ڇاڪاڻ ته فطرت ۾ جيڪي شيون اسان کي خوشي بخشين
ٿيون، اهي اتي پوري طرح مڪمل موجود آهن. بيڪن(3)
نهايت گهرائي سان چوي ٿو، ته شاعري دل جي خواهش کي
شين جي نمائش ڏيکاري، اسان جي فن کي بلند ۽ بالا
مقام تي پهچائي ٿي. ديني سجاڳي واري دور کان ارسطو
جي جمالياتي نظريي جو لاڙو ان طرف ٿيڻ شروع ٿيو.
ڪانٽ(1) وٽ بيڪن جا لفظ دل جون خواهشون ڦري شين جي مقصد جي نمائندگي
لاءِ خواهش ٿيو پون. هو چوي ٿو ته شاعري خاص مقصد
جي نمائندگي ڪرڻ سان گڏ يا مقصد شين جي نمائندگي
به ڪري ٿي ساڳي ڳالهه شيلي(2) به ڪري ٿو، ته شاعري ڪنهن به خاص قسم جي اخلاقي قدر تي زور ڪين
ڏئي ٿو، پر ان هوندي به ان ۾ هڪ اخلاقي اثر موجود
آهي. ڇاڪاڻ ته اخلاقيات فقط عمده ۽ بلند ذهني
زندگي جو نالو آهي ۽ ان جي تخيل ۾ قلب جي قوت
پوشيدي آهي، جنهن کي شاعري ئي غذا پهچائي ٿي.
شاعري جي وسيلي اسين هڪ اهڙي دنيا ۾ پهچون ٿا جنهن
۾ اسان کي شين جي مقصد ۽ عمل جي اخلاق جي ڄاڻ ملي
ٿي اها هڪ اهڙي دنيا آهي جنهن ۾ ٻاهر جي مقرر
معيارن جو ڪوبه دخل ڪونهي ۽ جيڪا خود به وڏي اهميت
رکي ٿي. ههڙي قسم جي آسودي دنيا تجربي جي ڪهڙي
خطي ۾ واقع ٿي سگهي ٿي؟ ان جو جواب بيني ڊيٽو
ڪروچي(3)
هيءُ ڏئي ٿو، ته اهڙي دنيا خالص وجداني خطي ۾
واقعي آهي ۽ ان تجربي ۾ موجود آهي، جنهن کي تجربي
هجڻ جي ڪريئي ئي قبول ڪيو وڃي ٿو. هيءُ اهو خطو
آهي، جنهن ۾ تجربي جي سچائي بابت ڪو سوال ئي ڪونه
ٿو آچي. اسين خود به تجربي مان رڳو تجربي هجڻ ڪري
ئي خوش آهيون پر ائين ٿو ڀانئجي ته ڪروچي پنهنجي
جواب کي موثر ۽ جذباتي وجدان جي حدن تائين محدود
رکڻ گهري ٿو. ان هوندي به هر شيءِ توڙي مباحثي کي
به وجداني صورت ۾ آڻي سگهي ٿو ۽ ان کي خالص تجربو
ڪري وٺي سگهجي ٿو. فطرت جو تصور جنهن جي ترجماني
شاعري (عام طرح شاعري کي ادب جو فن سمجهيو وڃي ٿو)
ڪري ٿي. اهو ان دنيا جو تصور آهي جنهن جي اسان کي
گهني خواهش هوندي اهي، ائين سمجهبو آهي ته اها
موجود آهي، ۽ اهوئي سبب آهي جو اسان جي خواهش کي
اطمينان ملي ٿو. ٻيو ته ان دنيا جي جن شين جي وڌيڪ
خواهش هوندي آهي، اهي آهن قاعدا ۽ قانون. خالص ادب
جو ڪوبه قسم هن تصور جي ڪري تخليق ۾ نه ايندو آهي،
ته ڪا دنيا آهي جنهن جو قائم هجڻ اسان کي هيءَ
خاطري ڏياري ٿو ته ان جي وجود ۾ هڪ باهمي ربط ۽
لاڳاپو آهي. بهرحال هيءَ حقيقت آهي ته تخيل جي
ذريعي ئي تخليقي تحريڪ جي نمائندگي ٿيندي آهي،
پوءِ کڻي اها ڪنهن افساني يا ناول يا ناٽڪ يا ته
رزميه يا غنائيه گيت ۾ موجود هجي.
