گذارش
”گل ڦل“ جي
پڙهندڙن کي.
اوهان ننڍن جي آڏو، اسان وڏا پنهنجي ڪوتاهيءَ جو اقرار ٿا
ڪريون. ننڍن جو ڪم آهي ته جڏهن وڏا پنهنجي
ڪوتاهيءَ جو اقرار ڪن، تڏهن هُو انهن کي معاف ڪري
ڇڏين.
ڪوتاهيءَ جي ڳالهه هيءَ آهي ته اوهان جو ”گل ڦل“ اوهان کي گهڻي
عرصي کان وٺي، پوري وقت تي پهچائي ڪونه ٿا سگهون.
ان لاءِ اسان وٽ ڪوبه بچاءُ ڪونهي. اُن لاءِ فقط
اسان جي پنهنجي اوڻائي ۽ پنهنجي سستي جوابدار آهي.
اوهان سان هاڻي وعدو ٿا ڪريون ته جولاءِ –آگسٽ، سيپٽمبر- آڪٽوبر
۽ نومبر- ڊسمبر جا ٽي پرچا، آئنده ٽن مهينن ۾،
اوهان کي هر مهيني پهچائينداسون.
”گل ڦل“ ۾، اسان وري اوهان جي ڪڍيل تصويرن جا صفحا ڏيڻ گهرون
ٿا. تصويرون اوهان ماڻهن، پکين، جانورن، گلن،
قدرتي نظارن وغيره جو ڪڍي اسان ڏانهن موڪلي سگهو
ٿا. جيڪي به تصويرون موڪليو، انهن تي اوهان جو
نالو (عمر سميت) ۽ پورو پتو لکيل هئڻ گهرجي. اڃا
به جي ٿي سگهي ته پنهنجي اُستاد جي صحيح پڻ انهن
تي ڪنڊ ۾ وجهائي موڪليو. اُن مان هڪ ته اوهان کي
پاڻ پتو پوندو ته اوهان جون ڪهڙيون تصويرون ڇپجڻ
جهڙيون آهن ۽ ٻيو ته اسان کي چڱيون چونڊ تصويرون
”گل ڦل“ لاءِ ملنديون.
اوهان اسان ڏانهن پنهنجا مضمون، پنهنجيون آکاڻيون ۽ پنهنجا ننڍا
ننڍا دلچسپ ناٽڪ ۽ شعر به ٺاهي لکي موڪليو. هيءُ
رسالو اوهان جو آهي. اوهان ئي ان ۾ نه لکندا ته
ٻيو ڪير لکندو؟ ڪوبه ليک يا شعر پڻ جيڪڏهن پنهنجي
اُستاد يا ڪنهن پڙهيل بزرگ کي ڏيکاري، پوءِ
موڪليندا ته بهتر ٿيندو. هونئن ته جيڪي اوهان کي
وڻي سو لکي موڪليو، پر لکڻ لاءِ هڪڙي ڳالهه اسين
به اوهان کي هتي ڏيئي ٿا ڇڏيون. اوهان مان هر هڪ
کي اسڪول جي پڙهڻ کان سواءِ ڪانه ڪا خاص وندر يا
دلپسند مشغولي، راند روند وغيره، ضرور هوندي. اسان
ڏانهن پنهنجي ان خاص وندر يا دلپسند مشغوليءَ جو
احوال لکي موڪليو ته پڙهي، پسند ڪري، آئنده ”گل
ڦل“ ۾ ڇاپيون.
”گل ڦل“ جي هن پرچي کي وڌائي، 100 صفحن جو ڪري، اوهان جي هٿن ۾
ڏيئي رهيا آهيون، ته جيئن اسان تي اوهان جي ڪاوڙ
ڪجهه ڍري ٿئي ۽ اسان سان وري سرچي وڃو.
-م. ا. ج.
او پوپٽڙا!
پيارا پيارا، پوپٽڙا! او رنگ برنگي پوپٽڙا!
آءُ ته توکي پيار ڪريان، پڪڙي دٻليءَ منجهه ڌريان،
رکان لڪائي لوڪ ڪنان، ڏک نه تنهنجا هوند ڏسان،
چِٽَ چٽولا چٽڪمرا-پيارا پيارا، پوپٽڙا!
