سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: سنڌي ادب ۾ تنقيد

باب: --

صفحو :3

 

‘Crossing the stripling Thames at Bablockhith’

مٿئين مصرع جي معنيٰ ان جي ترڪيب مان ظاهر ٿئي ٿي ۽ ان جي موزوني سخت ۽ نرم حرفن جي ڦير گهير مان ٿئي ٿي. ٻئي پاسي لفظ stripling جو پر خيال قدر هتي بلڪل صاف آهي ۽ stripling، Thames ۽ Bablockhith’ ۾ موزون ۽ حروف علت جي سلسلي ۾ رڪني آواز جي خوبي پڻ ڌيان جوڳي ۽ اثرائتي آهي (وهندڙ پاڻيءَ جي آواز جو اشارو به چٽو آهي).

ضروري ڪونهي ته اها چوءڻي  قوت هڪ ئي وقت  استعمال ڪجي ۽ ان کي هڪ جهڙي ئي اهميت ڏجي. اڪثر ڪري ادب جي فن کي نظم ۽ نثر ۾ ورهايو وڃي ٿو، جنهن ڪري يقينن سهوليت ٿئي ٿي. پر اها ورڇ اهڙي  سخت ۽ ٺوس ڪين ٿي ڪري سگهجي. جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته ان جو دارومدار هڪ خاص قسم جي موزوني  جي موجودگي ياغير موجودگيءَ تي هوندو، جنهن کي اسين بحر وزن چئون ٿا. پر شعر (يا بحر وزن ۾ ترتيب ڏنل ٻولي)  شاعراڻي ٻوليءَ جي ڪا خاص ضمانت ڪونهن. شاعراڻي ٻولي شعر کان سواءِ به سلامت رهي سگهي ٿي.موزوني جنهن ۾ بحر وزن ڪونه آهي، اها اڪثر ڪري شاعراڻي ٻوليءَ لاءِ صحيح ٿي سگهي ٿي. پر شعر جهڙي تعريف جوڳي ڪسوٽيءَ کان سواءِ ’شاعراڻي ٻولي ڇا آهي؟‘ وارو سوال ’شاعراني ٻولي ڇا نه آهي‘ ۾ غائب ٿيو وڃي. تنهن ڪري وسيع معنيٰ ۾ اهو سوال معقول  آهي ۽ فلسفي سان تعلق رکڻ بدران البت عملي آهي. تنهنڪري ان جي سمجهڻ  کان اڳ ”شاعراڻي ٻولي“  جي مطلب جي وضاحت  ڪرڻ گهرجي. شاعراڻي ٻولي اها ٻولي آهي، جيڪا مصنف  جي تجربي جي خاص علامت کي بيحد اثرائتي انداز ۾ بيان ڪري ۽ ان جي نازڪ تفصيل جي عمدي تعريف ڪري؛ جيڪا پنهنجي قوت جي بلند مقام تي هجي؛ جنهن ۾ هڪ ئي وقت ان جي چئني قسمن جو بيحد موزون استعمال ٿيل هجي. اڪثر حالتن ۾ جذبي کي پوري تيزيءَ سان تفصيلوار بيان ڪرڻ لاءِ بحر وزن واري موزونيءَ کي استعمال ڪرڻ تي خاص ڪري اصرار ڪيو ويندو آهي. پر بحر وزن واري موزوني ڪا بنيادي حقيقت ڪانهي.

تنهنڪري لفظ شاعري کي ان طرح سمجهڻ کان پوءِ اسين ادبي فن جي بحث ۾ ان کي عام ادب ڪري ليکينداسون، ڇاڪاڻ ته ادب جو جوهر شاعري آهي. ادب جو سمورو مقصد (خالص تجربي کي ٻوليءَ جي وسيلي ٻين تائين پهچائڻ) شاعريءَ ۾ پنهنجي پوريءَ شدت سان ظاهر ٿئي ٿو. عام طرح جيڪي ڪجهه شاعريءَ لاءِ صحيح سمجهيو وڃي ٿو، اهو سموري ادب لاءِ به صحيح ٿيندو. تنهنڪري جڏهن به اسان جي نظريي ۾ شاعريءَ جو ذڪر ٿئي، تڏهن اهڙي شاعري ادبي فن جو هڪ قسم هوندي.

