سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: سنڌي ادب ۾ تنقيد

باب: --

صفحو :11

 

ارڙهين صدي جو شاعراڻو اسلوب انڪري مشهور اهي، جو ان ۾ لفظن جي چونڊ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو هو. ان دور جي شاعرن جي دعويٰ هئي ته جيڪڏهن شاعري واقعي هڪ معقول فن آهي، ته پوءِ ڇو نه ان جي اظهار جو وسيلو چونڊ لفظن کي بنائجي؟ ان ڪري هيءُ عقيدو پيدا ٿيو ته اهڙي قسم جي لفظي چونڊ خود به شاعراڻي آهي ۽ هر شاعراڻي موقعي لاءِ موزون ثابت ٿيندي. لفظن جي اهڙي خاص چونڊ جيڪا بظاهر انهن ضرورتن جو پورائو ڪري ٿي، ارڙهين صدي جي ادب جي هڪ وڏي ڪاميابي  آهي. مگر حقيقت ۾ اها هڪ خاص قسم جي تخليقي قوت لاءِ موزون هئي. ارڙهين صدي ۾ ئي ان نظريي جي خلاف هڪ غير منظم بغاوت عام ٿي ويئي هئي. پر سن 1800ع ۾ ورڊسورٿ(1) جي مشهور معروف سريلن گيتن جي مهاڳ(2) ان نظريي جي ڪوڙي آفاقيت کي ڊانوا ڊول ڪري ڇڏيو. ورڊسورٿ صاف طرح انڪار ڪيو ته ڪا لفظي چونڊ خود به شاعراڻي هوندي آهي. بلڪ شاعري جي ’موزون ٻولي اها آهي جيڪا عام ماڻهو سچ پچ ڳالهائيندا آهن.‘ ۽ جنهن طريقي تي اها شاعري ۾ استعمال ڪبي ان طريقي جوئي شاعراڻو روپ اها اختيار ڪندي. پر اڪثر سڌارن وانگر اهو سڌارو به پنهنجو ليڪو لنگهي ويو ۽ خود ورڊسورٿ به عملي طرح پنهنجي مقصد کي موزون نموني استعمال ڪرڻ لاءِاهڙي ٻولي استعمال ڪندو هو، جيڪا عام گفتگو جي ٻوليءَ بدران ادبي ٻولي آهي. ان هوندي به هن جو احتجاج لاجواب آهي.

ورڊسورٿ کان پوءِ روايتي تنقيد ۾ هر اُن ٻوليءَ جو استعمال جائز سمجهيو وڃي ٿو، جيڪا ڪنهن ليکڪ جي مقصد جي پوري طرح وضاحت ڪري سگهي. حقيقتاً ان اسلوب جي هڪ وڏي خامي آهي، سچي، سهڻي ۽ چٽي طرح اظهار ڪرڻ ۾ ان جي ناڪامي. ورڊسورٿ رومانوين ۽ ٻين ايندڙ تحريڪن لاءِ اسلوب ۾ آزادي جو رستو صاف ڪري ويو. پر ارڙهين صدي جو سبق اڃا ڪنهن به ڪونه وساريو آهي. اڄ به تنقيدي روايت ۾ لانجينس ۽ بن جانسن جي اصولن جو ڳوڙهو اثر آهي. فطرت ۾ کڻي عقليت موجود هجي يا نه، پر شاعريءَ ۾ ان جو هجڻ اشد ضروري آهي. ضروري ڪونهي ته اها عقليت منطقي هجي يا عملي، بلڪ ان جو فني هجڻ لازمي آهي.