تون آن ننڍڙو سهڻو جيت، تنهنجي گلشن ساڻ پريت،
ڦرين گلن تي ٿي بيباڪ، پهري بخمل جي پوشاڪ،
او لاثاني جيت جڙا- پيارا پيارا پوپٽڙا!
جڳ ۾ آهين جوان سدا، او باغن جا مهمان ادا،
ڪنهن کان پَر رڱايا ٿِي، ڪنهن جا رنگ چورايا ٿِي،
ڳاڙها، پِيلا ۽ ڪڪڙا- پيارا پيارا، پوپٽڙا!
ٻارن کي جي نظر اچين، تن کان مشڪل ساڻ بچين،
هَٿ لڳڻ سان وڃين مري، برف جئين تون وڃين ڳري،
نازڪ کان وڌ ناز ڪڙا-پيارا پيارا پوپٽڙا!
-”بردو“ سنڌي
مارچ – جون 1964ع
انگريزيءَ تان ترجمو
مترجم: مرحوم خان
صاحب مريد علي
هنجن واري ڇوڪري
ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن سمي هڪ جهور پيرسن ٻڍڙي هوندي
هئي، جنهن جي ڄمار جبلن جي ڄمار کان به وڏي هئي.
ٻن جبلن جي وچ تي، هڪڙي جهنگ ۾ هن جو گهرڙو هوندو
هو، جتي پنهنجي پاليل هنجن جي ولر سان پئي حياتيءَ
جا ڏينهن ڪاٽيندي هئي.
ان جهنگ جي چوڌاري هڪ گهاٽو ٻيلو هوندو هو. ٻڍڙي صبح جو ساجهر،
پنهنجي ڪاٺ جي گهوڙين تي ٽيڪ ڏيندي، منڊڪائيندي،
منڊڪائيندي، ٻيلي ۾ ايندي هئي. اوهان سمجهندا
هوندا ته ويچاري ٻڍڙي ڀلا ڪهڙو ڪم ڪري سگهندي
هوندي، پر جڏهن هوءَ ٻيلي ۾ ايندي هئي، تڏهن
الائجي هن ۾ ڪٿان ڦڙتي ۽ چستي اچي ويندي هئي ۽
هوءَ جوانن کان به وڌيڪ ڪم ڪندي هئي: اول ته
پنهنجي هنجن لاءِ گاهه ڪندي هئي ۽ پوءِ جهنگلي
ٻيرين کي ڌوڻي، ٻير چونڊيندي هئي. گاهه جي هڪ وڏي
ڀري ۽ ٻيرن جي هڪ چڱي موچاري هڙ، -اهو سمورو بار
اڪيلي سر، پنهنجي پٺن تي کڻي، گهر ڏانهن موٽندي
هئي.
هڪڙو ڏينهن خدا جو اهڙو ٿيو، جو هڪ سهڻو جوان اچي ان ٻيلي مان
لانگهائو ٿيو. هن کي سڄيءَ واٽ ۾ ماڻهو ڇيڻو ڪونه
نظر آيو هو. اوچتو سندس نظر وڃي هڪ پيرسن ٻڍڙيءَ
تي پيئي، جنهن گوڏا کوڙيو، پنهنجي ڏاٽي سان ويٺي
گاهه لڻيو. گاهه جي هڪ وڏي ڀري اڳيئي سندس پاسي ۾
رکي هئي ۽ جهنگلي ناسپاتين ۽ صوفن سان ڀريل ٻه
کاريون به ڀر ۾ رکيون هيس.
