ارسطو کان پوءِ
هن باب ۾ ارسطو کان پوءِ تنقيد جي سلسليوار تاريخ بيان ڪرڻ جي
ڪابه ڪوشش ڪين ڪئي ويندي. جيتوڻيڪ اسين پاڻ کي فقط
انگريزي ادب تائين محدود رکون، تڏهن به انهن سڀني
نقادن جي تنقيد جو ذڪر ڪرڻ ناممڪن ٿي پوندو جن
ههڙي قسم جي تحرير ۾ شهرت حاصل ڪئي آهي. اهڙيءَ
ڪوشش مان اسان جو مطلب به حل ڪونه ٿيندو.
ادب جي تخليق وانگر ادب جي تنقيد به هڪ انفرادي حيثيت رکي ٿي.
اها هڪ اهڙي ذهانت جو عظيم ڪارنامو آهي، جنهن کي
بيان ڪرڻ مشڪل ڪم آهي. ان جي ڪاميابي جو دارومدار
اهڙي قابليت تي آهي جنهن لاءِ نه فلسفي جي اصولن
مان مدد ورتي ويندي آهي، ۽ نه انهن جو سهارو ورتو
ويندو آهي؛ بلڪه اها ته مرڳو انهن کي رد ڪندي آهي.
ڳوڙهي نظر، همدردي، خيالن جي قوت ۽ عام سمجهه يا
ڪنهن به شوق جي تميز کي بيان ڪرڻ جي رواجي لياقت
اهي اهڙيون خوبيون آهن جن جي وسيلي اعليٰ تنقيد جي
تخليق ڪري سگهجي ٿي. اهڙي قسم جي تنقيد کي اسين
”وجداني تنقيد“ ڪري سڏينداسون. بهرحال هتي اسان جو
تعلق اهڙي تنقيد سان آهي، جيڪا نه فقط پنهنجين
خاصيتن جي ڪري اهم هي، پر جنهن جيڪري تنقيد جي
آسان طريقن ۾ پڻ اضافو ٿئي ٿو ۽ انهن جي تصديق به
ٿئي ٿي. اسا جي ڪوشش فقط هيءَ رهندي ته تنقيد جي
تاريخ جي مختلف حصن کي سرسري طور بيان ڪريون جيئن
تنقيد جي عقلي روايت ۾ ٿيل مکيه واڌارن جو پڻ
مختصر ذڪر ٿي سگهي. ان جو مطلب هيءَ ٿيو ته اسان
جي بيان ۾ اهي نقاد ايندا، جن کي گهٽ ۾ گهٽ ادبي
نظريي جي ڄاڻ هوندي پوءِ کڻي هنن ان جي ترتيب ۾
دلچسپي ورتي هجي يا نه . ساڳيءَ طرح اسين انهن
مفڪرن جو به ذڪر ڪنداسون، جن جا اصول ڪنهن نه ڪنهن
نموني تنقيد لاءِ ڪارائتا ٿيندا رهيا آهن.