رومانويت جو ذڪر ڪندي تنقيد جي روايت ۾ هڪ ٽين اهم تحريڪ جي خبر پوي ٿي. جيتوڻيڪ رومانويت وانگر ان تحريڪ جي شروعات به رومانوي تحريڪ کان اڳ جي آهي. ان جو سبب ڊيسڪارٽيس(1) جو اثر ئي ڀانئجي ٿو. بهرحال ان جو دائرو ادب ۽ ادبي تنقيد کان گهڻو ڪشادو آهي. ان جي ڪري، تجربي جي داخلي ۽ خارجي عنصرن، تجربو ڪندڙ شخص ۽ تجربي ۾ ايندڙ دنيا ۽ اندروني ۽ بيروني دنيا ۾ تميز پيدا ڪري سگهجي ٿي. ان تحريڪ کي سمجهڻ لاءِ ان نيئن خيال کي سمجهيو وڃي، جيڪو ان جي ڪري نقيد قدر و قيمت ۾ قائم ڪيو ويو آهي. ٻين لفظن ۾ اهو خيال اها رفعت يا بلندي آهي، جنهن کي استعمال  ڪندي ڪالرج دعويٰ ڪري ٿو ته يوناني ۽ روماني ادب جي مقابلي ۾ رفعت ئي عبراني ادب جي هڪ خاص تميز آهي. ان جو مطلب هيءُ آهي ته رفعت سکڻي سونهن کان هر حالت ۾ مٿي آهي.

تنقيدي روايت ۾ رفعت جي اهميت ان وقت ظاهر ٿئي ٿي، جڏهين برڪ(2) سن 1756ع ۾ ”رفعت ۽ حسن بابت اسان جن خيالن جي اصل بنسبت هڪ فيلسوفاڻو جائزو“(3) نالي ڪتاب لکيو. تنقيد ۾ نه نظرياتي لاڙو، نه ارسطاليسي لاڙو ۽ نه لانجينس جو اسلوبي لاڙو هن بيان جي تصديق ڪندو ته شاعريءَ جو مقصد خوبصورت هجڻ آهي. البت ائين چوڻ درست ٿيندو ته جڏهن شاعري پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي، تڏهن ان کي خوبصورت سمجهيو وڃي ٿو. پر برڪ پڇي ٿو ته شاعري ۾ سونهن کان وڌيڪ بهتر ٻي شي موجود ڪين ٿي سگهي ٿي؟ جذبو خوبصورتي کان وڌيڪ اهم ڪونهي؟ برڪ جي خيال مطابق سونهن جي تعريف  هنن لفظن ۾ ڪري سگهجي ٿي: ان ۾ نرمائي، نزاڪت، دلڪشي ۽ معصوميت آهي. هو چوي ٿو ته ڪنهن جذبي جو آزاديءَ سان استعمال خود به هڪ قسم جي خوشي آهي، ۽ جيتريقدر جذبو وڌيڪ هوندو، اوتري خوشي به زياده ٿيندي. ڏکوئيندڙ ۽ خوفناڪ جذبا به جذبن هجڻ ڪري ئي مسرت بخش آهن؛ پر ان لاءِ شرط آهي ته اهي غيرجانبدار به هجن. اهي جذبا شاعري ۾ به ان ئي صورت ۾ موجود هوندا آهن. شاعري ۾ بيان ڪيل ڏکوئيندڙ ۽ خوفناڪ ڳالهين جو اسان سان تعلق ڪونه هوندو آهي. اسين رڳو اهڙين ڳالهين بابت سوچيندا آهيون، ۽ اهي اثرائتيون فقط ان ڪري هونديون آهن، جو انهن ۾ جذبا هوندا آهن. انهن جذبن مان پوءِ نهايت آزاديءَ سان لطف وٺي سگهجي ٿو. ازانسواءِ اهي جذبا به بيحد اثرائتا هوندا آهن جن ۾ موت، تباهي، بربادي، زيادتي، وسعت ۽ ڪشادگي جا خيال سمايل هوندا آهن. اها شئي جيڪا پنهنجي جذباتي اثر کان اسان کي حيران ڪيو ڇڏي. ان کي اسين رفعت سڏيون ٿا، ۽ اڪثر ڪري اهو اثر ڪنهن اهڙيءَ شيءَ جي وسيلي پيدا ڪيو وڃي ٿو، جيڪا سمجهه ۽ فهم کان مٿي آهي. اهو اثر حقيقت ۾ ’خوف‘ جو آهي. ”خوف هر حالت ۾، ظاهر يا لڪل، رفعت جو مقدم اصول آهي.“ ۽ اڪثر ڪري خوف ۾ هڪ قسم جي پوشيدگي به شامل هوندي اهي. رفعت جيڪا شاعري جي حقيقي بزرگي آهي، عام طرح پيش ڪيل خيال جي پوشيدگيءَ ۾ ئي سمايل هوندي آهي. ايتريقدر جو ”هڪ ظاهر خيال هڪ ننڍي خيال جو ٻيو نالو آهي.“ هيءَ ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته رفعت جي ان درجي ۾ بدصورتيءَ کي به شاعريءَ جو هڪ جزو سمجهي قبول ڪيو ويو آهي.

