ ورهايو ويو آهي. ”الف“ گروهه ۾  پاڪستان، برطانيا، ڪينيا، آسٽريليا، جپان، نيوزيلئينڊ، متحده عرب جمهوريه، هانگ ڪانگ ۽ ٻيا ملڪ آهن. ”ب“ گروهه ۾ هندستان، اسپين، جرمني، هالئنڊ، بيلجم، ملائيشيا ۽ روڊيشيا ۽ ٻيا ملڪ آهن.

راندين جي تنظيمي ڪاميٽيءَ اپيل ڪئي آهي ته دنيا جي تازو آزاد ٿيل ملڪن کي به راندين ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني وڃي، ٻيءَ صورت ۾ دعوت نه ملڻ ڪري، اهي ملڪ اعتراض طور شايد راندين ۾ شريڪ نه ٿين.

جن ملڪن جي رانديگرن جي وچ ۾ چٽاڀيٽي ٿيندي، انهن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو آهي. انهيءَ مان معلوم ٿيو آهي ته پاڪستاني رانديگرن جي چٽا ڀيٽي ڪينيا جي رانديگرن سان ٿيڻي آهي. اندازو آهي ته پاڪستان جا پنجاهه رانديگر راندين ۾ شريڪ ٿيندا ۽ هاڪي، ملهه (ڪشتي)، پهلواني، ٺونشيبازي، بار کڻڻ، سائيڪل هلائڻ ۽ گوليبازيءَ ۾ پنهنجي مخالف ڌر سان مقابلا ڪندا.

اولمپڪ راندين جي ڪري جپان جي راڄڌاني، ۽ هن وقت دنيا جي وڏي ۾ وڏي شهر ”ٽوڪيو“ (پکيڙ ٻاهٽ ميل ۽ آدمشماري هڪ ڪروڙ، سٺ لک) کي ڪنوار وانگر سينگاريو ويو آهي. انهيءَ ڪم تي جپان سرڪار اٽڪل ڏهه ارب رپيا خرچ ڪيا آهن. ڏهه هزار نيون عمارتون ٺهيون آهن، جن ۾ ڪيتريون ڇهه- ماڙ آهن. اولمپڪ هوٽل، جنهن ۾ رانديگر ماني کائيندا، هر ويلي تي ڏيڍ سئو مختلف طعام تيار رکڻ جو بندوبست ڪيو آهي. اندازو آهي ته هر ويلي تي پنج لک ويهه هزار ماڻهن لاءِ هوٽل ۾ کاڌو تيار ڪرڻو پوندو. ٽوڪيو جي عملدارن کي انديشو هو ته ٽوڪيو جون موجوده هوٽلون، ٻاهرين ملڪن مان آيل رانديگرن ۽ تماشبين لاءِ پوريون نه پونديون، ان ڪري هنن هوٽلن جي مالڪن کي گهربل بندوبست ڪرڻ لاءِ ڇائيتاليهه ڪروڙ پنجاهه لک رپيا قرض ڏنو آهي، جن ٻه نيون هوٽلون پرنس ۽ اوٽاني ٺهرايون آهن. انهن هوٽلن ۾ سورهن سئو  ڪمرا آهن. انهيءَ کان علاوه، آڪورا ۽ ٽوڪيو هلٽن، جي دنيا جي وڏن هوٽلن ۾ شمار ٿين ٿيون، تن پنهنجو الڳ بندوبست ڪيو آهي. تنهن کانسواءِ ٽوڪيو جي بندر تي، اٺن جهازن ۾ پڻ سياحن جي ٽڪڻ جو بندوبست رکيو ويو آهي. شهر جي پراڻين هوٽلن کي وڌائي، چار هزار نوان ڪمرا تيار ڪرايا ويا آهن. آمدرفت جو بندوبست زير زمين رستن جي وسيلي ڪيو ويو آهي.