سهڻي جواب چيس، ”امڙ، تون هيترو سارو بار ته هرگز کڻي ڪين
سگهندينءَ.“
ٻڍڙيءَ چيو، ”ابا، لاچار اهو مون کي ئي کڻڻو آهي. سُکين ماڻهن
کي ته انهن شين جي گهرج ئي ڪانهي، پر اسان غريبن
کي غربت ڪڙمين واري اها چوڻي ته ’اهوڪي ڪجي، جو
آئيءَ ويل ڪم اچي،‘ تنهن موجب سڀڪجهه پاڻ کي ئي ته
ڪرڻو آهي. پر ٻڌاءِ، تون ڪا مدد ڏيندينم؟“
هن جوان کي ٻڍڙيءَ تي ڏاڍو ترس آيو، سو چيائينس ته ”امڙ، منهنجو
پيءُ ڪڙمي برابر ڪونهي، آءُ هڪڙي شاهوڪار نواب جو
پٽ آهيان، پر متان تون سمجهين ته ايترو بار رڳو
ڪڙمي ئي کڻي سگهندا آهن، ان ڪري آءُ توکي اها ڀري
کڻايو ٿو هلان.“ ٻڍڙيءَ چيو، ”جي تون مون کي مدد
ڪندين، ته آءُ تنهنجي ڏاڍي ٿورائتي ٿينديس. منهنجو
گهر به هتان ڪلاڪ کن جي پنڌ تي آهي پر توکي انهيءَ
ڀريءَ سان گڏ هي ٻه کاريون به کڻي هلڻيون
پونديون.“
جوان جو اهو ٻڌو ته ’ٻه به ويس، ڇهه به ويس.‘ گهڻيئي بهانا ڳولڻ
لڳو، پر ٻڍڙي اصل مڇڏو ٿي لڳيس. جيسين هو ريڙهه
پيڙهه ڪري، تيسين گاهه جي ڀري کڻي پٺن تي
ٻڌائيندس، ۽ مٿان ڪلهن تي وري ٻيئي کاريون رکي
ڇڏيائينس.
”ڏس ته ڪهڙو نه هلڪڙو بار آهي.“ ٻڍڙي چوڻ لڳي. پر، جوان رڙ ڪري
چيو ته ”نه ٻيلي، نه، هروڀرو بار کڻڻ برابر سولو
ڪينهي.“ جوان جو مهانڊو ئي پِيلوٿيندو ويو ۽ چوڻ
لڳو ته ”هيءَ گاهه جي ڀري ته اهڙي ڳري آهي، ڄڻ ته
منجهس جبل جون ڪي ڇپون ٻڌيون پيون آهن ۽ هي صوف ۽
ناسپاتيون به اهڙيون ڳريون ٿيون ڀانئجن، جو ڄڻ ته
انهن مان هڪ هڪ شيهي جي ٺهيل آهي.“
هُن انهيءَ بار منجهان جند ڇڏائڻ لاءِ گهڻا ئي مٿا مونا هنيا،
پر ٻڍڙيءَ کيس ساهي پٽڻ به نه ڏني.
ٻڍڙي پاڻ ٽوڪون ڪندي، کلندي، چوڻ لڳي: ”ڏسو ته سهين، مهانڊي جو
ههڙو ملوڪ، ننڍو نيٽو جوان، ايترڙو بار به نه ٿو
کڻي سگهي، جيڪو هڪ پيرسن ٻڍڙيءَ، سوين دفعا پئي
ڍوئيو آهي.“
جيستائين ٿڌ جو وقت ۽ سنئون سنواٽو ميدان هو، تيسين ته هو اها
مصيبت ڀوڳيندو آيو، پر جڏهن جبل جو رستو شروع ٿيو،
۽ کيس مٿي چڙهڻو پيو ۽ ڏينهن به اچي تتو، تڏهن ته
اچي سهڪيءَ ورتس. هن جي پيرن هيٺان ننڍڙا پٿر ائين
ٿي ٿڙيا، ڄڻ ته ڪي ساهوارا هئا. جيئن جيئن اتانهون
چڙهندو ويو، تيئن سندس طاقت جواب ڏيڻ لڳي. نرڙ تان
پگهر وهي، ڀرن ۽ اکين ۾ اچي ٿي پيس ۽ سڄي بدن ۾
اچي رڦڻي پيس.
