ماڻهس، پٽ جي ارمانن جي صليب تي چڙهي پوي ٿي. وٽس
ڪوبه جواب ناهي. هن به رڳو خواب ڏٺا هئا جي يسوع
جي پيءَ جي موت کانپوءِ خوفناڪ بڻجي پيا هئا. ڀلا
هن کي ڪهڙي خبر سينتا ڪلاز ڪير آهي؟ هن لاءِ سندس
ور، ئي سڀ ڪجهه هو، جو کيس جواني ۾ ئي دردن جي ڀري
آڇي، پاڻ وڃي ڀونءِ ۾ ملي ڀونءِ ٿيو.
” امان..... مان ڪرسمس جو وڻ ڏسڻ ويندس. جتي دڪان
سينگاريل هوندا آهن، گهر روشن هوندا آهن ۽ جتي
سينتا ڪلاز ٻارن لاءِ اوٻاريل آنن جو تحفو کنيون
انتظار ڪري رهيو آهي. امان ..... مان ڪرسمس جو وڻ
ڏسڻ ويندس.“
ننڍڙو يسوع بينچ تان اٿندي، پيرين اگهاڙو مٿي
اگهاڙو، يخ سرديءَ ۾ وڃي ٿو روڊ تي ڊوڙندو، پنهنجي
ننڍڙي ذهن ۾ اڏيل ماڳ ڏانهن جتي ڪرسمس جو وڻ آهي
جتي سينتا ڪلاز ننڍڙي يسوع لاءِ ستن اوٻاريل آنن
جو تحفو کنيون سندس اوسيئڙي ۾ آهي.
يسوع جي ماءُ پاري جهڙي سرديءَ ۾ ٺري سرد لاش جيان
بڻجي پئي آهي. سندس چپ سرد بڻجي پيا آهن. هوءَ رڙ
ڪري يسوع کي سڏڻ ٿي چاهي، پر پاري جهڙي سرديءَ
سندس جسم کي ڄمائي برف بڻائي ڇڏيو آهي. هوءَ اکين
منجهان لار ڪري وهندڙ ڳوڙهن سان پٽ کي روڊ تي
ڊوڙندي ڏسي اندر ئي اندر ۾ سڏڪي پوي ٿي.
اي زندگي تون ڪٿي
آهين؟
جون جو سج نيزي پاند اچي بيٺو آهي. سج باهه جا الا
اوڳاڇي رهيو آهي. جون جي شديد تپش زندگي جي
ڪٺورپڻي ۽ بي معنويت کي ويتر تلخ ڪري ڇڏيو آهي. ان
شديد گرمي ۾ ڪوبه پنهنجن گهرن مان ٻاهر نڪرڻ لئه
تيار ناهي. جون جي جهولي ۽ لوءِ ۾مري ويو آهيان.
منهنجو لاش گهر ۾ پيو آهي. منهنجي ميت جي چوڌاري
اوڙي پاڙي جون مايون ڪنهن لاچار کان ويٺيون آهن.
منهنجي امڙ جي اکين ۾ مون لاءِ انيڪ ڳوڙها آهن.
مان سندن اڪيلو سڪيلڌو پٽ آهيان جيڪو هاڻ لاش جي
صورت ۾ گهر ۾ پيو آهيان.
جڏهن فجر جو ملان اذان ڏيندي چيو، ”نماز ننڊ کان
بهتر آهي“ مونکي جاڳ ٿي پيئي. پوءِ مان پسار ڪندو
رهيس ۽ مونکي شدت سان احساس ٿيو ته اڄ منهنجو هن
دنيا ۾ آخري ڏهاڙو آهي. پوءِ مونکي رت جي الٽي
آئي. مسلسل رت جون الٽيون ڪندو رهيس. مان ڪينسر جو
مريض هوس، جنهن جو پتو گهر وارن کي فقط ڪجهه ڏينهن
اڳ ۾ پيو.
مون مرڻ به نٽهڻ اُس
۾ ئي چاهيو هو. ڇاڪاڻ جو مون نٽهڻ اُس
کي پنهنجي خوابن ۾ ڀرپور نموني ڏٺو هو. مون پاڻ
لاءِ تصور ڪري ڇڏيو هو ته مان نٽهڻ اس ۾ اڪيلو
بيٺل ماڻهو آهيان. اڄ مرڻ کان اڳ ۾ مون خواب ڏٺو
هو. ٻاهر گهٽي ۾ نٽهڻ اس ۾ وڃان ٿو ڊوڙندو. منهنجي
نظر ٽامي جهڙي ٽهڪندڙ ڌرتي تي وکريل سڪن تي پيئي.
