آسمان ۾ چنڊ اڏامندو ٿو وڃي. چنڊ ۾ هن جو چهرو آهي
، مان چنڊ کي هٿن ۾ پڪڙڻ لئه ڊوڙان ٿو، پر چنڊ جو
چهرو ڪڪرن جي زلفن ۾ لڪي وڃي ٿو. مان ٿيڙ کائي ڪري
پوان ٿو. مان روئان ٿو. نطشي چوي ٿو:
” خدا مري ويو آهي.“
نطشي کان پڇان ٿو.
” جي خدا مري ويو. پوءِ مونکي من وسلويٰ ڪير
ڏيندو؟“ هو مونکي تڪيندو نظرن کان اوجهل ٿي وڃي
ٿو. مان هن جي پويان ڊوڙان ٿو.
” نطشي ! مونکي من وسلويٰ ڪير ڏيندو؟“ اکين ۾
ڳوڙها آهن.
” او امان، نطشي جو خدا مري ويو، ڇا منهنجو به مري
ويو؟“
” او امان مونکي خدا کپي.......هن چنڊ ۾ منهنجي
پرينءَ جو چهرو قيد ڪري رکيو آهي...او امان مونکي
من وسلويٰ ڪير ڏيندو؟“
نطشي چپ.
صنوبر چپ.
چنڊ چپ.
من وسلويٰ چپ.
آسمان ۾ سوين هليڪاپٽر اڏامندا اچن ٿا. مان
هليڪاپٽرن جي ڇانو ۾ ڊوڙندو ٿو رهان.
” او صنوبر، هنن من وسلويٰ آندو هوندو.........“
امڙ رڙ ڪري ٿي، موٽي اچ.... هوءَ روئي ٿي
هيليڪاپٽرن مان من وسلويٰ ڪري ٿو. مان ڌماڪن جي
دونهين ۾ منجهي پوان ٿو. مان رت جو درياهه بڻجي
وهي پوان ٿو. رت جي درياهه مان رنگ ڦٽي هوا ۾
اڏامن ٿا. رنگ ناهن پوپٽ آهن.مان رنگ بڻجي اڏامندو
مور جي کنڀن ۾ جذب ٿو ٿي وڃان. مور آسمان کي ڏسي
روئي ٿو ته مينهن ٿو وسي. مينهن ناهي هن جي اکين
مان ڪريل خواب آهن. خوابن جي بارش مان هڪ خواب
منهنجي دل ۾ کپي وڃي ٿو.
خواب:
هوءَ مونکي پاڻ ۾ سموئڻ جي ڪوشش ٿي ڪري. مان هن
جي هٿن مان ڇڏائجي ڪري ڀري ٿو پوان. منهنجي ڀريل
وجود کي کڻي ڳوهي ٻيهر جوڙڻ جي ڪوشش ٿي ڪري. خزان
اچي وڃي ٿي منهنجي دل ۾ خزان ڊوڙندي اچي ٿي. هوءَ
مونکي ڇڏي باغ مان گل کڻڻ لئه ڊوڙي ٿي جيئن خزان
کي منهنجي دل مان هميشه لئه جلاوطن ڪري ڇڏي، پر
جيستائين هوءَ واپس وري مان وکري زرد پنن ساڻ
اڏامندو ٿو وڃان. منهنجي ويران دل هن وٽ رهجي وڃي
ٿي.
”صنوبر،مان ...........“
هوءَ منهنجو سڏڪو ٻڌي مون ڏانهن ٿي اچي. هوءَ
ڪينواس کي گهوريندي رهي ٿي. اف، منهنجون اکيون
ڪينواس بڻيل، هن جا چپ برش بڻجي منهنجي بدن جي
ڪينواس تي ڊڪن ٿا. هوءَ مون منجهه خوابن جا رنگ
اوتيندي ٿي رهي. ٻاهر بارش ۾ رنگ اڏامندا ٿا وڃن.
هوءَ منهنجي دل مونکان ڌار ڪري کيس ڪينواس تي
ڪولاج ٿي بڻائي ڇڏي. منهنجا چپ،اکيون هن مونکان
ڌار ڪري ڪينواس تي ڪولاج بڻائي ڇڏيا آهن. مان
ڪولاج ٿي ويو آهيان.مان.......مان........ڪولاج
ٿيل شخص آهيان.