آخر ٻڍڙيءَ کي ليلائي چيائين، ”امڙ، هاڻ ته مون کان وک به ڪانه
ٿي کڄي. ڀلائي ڪري ڇڏينم ته ساهي پٽي وٺان.“ پر هن
بيرحم ڏائڻ کي اصل مٿس رحم نه آيو ۽ چيائين ته
”هرگز نه، گهر پهچي تون بيشڪ هلي ساهي پٽجانءِ ۽
ٿڪ ڀڃجانءِ. وک وڌاءِ ته هلي پهچون. اها ورزش پاڻ
تنهنجي لاءِ سٺي آهي.“
نوابزادي خارن مان چيو، ”وڏي ڪا بيشرم ڏائڻ ٿي ڏسجين- وڻواند
رن!“ ائين چئي، هن بار کي ڦٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر
ڀري سندس ڪلهن سان سوگهي ٻڌل هئي، سو چوري به ڪين
سگهيو.
ٻڍڙي هن جي انهيءَ هلت تي ٽهڪ ڏيئي کلڻ ۽ پنهنجي ڪاٺ جي گهوڙين
تي ٽيڪ ڏيئي نچڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي:
”منهنجا ملوڪ جوانڙا، هروڀرو ڪاوڙج نه. صبر سان پنهنجي بار کي
گهر تائين پهچاءِ ته آءُ توکي چڱو انعام ڏينديس.“
ڀلا هو ويچارو ڪري به ڇا ٿي سگهيو. مُٺي به ماٺ، مِٺي به ماٺ،
وانگر صبر سان هن جو ظلم سهندو، هلندو هليو. هوءَ
اڳي کان اڳري، خوش ٿيندي هلندي هلي ۽ هن ويچاري جي
پٺي بار کان هڄندي ويئي. اوچتو ٻڍڙي ٽپ ڏيئي،
ڀريءَ جي مٿان چڙهي ويهي رهي. هوءَ هئي ته سڪل
ڪاٺيءَ جهڙي سنهي ۽ ضعيف، پر وزن ۾ ڪنهن ڳوٺاڻي
سَگهيءَ زال کان به ڳري هئي. ويچاري جوان جا گوڏا
جهڪي ويا ۽ ڏڪڻ لڳا. پر، ٻڍڙيءَ پنهنجي گهوڙيءَ
وانگر هن کي لتن سان جانور وانگر هڪليندي رهي. مس
مس ڪري، ٻڍڙيءَ جي گهر اچي پهتو، جتي جوان ٿڪ کان
ذري گهٽ اچي پٽ تي ڪِريو.
جڏهن هنجن ٻڍڙيءَ کي ايندو ڏٺو، تڏهن پنهنجا پرڙا ڦهلائي ،
ڳچيون ڊگهيون ڪري، ”وون-وون“ ڪندا اچي هن جي آڏو
بيٺا. انهيءَ ولر جي پويان، لٺ هٿ ۾ جهليو، هڪ
ڇوڪري به پئي آئي، قد جي ڊگهي، ۽ بدن جي سگهاري
هئي، پر شڪل ۾ بدصورت هئي، جهڙي اوندهه.
ٻڍڙي ٽپ ڏيئي جوان جي ڪلهن تان لٿي ۽ نوابزادي جي جند ڀريءَ ۽
کارين مان آزاد ڪيائين. پوءِ هن کيس ڏاڍين مهربان
نظرن سان ڏٺو، ۽ وڻندڙ آواز ۾ چيائينس ته ”هن صندل
تي ٿي ويهه، ۽ ساهي پٽ. گهڙيءَ کانپوءِ آءُ توکي،
تنهنجي ايمانداريءَ جي پورهئي لاءِ انعام ڏينديس.“
پوءِ هن هنجن واري ڇوڪريءَ ڏي منهن ڪري چيو، ”پياري ڌيءَ، تون
هلي اندر ويهه. هڪڙي ملوڪ مهانڊي جي جوان سان
تنهنجو اڪيلائيءَ ۾ ويهڻ نٿو سونهي. متان توتي هرک
نه هاري ويهي.“
نوابزادي جي من ۾ ڳالهه آئي ته ٻڍڙيءَ جي انهيءَ ڳالهه تي ٽهڪ
ڏيئي کلي يا روئي. ”واهه جو حسن اٿس!“ هن دل ئي دل
۾ ٽوڪ ڪندي چيو: ”هن کان به جي ٽيهه سال ننڍي هجي،
تڏهن به هوند آءُ ساڻس شادي نه ڪريان.“
هوڏانهن ٻڍڙيءَ پنهنجي هنجن کي ائين ٿي کارايو پياريو ۽ سندن
ٽهل ٽڪور ڪئي، ڄڻ ته ڪي ننڍڙا ٻالڪ هئا. پوءِ هوءَ
ڇوڪري به پويان گهر ۾ هلي ويئي.