مون سڪن کي هٿ ۾ کنيون ته سڪا هٿ ۾ رجي پيا. اڃان
اڳتي وڌيم ئي مس ته مونکي ڪاغذي رپيو نظر آيو.
جيئن ڪاغذي روپيو هٿ ۾ کنيم ته رپيو تتل صحرا ۾
تبديل ٿي ويو. مان پيرين اگهاڙو تتل صحرا ۾ بيٺو
آهيان. مان تتل صحرا تي پيرين اگهاڙو وڃان ٿو
ڊوڙندو ۽ رڙيون ڪندو. مان تيز ڊوڙندو وڃان ٿو،
منهنجا پير مون کان ڇڏائجي پوئتي رهجي وڃن ٿا. مان
پنهنجا پير تتل صحرا ۾ وڃائي ويهان ٿو. صحرا مان
هڪڙو ننڍڙو ڇوڪرو گذري ٿو جنهن جي پيرن ۾ چپل
ناهي. هن جي نظر منهنجي پيرن تي پوي ٿي. هو خوشيءَ
مان منهنجا ڇڏائجي ويل پير پائي نچي ۽ ڪڏي ٿو.
اوچتو هن جي سامهون هڪ ڏاڪڻ اچي وڃي ٿي. هو ڏاڪڻ
چڙهندو وڃي ٿو. جيئن ئي هو ڏاڪڻ چڙهندو ٿو وڃي. هن
کان هنجو ٻالڪپڻو ڇڏائجي ٿو وڃي ۽ هو ڳڀرو جوان
بڻجي پوي ٿو. هو پاڻ کي جوان پسي اداس ٿي وڃي ٿو.
هو ڏاڪڻ تان هيٺ ڏسي ٿو. سندس ننڍپڻ تتل صحرا تي
ٻڪريون چاري رهيو آهي. هو پنهنجي ننڍپڻ ڏانهن واپس
ورڻ ٿو چاهي ۽ هو ڏاڪڻ تان هيٺ لهڻ لڳي ٿو. جيئن
ئي ڏاڪڻ تان لهي ٿو، اڌ ڏاڪڻ تي کيس نانگ ويٺل نظر
اچي ٿو. هو واپس ڏاڪڻ چڙهندو وڃي ٿو ته مرد بڻجي
پوي ٿو. هن کي ڏاڪڻ جي آخري ڏاڪي تي ننگي خوبصورت
ڇوڪري ملي ٿي جا ڄڻ ته هن جي اوسيئڙي ۾ ويٺل آهي.
ڇوڪري هن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي چوي ٿي:
” ڪٿي آهين، تو لاءِ يگن کان نيڻ وڇايون ويٺي
آهيان.“
خواب ڏسڻ کانپوءِ ملان جي اذان تي اٿيم. جڏهن سج
نيزي پاند اچي بيٺو تڏهن امڙ کي چيم:
” امان، مان ڪجهه پلن کانپوءِ نه هوندس، ڏک نه
ڪجانءِ ۽ نه ئي روئجانءِ.“
امڙ جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. امڙ جي اکين تي چمي
پائيندي چيم،
” قبر جي گهگهه انڌيري ۾ خواب ڏسي نه سگهندس انڪري
مان پنهنجا نيڻ ٻاهر آڳر ۾ کلندڙ دريءَ جي گرل ۾
رکيو ٿو وڃان، جيئن خواب ڏسي سگهان.“
امڙ چپ هئي. هن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا. چيو هومانس:
” امان، موت فقط خواب نه ڏسڻ جي سزا جو نالو آهي.
ان کانسواءِ موت ٻيو ڪجهه به ناهي. دريءَ ۾ رکيل
منهنجا نيڻ خوابن ۽ زندگي کي ڇهي وٺندا ۽ تون نه
روئجانءِ.“
۽ پوءِ مان دريءَ جي گرل ۾ پنهنجا نيڻ رکي نٽهڻ اس
۾ مري ويو هوس.
ڏسان ٿي دريءَ جي گرل ۾ ٻه نيڻ پيا آهن. جي
منهنجي اکين ۾ جوهه وجهندي چون ٿا.
” امان نه روءُ، امان نه روءُ..... خواب ڏسڻ ڏي.“
حسنين منهنجو پٽ جيڪو گهر جي وڏي هال ۾ کٽ تي مردو
پيو آهي ، هن جون اکيون دريءَ جي گرل ۾ رکيل آهن.