هڪ ٻي ذڪر جوڳي ڳالهه هي به آهي ته رفعت جو اهو درجو خاص ڪري رومانويت سان تعلق رکي ٿو. جتي به رومانويت موجود آهي، اسين ڏسون ٿا ته ”ٻاهرين“ دنيا جي ڀيٽ ۾ ”اندروني“ دنيا کي وڌيڪ بزرگ ۽ برتر سمجهيو وڃي ٿو. برڪ جو هيءَ اصرار ته شاعريءَ کي ان جي جذباتي اثر جي نقطئه نگاهه کان ئي ڏٺو وڃي، رومانوي تنقيد- خالص داخلي معيارکان ڪيل تنقيد – جي حقن جو پهريون اظهار آهي. ”ٻاهرين“ دنيا جي مقابلي ۾ ”اندروني“ تجربي کي ڏنل رومانويت  اهميت وري سندس هن اصرار مان ظاهر ٿئي ٿي، جيڪو هو پيش ڪيل مود جي شاعراڻي قدر پوشيدگي تي ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته پوشيدگي، ڪشادگيءَ ۽ وسعت جي خيالن وانگر، ذهن کي آزاد ڪيو ڇڏي ته ڀل اهو شين جي ٻاهرين حقيقتن کان آزاد رهي پنهنجي اندروني قوتن کي وڌائي. اهو ئي سبب آهي جو رومانويت ۾ ”فاصلو خيال ۾ دلڪشي پيدا ڪري ٿو“ يعني فاصلو پوشيده ٿيو وڃي، حقيقت لڙاٽجيو وڃي ۽ ان جي جاءِ تي تخيل روشن ٿيو پوي. هتي اهو به ڄاڻڻ گهرجي ته رومانويت جي مخالف تحريڪ حقيقت پسندي(1) آهي. جنهن جو سمورو زور ”ٻاهرين“ دنيا تي آهي. پر تنقيدي روايت ۾ جيڪا اهميت رومانويت کي ملي آهي اُها حقيقت پسنديءَ کي ڪڏهن به نصيب ڪين ٿي سگهي.

ڪانٽ پنهنجي تصنيف ”تنقيد عقل محض(2)“ ۾ برڪ سان اتفاق ڪري ٿو ته جمالياتي نقطئه نظر کان رفعت ۽ خوبصورتي جدا جدا رتبو رکن ٿيون. پر هن جو خيال آهي ته رفعت جي وسيلي قلب کي جيڪا خوشي حاصل ٿئي ٿي، ان جو سرچشمو دراصل فطرت جي شان و شوڪت جي بي انتها ۽ عظيم طاقت اهي. ان عظيم الشان نظاري جي بي انداز طاقتور اثر کي برداشت ڪرڻ جي قوت جڏهن قلب ۾ پيدا ٿئي ٿي، تڏهن قدرت ئي پنهنجي اخلاقي برتريءَ جي يقين جو احساس ان کي وڌيڪ قوت بخشي ٿو.

جمالياتي نقطئه نظر کان فن جي ڀيٽ ۾ ڪنهن نظاري کي ڪانٽ گهڻي اهميت ڏئي ٿو. پر فطرت ۾ رفعت  جي اهميت تي سندس بحث فن ۾ رفعت  جي اهميت تي،  برڪ واري ڪيل بحث سان گڏجي جمالياتي تجربي جي دائري کي وسيع ڪرڻ جو سبب بنجي پيو آهي ۽ اهڙيءَ طرح تنقيدي روايت ڏاڍي ترقي ڪئي آهي.