تنقيد ۾ اهو لاڙو البته نظرياتي آهي، پر علمي سجاڳيءَ جي تحريڪ(1) جي شروع ۾ ههڙي اهميت جو هڪ ٻيو لاڙو به ملي ٿو؛ يعني ادبي
اسلوب جي تنقيد، اسلوبي تنقيد جو سر چشمو به هڪ
يوناني تصنيف آهي، جنهن کي عام طرح
Longinus on the Sublime سڏيو ويندو آهي. پنهنجي اهميت جي لحاظ کان اها فن شاعري جي
مقابلي جي تصنيف آهي. ان تصنيف جو سمورو مواد
تنقيدي آهي. ۽ فن جي ڪنهن به فيلسوفانه نظريي کي
بحث ۾ شامل ڪونه ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ اها تصنيف
پهرين صدي عيسويءَ جي هڪ يونانيءَ جي آهي، پر
تنقيد جي تاريخ ۾ ان جي اهميت بلڪل تازي آهي؛ يعني
جڏهن
سنه 1554ع ۾ اها پهريون ڀيرو ڇپجي ظاهر ٿي هئي، معلوم ٿئي ٿو ته قديم زماني
۽ وچيئن زماني جون ثقافتون ان تصنيف کان بيخبر
هيون. ڪتاب جي نالي ۾ ٻيڻي غلطي ڪئي ويئي آهي؛
يعني اهو لانجينس(2)
جو تصنيف ڪيل ڪونهي. ازنسواءِ ان جو ان رفعت(1) سان ان معنيٰ ۾ ڪوبه واسطو ڪونهي، جنهن جي معنيٰ ۾ ان لفظ کي
اسين استعمال ڪريون ٿا، بهرحال ان ڪتاب جي گمنام
مصنف ادب ۾ ان اسلوب جي نوعيت ۽ جوڙجڪ کي واضح ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جي ڪري ٻولي عام استعمال جي
درجي کان بلند ٿي ويندي آهي. تنهنڪري صحيح معنيٰ ۾
هو ادب جو پهريون نقاد هو ڇاڪاڻ ته يوناني ۽ رومي
ادب کان سواءِ هن عبراني ادب مان به استفادو ڪيو
آهي. ادبي اسلوب جي باري ۾ هن جيڪي لکيو آهي، ان ۾
ڪيتريون ئي خوبيون آهن. پر وڏي خوبي هي آهي ته هو
ادبي اسلوب کي هڪ اهڙي خاصيت سمجهي ٿو جيڪو تنقيد
جو مرڪز هجڻ گهرجي، ساڳئي وقت هو ادبي اسلوب کي
ٺلهو سينگاري ٻاهريون ڏيک به ڪونه ٿو سمجهي.
لانجينس چوي ٿو ته اسلوب ئي ڪنهن تصنيف جو اصل روح
۽ ان جي مصنف جي شخصيت جو آئينو آهي. اها چوڻي ته،
اسلوب شخصيت جو آئينو آهي(2) لانجنيس سان منسوب آهي. اسلوب شخصيت جو آئينو بيشڪ آهي. پر ان
جو مطلب هي ٿيندو ته اها شخصيت جيڪا ڪنهن خاص قسم
جي حالت ۾ ڪو خاص ڪم ڪري، هو شاعر ۽ هن جي تخليق
ٻنهي جي نوعيت ۽ مختلف سببن کي، جيڪي هڪ شاندار
اسلوب کي پيدا ڪري سگهن ٿا، ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪري
ٿو. جيتوڻيڪ اها تجويز اطمينان واري ڪين آهي، پر
غور جي قابل ضرور آهي. هن جو خيال آهي ته انهن
عظمت جي وسيلن (خيال جي بلندي، زورائتو جذبو،
لسانياتي اظهار جي طريقن کي صحيح استعمال ڪرڻ جي
قابليت) مان اسلوب جا چڱا قاعدا ملي سگهن ٿا؛ ۽ جن
جي انحرافي ڪرڻ يقيني ڏوهه سمجهيو ويندو. پر انهن
سان تعلق رکندڙ غلطين کي هو ڪونه ٿو نندي. ساڳئي
وقت هو اهو به قبول ڪري ٿو، ته هڪ ذهين اديب لاءِ
قاعدن جي پائبندي ضروي ڪانهي. جيتوڻيڪ سندس اهو
اقرار سندس قاعدن جي سچائيءَ تي پردو وجهي سگهي
ٿو. ڏوهه ته بهرحال ڏوهه آهن، پوءِ کڻي انهن جو
ڪندڙ ڪو ذهين شخص ڇو نه هجي. هڪ ذهين جي ذهني قوت
قاعدن کي نظرانداز ڪري ٿي ۽ غلطيون ڪري ٿي پر ان
قوت ۾ تمام ڪارائتن ڪمن ڪرڻ جي اميد به رکي سگهجي
ٿي. برخلاف ان جي ان خبردار شخص ۾، جنهن کي سدائين
قاعدا ياد هوندا آهن ۽ جيڪو اعليٰ ذوق جي ستياناس
ڪرڻ جو خطرو نه کڻندو آهي. اهڙي اميد رکڻ بيڪار
آهي. ان هوندي به هڪ شاعر کي جيڪو پنهنجي قابليت
کي وڌائڻ گهري ٿو، ڪنهن به صورت ۾ فن جي انهن
قاعدن کان غافل رهڻ نه گهرجي. ڇاڪاڻ ته فن ئي هن
جي تخليقي قوت کي شعوري ۽ عقلي طرح منظم ڪري ٿو.