اهڙن نقادن ۾ ”هوريس“(1)
هڪ مثالي نقاد آهي. هن وٽ پنهنجو هڪ طريقو آهي،
جنهن کي هو ڪن قائدن جي اهڙي ترتيب وارو مجموعي ۾
ڏيکارڻ لاءِ تيار آهي، جيڪو ادب جي تنقيدي تخميني
جي صحيح حالتن تي دارومدار ڪونه ٿو رکي. پر هوريس
ته پنهنجي نظريي جي وضاحت ڪرڻ جي به تڪليف ڪونه ٿو
وٺي. جيڪڏهن اهي قاعدا، خود مناسب رهنمائي ڪن ته
هو ان تي ئي راضي رهي ٿو. سندس طويل نظم
Ars Poetica ۾ ذڪر ڪيل نظريو گهڻي قدر ارسطو جي نظريي مان ورتل آهي، جنهن ۾
هو وڌيڪ دلچسپي وٺي ٿو. هو ان کي فقط انهي لاءِ
قبول ڪري ٿو ته هڪ نقاد جي حيثيت ۾ هو ان جو ڪهڙو
استعمال ڪري سگهي ٿو. اهڙي طرح هڪ نظم ڪنهن به طرح
ڪو بحث ڪونه آهي. بلڪ اهو اهڙين نصيحتن ۽ هدايتن
جو هڪ مجموعو آهي، جيڪي ٿوري اٻهرائي سان هڪ هنڌ
ڪٺيون ڪيون وينديون آهن ۽ جن جو تعلق منطق جي
بدران شاعري سان گهڻو هوندو آهي. ياد رکڻ گهرجي ته
Ars Poetica بنيادي طرح ڪا نظم جي تنقيدي تصنيف ڪين آهي، بلڪ تنقيد جي
موضوع تي هڪ نظم آهي ۽ ان جي موضوع جو خاص قدر، ان
شاعريءَ ۾ آهي، جنهن هوريس کي قلم کڻڻ جو احساس
ڏياريو. ان نظم جي نصيحتن جي ڀيٽ ۾ ان جي ڪاريگري
۾ گهڻو ئي ڪجهه پرائڻ لائق موجود آهي. ان نظم جا
بي انداز محاورا، بين الاقوامي ثقافت جو ورثو ٿي
چڪا آهن؛ ۽ شايد ئي ڪو اهڙو طويل نظم هوندو جنهن
کي ان لحاظ کان، انهي نظم جي ڀيٽ ۾ آڻي سگهجي.
“Incredulus Odi”, Homer Nods”, “Purple Patch”
and “Landator temporus acti”
جهڙا محاورا بيمثال آهن.حاجججڪهوريس پنهنجي موضوع
کي جنهن طريقي تي نڀائي ٿو، ان جو سهڻو مثال مٿئين
آخري محاوري جي عبارت آهي. هو چوي ٿو، ته اسان جي
ڄاتل سڃاتل زندگي سان هڪ ڪردار جو ٺهڪي اچڻ تمام
ضروري آهي. هنکي ان دور مطابق هجڻ گهرجي، جنهن جي
کيس نمائندگي ڪرڻي آهي. اڳتي هلي هو انساني فطرت
جو، وقت جي عمل سان تبديل ٿيڻ جوهڪ ذهانت ڀريو
اختصار پيش ڪري ٿو ۽ آخرڪار قديم زماني جي رحم
جوڳي ۽ ظالماڻي تصوير چٽي ٿو. هو ادبي تنقيد کي
بنهه وساري ٿو ڇڏي. اهو شاعر ئي آهي، جنهن کي دنيا
جي ڄاڻ آهي ۽جيڪو پنهنجي علم کي، وقت جي مروج
ٻوليءَ جي جوهر ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو.
پر اهي يادگار محاورا، جيڪي تنقيد تي سندس بحث ۾ هر وقت سونهن
۽ سينگار جوڪم ڏين ٿا، انهن کي جيڪڏهن سندن منطقي
مضمون جي مقابلي ۾ شاعراڻي مضمون مان علحدو ڪجي
ٿو، تڏهن اهي پنهنجي اصلي مرڪز کان پري ٿيو وڃن.