رومانويت کان البت جدا پر برڪ ۽ ڪانٽ جي تنقيدي سلسلي ۾ هڪ ڪڙي ليسنگ(1) جي به ملايل آهي. سنگتراشي وغيره جي فن تي پنهنجي جڳ مشهور مضمون ‘Laokoon’ ۾ هو چوي ٿو ته ادب جو نقاشيءَ ۽ سنگتراشيجي فنن سان تعلق آهي. هو برڪ جي هن خيال سان متفق آهي ته شاعري ۾ بدصورتي جي عنصر کي به ڪاميابي سان استعمال ڪري سگهجي ٿو. ان جو سبب هيءُ آهي ته برڪ جي مقابلي ۾ هن وٽ حسن جي معنيٰ ۽ وسعت محدود آهي. گرافڪ فن(2) جو مقصد سونهن هوندو آهي؛ پر شاعريءَ جو مقصد اظهاريت هوندو آهي ۽ بدصورتي کي ظاهر ڪرڻ جا ڪيترائي امڪان موجود آهن.ان جي برخلاف حسن جيڪو نظر ايندڙ ڪنهن وڻندڙ روپ کان ملي ٿو، اظهاريت جي ڪري برباد ٿي ويندو. لائوڪون(3) جي ڀيانڪ موت جي منظر کي جنهن فنڪاراڻي نموني ۾ ورجل پنهنجي شاعري ۾ بيان ڪيو آهي، ان کي هڪ بت – تراش ڪڏهن به فنڪاراڻي نموني ظاهر ڪري ڪونه سگهندو. هن خاص بحث مان ظاهر ٿيل حقيقتن ۾ شڪ جي گنجائش ٿي سگهي ٿي، پر ان بحث جي ڪري ليسنگ هڪ نهايت ئي اهم نتيجي پهتو هو.

اثر جي لحاظ کان شاعريءَ ۽ نقاشيءَ جي فنن ۾ جيڪو تفاوت آهي، ان جو سبب اهو فرق آهي، جو انهن فنن جي اظهار جي ذريعي ۾ هوندو آهي؛ ۽ اهو تفاوت وري انهن جي جدا جدا وسيلن جي ڪري آهي. نقاشي ۽ بت تراشي جي اظهار جي وسيلن سببان گرافڪ فن انهن شين جي نمائندگي ڪري ٿو، جيڪي پنهنجي وجود جي اڪيلن لمحن کي ظاهرڪنديون آهن. پر شاعري پنهنجي اظهار جي وسيلي سبب انهن عملن جي لڳاتار نمائندگي ڪري ٿي، جيڪي پنهنجي وجود جو هڪ لاڳيتو سلسلو رکن ٿا. هتي ليسنگ هڪ قديم يوناني چوڻي جو حوالو ڏئي ٿو جيڪا سمونائيڊس(1) ڏانهن منسوب ٿيل آهي؛ ته ”نقاشي گونگي شاعري آهي ۽ شاعري ڳالهائيندڙ نقاشي آهي.“ ان چوڻي ۾ انهن ٻنهي فنن جي مشابهه هجڻ تي اصرار ڪيل آهي. پر ساڳئي وقت انهن جي وچ ۾ جيڪو فرق آهي اهو به اهميت رکي ٿو. ادب جي وسيلي جيڪو ڪم ڪري سگهجي ٿو، ان لاءِ نقاشي ڪجهه ڪري ڪين سگهندي. ساڳي طرح نقاشي وسيلي ورتل ڪم ادب کان وٺي ڪونه سگهبو. شايدليسنگ ان طرف ڌيان ئي ڪونه ڏنو ته سندس بيان ڪيل اختلاف ڪيترو نه اهم آهي. پوئين دور جي نقادن به ان ڏانهن ڪو ڌيان ڪونه ڏنو. جڏهن چيو وڃي ٿو ته ڪا تصوير ”ڪنهن ڪهاڻي جي ترجماني ڪري ٿي،“ ته ڇا اها تصوير سچ پچ ادب سان مقابلو ڪري ٿي؟ ڪهڙيءَ طرح ادب پنهنجي موضوع کي صحيح رنگ روپ ۾ ظاهر ڪري سگهي ٿو؟ ساڳي طرح شاعري ۾ بيان ڪيل واقعن کي ڪڏهن به نقاشي وسيلي صحيح طرح ظاهر ڪري ڪونه سگهبو. پر ليسنگ انهن فنن جي حد بندي ڪري تنقيد جي بي بها خدمت ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته وسيلن ۽ قاعدن تي ئي ڪنهن فن جو دارومدار آهي، جيڪي صحيح طرح ٻڌائين ٿا ته هن يا هن وسيلي مان ڪهڙو ڪم وٺي سگهجي ٿو.