ٽوڪيو جي عملدارن ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو آهي ته اولمپڪ راندين جي موقعي تي ڪوبه فتنو فساد نه ٿئي؛ ڇاڪاڻ ته هر ڀيري، رانديگرن جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پوندو آهي، جو بعضي ته فساد جي صورت وٺندو آهي. انهن جهيڙن جو سبب عام طرح سان اهو ئي هوندو آهي ته راند جي اصولن بابت ڌرين ۾ اختلاف ٿي پوندو آهي ۽ نااهل عملدار اهو جهيڙو خوش اسلوبيءَ سان ٽارڻ بجاءِ پاڻ وڌائي وجهندا آهن. سال 1936ع وارين اولمپڪ راندين، ۾ هڪ انگريز ٺونشيباز پنهنجي مخالف کي ڪيترائي ڀيرا ڪيرائي وڌو ۽ آخرين گهنڊ وڄڻ وقت ان ۾ ڪوبه شڪ نه رهيو هو ته هن سوڀ ڪئي آهي. پر سندس حيرت جي حد نه رهي، جڏهن ريفريءَ هن جي پيرن وٽ ڪريل پهلوان جو نالو وٺي اعلان ڪيو ته سوڀ انهيءَ ڪئي آهي. ان واقعي تان ذري گهٽ جهيڙو ٿيڻ وارو هو، پر امينن جي وچ ۾ پوڻ ڪري ٽري ويو.

مقدس اولمپڪ مشعال، جا راندين جي ڏينهن ۾ سمورو وقت ٻرندي رهندي آهي.

1952ع ۾، هيلسنڪيءَ ۾ فرانس ۽ يوراگئيءَ جي وچ ۾، بئسڪيٽ بال جي مئچ تان جهيڙو ٿي پيو. يوراگئي وارن تي، فائول (غلط) راند ڪرڻ ڪري ڪيترائي ڀيرا ڏنڊ پيو. بهرحال، جڏهن راند پوري ٿي ۽ فرينچن کٽيو ته يوراگئي وارا اچي راند جي ريفريءَ سان اٽڪيا. ريفري آمريڪي هو. (اولمپڪ راندين ۾، جڏهن به ڪن ملڪن جي وچ ۾ مقابلو ٿيندو آهي ته ريفري، قاعدي موجب، ڪنهن ٽئين ملڪ جو هوندو آهي) آمريڪي ريفريءَ بعد ۾ ٻڌايو ته ”مون جڏهن راند جي فيصلي جي ڪارڊ تي صحيح پئي وڌي ته يوراگئيءَ جو هڪ رانديگر، مون کي ڌڪ هڻڻ لاءِ اڳتي وڌيو. اهو ڏسي مان هڪدم پوئتي هٽيس، ته پٺيان يوراگئيءَ جي ٻئي رانديگر، مون کي ڳچيءَ مان جهليو.ا يتري ۾ هڪ ڄڻي مون کي اک تي ٺونشو هنيو ۽ تماشبينن جي پاسي کان، خانگي لباس ۾ هڪ ٻيو شخص آيو، جنهن امالڪ اچي مون کي لت هنئين – پوءِ ته مان هيٺ ڪِري پيس ۽ پر تنهن وچ ۾ راند جا والنٽيئر اچي ويا، جن اچي مون کي ڇڏايو. مون هاڻي توبهه ڪري ڇڏي آهي، ته وري اولمپڪ راندين ۾ ريفري نه ٿيندس.“

ڏٺو ويو آهي ته ريفريءَ سان رانديگرن جي جهيڙي جا اڪثر واقعا هڪٻئي جي ٻولين نه ڄاڻڻ ڪري ٿين ٿا. انهيءَ ڪري ٽوڪيو جي عملدارن راندين لاءِ اهڙا عملدار مقرر ڪيا آهن، جي مختلف زبانن جا ماهر هجن. هنن جي ڪوشش آهي ته هن ڀيري وارين اولمپڪ راندين ۾ ڪو به ناخوشگوار واقعو نه ٿئي، ۽ راندين جو اصلي مقدس مقصد پورو ٿئي، جو جديد اولمپڪ راندين جي پايي وجهندڙ، بئرن پيري ڊي ڪور برٽن، جي لفظن ۾ اهو ئي آهي ته ”دنيا جي سمورن ملڪن جي نوجوانن جي هڪ عالمي برادري قائم ٿئي.)