ٻڍڙيءَ جي گهر اڳيان صوفن جو هڪ وڻ بيٺو هو. ان جي ٿڌيءَ ڇانوَ
۾ هڪ صندل پيو هو. نوابزادي خيال ڪيو ته گهڙي کن
صندل تي ليٽي، ٽنگون سڌيون ڪريان. بهار جي ٿڌڙي
هير پئي لڳي. هن جي چوڌاري هڪ وڏو سبز چراگاهه هو،
جنهن ۾ جهنگلي گلاب، ٽانگر ۽ ٻيا به هزارين قسمن
جا گل ڦل رنگ لايو بيٺا هئا.
”واه جو نظارو آهي!“ نوابزادي دل ۾ چيو،- ”پر الا، ٿڪجي ته ڪهڙو
پيو آهيان. اکيون ئي پورجيون وڃن: گهڙيءَ لاءِ ننڊ
ڪري وٺان ته من ٿڪ ڀڄي.“
هو اڃا گهڙي به ڪين ستو هو، ته ٻڍڙيءَ اچي جاڳايس،- ”ابا، اُٿ!
هاڻ توکي هتي بنهه ترسڻ نه گهرجي. مون کي معاف
ڪجئين جو مون توکي تڪليف ڏني آهي. اچي هان، هي وٺ
پنهنجو انعام. دولت جي توکي ته گهرج ئي ڪانهي،
انهيءَ ڪري هيءَ سوکڙي ٿي ڏيانءِ. ٻڍڙيءَ هن کي
قيمتي پٿر مان جڙيل هڪ خوبصورت دٻلي ڏيندي چيو:
”هن سوکڙيءَ جي سر سان سنڀال ڪجانءِ، هيءَ توکي
وڏي ڪم ايندي!“
نوابزادو ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ پاڻ کي بلڪل چاق چڱو ڀلو ڏٺائين. سندس
ٿَڪ ٻَڪ الائجي ڪيڏانهن گم ٿي ويا هئا. ٻڍڙيءَ جا
ٿورا مڃي، اُٿي راهي ٿيو. وڃڻ وقت ٻڍڙيءَ جي ڌيءَ
کي آخري ڀيرو ڏسڻ لاءِ منهن به ڪين ورايائين.
ٽي ڏينهن ٽي راتيون پنڌ ۾ لڳي ويس، آخر جهنگ کان ٻاهر اچي پهتو.
هلندو وڃي هلندو وڃي، تان جو هڪ وڏيءَ ولايت ۾ اچي
پهتو. اتي ماڻهو کيس سڃاڻندا ته ڪين هئا، ان ڪري
جهلي شاهي محل ۾ وٺي آيس، جتي بادشاهه ۽ راڻي تخت
تي ويٺا هئا. نوابزادي گوڏو ڀڃي سلام ڪري، اها
قيمتي پٿر جي دٻلي کڻي راڻيءَ جي قدمن ۾ رکي.
راڻيءَ هن کي اُٿي بيهي سندس هٿ ۾ اها دٻلي ڏيڻ جو حڪم ڪيو.
راڻيءَ دٻلي کولي اڃا منجهس نهاريو ئي مس ته مٿان
ٿي ڪِري پيئي، ۽ ڏندڻجي ويئي. درٻار ۾ گوڙ مچي
ويو.
هڪدم نوابزادي کي گرفتار ڪري وڃي قيد ۾ هنيائون. گهڻيءَ گهڻيءَ
دير کانپوءِ، راڻيءَ اک پٽي، ۽ واڪو ڪري چيائين ته
”انهيءَ ماڻهوءَ کي سڏي اچو.“ پوءِ سڀني درٻارين
کي حڪم مليو ته درٻار مان اُٿي وڃن، جو راڻيءَ هن
سان اڪيلائيءَ ۾ ڳالهائڻ ٿي گهريو. |