ادبي فن جو مقصد يا مراد آهي ظاهر ڪرڻ، نمائندگي ڪرڻ ۽ اطلاع پهچائڻ. ادب ان ڪري تخليق ڪونه ڪبو آهي، ته ان ۾ خوبصورتي پيدا ٿئي. اسان کي ادب ۾ خوبصورتي  ان وقت نظر اچي ٿي، جڏهن ان کي پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي ٿي هوندي، جهڙيءَ طرح اسين ڪنهن منظر کي ڏسي ان جي خالص تجربي کي خوبصورت ڪري ٿا وٺون، ساڳيءَ طرح ادب جي حاصل ڪرڻ ۽ ان کي ٻين تائين پهچائڻ جي خالص تجربي کي به ايئن ئي چڪاسڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته اطلاع حاصل ڪرڻ واري تجربي ۽ پهچايل تجربي ۾ تميز ڪري ئي نه ٿي سگهجي. هڪ نظم جي ترڪيب ۾ اسان کي ڪيتريون ئي خوبصورت شيون نظر اينديون ۽ سراسر طرح پورو نظم اسان کي خوبصورت نظر ايندو. پر ڪل جي خوبصورتي ڀاڱن جي خوبصورتي جو مجموعو ڪين هوندي آهي.هتي ادب جي هيئت (1)تي به ڪجهه چوڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ان جي وسيلي ئي اسين ڪنهن تحرير لاءِ ڪا مڪمل راءِ قائم ڪري سگهنداسون. ادب جي هيئت ايتري ئي اهم آهي، جيترو ادب جو موضوع. هيئت مان ئي اسان کي هن سوال جو جواب ملي ٿو، ته ادب ڇا آهي؟

اسين مٿي پڙهي آيا آهيون، ته هر ادبي تحريرجو بنياد تجربي تي آهي. اهو تجربو کڻي ڪهڙي به قسم جو هجي: يعني ته مصنف سان حقيقي زندگيءَ  ۾ ڪا واردات ٿي هجي، يا هن ڪنهن شئي بابت ڪا آکاڻي ٻڌي هجي، يا هن جي من ۾ ڪو وهم پيدا ٿيو هجي. پر هڪ لحاظ کان يقيناً اهو تجربو هوندو، هڪ اهڙو تجربو، جيڪو اديب کي ڌونڌاڙيندو ۽ هن کي ڪجهه چوڻ لاءِ آمادهه ڪندو. ان تجربي ۾ ضرور ڪا اهڙي ڳالهه هوندي، جيڪا هن کي مجبور ڪندي ته هو پاڻ کي پوري طرح ظاهر ڪري جئن ٻئي شخص وٽ سندس تجربي جي نمائندگي ٿي سگهي. ان جومطلب هيءُ ٿيو ته جدوجهد ۽ ڪوشش جو هڪ اهڙو ٺوس انتظام قائم رکجي جنهن جي ڪري تجربي جي علامت، جيڪا گهڻي قدر اديب جي فنڪارانه شعور لاءِدرست هوندي، ٻوليءَ ۾ آڻي سگهجي.  اديب جو فنڪارانه شعور خود تجربو هوندو آهي. جيڪو کائنس ٻوليءَ ۾ پاڻ جهڙي ئي جي طلب ڪري ٿو اهو هڪ سخت ۽ ظالم مالڪ مثل آهي، جنهن وٽ فنڪار خوشيءَ پاڻ سپرد ڪندو آهي. ڀلا تجربي ۾ ان ڪهڙي خوبيءَ جو هجڻ ضروري آهي، جو فنڪار ان جي جابر طاقت جي اڳيان جهڪي پوي؟ حقيقت ۾ اها خوبي هڪ خاص جي قسم جي شدت آهي.هونئن ته هر هڪ تجربو پنهنجي اظهار جي طلب ڪندو آهي.  جيڪو اڳتي هلي فنڪارانه اطلاع جي صورت وٺي ٿو ۽ اهڙي طرح پنهنجي واقع ٿيڻ ۽ پنهنجي وجود جو اعلان ڪري ٿو، جيئن ان جي خاص نوعيت ۽ جوهر  ۽ لب و لهجو ٻئي ذهن ۾ نئين سر زندهه ٿي اٿي.