هوءَ ڪمري ۾ پسار ڪندي رهي ٿي. سندس اکين ۾ عجيب
قسم جي چمڪ ۽ حيراني آهي. ڪينواس جي ويجهو ايندي
مونکي گهوري ٿي ڏسي. سگريٽ دکائي منهنجي چپن ۾
اوتي ٿي ڇڏي. سگريٽ ڪينواس تي دکي رهيو آهي.هوءَ
ٿڌو ساهه ڀريندي چوي ٿي:
” ٻڌ.......“
منهنجي چپن مان آواز نٿو نڪري.
” مون توکي ڪولاج بڻائي ڇڏيو آهي. مون محسوس
ڪيوآهي، ڪوئي آهي جو توکي مونکان جدا ڪرڻ ٿوچاهي.“
هوءَ خاموش ٿي وڃي ٿي، سندس آواز ۾ درد ڀرجي اچي
ٿو، اکين ۾ آلاڻ ڊوڙي ٿي اچيس.
” مون ڪيئي ڀيرا خواب ۾ پسيو آهي ،ڪوئي آهي جو
اسان ٻنهين جي وچ ۾ اچي ويو آهي ۽ مان وڃان ٿي پن
ڇڻ جي طوفان ۾ دفن ٿيندي، پر پن ڇڻ ۾ هڪ گلاب جو
گل ڪري ٿو، جيئن مان گل ڏانهن وڌان ٿي هڪ ٻيو هٿ
وڌي ٿو جو گل کڻي ٿو وٺي ۽ منهنجا هٿ خالي ئي رهجي
وڃن ٿا.“ هوءَ چپ ٿي وري چوي ٿي:
” ٻڌ ....هوءَ ڪير آهي؟ جا منهنجي خوابن ۾ اچي
مونکي توکان ڌار ڪرڻ گهري ٿي؟“
هن جون اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون. هوءَ پسار ڪندي
رهي ٿي. ٻاهر هوا گهلي رهي آهي. آسمان تي هلڪا
بادل ڇانئيل آهن. ڪينواس تي منهنجي چپن تي سگريٽ
دکي رهيو آهي. منهنجو آواز هن ڪويل جي حوالي ڪري
ڇڏيو آهي، ڪويل ڪمري ۾ ڪوڪي رهي آهي. منهنجا پير
گلدان ۾ رکيل آهن.
” مان هر شيءِ کي نئين انداز ۾ جنم ڏيڻ ٿي گهران،
جيئن تون هر جنم ۾ منهنجو رهين. مونکي خواب ۾ آيل
ان گم ٿيل گلاب جي تلاش آهي جو هوءَ کڻي وئي آهي.
ان گلاب ۾ تنهنجي جسم جي خوشبوءِ سمايل آهي ۽
تنهنجي جسم تي منهنجين هزارين چمين جي ارپنا ٿيل
آهي. مان چمين جي واس مان جڙيل گل جو سودو ڪرڻ
لاءِ تيار ناهيان. مونکي ان گلاب جي تلاش آهي جنهن
محبت جي چمين جي بارش مان جنم ورتو ۽ اهو خزان ۾
ٽڙيو هو. خزان ۾ ٽڙيل محبت جا گل آسماني صحيفن کان
وڌيڪ پوتر هوندا آهن جن منجهه صدين جو سوداءُ،
ايامن جي محبت سفر طئه ڪري، گل کي ڳاڙهو لال بڻائي
ڇڏيندي آهي.“
هوءَ خاموش ٿي وڃي ٿي. جهٽ جي خاموشيءَ کان پوءِ
چوي ٿي:
” ڏس نه..، جڏهن کان اهو گلاب چوري ٿي ويو آهي.
منهنجا گلابي چپ زرد بڻجي پيا آهن، مونکي ايئن ٿو
لڳي هنن گلابي چپن تي تو پنهنجا چپ رکيا ئي ناهن ۽
مان هميشه لئه پياسي رهجي وئي آهيان، ائين ٿو لڳي
ڄڻ هنن چپن ۾ رڻ ٿو وسي.“
ٻاهر بارش ٿي وسي. هوءَ دريءَ کان ٻاهر پنهنجو هٿ
وڌائي مينهن ڪڻيون هٿ ۾ کڻي پنهنجن چپن تي ٿي رکي،
جي ماڪ ڦڙن جيان لڳن ٿيون.