جڏهن ڪنهن اديب کي بهترين تحرير لکڻ جو وجهه ملي
ٿو، تڏهن اسين
Purple Patch
جو ذڪر ڪريون ٿا. پر هوريس جو اهو ساڳيو مطلب ڪونه
هو. اهو ته هن جي تنقيد جو مثالي طريقو آهي. سموري
Ars Poetica
تي ارسطو جي ”فن شاعري“ جي بنيادي اصول، يعني
ايڪائي جي اصول جو گهرو اثر ملي ٿو. هوريس جي مقرر
ڪيل ايڪائي، صحيح ايڪائي آهي ۽ اها آهي عمل، جوهر،
طبيعت ۽ اثر جي ايڪائي. تنقيد جي روايت ۾
Ars Poetica
سچ پچ ته هڪ اضافو آهي. ڇاڪاڻ ته هوريس ئي ارسطو
جي نظريي جي روح کي يورپي تنقيد لاءِ هڪ نمونو
بنايو. سندس تصنيفات کي ان وقت پڙهيو ويندو هو،
جڏهن ارسطو کي ماڻهو پڙهندا ئي ڪونه هئا. ۽ جڏهن
يورپ ۾ ارسطو جو اثر اوج تي هو، تڏهن هن جي مقابلي
۾ هوريس کي وڌيڪ پڙهڻ لائق سمجهيو ويندو هو. سندس
سهڻي نموني سان ترتيب ڏنل ٽن لفظن مان انهن اصولن
جي اهڙي وضاحت ٿي ويندي هئي، جو ارسطو جي پُر
معنيٰ ۽ مختلف طريقن سان پيش ڪيل دليلن مان اهڙي
وضاحت ٿيڻ ناممڪن هئي. دراصل هوريس ئي ماڻهن کي ان
حقيقت جو احساس ڏياريو، ته فن ۾ ايڪائي جي ضرورت
اعليٰ ذوق جي عين مطابق آهي. ان جو مقصد ذوق ۾
ڪنهن قسم جي رواج جي سفارش ڪونه هو، بلڪ هيءُ ته
ماڻهن ۾ اعليٰ ذوق جو احساس پيدا ڪيو وڃي. فن جو
سنئون سڌو فلسفو اعليٰ ذوق جو هڪ عقلي بيان آهي.
هوريس ارسطو جي اصول کي تنقيدي قاعدن ۾ آڻي،
پنهنجن پڙهندڙن ۾ فيلسوفانه طريقن تي اعليٰ ذوق
پيدا ڪري ٿو. تنقيد جي تاريخ تي سندس ايترو اثر
فقط ان ڪري آهي، جو هن اعليٰ ذوق لاءِ جمالياتي
نظريي کان ڪم ورتو.
هڪ اهم ڳالهه کان سواءِ هوريس ”فن شاعري“(1) ۾ پنهنجي طرفان ڪوبه اضافو ڪونه ڪيو آهي. دراصل هو هڪ پڪو
قدامت پرست نقاد آهي. کيس هن غلط خيال لاءِ
جوابدار ٺهرائي سگهجي ٿو، ته ڪلاسڪيت(2)
جو مطلب قدامت پرستي آهي. ان سلسلي ۾ سندس چوڻ
آهي، ته يوناني شاعرن جي مثال کي، رات ڏينهن
مطالعو ڪرڻ گهرجي. هينئر به اهڙي طرح شعر جوڙي
سگهجن ٿا. جهڙي طرح اهي جوڙيندا هئا. مثال طور
داستانن ۽ ڏند ڪٿائن جي مکيه ڪردارن کي جيئن هنن
پيش ڪيو هو تيئن اسين به پيش ڪريون. هوريس جو خيال
آهي ته متقدمين جي ايتري احترام ڪرڻ سبب اصليت
گهڻي قدر سلامت رهي سگهندي. پر کانئس هيءَ ڳالهه
وسري وڃي ٿي، ته يوناني ناٽڪ نويس پنهنجن سورمن جي
نفسيات جي باري ۾ ڪيترو نه غيرمعمولي آزادي کان ڪم
وٺندا هئا. بهرحال هوريس جي زماني ۾ رومي ثقافت تي
يونانين جو جيڪو اثر هو، ان جو اندازو ڪرڻ البت
اوکو ڪم آهي. خود ادب جو خيال به يوناني خيال آهي.
جيڪو بعد ۾ رومين تائين پهتو. ادب ۾ هوريس لاءِ
فقط هڪ ئي صحيح طريقو هو ۽ اهو هو يوناني طريقو.
ساڳئي طرح بلڪل ٻن حالتن ۾ جڏهن اسين پوپ(1) کي متقدمين لاءِ سفارش ڪندي ٻڌون ٿا، تڏهن ان جا سبب بنهه ٻيا
آهن. ان لاءِ پوپ ڏاڍا مناسب ۽ موزون سبب ڏئي ٿو.