حقيقت ۾ تجربي جي شدت  لاءِ وري توجهه جي شدت ضروري آهي. اسين هڪ تجربي کي جنهن ۾ فنڪار  جي ذهن کي قبضي ۾ آڻڻ ۽ ان کي طاقت پهچائڻ جي شدت هوندي آهي، ڪنهن وجود ۾ ايندڙ  فن – پاري  جو تحرڪ سڏي سگهون ٿا. ان لحاظ کان اهو تحرڪ جيترو اعليٰ هوندو اوترو ئي ان کي ادبي اظهار جي صورت ۾ آڻڻ لاءِ گهڻي فن جي ضرورت ٿيندي. ڇاڪاڻ  ته تجربو جيترو وسيع هوندو، اوترو زرودار  ٻوليءَ جي ضرورت ٿيندي. جيئن ادبي تصنيف  ۾ ان کي بطور علامت  ظاهر ڪري سگهجي. هومر، ڊانٽي، شيڪسپيئر، ملٽن(1) وغيره جيڪي اسان تائين عظيم تجربا پهچايا آهن، تن جو سبب هيءُ آهي ته هنن کي لفظن ۾ اظهار ڪرڻ جي فن تي پوري قدرت حاصل هئي. بيشڪ هنن وٽ اعليٰ تحرڪ هو، پر جيڪڏهن ان جي اظهار لاءِ سندن ٻولي موزون نه هجي ها ته هوند اسان کي ان خوبي جي خبر ئي ڪين پوي ها. اُهي پنهنجي شاعريءَ جي ترڪيب ۾ دلڪشي ۽ خوبصورتي ان ڪري پيدا ڪري سگهيا،ڇاڪاڻ ته سندن تجربي جو جوهر ڏاڍو دلفريب هو. پر اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ئي ممڪن هو جو ٻولي سندن قبضي ۾ هئي. اها رڳو جوهر جي خوبي ڪين هئي جنهن سندن تجربي  کي تحرڪ جي صورت ۾ آندو، بلڪ ان جوهر جي خوبيءَ تي هڪ ئي شدت سان ڌيان ڏنو ويو هو. جڏهن شيڪسپيئر اوٿيلو(2) جي ڪهاڻي ٻڌي (يا پڙهي) تڏهن هن ان کي واحد تجربو ڪري ورتو. هن سموري موضوع ۽ ڪهاڻي جي آمد تي ڌيان جي هڪ ئي عمل سان قبضو ڪيو. هن جي ان تجربي ۾ مضمون جي خوبي ناٽڪ جي ترتيب جي وسيلي ظاهر ٿيل  آهي. پر مڪمل ناٽڪ  جو مجموعي اثر اسان جي ذهن ۾ ان سموري خوبيءَ کي تجربي جي واحد  شدت سان پيدا ڪري ٿو. اها شدت جيڪا توجهه جو واحد عمل آهي ۽ جنهن جو جوش ۽ ولولو شيڪسپيئر جي تحرڪ جي طاقت جهڙو آهي.