نٽهڻ
اُس
۽ شديد گرميءَ جي ڪري هن جو نازڪ بدن سخت کان سخت
ٿي رهيو آهي ۽ سندس چهري جو رنگ بدلبو ٿو وڃي. مان
هن جي موت کي وساري ٿي ويهان. عذاب مان پئي گذارن
ته هن جي تدفين جلد کان جلد ٿيڻ کپي جيئن هن جي
موت جي مهڪ قبر ۾ هميشه لاءِ زنده رهي. مرڻ کان اڳ
هن چيو هو:
” امان، نٽهڻ اس ۾ مئل ماڻهو کي ڪوبه پسند ناهي
ڪندو، پر تون پريشان نه ٿجانءِ نه ئي روئجانءِ،
مان نٽهڻ اس ۾ سورج مکي جيان ڪر کڻي واپس ورندس.“
مرڻ کان اڳ هن جي اکين ۾ فقط موت لاءِ اوسيئڙو ئي
هو. ائين پئي لڳو ڄڻ ته هو ڪنهن اهم ڪم اڪلائڻ
لاءِ وڃي رهيو آهي. هن جي ڳالهين ۾ ميٺاڄ ۽ شانتي
هئي. مان روئان پئي، منهنجي آس پاس ويٺل عورتون
خاموش آهن. هنن جي چهري تي ڪوبه ڏک جو تاثر ناهي.
ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪنهن کين زوريءَ قيد ڪري ويهاري
ڇڏيو آهي. هنن وٽ ڳالهائڻ لاءِ لفظ ناهن. نٽهن اس
لفظن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي. هال ۾ پگهر جي بوءِ
پکڙيل آهي. عورتون سج لهڻ جي اوسيئڙي ۾ ويٺل آهن.
سوچيان ٿي هيءَ هن جي عمر ته نه هئي وڃڻ جي پوءِ
ڪنهن جي سهاري پوڙهي پيءَ ماءُ کي اڪيلو ڇڏيو هليو
ويو آهي؟
چيو هو مانس ته پٽ الله ڪري، تو واري بيماري مون
کي لڳي ۽ تون چاڪ چڱو ڀلو ٿي پئين.
چيوهيائين ” امان، امر ٿي چڪو آهي.“
پوءِ امر کي ڪير ٿي ٽاري سگهيو. مان سڏڪن ۾ پئجي
ويس. دريءَ ۾ رکيل نيڻن مون ڏانهن ڄڻڪ التجا ڪندي
چون ٿا.
” امان تون نه روءُ..... امان نه روءُ،... خواب
پسڻ ڏي.“
دريءَ ۾رکيل نيڻن سان ڏسا ٿو امڙ روئي ٿي. نيڻن
سان امڙ کي چوان ٿو. ” او امان..... نه ر
ورءُ....!!“
هوءَ دريءَ ڏانهن نه ٿي ڏسي، روئي ٿي. هوءَ مسلسل
سڏڪن ۾ آهي. دريءَ کان ٻاهر ڏسان ٿو سج جي تپش
وڌندي ٿي وڃي. ٻاهر اڱڻ ۾ پوکيل سورج مکي سج ڏانهن
واجهائي رهيو آهي. مان خوش آهيان ۽ پاڻ کي سورج
مکيءَ ۾ سمائي ٿو وٺان. اکين ۾ خواب اوتجي اچي ٿو.
خواب: ساڳي ڏاڪڻ ۽ آخر ڏاڪي تي ويٺل ننگي خوبصورت
ڇوڪري.
” اچ،....اچ.. ڏاڍي دير لاٿي اٿئي.“
هوءَ مونکي پاڻ ڏانهن ڇڪي سيني سان جڪڙي وٺي ٿي.
مان ڪنڌ ورائي پوئتي ڏسان ٿو ته تتل صحرا آهي. تتل
صحرا ۾ مان پيرين اگهاڙو بيٺل آهيان، مان واپس
صحرا ۾ وڃي ننڍپڻ ۾ وڃڻ ٿو چاهيان. پر هوءَ
پنهنجي ڇاتي منهنجي وات ۾ ڏيئي ٿي ڇڏي. مان هن جا
خوبصورت ارهه چوسڻ لڳان ٿو ۽ رڙڪري کيس چوان ٿو.
” تون ته ٿڃ سان آهين.“
” ها، تنهنجو اوسيئڙو ڪندي، ڪندي ارهن ۾ ٿج ڀرجي
آئي آهي.“
هوءَ ڇاتي کي منهنجي وات ۾ اوتي ٿي ڇڏي. مان وڃان
ٿو هن جا ٿڃ ڀريل ارهه چوسيندو هن جي ٿڃ چوسيندو،
وڃان ٿو ننڍي کان ننڍو ٿيندو. هن جي ٿڃ چوسيندي هن
جي ٻانهن ۾ مان ٽن سالن جو ٻالڪ بڻجي پيس. جڏهن هن
اکيون کولي مونکي ڏٺو. کائنس رڙ نڪري وئي ۽ مون کي
پاڻ کان ڌار ڪندي چيائين.