ڪي اهڙا به نقاد آهن جيڪي شاعراڻي قوت کي فطرت جو
تحفو سمجهن ٿا. يقيناً هڪ چڱي مقدر وانگر اها فطرت
جو تحفو آهي،پر جهڙي طرح چڱي مقدر کي استعمال ڪرڻ
لاءِ صحيح نصيحت ضروري آهي، ساڳئي طرح اهو شاعر
وڌيڪ داناءُ سمجهيو ويندو جيڪو فن جي وسيلي ثابت
ڪري ڏيکاري ٿو ته هن فطرت جي ڏنل تحفي جو ڪهڙو نه
عمدو استعمال ڪيو آهي.
اسلوبي تنقيد ۾ (اسلوب کي لانجينس جي ڏنل معنيٰ ۾ وٺندي) شاعري
بابت اهو خيال پهرين پهرين جانسن(1)
جي تحريرن وسيلي انگريزي ادب ۾ عام ٿئي ٿو.
ايلزبيٿ دور جي نقادن کي يقين هو ته شاعري هڪ
تخليقي قوت آهي، جنهن تي سمجهه، ارادي ۽ سکيا جي
ذريعي ئي قبضو ڪري سگهجي ٿو. بهرحال ان ۾ اهي
پيچيدا قاعدا (مثلاً وقت ۽ مڪان جي ايڪائي يا ناٽڪ
جا پنج ائڪٽ) فقط ان ڪري موزون هئا جو انهن جي ڪري
فني ضرورتن جو صحيح طرح پورائو ٿي ٿيو.
جانسن جي ان خيال کي پوئين دور ۾ گهڻي مقبوليت حاصل ٿي ۽ بن جو فڪري مڪتب(1) پنهنجي عام پر عقلي روش جي ڪري ڊرائيڊن(2)
جي تنقيد ۾ هڪ بلند مقام تي پهتو. پر پوپ(3) ئي انگريزي ادب ۾ اسلوبي تنقيد کي پوري طرح بيان ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي. هوريس جي
Ars Poetica
وانگر تنقيد تي مضمون(4) به هڪ نظم آهي. جنهن کي شاعري جي نقطه نظر سان چڪاسڻو آهي. اهو
نظم دلچسپ وندرائيندڙ آهي. پوپ ان ۾ لفظن کي
استعمال ڪرڻ لا پنهنجي ذهانت ۽ اعليٰ هنر کان ڏاڍو
ڪم ورتو آهي. ان ۾ تنقيد بابت ذڪر آهي، ۽ تنقيد جي
تاريخ ۾ ان جي اهميت ان ڪري آهي جو ان ۾ ارسطو جي
اثرات کي ڪٺو ڪري هڪ هنڌ پيش ڪيو ويو آهي. ان ۾
لانجينس بن جانسن جو فڪري مڪتب، ڊرائيڊن، عام
سمجهه، ادبي ذوق بابت فرانسوي نظريو ۽ ڪارٽيشن(5) فلسفي جي عقليت(6) سڀ اچي وڃن ٿا. تنقيد کي سند جي حيثيت ڪٿان ملي ٿي؟ پوپ ان
سوال جو جواب هي ڏئي ٿو، ته هڪ ذهني روش ٽن مستند
خيالن جو مجموعو هوندي آهي، يعني فطرت جو خيال(7) قدامت جو خيال(8) ۽ عقل جو خيال(9) انهن ٽنهي خيالن جي پابندي لازمي آهي. هر هڪ خيال باقي ٻن
خيالن جي سند کي ظاهر ڪري ٿو. پهرين فطرت جي
پيروي ڪريو. پر ان لاءِ پهرين متقدمين جو مطالعو
ڪريو. ڇاڪاڻ ته متقدمين فطرت جي بنهه قريب هئا،
فطرت ۽ قديم شاعري هڪ ئي آهي. پر وري متقدمين کي
پڙهڻ جي هي معنيٰ ٿيندي ته ان فن جو مطالعو ڪيو
وڃي جيڪو سدائين عقل سان مطابقت رکي ٿو. متقدمين
جو اهو ئي سبق آهي ته شاعري انهن قاعدن جي پابند
هجي جيڪي عقل مطابق هجن. ڇاڪاڻ ته فطرت خود عقل
آهي (هتي عقليت پرستيءَ جو اهو اثر نمايان آهي،
جنهن کي ڊيسڪارٽس(1) جي زبردست فلسفي آفاقيت بخشي هئي) جيڪڏهن فطرت غيرعقلي(2)
نظر اچي ٿي ته اهو اسان جي سمجهه جو ئي ڏوهه آهي.
