هوءَ نيڻن مان ڇڪي ٻاهر ڪڍي چمي ٿي ته هن جي چمي،
ماڪ ڦڙي جي صورت بڻجي منهنجي چپن تي ڦهلجي ٿي پوي.
مون هن جي چپن تي چمي ڏني ته چيائين:
” تو چمي ڏني مان گرڀ وتي بڻجي پيس ۽ هي نئو ڄاول
ٻار تو مان آهي. ڏس هن کي اکيون به ڪونهن، ٻڌاءِ
نه... هن جي اکين جو رنگ ڪهڙو هجي؟ نيرو هجي نه؟
ها منهنجي خيال ۾ نيرو ئي ٺيڪ رهندو. مون هن جي
پيٽ تي ڪن رکي صدين جي بک جا واڪا ٻڌا آهن. ڏس
نه.... بک ڪيئن نه... هن جي جسم کي نٻل ۽ شعور کي
مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. هيئن ٿا ڪيون جو... جنت هن جي
پيٽ ۾ ٿا وجهي ڇڏيون. هن جون پنبڻيون چنڊ جي
روشنائيءَ مان ٿا ٺاهيون، جيئن هو خوابن جون سڀ
ساڀيائون ماڻي سگهي. ڏس نه...، هن جي دل ڪنهن
ريگستان جيان آهي، جتي چاهتن جا گل ٿوهر بڻجي پيا
آهن. هن جي دل تي هلڪا هلڪا بادل پکيڙي ٿا
ڇڏيون.... هن جي دل ۾ چاهتن جا گل وکيري ٿا ڇڏيون.
هي هاڻ ڦوهه جوانيءَ ۾ پهتو آهي.
هن جي جوان دل جي ڌڙڪن ۾ پنهنجي جوانيءَ جا عڪس
ڪيڏا نه سندر ٿا لڳن. ان کان اڳ جو هن جي دل ٽٽي
وکري وڃي، هڪ سندر ڇوڪريءَ جو بسيرو هن جي دل ۾
ڪري ٿا ڇڏيون، جيئن هو ٻئي، پنهنجي ڪائنات تلاش
ڪن. اڪيلو من، هيڏي ساري ڪائنات ۾ ڪيئن رهندو؟! هڪ
اهڙي ڇوڪري جنهن جي پنبڻين تي هزارين پکي ويهي
گيت ڳائيندا هجن.
هوءَ ڳالهائيندي ڳالهائيندي چپ ٿي وڃي ٿي ته هن جي
لفظن مان هڪ ڇوڪري جنم وٺي ٿي، جنهن جي پنبڻين تي
هزارين پنڇي ويٺا گيت ٿا ڳائن. نئون ڄاول ٻار جو
هاڻ ڦوهه جوانيءَ ۾ پهچي چڪو آهي. هو ڇوڪريءَ جي
سنهي چيلهه ۾ هٿ وجهي پنهنجي راهه تلاش ڪرڻ لاءِ
گهگهه انڌيري کي چيريندا هلندا، نظرن کان الوپ ٿي
وڃن ٿا.
” چپ ڇو آهين؟“
ڪا ورندي نه ٿو ڏيانس. چپ جي لمبي ديوار ٺهي پوي
ٿي. هوءَ چپ جي ديوار تي ڪنهن فحش نعري جيان بڻجي
پوي ٿي، مان چپ جي پيٽ ۾ هٿ وجهي ان مان کوڙ
ساتريون راز جون ڳالهيون ڪڍي ٿو وٺان، چپ مري وڃي
ٿي ۽ ڳالهيون زنده بڻجي پون ٿيون.
” ٻڌين ٿي نه....“ کيس چوان ٿو.