” حسنين، تون ڪٿي آهين؟“
هن ڪروڌ مان مون کي ڌڪو ڏنو. مان ڏاڪڻ تان ڍرڪندي
تتل صحرا ۾ ڪريو آهيان. پيرين اگهاڙو تتل رڻ ۾
وڃان ٿو رڙيون ڪندو. منهنجا پير پوئتي صحرا ۾
ڇڏائجي ويا آهن. مان وڃان ٿو ڊڪندو ۽ سڏ ٿو ٻڌان.
” حسنين، اندر اچي ويهه ٻاهر اُس
ٿي وسي.“
مان رڙ ڪري، ٻاهر پڌر ۾ پسار ڪندي حسنين کي ڪمري
اندر
سڏ ڪري وٺان ٿو. هو ڪمري ۾ پکي هيٺان بيهي پگهر
سڪائڻ لڳي ٿو. منهنجو پٽ حسنين اکين ۾ جوهه وجهندي
چوي ٿو:
” بابا، اڄ آخري ڀيرو اس ۾ وهنجي ڏٺم ۽ پوءِ مان
هن گهر ۾ نه هوندس. پر مان سورج مکيءَ جيان ڪر کڻي
دفن ٿيندس ۽ سورج مکي بڻجي واپس ورندس.“
منهنجي اکين ۾ لڙڪ تري آيا. هن کي ڀاڪرن ۾ ڀري
سڏڪي پيم. هن ڀاڪر ۾ ايندي چيو.
” بابا نه روئجان.“
پوءِ هو ٽاڪ منجهند جو نٽهڻ اس ۾ مري ويو. لڪ لڳي
رهي هئي. سج نيزي پاند اچي بيٺو هو. جون جي تکي اس
۾ هر شيءِ رجڻ لڳي هئي. هر ماڻهو ٻي ماڻهو کان
بيزار هو. ان لمحي هن جي موت ڄڻ ته زندگي جي بي
معنويت کي ويتر تلخ ۽ بي معنيٰ
بڻائي ڇڏيو هو.
ڪنهن به ان ويل جهڙي نٽهڻ اس ۾، تڏي تي اچي هن جي
موت تي اسان سوڳوارن سان همدرديءَ جا ٻه لفظ
ڳالهائڻ نه ٿي چاهيا. پر آهستي آهستي کوڙ ساترا
ماڻهو، مذهبي عقيدي ،ڪنهن اڻڄاتل خوف ۽ وهمن کان
ڇوٽڪارو پائڻ لاءِ تڏي تي لڙي آيا. هر ماڻهوءَ جي
چهري تي ڪروڌ ڪاوڙ، بي چينيءَ جا ڀاو پڌرا ۽ وائکا
هئا. تڏي تي ويٺي ماڻهن پاڻ ۾ سس پس شروع ڪئي.
” تدفين شام جو ٿئي ته بهتر.“
” برابر توهين صحيح پيا چئو.“ کوڙ ساترا
آواز يڪ راءِ ٿي ويا.
تدفين لاءِ آيل ماڻهو، فوتي کي وساري ويٺا هئا،
ائين پئي لڳو ڄڻڪ سڀئي منجهند جي نٽهڻ اس کي ٽارڻ
جي بهاني شام ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ ويٺل هئا، هنن جي
ڳالهين ۾منهنجي فوتي پٽ لاءِ ڪوبه ڏک يا مون لاءِ
همدردي ڪونه هئي. هنن جي همدردي هڪٻئي لاءِ هئي جي
هڪٻئي کي جهيڻي آواز ۾ چئي رهيا هئا.
”ويل جهڙي گرمي ۾ تڏي تي لڙي آيو آهين. شابس
اٿئي.“
” ها، توکي به شابس، نه ته ڪير ٿو اچي ڪنهن
لاءِ.“ تڏي تي ڪهي آيلن جي يڪراءِ هئي ته تدفين
منجهند بجاءِ شام جو ٿئي ۽ ڪنهن به ٽاڪ منجهند
ڌاري تدفين ۾ شريڪ ٿيڻ نه پئي چاهيو. گهر اندر هن
جو جسم اس ۾ رک ٿي رهيو هو. مان ٽٽي پيس ۽ هن جي
جلد کان جلد تدفين لاءِ سوچڻ لڳس. ڇاڪاڻ جو هن جو
چهرو جيڪو اس ۾ رنگ بدلائي رهيو هو مون کان ڏٺو نه
ٿي ٿيو. ويتر ڏک اهو هيم ته حسنين منهنجو اڪيلو
پٽ هو. جو جوڀن ۾ اسان کان موڪلائي ويو. هن جي
جواني ياد ڪندي، جسم مان ساهه ڇڏائجي ويو هو. ٻيو
مٿان جون جي جي تپش من تي ڄڻ پٿر رکي ڇڏيو هو.