تجربو ڪڏهن به سادو ٿي ڪونه ٿو سگهي. ان ۾ هميشه هيءُ ٻه ڳالهيون هونديون آهن: ذهن کي ڇا ڏنو وڃي ٿو ۽ ذهن کان ڇا ورتو وڃي ٿو. اهي ٻئي ڳالهيون منجهيل ٿي سگهن ٿيون. فرض ڪريو ته ڪو شخص لهندڙ سج کي ڏسي پيو. اهڙيءَ حالت ۾ سندس حواس نه رڳو کيس رنگن جي عظمت ۽ منظر جي خوشيءَ کان آگاهه ڪندا، پر اُهي ان موقعي جي خاموشي، ٿڌاڻ ۽ خوشبوءَ کان پڻ کيس واقف ڪندا. هو لهندڙ سج جي منظر ۾ جيڪي ڪجهه ڏسي ٿو؛ ڏينهن جي ختم ٿيڻ، رات جي اچڻ، حسن جي ناپائداريءَ وغيره ۾ جيڪي ڪجهه هن کي معلوم ٿئي ٿو، ان ۾ هو وري پنهنجي طرفان خيالي رنگ ڀري ٿو. اهو سڀ ڪجهه هڪ ئي تجربي ۽ ڌيان  جي هڪ ئي عمل ۾ گڏ ٿئي ٿو. جيڪڏهن ان موقعي ۾ اها شدت آهي، جيڪا فنڪارانه اظهار لاءِ مجبور  ڪري ٿي، ته پوءِ ان کي تجربي جي وهڪري مان ٻاهر آڻي خيال ۾ قائم رکڻ سان برقرار رکي سگهبو ۽ اهڙي طرح ان ۾ وڌيڪ دلفريبي ۽ دلڪشي پيدا ٿي پوندي. ان تجربي جي اهميت جو سبب اهو جوهر ڪونهي  جنهن مان اهو (تجربو)  ٺهي ٿو، بلڪ خيالي توجهه جي اها ايڪائي جنهن ۾ ان پيچيدي جوهر کي قائم رکيو ويندو آهي. ۽ جيڪڏهن اهو تجربو اهڙي طرح ئي منتقل ڪيو وڃي ته نه رڳو ادب ان جي پيچيدي جوهر کي بطور علامت ظاهر ڪندو، پر ان جي خاص ايڪائيءَ کي جنهن ۾ اهو جوهر  اديب جي خيالي توجهه ۾ قائم رهيو هو، پڻ علامت جي صورت ۾ ظاهر ڪندو.

ادب جو اهو تصور جيڪو اوائلي تجربي کي علامت جي صورت ۾ استعمال ڪري ٿو، ان کي اسين ادب جو اسلوب سڏيون ٿا. ۽ اهو تصور جيڪو جوهر جي ايڪائي کي جامع توجهه  جي هڪ ئي عمل  ۾ بطور علامت آڻي ٿو، ان کي اسين ڪنهن ادب پاري جي هيئت چئون ٿا. اسلوب تي هيئت ڪنهن ٻاهرين وسيلي جي مدد سان ڪين مڙهي ويندي آهي. هيئت پيدا ٿيندي آهي اسلوب مان، جڏهن اسلوب سچ پچ هيئت جي تحرڪ سان مشابهه هوندو آهي. بهرحال ادبي نقطئه نظر کان هيئت  ۽ اسلوب ۾ به اهڙي طرح تميز ڪري سگهجي ٿي، جيئن لفظن جي معنيٰ ۽ انهن جي آواز ۾ ڪبي آهي.

تجربي کي هڪ ذهن مان کڻي ٻئي ذهن ۾ آڻڻ لاءِ فقط علامتن کي ئي وسيلو  ڪري سگهجي ٿو. ادب ۾ علامت ٺهي ٿي لفظن ۽ انهن جي ميڙ مان جيڪي استعمال ڪجن ٿا ۽ سلسليوار سمجهيا وڃن ٿا. تنهن ڪري تحرڪ کي منتقل ڪرڻ لاءِ پهرين ڳالهه هيءَ آهي، ته ان جي ايڪائي کي جدا جدا  ڀاڱن ۾ ورهائجي. ٻئي طرف تحرڪ کي حاصل ڪرڻ لاءِ وري  هيءُ شرط  آهي، ته انهن ڀاڱن کي درجي بدرجي ورتو وڃي. پنهنجي تحرڪ کي اهڙي طرح پيش ڪندي هڪ فنڪار کي گهرجي ته تسلسل جي عمل جي آخري طرح مڪمل ٿيڻ ي، انهن ڀاڱن کي هڪ ڀيرو وري ملائي هڪ ايڪائي قائم ڪري ڇاڪاڻ ته اهو ذهن جنهن ڏانهن فن منتقل  ڪيو وڃي ٿو، تنهن کي تاثرات  جو هڪ خوبصورت  سلسلو ملندو. ۽ جڏهن تاثرات جو اهو سلسلو مڪمل ٿيندو، تڏهن فنڪار جي بيشمار تجربن کي هڪ اهڙيءَ هيئت ۾ آڻيندو، جنهن جي وسيلي ئي سلسليوار تاثرات هڪ منظم ايڪائيءَ ۾ گڏ ٿي سگهندا.