(اولمپڪ راندين جي شروعات ۽ تاريخ بابت مضمون لاءِ ڏسو ”گل ڦل“، ماهه سيپٽمبر 1960ع)

 


 

پڙهندڙن جا خط

 

ادا ايڊيٽر، ”گل ڦل“ جو گذريل پرچو پڙهيم، ان ۾ مسٽر ارباب علي ڀٽي، منهنجي پيش ڪيل تجويز پسند ڪئي آهي ۽ پڻ پنهنجون ڪي ٻيون تجويزون موڪليون اٿس، جن مان، سواءِ پنجين نمبر جي، ٻيون سڀ مون کي به پسند آيون. آءُ ڀانيان ٿو ته ٻين ڀائرن ۽ ڀينرن کي به اهي رٿون پسند آيون هونديون. مون کي اميد آهي ته توهان انهن ڳالهين کي ترت عمل ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندا. ڀاءُ محمد اسلم جي رٿ به پسند آئي. هن صاحب منهنجي خيال موجب هڪ نهايت ئي اهم ڳالهه ڏانهن توهان جو ڌيان ڇڪايو آهي.

”هنن سان ملو“ وارو صفحو بند رکو ته بهتر ٿيندو، ڇو ته گهڻا ڀائر ۽ ڀينرون نالو ته شايع ڪرائين ٿا، پر خط جو جواب نٿا ڏين. وڌيڪ توهان مرضيءَ وارا آهيو.

سلام سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڏيندا ۽ توهان پڻ مطالع ڪندا. والسلام.

-شيخ ايوب، ٺٽو (سنڌ)

*

ادا، السلام عليڪم: عرض ته ”گل ڦل“ جو گذريل پرچو پسند آيو. ڏاڍو سٺو هو. پر اهو ڏسڻ ۾ آيو ته اوهين پڙهندڙن جي خطن جا جواب هاڻي رسالي ۾ ڪونه ٿا ڏيو- اهو اسان کي پسند ڪونهي. اميد ته اڳئين وانگر پڙهندڙن کي رسالي ۾ جواب ڏيندا.

اوهان کي ۽ ”گل ڦل“ جي پڙهندڙن کي گهڻا گهڻا سلام.

-شگفته شاهين، حيدرآباد.

(ڀيڻ، پڙهندڙن جا جيڪي خط جواب طلب هوندا، انهن جا جواب، اڳي وانگر، رسالي ۾ ڏينداسين. والسلام-ايڊيٽر)

*

پيارا ادا، خوش هجو شال!

السلام عليڪم: عرض ته ڪافي عرصي کان پوءِ پنهنجو پيارو رسالو ”گل ڦل“ نظر چڙهيو ان لاءِ اسان سنڌي ادبي بورڊ جا مشڪور آهيون. اسان کي اميد آهي ته جلد ئي اسان جي هن واحد ادبي رسالي کي ماهوار ڪيو ويندو. انشاءَ الله.

ڀائو، رسالي مان اڳيان ڪافي ڪالم کٽل آهن. توهان ”تصويرن جو مقابلو“ وارو ڪالم ڇو بند ڪيو؟ اهو ته نهايت ئي مزيدار ۽ دلچسپ ڪالم هو. مهرباني ڪري ان کي وري جاري ڪندا.

ادا، اسان مان هر هڪ جي دعا آهي ته اسان جو هي رسالو وڌي ويجهي! رسالي کي دلچسپ بنائڻ لاءِ مان ڪجهه مشورا ڏيانوَ  ٿي. مون کي اميد آهي ته ٻيا پڙهندڙ ان بابت پنهنجا رايا ڏيندا.

1-رسالي کي جلد از جلد ماهوار ڪيو وڃي.

2-هڪ نئون ڪالم ”ننڍڙا اديب“ شروع ڪيو، جنهن ۾ نون لکندڙن جا ليک ڏنا وڃن. ان مان هڪ فائدو هيءُ آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻي کان گهڻا لکندڙ ٿي پوندا ۽ ٻي ڳالهه ته رسالو به دلچسپ ٿي پوندو.