تنقيد جي روايت ۾ رومانويت هيءُ اضافو ڪيو جو ۾ تشريح ۽ تفسير  جي آزادي ملڻ لڳي. اها آزادي انهن نام نهاد خارجي قاعدن جي صداقت کان انڪار ڪري ٿي، جيڪي ڪلاسڪيت جي متوالن گهڙيا هئا. البت رومانويت انهن صحيح خارجي قاعدن کي قبول ڪري ٿي، جيڪي جئن ليسنگ ٻڌايو، فني وسيلي جي نوعيت تي دارومدار رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي قاعدا ڪڏهن به داخلي راءِ  ۾ دخل انداز ڪونه ٿا ٿين. رومانويت جي ڪري ئي ليمپ(1)، ڪولرج(2) ۽ هيزلٽ(3) ۾ تنقيدي انفراديت پيدا ٿي ۽ ڪنهن فنپاري کي پرکڻ جي پوري پوري آزادي ملي سگهي. خدشو فقط هيءُ آهي ته رومانويت جي ڪري غير ذميداريءَ جي گهڻي پٺڀرائي ٿئي ٿي. پر رومانوي تنقيد جي نظريي جو آخري حصو، يعني آزادي، ۽ ذميداري جي دعوائن جو مڪمل ۽ متوازن اختصار مئنزوني(4) پنهنجي مشهور نظم “It Contedi Carmagnola” جي مهاڳ ۾ ڏنو آهي. هر شاعراڻي تحرير ۾ ڪي قاعدا موجود هوندا آهن جن جي روشنيءَ ۾ ان تي تنقيد ڪري سگهجي ٿي. يا جئن مئنزوني ان خيال کي پنهنجي لفظن ۾ بيان ڪيو آهي: ”تنقيد هر ان شخص کي اهي قاعدا ڏئي ٿي جيڪي ڪنهن فنپاري لاءِ ڪا راءِ قائم ڪرڻ واسطي ضروري آهن.“ اهي قاعدا ٽن سوالن ڪرڻ سان ملي سگهن ٿا. پهريون- مصنف جي خواهش ڇا هئي؟ ٻيو- اها خواهش ڪيتري قدر معقول هئي؟ ٽيون- مصنف ان کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو؟ ٻين لفظن ۾ ان جو مطلب آهي: مقصد کي ڳولڻ، ان جي قيمت ڪٿڻ ۽ ان جي ٽيڪنڪ تي تنقيد ڪرڻ.

اهو به ٻڌائڻ ضروري آهي ته بنيادي طرح ان نظريي ۾ ڪابه شيءِ رومانوي ڪونهي. سچ پڇو ته مئنزوني جو اهو مکيه بيان فقط تاريخي اعتبار کان رومانوي آهي. تنقيد ۾ آفاقي مجرد معيارن جي نظريي(1) جي خلاف اهو بيان هڪ احتجاج هو. جنهن ڏانهن غلط ڪلاسڪيت ۽ غلط استعمال ڪيل عقليت، ارسطو، هوريس، ۽ لانجينس جي تعليم کي منسوب ڪيو هو. ان اصول جي اصليت ظاهر ڪرڻ بعد مئنزوني جو مفروضو نه فقط رومانوي تنقيد جي خيالن جو هڪ بيان ٿيو پوي، بلڪ ان جي ڪري صحيح ۽ عقلمند تنقيد جي طريقن مان به واقفيت ملي ٿي.


(1)  Wordsworth.

(2) Preface to Lyrical Ballads.

(1)  Descartes.

(2) Burk.

(3)  A Philosophical Inquiry Into the Origin of Our Ideas of the Sublime Beautiful.

(1) Realism

(2) Critique of judgement.

(1) Lesing.

(2)  Graphic Art.

(3)  Laokoon.

(1)  Simonides.

(1) Lamp

(2) Coleridge

(3) Hazlit

(4) Manzoni

(1) Doctrine Of Universal abstract Standards in Criticism.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com