هيءُ خيال ته ادب ۾ هيئت علامتي طرح تحرڪ جي ايڪائيءَ جهڙي آهي تڏهن اهميت  وارو چئبو، جڏهن اسين پڇنداسون ته ادب جو مقصد ڇا آهي؟ ڪهڙي مقصد خاطر ناٽڪن، نظمن ۽ ناولن جي وسيلي  اهو خالص تجربو ٻين تائين پهچايو وڃي ٿو؟ انهن مان نه اسان کي ڪا معلومات ملي ٿي، نه سچ لاءِ ترغيب ملي ٿي، نه اخلاقي اهميت ۽ نه شين جي استعمال جو طريقو ملي ٿو. ته پوءِ اسين انهن مان ڇا ٿا حاصل ڪريون؟ ان سوال جو سادو جواب هيءُ ٿي سگهي ٿو، ته اسين انهن جي ذريعي تجربو حاصل ڪريون ٿا ۽ جيئن ته اسين تجربن جي وسيلي ئي ۽ بنيادي طرح تجربن ۾ ئي زندهه رهون ٿا، تنهنڪري اهڙيءَ طرح حاصل ڪيل تجربو زندهه رهڻ جو هڪ انعام آهي. پر ان جو مطلب وري هيءُ ٿيندو ته ادب ۽ حقيقي زندگيءَ جو مقابلو ڪيو وڃي. پر رڳو  تجربي جي آڌار تي ادب ڪڏهن به حقيقي زندگي سان مقابلو ڪري ڪونه سگهندو. ڇاڪاڻ ته ادب آهي خيالي تجربو،جيڪو حقيقت سان مقابلي ڪرڻ ۾ هميشه غير حقيقي پيو لڳندو. البت جيڪڏهن ادب جي هيئت تي غور ڪبو ته پوءِ ادب جو اهو غير معمولي فائدو نظر ايندو. جيڪو ان جي وسيلي مليل  تجربي جي حقيقت کان وڌيڪ آهي. انسان ڪڏن به تجربي ڪندڙ جي حيثيت ۾ پاڻ کان راضي رهي ڪونه سگهندو. اها هن جي فطرت آهي. سندس سموري عملي ۽ خيالي ڪوشش هيءَ هوندي آهي ته پنهنجي تجربي ۾ خوبي پيدا ڪريان يا ظاهر ڪريان. پر ادب ۾ ضروري ڪونهي ته اسين پنهنجي تجربي ۾ خوبي ڳوليون يا پيدا ڪريون. اتي تجربو اهم آهي رڳو ادب هجڻ جي ڪري ۽ ان جي هيئت جي ڪري، جيڪا ان کي ادب کان ملي ٿي. اسان جون عملي ۽ خيالي ڪوششون سدائين هيءُ پئي رهيون آهن، ته زندگيءِ کي منظم حقيقت جي حيثيت ۾ هڪ مڪمل اهميت يا فلسفيانه سچائيءَ يا اخلاقي قدر سان آسان افاديت ڏانهن وڌائيندا هلون. پر اهي حقيقتون نه ويجهو اچن ٿيون ۽ نه اينديون. ادب ۾ ڪوبه اضافو ڪونه ٿيو آهي. جيڪڏهن ادب پاڻ وجود ۾ آڻڻ لاءِ ڪامياب ٿي ويو آهي، ته ان مان اسان مليل تجربو واقعي اهميت وارو چئبو. اهو تحرير ڪرڻ وقت به ايئن ئي هو ۽ پوءِ به هميشه ايئن ئي رهندو. پر جيڪڏهن تجربو غير اهم آهي، ته پوءِ ادب وجود ۾ ڪونه ايندو.