جڏهن فجر جي اذان ايندي هئي ۽ ملان چوندو هو، نماز
ننڊ کان بهتر آهي. حسنين کي جاڳ ٿي ويندي هئي. هو
بستري تان اٿي، ٻاهر پڌر ۾ پسار ڪندي، ڪجهه دير
کانپوءِ ڪمري ۾ هليو ويندو هو ۽ پوءِ هو ڊائري ۾
ڪجهه نه ڪجهه لکندو رهندو هو. پر اڄ فجر جو اذان
ٻڌڻ کانپوءِ ستت اٿي، ڪجهه دير لاءِ پسار ڪري،
پوءِ مسلسل ٽاڪ منجهند تائين لکندو رهيو ۽ ڪيئي
ڀيرا هن کي رت جون الٽيون به آيون. هن کي اڃان
زندهه رهڻو هو اسان پوڙهي پيءَ ماءُ لاءِ پرموت
آڏو ڪري به ڇا ٿي سگهياسين. مون کي جک ان ڳالهه تي
پئي آيا جو هن جو لاش اس ۾ سڙي رک ٿي رهيو هو ۽
ڪوبه هن جي بروقت تدفين لاءِ حامي ڀرڻ لاءِ تيار
نه هو.
مون کان هن جي موت جو غم وسري ويو. بس الڪو هيم ته
سندس کٽ ڀرسان روئندڙ ماءُ جي ڪهڙي حالت هوندي. پڪ
سان هن به پٽ جي ترت تدفين چاهي هوندي،ڇاڪاڻ ته
گلن جي بدن جهڙو پٽ، ويو ٿي نٽهڻ اس
۾
پيلو ۽ ڪارو ٿيندو. ديوارون پگهر ڳاڙي رهيون آهن.
منهنجو سڄو ساهه، پٽ جي لاش ۾ آهي. منهنجي سوچن جو
سلسلو هڪ آواز سان ٽٽي پوي ٿو. ڏسان ٿو پوڙهو چاچو
وسايو ڳالهائيندي چوي ٿو.
” ڀائرو، خدارا تدفين منجهند جو ئي ٿيڻ ڏيو، تدفين
۾ دير فوتي لاءِ ڪنهن به صورت ۾ بهتر ناهي.“ هو
ڪجهه لمحن لاءِ خاموش ٿي وڃي ٿو ۽ ٿڌو ساهه کڻندي
وري چوي ٿو.
” فوتي ۾ پنهنجي موت جي سڳنڌ ٿيندي آهي، جيئن
تدفين ۾ دير ٿيندي. فوتي جي جسم مان موت جي
خوشبوءِ موڪلائي ويندي ۽ قبر فوتي کي اندر داخل
ٿيڻ کان انڪار ڪندي ۽ پوءِ فوتي قبر ۾ پوندي عذاب
۾ اچي ويندو ۽ پوءِ هو پنهنجن عزيزن تي ڦٽڪار
وجهندو، مهرباني ڪري هن پوڙهي پيءَ ماءُ تي رحم
کائو ۽ تدفين ۾ دير جو نه سوچيو.“
پوڙهي جي ڳالهائڻ کانپوءِ تڏي تي خاموشي ڇانئجي
وڃي ٿي. هو اٿي کڙو ٿي، ويٺل ماڻهن جي صفن کي
چيريندو. اوطاق طرف وڌندو، گهر اندر داخل ٿيندي
چوي ٿو:
” ڪلهي ڏيڻ لئه فقط ٽي مانجهي مڙس کپن.“
هن جا لفظ ٻڌي ماڻهن تي سڪتو طاري ٿي وڃي ٿو. مان
اٿي کڙو ٿو ٿيان ۽ پوءِ ڪافي ماڻهو اٿي بيهن ٿا.
کوڙ ساترا پوڙهي جي پويان گهر اندر داخل ٿيڻ لڳن
ٿا. ميت کي ڪلهو ڏيڻ لاءِ.
جڏهن هن کي ڪلهي ڏيڻ لاءِ چار ماڻهو وڌيا. اهو
منظر مون لاءِ عجيب هو. هن جي اکين ۾ پٽ لاءِ
ڳوڙها لاڙ ڪري وهندا آيا.هن آخري ڀيرو هن جا ڳل ۽
چپ چمي ڪري، هن کي پيرن تي چمي ڏيندي چيو:
” حسنين، ڏس توکي نيو ٿا وڃن؟“
منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۽ اکين ۾ اوندهه
ڇانئجڻ لڳي. هن کي دفنائڻ کانپوءِ ٽي ڏينهن ايئن
ئي دلاسا وصول ڪندي گذري ويا. ٽن ڏينهن کانپوءِ
زندگي جو نئون روپ اکين آڏو اچڻ لڳو. اسان ٻنهي
زال، مڙسن کائڻ، پيئڻ ۽ ڳالهائڻ گهٽائي ڇڏيو ۽
ايئن پئي لڳو ڄڻ ته اسين ئي سندس موت جا ذميوار
هئاسين. اسان ٻنهن خاموشيءَ ۾ زنده رهڻ سکي ورتو.