پر هوريس ان ڳالهه کان بلڪل بي خبر آهي. هو ته
مرڳو هيئن ٿو چوي ته، جيڪڏهن ادب کي سلامت رهڻو
آهي، ته پوءِ ان ۾ يوناني طرز جي پيروي کي برقرار
رکڻ لازمي آهي. ادب ۾ يوناني معيارن کي قبول ڪرڻ
جو اهو سبب اهڙو ئي آهي جهڙو هيئن چوڻ، ته ادب
جهڙي شيءِ ڪهڙي سبب ڪري موجود آهي. پر جيئن ته
انهيءَ سوال جو تعلق فلسفي سان آهي، تنهنڪري هوريس
کي ان سان ڪوبه واسطو ڪونهي. هو فقط هيءُ ٿو چوي،
ته ان جو جواب سندس واضح نظريي ۾ موجود آهي.
ازنسواءِ قدامت پرستيءَ جي پٺ ڀرائي لاءِ هوريس وٽ هڪ ٻيو به
سبب موجود هو. سندس نظم
Ars Poetica
انهن ماڻهن لاءِ نصيحت جو هڪ ڀنڊار آهي. جيڪي
شاعريءَ جي ميدان ۾ اچڻ چاهين ٿا. هن انهيءَ نظريي
کي رد ڪري ڇڏيو، ته شاعري هڪ قسم جو سوءدا آهي.
جيتوڻيڪ خود ارسطو جو به ڪنهن حد تائين اهو عقيدو
هو، ته شاعري ۽ چريائپ ۾ ڪوبه تفاوت ڪونهي. هوريس
انهن شاعرن کي ڌڪاري ڇڏيو، جن جي تخليقي تحريڪ،
سندن فن يا روش ۾ ديوانگي جي صورت اختيار ڪئي هئي.
انفراديت سان حد کان وڌيڪ نفرت هجڻ ڪري هن ۾ سخت
قدامت پرستي پيدا ٿي پيئي هئي. پر سندس پختو يقين،
ته شاعر کي هڪ سمجهدار انسان ٿيڻ گهرجي ۽ شاعري هڪ
عقل وارو فن آهي. معقول تنقيد جي ڪا گهٽ خدمت ڪين
آهي. اهڙيءَ طرح شاعرن کي پنهنجن شعرن تي پاڻ
تنقيد ڪرڻ جي صلاح ڏيڻ مان هن جو مقصد آهي، ته
ادبي خوبين جي صحيح نوعيت کي ظاهر ڪيو وڃي.
پر هڪ معاملي ۾ هوريس نهايت آزاد پسند آهي، جنهنڪري هڪ نقاد جي
حيثيت ۾ سندس سياڻپ جو هڪ سهڻو مثال ملي ٿو: اهو
معاملو اسلوب جو آهي. ارسطو ان معاملي کي ڏاڍي اڻ
وڻندڙ طريقي سان پيش ڪيو آهي. هوريس جو طريقو بلڪل
صحيح آهي. پر بدقسمتي سان تنقيد جي تاريخ ۾ ان
مسئلي تي سندس ڏاهپ کي ڪوبه قبول ڪرڻ لاءِ تيار
ڪونهي. جيتوڻيڪ موجوده زماني ۾ شايد ان مسئلي جو
ئي وڌيڪ قدر ڪيو وڃي. هو چوي ٿو، ته شاعراڻو اسلوب
ڪڏهن به پوري طرح دائم ۽ قائم رهي ڪونه ٿو سگهي.