” چئه....“
” تون نه هئين، مون ديوار کي سوراخ ڪيو ۽ کين زال
بڻائي ڇڏيم. ديوار کي مون مان پيٽ ٿي پيو آهي ۽
روئي رهي آهي. توکي خبر ناهي ته گڏهه، ڪتيون،
گهوڙيون به روئي رهيون آهن. هنن سڀني کي مون مان
پيٽ ٿي پيو آهي... تون هجين ها ته ائين هرگز نه
ٿي ها. اچ ته انهن سڀني وحشتن کي دفنائي ٿا اچون،
جن سان ديوارون حامله بڻبيون آهن.“
پاڻ کي دفنايم.
قبر جي گهگهه انڌيري ۾ ملائڪ پڇاڻو ڪن ٿا ته کين
ورندي ڏيان ٿو:
” وحشتون دفنائڻ کانپوءِ وجود جي شناخت ناهي
رهندي.“
قبر جي انڌيري ۾ نانگ اکين ۾ ديرو ڄمائي ٿو ڇڏي،
ڦڻ ڪڍي قبر مان ٻاهر ٿو نڪران.
” مار...نور، تون....ڏس نه.. وڙهه، اڳ ئي سزا
ٻڌائي آسمان تان ڦٽو ڪيو اٿائون. هاڻ توسان وڙهڻ
جي سزا ٻڌائي اٿئون. نور سياڻو ٿي، مون سان
ويڙهاند نه ڪر.... مون کي پنهنجي نانگڻ جي تلاش
آهي. هوءَ ڪنهن جوڳيءَ جي مرليءَ تي مدهوش ٿي ساڻس
شادي رچائي ويٺي آهي. مون کي ان جي تلاش آهي. نور
نه وڙهه ... مون ۾ ست ناهي... اف وڏو حرامي نڪتين،
نيٺ ڌڪ وهائي ڪڍيئي.“
منهنجي اک ڦسي پئي، جوڳي مرلي ٿو وڄائي.
” مرلي نه وڄاءِ جوڳي....مون کي مرلي جي ساز تي
مدهوش نه بڻاءِ منهنجي ڏنگ ۾ ڇتو زهر اٿئي. ايترو
زهر جنهن آدم کي آسمان تان ڦٽو ڪرايو.“
جوڳي هليو وڃي ٿو. چڱو ٿيو جو هليو ويو. قبرن وچان
ڏنگڙ ونگڙ چال ۾ هلندو ٿو رهان. پنهنجي چال تي
موهت ٿي ٿو پوان. ڪيڏيون نه وڻندڙ ٿو زمين تي
ريڙهيون پايان، پوءِ هي جوڳي مون کي قيد ڪري ، مون
کان منهنجي خوبصورت چال ڇو ٿا کسن!
مان پاڻ تي ئي فدا ٿي پيو آهيان. مون کي هاڻ نانگڻ
جي تلاش ناهي. مان پاڻ مان ئي جوڀن جا سڀ مزا
ماڻيندس. جوڳي نيٺ وجهه وٺي قيد ڪري ورتو.
” جوڳي، منهنجي کل لهي رهي آهي. مان ڇڻي پيو
آهيان.“
جوڳيءَ جي هٿن ۾، کل مان کل ٿي وکري ٿو وڃان. مان
گل جي مکڙي ٿو بڻجي پوان، جيئن خزان ۾ وڻ ڇڻي بهار
جي گلن کي جنم ڏيندا آهن. مان بهار جي پهرين ٽڙندڙ
مکڙي، ڇوڪري اچي مکڙي ڇني ٿي.
” ڇوڪري، اوچري!