اڄ ڪافي، مدت جي خاموشيءَ کانپوءِ چوانس ٿو:
” حسنين ماءُ ٻڌ.....“
” چئه...“ هوءَ منهنجي ڀرسان رکيل ڪرسيءَ تي ويٺل
دريءَ جي گرل ۾ رکيل اکين ۾ پنهنجون اکيون
اٽڪائيندي چوي ٿي.
” توکي خبر آهي حسنين ڪڏهن پيار به ڪيو هو؟“
هوءَ ان سوال تي ڇرڪي دريءَ مان اکيون هٽائيندي،
مون ڏانهن تڪيندي چوي ٿي:
” نه....، مونکي ان بابت ڪابه خبر ناهي.“
” هن پيار ڪيو هو.“ کيس چوانس ٿو.
” پر تون ڪيئن ٿو چئي سگهين هن پيار ڪيو هو؟“هوءَ
سوال ڪري ٿي.
” هن جي ڊائري پڙهي ورتي اٿم.“
مان حسنين جي ڊائري هن جي حوالي ڪري ٿو ڇڏيان.
هوءَ ڊائريءَ جا ورق اٿلائيندي وڃي ٿي ۽ دريءَ ۾
رکيل نيڻن منجهه اکيون اٽڪائي ٿي ڇڏي.
امان ڊائري نه ٿي پڙهي پر اڻپوري پڙهي، دريءَ جي
گرل ۾ رکيل منهنجي نيڻن ۾ ڪجهه تلاشڻ لڳي ٿي. امان
پاڻ کي منهنجي نيڻن ۾ سمائي ٿي ڇڏي. اکين ۾ ڏسي
ٿي. انيڪ منظر آهن.
انيڪ خواب ساڀيائن کان خالي، انيڪ روڊ، رستا ۽
مان اڪيلو رڻ ۾ رلندڙ، جو ڪجهه ڊائري ۾ لکيل آهي
ڄڻ سپنو هجي منهنجي نيڻن ۾ اٽڪيل ۽ مان ان سپني
مان ٻاهر ڪريل هڪ اڻپورو وجود ڪنهن اڻ ڏٺي منزل جي
تلاش ۾ وائڙو بڻيل، رستا اڻڄاتل منزل ڏانهن
کڄڻندڙ. منزل هڪ دوکو ۽ انهيءَ دوکي ۾ سمايل
وشواس، آس ۽ نراس جا انيڪ ور وڪڙ دائرا ۽
وشواس.... چاهتن، ڀوڳنائن ۽ بي معنويت کي جنم
ڏيندڙ.
وشواس ۽ چاهتن جي رڃ ۾ گم ٿيل، پاڻ کي تلاشيان ٿو.
هيڏي ڀيڙ ۾، اڪيلو رهجي ويو آهيان. ڀري ٽٽي پيو
آهيان. پاڻ کي سميٽڻ جي ڪوشش وٺندي پڪاريان ٿو.
” صنوبر، صنوبر......“
آوازن جا پڙاڏا ڪنن ۾ گونجڻ لڳن ٿا. ڪئمپس جي خالي
ڪاريڊور ۾ سينڊل جا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، جيڪي ويجهو
ٿيندا وڃن ٿا. ڏسان ٿو هوءَ منهنجي نزديڪ اچي
پڪاري ٿي.