شاعريءَ ۾ ٻولي جو مقصد آهي اظهار ڪرڻ، پر انساني
تجربو جنهن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ شاعري جو وجود آهي،
هميشه تبديل ٿيندو رهي ٿو، جنهنڪري ان ۾ نيون نيون
ڳالهيون شامل ٿينديون رهن ٿيون. جيڪڏهن شاعراڻي
ٻوليءَ کي صحيح معنيٰ ۾ اظهار قابل ٿيڻو آهي، ته
پوءِ تجربي سان گڏ ان کي به ترقي ڏانهن وک وڌائڻي
پوندي. ڇاڪاڻ ته ٻولي هڪ وڻ مثل آهي، ۽ ان جا لفظ
پنن وانگر آهن. جئن جئن وقت گذرندو ويندو آهي، تئن
تئن پراڻا پن ڇڻندا ويندا آهن۽ انهن جي جاءِ تي
نوان نوان پن ڦٽي ايندا آهن، پر وڻ ساڳيو ئي قائم
هوندو آهي. هوريس جي ڏنل تشبيهه ادب جي فن ۾
ٻوليءَ ۽ ان جي لفظن جي بيان کي نهايت عمدگيءَ سان
پيش ڪري ٿي. پر اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته هوريس جي
ذهن ۾ جيڪي وڻ هئا، تن جا پراڻا پن هڪ ئي وقت ۾
ڪونه ٿا ڇڻي پون، بلڪ ڪنهن به وقت پراڻن توڙي نون
پنن جي ڇڻڻ جو امڪان ٿي سگهي ٿو. ساڳي حالت
شاعراڻي ٻولي جي آهي. ٻولي ۾ نوان نوان لفظ برابر
شامل ٿيندا رهندا آهن. هڪ شاعر کي اڳين شاعرن جي
آزمايل شاعراڻي لغت تي ڀروسو ڪونه ٿو سونهين، بلڪ
کيس گهرجي ته نون نون لفظن کي نهايت بيپرواهي سان
شاعري ۾ استعمال ڪري. البت جئن هوريس ٻڌائي ٿو،
محاورن ۾ نهايت هوشياري سان لفظن کي پاڻ ۾ ملائڻ
جي ڪوشش ڪري ۽ امڪان آهي ته ڄاتل سڃاتل لفظ بلڪل
نئين طريقي سان شاعراڻي استعمال ۾ اچن. شاعراڻي
اسلوب جي باري ۾ ڪيتريون ئي غلط تحريرون ۽ فڪر
وجود ۾ ئي ڪونه اچن ها، جيڪڏهن ان نفيس ۽ لطيف حصي
جو (جيڪو ٻوليءَ جي نوعيت لاءِ به اوترو ئي صحيح
آهي، جيترو شاعريءَ جي نوعيت لاءِ) مستقبل مطابق
آهي.
جيڪڏهن اثر جي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته مجموعي طرح تنقيد جي تاريخ ۾
ارسطو کانپوءِ ٻيو مشهور نالو هوريس جو آهي. ارسطو
جي فلسفي جي وسيلي ئي عقلي تنقيد وجود ۾ اچي سگهي
هئي. پر
Ars Poetica
ئي يورپ جي هر هڪ ادب ۾ ”فن شاعري“ کي مقبول ڪيو.
ارسطو جي اصول جو اثر پڙهندڙ جي ان قابليت تي
دارومدار رکي ٿو،ته هو ڪيتري قدر فيلسوفاڻي
دليلبازيءَ کي سمجهي سگهي ٿو.
Ars Poetica
۾ شاعريءَ جي جادوءَ ان ڏکئي شرط کي ختم ڪري ڇڏيو
آهي ۽ ان اصول ۽ اُن جي بنيادي روح مان پوريءَ طرح
لطف حاصل ڪري سگهجي ٿو. تنقيد جي تاريخ تي هوريس
جا جيڪي ٿورا آهن، انهن جي ڪٿ ڪرڻ ممڪن ڪونهي.