مون کي نه پٽ مون کي نکرڻ ڏي، توکي خبر ناهي
مکڙيون ناهن ڇنبيون... شايد توکي خبر ناهي، سورج
مکي ان وقت تائين ڪر ناهي کڻندو، جيستائين سج کيس
ناهي چمندو. سياڻي ٿي. مون کي نه پٽ اڃان منهنجي
مکڙيءَ تان ماڪ، جا ڦڙا به ناهن لٿا، بس مون کي
ايتري مهلت ڏي. جو سج اڀري اچي ۽ سج منهنجي مکڙيءَ
تي پنهنجا چپ رکي ۽ مان ٽڙي نکري پوان... پوءِ ڀل
تون مون کي پٽي وارن ۾ سجائي رکجانءِ....“
جيستائين سج اڀري اچي ۽ هوءَ هٿ وڌائي مون کي ڇني
وارن ۾ سجائي رکي، خزان اچي وڃي ٿي ۽ مان زرد پنن
جيان وکري ٿو وڃان.
ڪرسمس جو وڻ
ڊسمبر جا آخري ڏهاڙا آهن. پارو وسي رهيو آهي. پرهه
ڦٽيءَ ۾ اڃان کوڙ سارو وقت پيو آهي. سيءَ ۾ ڏڪندو
وڃي چانهه جو دڪان کوليو اٿئين. حسب معمول سندس
پهرين نظر روڊ جي ٻهاري ڏيندڙ ڇوڪري تي پئي آهي.
جو روزانو پرهه ڦٽي کان اڳ، هن روڊ جي ٻهاري ڏيڻ
ايندو آهي.
سندس عمر مشڪل سان ست ورهيه ٿيندي، هو پيرين
اگهاڙو بنا گرم ڪپڙن جي يخ سرديءَ ۾ روڊ ٻهاري
رهيو آهي. کيس پوري طرح خبر آهي اڄ ڪرسمس جو ڏڻ
آهي. اڄ دعائن پنڻ جو ڏڻ آهي. اڄ کين موڪل هئڻ
گهرجي. پر پوءِ به هو، ماءُ سان ڪرسمس ڏهاڙي روڊ
کي ڄڻ يسوع مسيح جي آمد لاءِ سنواري رهيو آهي.
ننڍڙي ڇوڪري جو نانءُ يسوع آهي. يخ سرديءَ ۾،
ڪرسمس ڏهاڙي، روڊ ٻهاريندي سندس ذهن ۾ انيڪ سوالن
جنم وٺڻ شروع ڪيو آهي. هو ويران ۽ ويڪري روڊ کي هڪ
ٽڪ تڪي رهيو آهي. روڊ جي ٻنهن پاسن کان دڪان
آهن. جي معمول جيان بند پيا آهن. سواءِ ايڪڙ
ٻيڪڙ چانهه جي دڪانن جي، جي پرهه ڦٽي کان کلڻ شروع
ٿيندا آهن.
يسوع انهن دڪانن کي توائي منجهان تڪي رهيو آهي. جن
جي هو صفائي ڪندو آهي شايد هو انهن دڪانن ڏانهن
سندس ذهن ۾ ڀٽڪندڙ سوالن جا جواب وٺڻ لاءِ تڪي
رهيو آهي. ماءُ، پٽ روڊ ٻهاري معمول جيان چانهه جي
دڪان ٻاهر رکيل بينچن تي ويهي رهن ٿا. مجال آهي جو
ڪوبه ڀنگي هنن بينچن تي ويهي سگهي، جيئن ته صبح جو
پهر آهي، دڪان گراهڪن کان ٻسو لڳو پيو آهي، سواءِ
گڏهه گاڏن وارن جي، جي پنهنجن گڏهه گاڏن تي ويهي
چانهه پيئندا آهن. سو تنهن ڪري ٻئي ماءُ پٽ ٻاهرين
بينچ تي ويٺا آهن. هونئن شام جي پهر ۾ ڪو ايرو،
غيرو ڀنگي، هن روڊ جي ڪنهن به چانهه جي دڪان تي
چانهه پيئڻ جي جرئت ڪري ناهي سگهندو. جڏهن روڊ
ٻهاري ٿڪجي چور ٿي پوندا آهن. تڏهن هي ”ويچارا“
پاڻ سان گڏ آندل ڪوپن ۾ روڊ جي هيٺ ويندڙ گهٽي ۾
پلٿ ماري چانهه جي چسڪي هڻندا آهن. ٿيا نه
”ويچارا“ جو شهر جي گهٽي گهٽي، روڊ روڊ ٻهارين ،
پوءِ به ڪنهن هوٽل تي شاندار نموني چانهه به پي
ناهن سگهندا. چانهه پيئڻ ته ٺهيو، هي ويچارا هن
روڊ تي ٺهيل ٻن سئنيمائن منجهه سڪون سان فلم به
ڪونه ڏسي سگهندا آهن. هنن ويچارن جي وڏي ۾ وڏي
عياشي فلم ڏسڻ هوندي آهي.