” حسنين......“
هن جي اکين ۾ نهاريان ٿو. رڃ ٿي نظر اچي. ڪاريڊور
مان گذري ڪئمپس جي ڪينٽين جي آڏو ننڍڙي لان ۾ رکيل
ڪرسين تي هڪ ٻئي سامهون ويهي رهون ٿا. هوءَ چپ
آهي. هن جي اکين ۾ انيڪ سوال آهن. جن کي پڙهڻ جي
ناڪام ڪوشش ڪريان ٿو. جهٽ جي ماٺ کانپوءِ چوانس
ٿو:
” صنوبر چپ ڇو آهين؟“
” حسنين، مان تبديل ٿي چڪي آهيان، هاڻ اڳ واري
صنوبر ناهيان رهي.“
هن جي ڪارين اکين ۾ واجهايان ٿو ته هڪ مڪمل ڪائنات
ٿي نظر اچي. جا دونهاٽيل ۽ اداس آهي. جيئن پن ڇڻ
جي موسم کانپوءِ ڪنهن خالي خالي، اداس وڻ جو ڏيک
هوندو آهي. خاموشيءَ کانپوءِ چوي ٿي:
” تو جڏهن کان منهنجو نانءَ پڪاريو آهي. مان واءُ
جي جهوٽي جيان تو ڏانهن اڏرندي آئي آهيان. تو مون
۾ زندگي پيدا ڪئي آهي. ائين ٿو لڳي اڳ آءُ زندگي
کان لاتعلق ۽ محروم رهي هئس. جڏهن کان توکي ڏٺو
اٿم ائين ٿو لڳي ڄڻ ته تون مون لاءِ سمنڊ جو ٻيو
ڪنارو آهين. ڌرتي ۽ آڪاش جو اهو حصو جتي ٻنهي جو
ميل ٿيندو آهي . پر اهو فقط دوکو ئي ته آهي، پوءِ
به ان دوکي ۾ ڪيڏي نه سندرتا، سونهن ۽ زندگي آهي.
زندگي جيڪا سمنڊ جي ٻي ڪناري تي ڪنهن جي اوسيئڙي ۾
ترسيل آهي.“
هوءَ ڳالهائيندي چپ ٿي وئي. خاموشي وڍ وجهڻ لڳي.
ڪجهه ساعتن کانپوءِ چيائين:
” حسنين، تو چيو هو. تنهنجا چپ چمندس ته بارش ڇن
ڇن ڪري برسي پوندي، ڀاڪرن ۾ ڀريندس ته وڄ وراڪا
ڪري ايندي. خزان بهار ۾ تبديل ٿي ويندي، تتل صحرا
سمنڊ بڻجي پوندو. حسنين هاڻ ائين ٿو لڳي جي تون
مونکي ڇهيندي ته مان رڻ ۾ تبديل ٿي وينديس ۽ مان
ان چمي جي پياس ۾ رڃ بڻجي پئي آهيان.“
هوءَ چپ.
چپ.
چوءَطرف خاموشيءَ جا واڪا. منظر ڌنڌلا ٿيندڙ.
” حسنين، مان رڃ ۾ تبديل ٿي چڪي آهيان. تنهنجي
اکين جو
گهرو، آڱرين جي ڇهاءَ، من اندر زلزلو آڻي ڇڏيو
آهي. مان زندهه رهڻ لاءِ ترسي پئي آهيان. هر لمحو
ائين ٿو محسوس ٿئي ۽ تنهنجي سڏ جو پڙاڏو ايندو ۽
مان وينديس ڀرندي، چور ٿيندي.“
” تنهنجي چاهت، ڏس، نه، مونکي پاڻ کان ڪيئن نه
ويڳاڻو ڪري ۽ وکيري ڇڏيو آهي. مان پاڻ کي سميٽڻ ٿي
چاهيان، مونکي ائين ٿو ڀاسي، تنهنجي ڏنل پيار کي
سهيڙي سميٽي نه سگهنديس ۽ وينديس ڪنهن ڪهڪشان جيان
ڦهلبي پنهنجي وجود کان الڳ ٿيندي.“ هن جي اکين مان
پاڻي ڇلڪي پوي ٿو.
” پر صنوبر، مان پاڻ به ته انهي ويڌن مان پيو
گذران.“ کيس چوانس ٿو.
” حسنين پنهنجو الميو اهو آهي. جنهن سماج جا اسين
حصو آهيون اتي خواب اڳواٽ ئي اسانجي پنبڻين تي
سجايا ويا آهن ۽ خواب ڏسڻ واري دريءَ تي تالو ڏنل
آهي. مان جنهن چوديواريءَ کان ٻاهر نڪري هت ڪئمپس
۾ پهتي آهيان. ان کان اڳ منهنجن پيرن ۾ ڪيئي
زنجيرون وڌيون ويون. آزاد هوندي به...، آزاد
ناهيان.“
هن جي ڳالهين ۾ تلخي ۽ بي چيني وڌندي وڃي ٿي. هوءَ
ٿڌو ساهه ڀريندي چوي ٿي:
” ڪالهه امڙ جي فون آئي هئي، چيائين جلد ڳوٺ هلي
اچ تنهنجي پڌري ٿا ڪيون.“ ڳوڙها هن جي اکين مان
ٽمي وهي پيا. ڳوري ۽ درد ڀري آواز ۾ چيائين:
” ٻڌاءِ حسنين...، هاڻ ڪهڙا خواب ڏسان. خواب ته
ٽٽي پيا. الميو اهو ناهي ته خواب ٽٽا آهن. پر
الميو اهو آهي ته پاڻ خواب پسيا ئي ناهن، پوءِ
خواب جي ساڀيائن جي ڳالهه ڪيئن ڪجي؟“
دل وهلورجي پئي. دل خنجر بڻجي سيني ۾ کپي وئي.