3- سالنامي کانسواءِ ڪنهن به مهيني ۾ هڪ ٻيو .خاص نمبر“ ضرور ڪڍو.

4-”هنن سان ملو“ ۽ ”تصويري مقابلو“ شروع ڪيا وڃن.

5- هڪ مستقل ڪالم رکو، جنهن ۾ هر دفعي ڪنهن نه ڪنهن سائنسي ڳالهه بابت مضمون هجي.

مون کي اميد آهي ته ٻيا پڙهندڙ منهنجي تجويزن تي غور ڪندا.

ادا، رسالي ۾ موجوده ڪالم به ڪافي دلچسپ آهن. مون کي خاص ڪري ”ديس ديس جون خبرون“ ۽ ”اچو اوهان کي سنڌ گهمايان“ ته ڏاڍا وڻندا آهن.

ٻي رسالي جي تعريف ڇا ڪيان! بس شڪر آهي. سچي ته بورڊ جي اسان تي اها مهرباني آهي، ڇو ته سنڌي زبان ۾ ٻارن جو ٻيو ڪوبه رسالو ناهي. رڳو ٻارن لاءِ ڇا پر عورتن لاءِ به ڪو رسالو ناهي. ساڳئي وقت اردوءَ ۾ عورتن لاءِ ايترا ته رسالا نڪرن ٿا، جو بس ڇا چئجي؟ ٻي  ڳالهه اوهان سان اها ڪرڻي آهي ته اسان جي سنڌي ادب جا سرپرست به آهستي آهستي اسان کان موڪلائيندا پيا وڃن. اهڙي نازڪ دور ۾ اسان جي رات ڏينهن اها دعا آهي ته خدا ”گل ڦل“ کي ترقي ڏئي!

ادا، خان بهادر مريد عليءَ ”گل ڦل“ ۾ لکڻ ڇو بند ڪيو؟ پاڻ جيتوڻيڪ ترجمو ڪري ڪهاڻيون لکندا هئا، پر سندن لکڻ جو نمونو نهايت سادو ۽ سٺو هوندو هو.

ادا، آخري ڳالهه اها ته اڄڪلهه جا لکندڙ سنڌيءَ ۾ اردو لفظ گهڻا ٿا استعمال ڪن، جن جي ڪري سندن تحرير نهايت گاڏڙ ۽ مشڪل ٿي پوي ٿي. ان مان پڙهڻ جو مزو ته نڪري ٿو وڃي پر مفهوم به پوريءَ طرح سمجهه ۾ نٿو اچي. اڃا تائين ته گل ڦل ۾ لکت جو نمونو اهو ئي سادو آهي، جنهن سادگيءَ تي ”سنڌي“ کي هميشھ فخر رهيو آهي.  مون کي اميد آهي ته آئندي به گل ڦل ۾ هميشھ اها سادي ۽ نماڻي لکت ملندي.

هڪ ٻي ڳالهه اها پڇڻي آهي ته گل ڦل جا اڳي جا پرچا ملي سگهندا؟ جي ها، ته ڪٿان؟ مهرباني ڪري آگاهه ڪجو.

چڱو ادا، والسلام، دعاگو

توهان جي ڀيڻ، صفيه سلطانه لاڙڪاڻو.

(ادي، ”تصويرن جو مقابلو“ بند ڪونه ڪيو اٿئون. رسالي جي اشاعت ۾ ڪن لاچاري سببن ڪري جو آڳاٽو دير مدار ٿي ته ٻارن وٽان تصويرون به ڪونه آيون. هاڻي، جيئن ٻار تصويرون موڪلڻ شروع ڪندا ته اسين به اڳي وانگر ڇاپينداسون.

2- ٻارن جي ليکن کي اسين ڇاپيندا ته رهيا آهيون، وري به ان طرف وڌيڪ توجهه ڪبو.