ٽولن جا ٽولا ٺاهي فلم ڏسڻ جا ارمان کڻي ايندا
آهن. پر سئنيما جو مالڪ جڏهن ڏسندو آهي رش گهٽ آهي
۽ فلم جا پويان هفتا آهن. تڏهن هنن ويچارن کي
اجازت ملندي آهي ٿرڊ ڪلاس جي پهرين سيٽن اڳيان
ڇڏيل فرش تي پلٿ ماري ويهي فلم ڏسڻ جي . وڏي
اسڪرين آڏو ساندهه ٽن ڪلاڪن جي فلم سندن ڪنڌ کي
مروٽي ڇڏيندي آهي. جي اوهين سئنيما اسڪرين آڏو پلٿ
ماري فلم ڏسو اوهان کي خبر پئجي ويندي ته هنن
ويچارن سان ڪيڏي نه جٺ آهي. اوهان کي ائين محسوس
ٿيندو ڄڻ ٿري ّڊي جي فلم بنا عينڪ پائي ڏسي رهيا
هجو.
ننڍڙو يسوع اسٽان جي ڪنڊ ۾ رکيل ٻه ڪوپ ڌوئي اچي،
چانهه ٺاهيندڙ جي آڏو رکيا آهن. چانهه وٺي اچي،
ماءُ سان بينچ تي ويهي رهي ٿو. ماڻهس چانهه کان بي
خبر سئينما جي پوسٽرن ڏانهن تڪي رهي آهي. پوسٽر
جنهن ڏانهن هوءَ ٽڪ ٻڌي تڪي رهي آهي، يخ سردي ۾
کيس گرم ڀاڪر جو ڪم ڏيئي رهيو آهي. پوسٽر ڪنهن
ڪنوار جو آهي. جا گهونگهٽ ۾ پنهنجو منهن ڍڪي رهي
آهي ۽ خوبصورت نوجوان ڪنوار جي گهونگهٽ کي مٿي ڪرڻ
لاءِ هٿ ڊگهيري رهيو آهي. ٻنهن جي چهري تي حياءَ
جي ڏيک کي پينٽر نهايت خوبصورتي ءَ سان پيش ڪيو
آهي.
ڪنوار ۽ گهوٽ جو پوسٽر، يسوع جي ماءُ کي پنهنجي
شادي جي رات جي ياد ڏياري ڇڏي ٿو. خيالن ئي خيالن
۾ پاڻ کي تنها ڪمري ۾ گهونگٽ سان ڍڪيل چهري سان کٽ
تي ويٺل ڏسي ٿي. انتظار اٿس پنهنجي سهاڳ جو، جو
اجهوڪي اجهو اچي سندس گهونگهٽ مٿي ڪري سندس مک
پسندو ۽ نيڻ چمندو.
ذهن ۾ ڊوڙي اچيس ٿو، يسوع جي پيءُ جو چهرو جو
سانورو، قداور ۽ جانٺو هو. کيس دل سان چاهيندي
هئي. دل جا ارمان ان ڏينهن پورا ٿيس جڏهن سندس دل
جي راڻي، گهونگٽ مٿي ڪري سندس نيڻ چميا هئا.