اسان جي هن مختصر جائزي مطابق تنقيدي سلسلي ۾
هوريس کان پوءِ ٻي وڏي شخصيت ڊانٽي(1)
جي آهي ۽ ڊانٽي جي خيال مطابق ارسطو هڪ عظيم عالم
هو. پر اهو ارسطو اهو ڪونه هو، جنهن ”فن شاعري“
لکيو هو. ڊانٽي کي اهڙي ڪنهن به ارسطو جي خبر ڪين
هئي. البت هوريس جي کيس ڄاڻ هئي پر
Ars Poetica مان جو
ڪجهه ملي سگهيو ٿي، هن جي فيلسوفاڻي ذهن کي ان کان
به وڌيڪ جي ضرورت هئي. وچيئن دور جي عقليت پرستيءَ
جو مٿس ايترو ته اثر هو جو هن لاءِ ڪوبه قاعدو
بنيادي نظريي کان سواءِ سچو ڪونه هو.هن جو نظريو
خاص ڪري مذهبي نظريو آهي، جنهن جي ذهني سونجهڻائپ
کان وڌيڪ ٻي ڪابه اهميت ڪين آهي. ان هوندي به حيرت
ٿئي ٿي، ته هو ٻولي جي قوت کي “Signum
rational” ۽
“Signum Sensnale” ۾
تقسيم ڪري ان جي جديد نظريي بابت بلڪل صحيح اڳڪٿي
ڪري ٿو. هن جي اها ورهاست بلڪل Semantic
۽ Phonetic
جي جديد تميز جهڙي آهي. ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو،
ته ٻوليءَ جي نوعيت تي سندس نظر ڪيتري نه ڳوڙهي
آهي. تنقيد ۾ هن جو خاص حصو، جنهن جي اهميت تاريخي
آهي، هيءُ آهي، ته هن عالمي سکيا جي ٻوليءَ يعني
لاطينيءَ جي دعوائن جي مقابلي ۾پنهنجي قومي ٻوليءَ
کي ادب ۾ استعمال ڪرڻ جي فائدي ۾ لکيو آهي. هن
پنهنجي اڻپوري تصنيف “De Valgari
Eloquentia” ۾ مختلف
ديسي نظمن جي بناوت جي باري ۾ جيڪي لکيو آهي، اهو
ادبي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. پر لفظن جي
جمالياتي ورهاست جي بنياد تي هڪ شاندار ديسي اسلوب
قائم ڪرڻ لاءِ سندس ڪوشش بيڪار آهي. هن مفڪر جي
حيثيت ۾ نه بلڪ هڪ شاعر جي حيثيت ۾ اطالويءَ ٻولي
کي هومر يا ورجل جي ٻولي جي برابر آڻي بيهاريو. هن
جو سڀ کان وڌيڪ دلچسپ ۽ اهم بيان شاعري جي علامتي
معنيٰ بابت آهي، جيڪو هن پنهنجي اڻ پوري تصنيف
“Convivio”
۾، ۽ “Can Gran dedella Scala”
کي پنهنجي هڪ خط ۾ لکيو هو. ان بيان جي ڪري ارسطو
جي نظريي ۾ هڪ ڪشادگي اچي ويئي آهي. ڊانٽي جي خيال
مطابق ”عمل“ جيڪو ڪنهن نظم جوڙڻ لاءِ تخليقي تحريڪ
پيدا ڪري ٿو، اهو انساني واقعن جي مقابلي ۾ هڪ
شاعر لاءِ وڌيڪ اهميت وارو هوندو آهي؛ ڇاڪاڻ ته
اهو عمل هن جي ذهن کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي، زندگيءَ
جي ڳوڙهي معنيٰ جي وجدان يا ڪامل يقين کي هن جي
اڳيان علامتي انداز ۾ پيش ڪري ٿو. ارسطو چوي ٿو
ته،ڪنهن نظم جو فن ان جي تخليقي تحريڪ يعني ان جي
”عمل“ جي علامت (يا تقليد) آهي، پر ڊانٽي خود عمل
کي علامت سڏي ٿو. اهڙي طرح سموري نظم ۾، عمل
فنڪاراڻي صورت ۽ جوهر سميت موجود هوندو آهي.