آخر اسين ڇا ٿا چاهيون، ته اسان جو تجربو اهميت وارو هجڻ گهرجي؟ ايئن ممڪن ڪونهي ته تجربي جي ان کان ٻاهر ڪا معنيٰ هجي؟ اسان جي فهم قابل اها ڪهڙي معنيٰ آهي، جيڪا تجربو پاڻ کان ٻاهر رکي سگهي ٿو؟ اسين ته پنهنجي تجربي کان ٻاهر نڪري به ڪونه ٿا سگهون! البت خود تجربي ۾ ئي ڪنهن معنيٰ جو هجڻ ممڪن آهي. پر ”معنيٰ“ مان اسان جو ڇا مطلب آهي؟ ان جو مطلب رڳو اهو اڻٽر لاڳاپو آهي، جيڪو هڪ شئي کي ٻيءَ شئي سان هوندو آهي. ڪا شئي تڏهن معنيٰ واري چئبي  جڏهن اها ٻين گهڻين شين جي تعلق جو مرڪز هوندي. تجربو به تڏهن مڪمل طرح اهم آهي جڏهن ان جي هر ڪا شئي ان جي هر ٻي شئي سان لاڳاپي جو مرڪز هوندي. جنهن تجربي ۾ شيون بي ترتيب ۽ هڪ ٻئي کان جدا ۽ الڳ هونديون، ظاهر آهي ته ان کي پسند نه ڪيو ويندو. اهم تجربو اهو آهي، جنهن ۾ ڪابه شئي اتفاقاً واقع ڪين ٿئي ٿي، بلڪ هر ڪا شئي ٻين شين جي مڪمل لاڳاپي سان واقع ٿيندي . اتي هر ڪا شئي نه فقط پاڻ خاطر بلڪ ڪُل جي خاطر هوندي آهي.

ادب ۾ تجربي  جو به بنهه اهو ئي مطلب آهي. هڪ ادبي تحرير ۾ مثلاً نظم، ناٽڪ، ناول، مضمون يا هر اها تحرير جا سچ پچ ادبي تحرير آهي – ڪابه اهڙي شئي واقع  نه ٿيندي آهي، جيڪا سموري تحڙير جي هيئت ۽ ان جي آخري مڪمل تاثرات کي ٿورو يا گهنو ٽيڪو نه وٺائيندي هجي. پر سچ پڇو ته اهو هڪ محدود تجربو آهي. ان تجربي کي محدود هوندي به هڪ ايڪائي مليل آهي، جنهن ڪري ان کي اهميت حاصل آهي. ڪيترائي ماڻهو آهن جن وٽ هڪ ادبي فنڪار جهڙي اظهار جي قوت  موجود آهي. هنن کي به اهڙن تجربن سان واسطو پيو هوندو، جن سان هڪ فنڪار جو واسطو پوندو آهي. پر اهڙن تجربن کي اسين جڏهن به چاهيون ادب ۾ حاصل ڪري ٿا سگهون. انهي کان سواءِ اهم نڪتو هي آهي ، ته ادب ۾ اسان کي اها اهميت اهڙي نموني ملي ٿي، جو اهو (تجربو) اُن تجربي کان وڌيڪ نمايان ٿيو پوي، جيڪو حقيقي شين وسيلي اک ڇنڀ ۾ وجدان تائين پهتو هو. هڪ ادبي فنڪار پنهنجي تحرير جي ترڪيبي ايڪائيءَ کي درجي بدرجي ۽ ڄاڻي ٻجهي پنهنجي علامتي  وسيلي ۾ تعمير ڪندو آهي. تنهنڪري جڏهن به اسان کي ڪنهن ادبي تحرير سان واسطو پوي ٿو، تڏهن اسان کي تاثرات جي هڪ سلسلي مان هلڻو پوي ٿو ۽ اسين محسوس ڪريون ٿا ته ان جو هر هڪ اثر ان تحڙير جي هيئت جي آخري اثر کي مڪمل ڪُل جي حيثيت ۾ مدد ڪري ٿو. اسين هڪ منجهيل ۽ بي ترتيب تجربي ۾ رهون ٿا، جنهن کي نيٺ به هڪ ايڪائي جي صورت وٺڻي آهي.  جڏهن اسا جي ذهن ۾ ڪنهن تحرير جي هيئت ويهي ٿي وڃي، تڏهن اسان کي ان جو سمورو تجربو ۽ ان جي ايڪائي به ملي ٿي. پوءِ اسين پنهنجي تجربي کي باهمي لاڳاپن جي هڪ مڪمل صورت ۾ منظم ڪريون ٿا. ان تحرير جي سموري انداز ۾ اسان جيڪا اميد رکي ۽ جيڪا چاهنا ڪئي، اها ئي اسان کي حاصل ٿي. اسان کي وڏي يا ننڍي پئماني تي هڪ تجربو  مليو، جيڪو پوريءَ طرح اهم آهي.اهوئي تجربو آهي، جنهن جي ملڻ جي اسين هميشه خواهش ڪندا آهيون. ۽ اهو تجربو اسان کي فقط فن ۾ ملي سگهندو.