” شرمائين ڇو ٿي... مان تنهنجو پنهنجو سونو
آهيان.“ انهن لفظن تي شرمائجي پاڻ کي گهونگهٽ ۾
ويڙهي ڇڏيو هيائين. پر سونوءَ، هن کي ڇهڻ بجاءِ هن
ڏي منهن ڪري، سندس جوانيءَ جي تعريف ڪرڻ لڳو هو،
پوءِ هوءَ پاڻ مرادو هن جي هنج پئي هئي.
پوسٽر مان نظرون هٽائيندي، لڙڪ اکين منجهه اوتجي
اچنس ٿا. يسوع جي پيءَ جي موت جو خيال کيس ڏنڀي
وجهيس ٿو.
” امان......“ هوءَ پٽ جي سڏ تي خوابن جي ويرانين
مان جاڳي پوي ٿي.
” امان چانهه ٿڌي ٿي وئي.....“ يسوع نماڻا نيڻ کڻي
ماءُ کي چيو.
” امان اڄ ڪرسمس آهي نه......“
” ها...پٽ...اڄ ڪرسمس آهي.“
ماءُ ۽ پٽ وچ ۾ خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي. ننڍڙو يسوع
ذهن ۾ ڀٽڪندڙ سوال کڻي ويران روڊ ڏانهن نهار ڪندي
ماءُ کان پڇي ٿو:
” امان... پوءِ هي دڪان، هوٽل سينگاريل ڇو
ناهن...اڄ ته خوشي جو ڏينهن آهي نه....“
ماڻهس يسوع جي حيرت زده سوال تي ڇرڪي پوي ٿي.
ماڻهس وٽ ڪوبه جواب ناهي. هوءَ کيس ڪهڙي ورندي ڏئي
ته دڪان سينگاريل ڇو ناهن. کيس ڇا چوي ته هن به
خواب ڏٺا هئا ڪرسمس جي رنگينين
جا، جي سندس ور جي موت کانپوءِ اڻپورا ۽ بي رنگ
بڻجي پيا هئا. ماءُ کي خاموش ڏسندي سوال ڪري ٿو:
” امان، ڪرسمس جو وڻ ڪنوار جي گهونگهٽ جيان چمڪيلو
هوندو آهي نه... امان، ڪالهه موتيءَ ٻڌايو پئي ته
ڪرسمس جو وڻ روشني ڏيندو آهي. موتي چيو ته دڪان،
هوٽلون، روڊ رستا سينگاريا ويندا آهن، گهرن ۾
روشنيون ڪيون وينديون آهن. ماڻهون نوان، نوان ڪپڙا
پائيندا آهن... امان ٻڌاءِ نه ڪرسمس جو وڻ ڪٿي
هوندو آهي؟“
ماڻهس،کي ننڍڙي يسوع جي ذهن ۾ جنم وٺندڙ سوال صليب
چاڙيهي ڇڏين ٿا. هوءَ ائين محسوس ٿي ڪري
ڄڻ
عيسيٰ جي صليب جي وارث بڻجي صليب چڙهي هجي.
”امان .... موتيءَ چيو پئي اڇن مڇن ۽ ڏاڙهي وارو
سينتا ڪلاز (Santa
claus)
به هوندو آهي جو ٻارنکي اوٻاريل آنن جا تحفا ڏيئي
کن پل ۾ گم ٿي ويندو آهي. امان، مان سينتا ڪلاز وٽ
ويندس هن کان ست اوٻاريل آنا وٺندس، کيس چوندس
مون، توکان ڪڏهن به هڪڙو
اٻاريل
آنو ناهي ورتو. هاڻ ته مان ستن سالن جو آهيان.
تنهن حساب سان ست آنا ته منهنجا حق ٿيا نه...
امان مون اوٻاريل آنا، ڪڏهن به ناهن کاڌا. امان،
ٻڌاءِ نه سينتا ڪلاز ڪٿي ملندو.“ |