3- سالنامي کان الڳ ٻئي هڪ ”خاص نمبر“ ڪڍڻ جي رٿ تي ويچار ڪبو. في الحال ته اهو ضروري آهي ته پرچا وقت تي نڪرن.

4- ”هنن سان ملو“ عنوان ايندڙ پرچي کان شروع ڪنداسين، ٻارن وٽان ان عنوان لاءِ تمام ٿورڙو مواد پهتل هو.

5- ايندڙ پرچي کان باتصوير سائنسي مضمون جو سلسلو پڻ شروع ڪنداسين.

خان صاحب مريد علي (مرحوم) متعلق عرض آهي ته چڱو وقت ٿيو، جو پاڻ وفات ڪري ويا (خدا کين جنت نصيب ڪري!) ”گرم جون آکاڻيون“ پاڻ گهڻو آڳاٽو ترجمو ڪري اسان کي ڏنيون هئائون. اسان هڪ هڪ ڪري ”گل ڦل“ جي پرچن ۾ ڏيندا رهيا آهيون. هن پرچي ۾ به هڪ آهي. هونئن تازو انهن آکاڻين جو جدا ڪتاب به ڇاپيو اٿئون. اهو ڪتاب ۽ رسالي ”گل ڦل“ جا اڳيان پرچا سنڌي ادبي بورڊ جي بڪ اسٽال حيدرآباد مان گهرائي سگهجن ٿا. بڪ اسٽال جي پوري ائڊريس رسالي جي جلد تي پٺئن پاسي ڏنل آهي.

اڄڪلهه، سنڌيءَ ۾ اردو لفظن جو بيجا ميلاپ واقعي اسان جي لاءِ هڪ مسئلو ٿي پيو آهي. اهو لاڙو ٻوليءَ جي صحت لاءِ سٺو ڪونهي. اسان بهر صورت پنهنجن لکندڙن کي هميشھ اها گذارش ڪندا رهيا آهيون ته هو صاف ۽ سليس سنڌي لکن، ٻارن جي رسالن ۽ ڪتابن لاءِ ته اها ڳالهه تمام ضروري آهي.

(والسلام، ايڊيٽر)

پيارا ڀاءُ صاحب.

السلام عليڪم: احوال ته ڪيتري وقت کان وٺي دل ۾ تانگهه هئي ته الائي ڪڏهن ٿو اسان جو مٺڙو ڪتابڙو ”گل ڦل“ اچي نيٺ گهڻي انتظار کانپوءِ، مس مس پيارو، گل ڦل مليو. ادا سائين، افسوس آهي جو اوهان رسالو تمام دير سان ڇپيو آهي.

ادا سائين، ڀلا جي مان ڪي ڳالهڙيون يا پروليون موڪليان ته شايع ڪندؤ يا نه؟

والسلام

اوهان جو ڀاءُ

محمد فاروق، دريا خان مري.

(ڀاءُ پروليون ۽ ڳالهيون ڀلي موڪليو. جيڪي به ڇپجڻ جهڙيون هونديون، سي ضرور ڇپبيون.

رسالي کي وقت تي شايع ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهيون. اميد ته اوهان جي شڪايت دور ٿيندي- والسلام، ايڊيٽر.)

پيارا ڀاءُ،

”گل ڦل“ رسالو اکين سان ڏٺم، تڏهن به يقين ئي نه پيو اچي ته ڪو اسان جو وڇڙيل ساٿي، وري اسان کي اچي مليو آهي.

ان ڳالهه جو وڏو افسوس آهي ته هاڻي ٻن ٻن مهينن جو لنبو عرصو اسان کي گل ڦل جو انتظار ڪرڻو پوندو. سنڌ ۾ ٻيو ته ٻارن جو رسالو آهي ئي ڪونه، فقط اهو ئي آهي، سو به ٻن مهينن بعد نڪري، ته ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه چئبي!

مان هڪ ڪهاڻي ۽ ٻه پروليون موڪلي رهي آهيان اميد ته اهي شايع ڪندا.

اوهان جي ننڍڙي ڀيڻ،

زرينا شيخ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com