جنهنڪري ان جي علامتي (يا جئن ڊانٽي ان لفظ کي ان
جي وسيع معنيٰ ۾ استعمال ڪري ٿو؛ يعني تمثيلي)
اهميت پڻ ظاهر ٿي پوندي آهي. هيءُ عام قاعدو ڪونه
ٿي سگهي ٿو، پر ارسطو جي تقليد جي طريقي کي جنهن
نموني ۾ بيان ڪيو ويو آهي، اهو “Encid”
۽ Paralise
Last” ۽
Gerusal mme libereta
جهڙن نظمن ۽ خود ڊانٽي جي نظم “Divine
Comedy” جي اثر کي
پوريءَ طرح سمجهڻ لاءِ تمام ضروري آهي. شاعريءَ جي
تخليقي تحريڪ جي حيثيت ۾ انساني واقعن جي علامتي
نوعيت، غنائي شاعري ۾ پاڻ وڌيڪ واضح هوندي آهي.
غنائيه ۾ جيڪو جذباتي اثر موجود آهي، شاعر ان کي
غنائيه کان وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو، ۽ جيڪڏهن ان کي
پوري طرح ٻولي ۾ جذب ڪيو وڃي ته پڙهندڙ به ان مان
واقف ٿي سگهندا. هتي خود ڊانٽي کي مثال طور پيش
ڪري سگهجي ٿو. بيٽرائس(1)
لاءِ سندس محبت محض هڪ انساني جذبو ڪونه آهي؛ بلڪ
اخلاقي قدرن جي ڀيٽ ۾ ان جو قدر گهڻو بلند آهي.
ڊانٽي ههڙن قدرن کي فلسفي جي اصطلاحن ۾بيان ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي، پر حقيقت ۾ اهي بيان ڪرڻ کان مٿي
آهن. البت انهن جي مطلب جي وضاحت ڪرڻ ممڪن آهي،
بشرطيڪ شاعريءَ ديني سجاڳي واري دور جي تنقيد جو
گهڻو حصو ”فن شاعري“ سان تعلق رکي ٿو. تنقيد جي
تاريخ ۾ اهو دور ئي هو جڏهن ارسطو جي جمالياتي
فلسفي کي نئين دنيا سان واقف ڪرايو ويو. جيتوڻيڪ،
جيئن اسين مٿي پڙهي آيا آهيون، گهڻو وقت اڳي هوريس
جي ڪتاب Ars Poetic
۾ ان فلسفي جا اثرات نظر اچن ٿا. ديني سجاڳي واري
دور جي اوائلي ڏينهن ۾ هوريس ئي ”فن شاعري“ کي
روشناس ڪرايو. بهرحال ان دور جي تنقيد ارسطو جي
قدرن ۾ ڪوبه اضافو ڪونه ڪيو. ان جو خاص ڪم رڳو
ارسطو جي تشريح ڪرڻ تائين محدود هو. البت هڪ طرف
اهڙو به هو، جنهن ڏانهن ارسطو جي تنقيد کي وڌائڻ
جو امڪان هو. افلاطون جو چوڻ هو، ته شاعري فطرت جي
نقالي ڪري ٿي ۽ ان خيال تي ئي هن پنهنجي نظريي جو
بنياد رکيو هو. پر اصل فطرت ۽ شاعر جي خيال ڪيل
فطرت ۾ ڪهڙو تفاوت آهي؟ فطرت جي باري ۾ شاعراڻي
خيال جي ڇا معنيٰ آهي؟ ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته
ارسطو جو نظريو انهن ڳالهين تي روشني وجهي ٿو، پر
ديني سجاڳي واري دور جي نقادن ئي ان کي وضاحت سان
بيان ڪرڻ شروع ڪيو. مثلاً سرفلپ سڊني(1)
پنهنجي شاندار تصنيف ”معذرت“(2)
۾ شاعريءَ جي آزادي تي زور ڏئي ٿو ۽ جو صحيح ڪم
فطرت ۾ هڪ قسم جي حصيداري سمجهي ٿو.
|