قديم شاعرن هڪ عقلي دنيا جي ئي تصوير چٽي آهي،
ڇاڪاڻ ته اهي فطرت مان پوري طرح واقف هئا. فن جن
جي قاعدن جي هو پابندي ڪندا هئا سي فطرت تي ڪونه
مڙهيا ويندا هئا. بلڪ فطرت مان ئي حاصل ڪيا ويندا
هئا. اهي لڌا ويندا هئا ۽ نه تجويز ڪيا ويندا
هئا. هي اهي قاعدا هئا جيڪي خود فطرت پهرين مقرر
ڪيا هئا. انهن ۾ فطري صداقت سمايل هئي، ڇاڪاڻ ته
اهي عقلي هئا. جيڪڏهن فن ۽ فطرت ۾ ڪو تفاوت پيدا
ڪرڻو آهي ته ان فن جي وسيلي جيڪو عقلي هوندي به
خود فطرت کان به وڌيڪ فطري آهي- اها فطرت جيڪا
تجربي ۾ ايندي آهي.
پوپ جي نظريي جي ڪنجي هيءُ اصول آهي ته فطرت سچ پچ عقل جهڙي
آهي، تنهنڪري فن ۾ فطرت جي اصليت قائم رهي ڪين ٿي
سگهي (جيڪڏهن فن قديم قاعدن مطابق هجي) ان نظريي
کي جيڪڏهن خيالن جو روشن مونجهارو چئجي ته وڌاءُ
ڪونه ٿيندو. هوريس وانگر هو متقدمين جي انڪر عزت
ڪونه ڪري ٿو، ته اهي بزرگ هئا ۽ جن وٽ ڪامياب
شاعراڻي فن جا بهتر مثال ملن ٿا؛ بلڪ ان ڪري ته
هنن کي فطرت جي ڳجهه جي خبر هئي. ارسطو به هنن جي
فن جو عقلي تجربو ڪيو هو، تنهن ڪري هنن جي پيروي
ڪرڻ عقل وٽان ٿيندي. غور سان ڏسبو ته مٿين بيان ۾
حقيقت پوري طرح نظر نه ايندي. پوپ جي نظريي جي
اهميت هي آهي ته هو ٻڌائي ٿو ته شاعري جنهن فطرت
جي نقالي ڪري ٿي، سا اها فطرت آهي، جنهن کي سمجهڻ
لاءِ اسين سڀ خواهان آهيون. ارسطو به اهو ئي چيو
هو پر پوپ شعري تحرير جي هڪ اهڙي اسلوب جي حق ۾
لکي ٿو جيڪو نه فقط ٻولي سان پر خيال سان به تعلق
رکي ٿو. ان اسلوب کي اسين ارڙهين صديءَ جي شاعري
جو اسلوب ڪري سڏيون ٿا. ان نظريي ۾ ٽن شين کي
ڏاڍي اهميت حاصل هئي، فطرت، قدامت ۽ عقل. اهوئي
سبب هو جو سترهين صديءَ کان وٺي اوڻيهين صديءَ
تائين اهو نظريو برابر قائم رهندو آيو.
شيڪسپيئر جي ڊرامن کي ترتيب ڏيندڙ پوپ ان اقرار ڪرڻ کان سواءِ
رهي ڪونه سگهيو ته انهن قاعدن جا شاندار منحرف(1)
به ٿي سگهن ٿا. اهو اقرار، لانجينس جي ڪيل ساڳئي
اقرار کان بلڪل جدا آهي. لانجينس جي خيال مطابق
ڏوهن کي ڏوهه ئي سڏيو ويندو پوءِ کڻي اهي ڪير به
ڪري. پر پوپ جي خيال ۾ اهي اهڙا قاعدا آهن، جن جي
ڀڃڪڙي هڪ لاجواب مثال ٿي پوندو. ڇاڪاڻ ته انهن
قاعدن ۾ به اوترو ئي معقوليت هوندي آهي؛ ۽ عام طرح
ان معقوليت جي جيڪا اسان کي پروڙ هوندي آهي، تنهن
کان گهڻو مٿي هڪ ذهين شخص جي نظر پهچي سگهي ٿي.
هيءُ اقرار ته هڪ ذهين سچو آهي ۽ قاعدا هن جي حد
بندي ڪونه ٿا ڪري سگهن، سچ پچ ته اهڙن قاعدن جي
سموري ساک ختم ڪري ٿو ڇڏي. بهرحال انهن قاعدن جي
اهميت رڳو عارضي آهي.
|