ڳوڙها ٽشو پيپر سان اگهندي چيائين:
” ان کان اڳ جو توکي آخري چمي ڏيئي، توکي پاڻ جيان
رڻ ۾ تبديل ڪري ڇڏيان. توکي وداع ٿي چوان ان
اوسيئڙي ۾ ڪنهن خواب ۾، بارش ۾ ملنداسين، جتي
مورن جا ٽهوڪا هوندا.“
ڪرسيءَ تان اٿندي پير پير ۾ پائي، پنهنجي ڳوري
وجود کي وئي ٿي هاسٽل جي ويران رستن ڏانهن
گهليندي. سندس خواب خزان جي پتن جيئان ويا ٿي ڇڻ
ڇڻ ڪندا ڪرندا ۽ وکرندا ۽ هوءَ پنن کان خالي خالي
وڻ جو ڏيک ڏيئي رهي هئي.
هن جي وئي پڄاڻان، رڙ ڪري کيس پڪارڻ چاهيم.
” صنوبر، صنوبر....“
پر آواز ڪٿي ٿي نڪتو. دک جو اڻکٽ قافلو ويو ٿي، من
اندر ڪينسر جهڙو زهر اوتيندو. اکين ۾انيڪ عڪس ٺهڻ
۽ ڊهڻ لڳن ٿا. امڙ ڪرسيءَ تي ويٺي دريءَ جي گرل ۾
رکيل نيڻن مان پنهنجون اکيون هٽائي وڃي ٿي ڊائري
جا ورق پڙهندي. امڙ جي اکين ۾ نير آهن. ڊائري
منجهه لکيل آهي:
” او ڏاهي امان، لولي ڏي. ننڊ پرينءَ جيان ڏور
آهي. تون ته ڏاهي آهين ڪا لولي.... ننڍڙو هيس
توکان پڇيو هوم، او امان، هي چنڊ ڪنهنجو آهي؟“
” چيو هيئي، پٽ، چنڊ تنهنجو آهي.“
امان او ڏاهي امان، چنڊ آڻي ڏي نه. چنڊ پويان
ڊوڙندي ڪيئن نه وڏو ٿي ويو آهيان، پوءِ به چنڊ
مون کان ڏور آهي. ڏس امان هي ڇا، مان ته چنڊ بڻجي
نيل گگن ۾ چمڪي پيو آهيان ۽ هوءَ چڪوري بڻجي مون
ڏانهن اڏري پئي. اي چري چڪوري ڪيترو اڏرندينءِ،
مان ته توکان گهڻو ڏور آهيان. سياڻي ٿي. اڏرڻ ڇڏي
ڏي. ٿڪجي چور ٿي ڪري پوندينءِ. ڏس نه چڪوري، مان
وڃان ٿو لهندو ۽ گرهڻ وڃي پئي منهنجي اندر اونداهي
اوتيندي. ڏس مونکي گرهڻ لڳي وئي. ....هاڻ پنهنجا
چپ منهنجي پيشاني تي رک جيئن گرهڻ مٽجي وڃي. او
صنوبر، ڪيڏي نه اوندهه آهي. تون ڪٿي؟ چوطرف اوندهه
جو واسو آهي. ڪجهه به نه ڏسڻ ۾ ايندڙ، مونکي
پنهنجون اکيون ڏي مان ڏسان....
چوطرف اوندهه.
اکين ۾ اوتيل اوندهه.. اڳيان رڃ ۽ مان اڪيلو رڃ ۾
ڊوڙندڙ. رڃ ۾ ڊوڙندي ڊوڙندي رڻ ۾ تبديل ٿيل، مان
صحرا بڻيل ۽ ان مٿان کڙو ٿيل گرهڻ لڳل چنڊ. من ۾
لڳل هڪ گهاءُ ۽ رڃ ٿيل هڪ سڏڪو.
” حسنين ماءُ روئين ٿي؟“
سانت.
لمبي چپ.
هوءَ ڪابه ورندي نه ٿي ڏي. حسنين جي لکيل ڊائري هن
جي هنج مان هيٺ فرش تي ڪري پوي ٿي. هوءَ پنهنجون
اکيون دريءَ جي گرل ۾ رکيل نيڻن ۾ ڄمائي ٿي
ڇڏي. هن جو اکيون ڏرا ڏيئي ويون آهن. ٻاهر نٽهڻ
اس جو تيک وڌندو وڃي ٿو. |