هاڻي خبر پئي، ته ادب جو مقصد ڇا آهي؟ ۽ ان کي ڳولي لهڻ لاءِ اسين ادب (خالص تجربي) جي دائري مان ٻاهر ڪونه نڪتا آهيون. اسان فقط هيءُ اندازو لڳايو آهي، ته اهو بذات خود ڇا لاءِ آهي. ائين چوڻ ته ادب  جو مقصد اسان کي سکيا ڏيڻ آهي يا اسان کي نيڪ سيرت بنائڻ آهي. درست ڪونهي. ان طرح اسين ادبي فن جي دائري مان ٻاهر نڪري ٿا وڃون. ادب جي وسيلي اهي ڳالهيون به ٿي سگهن ٿيون، پر رڳو انهن جي ڪري ادب کي ادب ڪونه ٿو سڏجي. نه وري ادب جو مقصد خوبصورت ٿيڻ آهي.ائين چوڻ البت مناسب ٿيندو، ته ادب ۾ نظر ايندڙ هرڪا خوبصورت  شئي ان جي مقصد جي ڪاميابيءَ جو هڪ ذريعو  آهي. تنهنڪري ان مقصد جو مطلب هي آهي، ته تجربي کي اهڙيءَ طرح اهم بنائجي جو اسين ان کي ان جي سچائيءَ يا حقيقت يا افاديت يا اخلاق جي نظر سان نه ڏسون. ظاهر آهي ته هر ادبي تحرير اسان کي هڪ اهڙو محدود تجربو ڏئي ٿو جنهن جي اسان کي سخت ضرورت هوندي آهي.در اصل ادب جي هيئت ئي تجربي کي اهميت بخشي ٿي.خود هيئت اهم ٿي ڪين ٿي سگهي. هيئت مضمون جي هيئت جي صورت ۾ ئي سلامت رهي سگهي ٿي. هيئت کان جيڪا اهميت مضمون کي ملي ٿي. اُها ئي اهميت هيئت جي آهي. در اصل اهو مضمون حقيقي ڪونه هوندو آهي. پر حقيقي تجربي ۾ اسين ڪڏهن به مڪمل اهميت کي سمجهي ڪونه سگهنداسون. ان کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته خيالي تجربي تي ئي قناعت ڪئي وڃي. پر ادب جي خيالي زندگيءَ جي اعليٰ ۽ عظيم ڪوشش (يعني جيتري قدر ٿي سگهي عملي يا ذهني طرح، گهڻي ۾ گهڻي اهميت حاصل ڪئي وڃي) کي برابر همٿائيندي رهي ٿي.

ضروري آهي ته هن باب کي ختم ڪرڻ کان اڳ ادبي فن جي نظريي جي خاص اصولن کي هڪ ڀيرو وري مختصر لفظن ۾ ترتيب وار بيان ڪجي.

ادب ٻوليءَ جي وسيلي ٻين تائين تجربي پهچائڻ جو فن آهي، جنهن جو ان جي ڪريئي قدر آهي ۽ جنهن مان ان جيڪري ئي لطف وٺي سگهجي ٿو.

ان لاءِ هي ڪافي ڪونهي، ته تجربي جو طريقو يا مواد ٻين تائين پهچايو وڃي. نه وري هيءُ ڪافي چئبو ته تجربي جي موضوع کي ظاهر ڪيو وڃي ۽ ان جي معروض جي نمائندگي ڪئي وڃي. اهو خود تجربو آهي: ڪُل ۽ مڪمل، موضوع ۽ معروض؛ اها شئي جيڪا واقع ٿي ۽ اهو ذهن جنهن لاءِ اها واقع ٿي، اهي ئي ٻين تائين پهچائڻ گهرجن.

جيئن ته تجربو ٻوليءَ ۾ ڪونه ٿيندو آهي، تنهن ڪري ٻولي ان کي فقط علامتن جي وسيلي ٻين تائين پهچائي سگهندي. تجربي کي علامت ۾ تبديل ڪرڻ واري ٻوليءَ جي قوت جو دارومدار تخيئل کي اڀارڻ واري تجربي جي قوت تي آهي. در اصل تجربو کڻي ڇا به رهيو هجي، اهو هميشه تخيئل جي حيثيت ۾ ٻين تائين پهچائڻ گهرجي.

تجربي کي پوريءَ طرح علامت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ – يعني بيحد پيچيدي تخيل کي اڀارڻ لاءِ – ادب ٻنهي طرفن معنوي توڙي علم الاصوات جي لحاظ کان، ٻوليءَ جي هر ان قوت جو استعمال ڪري ٿو. جيڪا ذهن تي اثر انداز ٿئي ٿي. ذهن تي ٻوليءَ جي طاقت جو چوءڻو اثر آهي.

Semantic: علم نحو ۾ آواز جي سِٽاء ۽ انفرادي لفظن جو پرُ تخيئل قدر.

Phonetic: موزونيت ۾ آواز جي سِٽاء ۽ انفرادي حرفن جي خاصيت.

هڪ تجربو نه فقط پنهنجي اصل مواد جي ڪري ساراهه جوڳو آهي بلڪ ان ايڪائيءَ جي ڪري پڻ جيڪا ان جي مواد کي گهيريو بيٺي آهي. تنهنڪري ٻين تائين تجربي پهچائڻ وقت، ادب جو اسلوب تجربي جي ان مواد کي علامت بنائي ٿو جيڪو ان کي تحرڪ ۾ آڻي ٿو؛ ۽ انهن جي ايڪائيءَ کي ادب جي هميشه علامت ڪري وٺي ٿي. تجربي کي ٻوليءَ جي وسيلي منتقل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي، ته پهرين ان جي سالميت کي ختم ڪيو وڃي. پر جڏهن تجربي جي ٻين تائين پهچائڻ جو عمل اڳتي وڌڻ شروع ڪري. تڏهن وري ان کي سالميت  ڏانهن آڻي ايڪائيءَ  جي صورت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪجي. ڇاڪاڻ ته جڏهن تاثرات جو سلسلو ترقي ڪري ته اسلوب به پاڻ کي هيئت  جي صورت ۾ تبديل ڪندو هلي. ۽ جڏهن اسلوب مڪمل ٿي ويو، ته پوءِ هيئت به حاصل ٿيندي.

جڏهن ڏسجي ته تاثرات جي سموري سلسلي جي ڪري هڪ خوبصورت  هيئت ۽ ايڪائي  پئي ٺهي، تڏهن ڪنهن ادبي تحرير جي هر ڪا شئي هڪ ٻئي سان مڪمل تعلق ۾ نظر ايندي. اتي ڪابه شئي اتفاقي ڪين آهي؛ اُتي اها ڪا شيءَ ئي ڪانهي، جا ڪُل جي فائدي ۾ نه هجي. هيءَ تجربي جي اها اهميت آهي، جنهن کي اسين ٻين سڀني شين کان وڌيڪ اهميت ڏيندا آهيون. مطلب ته عظيم تجربي جي روشن تصور کي اسان تائين پهچائڻ ادب جو مقصد آهي.


(1) Form.

(1) Milton, Shakespeare, Dante, Homer.

(2) Othelo

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com