” هاڻ ته بارش به.....تو بنا لونءَ لونءَ کي نه ٿي
پسائي...... جڏهن کان تون خوابن مان چوري ٿي ويو
آهين مان ڪومائجي وئي آهيان، ڪوئي آهي جو واءُ جي
جهوٽي جيان اسان ٻنهي جي وچ ۾ اچي ويو آهي ۽ اسان
ٻئي گڏ گڏ هوندي به هڪ ٻئي لئه اوپرا ٿي پيا
آهيون. هي اوپرائپ جو احساس ڪيڏو نه اذيت ڏيندڙ
آهي. هاڻ ته منهنجا خواب به منهنجا ناهن رهيا،
هيءَ تنهنجي دل جا مونلاءِ ڌڙڪندي هئي هاڻ نه ڄاڻ
ڪنهن جي لئه ........هيءَ دل جا تنهنجي هئي ۽
تنهنجي دل جا منهنجي هئي تنهن منجهه خوابن جا رنگ
ڪومائجي ويا آهن.“
هوءَ سڏڪي پوي ٿي. اکين مان ڳوڙها سانوڻي جيان
ڇلڪي پونس ٿا. هوءَ ڪمري مان نڪري ٿي وڃي. ڪمري ۾
موجود ڪويل ڪوڪي پوي ٿي. منهنجو درد ڪويل ۾ سمايل
آهي، ڪويل ڪوڪي ٿي، پر هوءَ ڪمري ۾ نه ٿي اچي.
منهنجي دل، اکيون، چپ ڪينواس تي ڪولاج بڻيل آهن.
هوءَ منهنجو ڪولاج ٿيل پورٽريٽ اڻپورو ڇڏي هلي وئي
آهي، مان اڻپورو ڪولاج ٿيل ڪينواس تي زندهه آهيان.
ڪويل منهنجو درد کڻي ڪوڪندي ٿي وتي.
ڪويل جي ڪوڪ ناهي منهنجي اندر جو آواز آهي. مان هن
کي ڪوڪي سڏ ٿو ڪريان پر هوءَ نه ٿي اچي.
ڪوڪان...........او ......موٽي اچ.....او نطشي
هوءَ نه ٿي اچي......ڏس نه اڄ منهنجو به خدا مري
ويو....تون کل .......تنهنجي خدا سان گڏ اڄ منهنجو
به خدا مري ويو.
او نطشي شل مار پوئي........مان اڻپورو زندهه
آهيان... مونکي چنڊ کپي......... مونکي من وسلويٰ
کپي.........آهي ڪوئي جو منهنجو سڏ ٻڌي........مان
ڪوڪ ٿو ڪيان...ڪوڪ ٿو ڪيان ته ريل، ڇڪ
ڇڪ.......ڪندي ٿي اچي.....ريل ۾ ڪوبه ناهي. ريل ۾
منهنجي خوابن جا لاش آهن.......خواب زرد پنن ۾ ستل
آهن....هاڻ منهنجا خواب به منهنجا ناهن رهيا...
منهنجي دل منهنجي وس ۾ ناهي.....منهنجو ڪنهن تي به
وس نه ٿو هلي ...... نه پاڻ تي... نه هن تي.....
نه ان تي جا خوابن ۾ ٿي اچي......... هاڻ مان
ڪنهنجو به ناهيان رهيو....هاڻ ڪنهنجو رهي ڪري به
ڇا ٿو ڪري سگهجي....ڪالهه ئي چيو هئائين.. ڪالهه
نه اڄ. ها اڄ .... ڇا چيو هئائين مونکي ياد ناهي.
ياد جي نديءَ ۾ ڪران ٿو، هاڻ ياد جي ندي به ته سڪي
وئي آهي..... پنهنجون يادون ڪٿان آڻيان، هوءَ ته
دل پاڻ سان گڏ کڻي وئي آهي..... ها سالگرهه ڏهاڙي
گفٽ ۾ خالي فريم ڏنو هئائين.
خالي فريم...... اف خالي فريم... جنهن ۾ ڪابه خالي
ياد فريم ڪري سگهجي ٿي ۽ ڪنهن به ياد کي فريم نه
به ڪري سگهجي ٿو.......اف مان خالي فريم ۾ پوئيل
شخص آهيان.. مان فريم جي اندر به زندهه آهيان ته
فريم جي ٻاهريان به زندهه آهيان. شايد زندهه به
ناهيان. خالي فريم ۾ مان پاڻ کي پوئي ٿو ڇڏيان .
مان فريم ۾ زندهه آهيان.... توهان مونکي ڪنهن به
خالي فريم ۾ تلاشي سگهو ٿا. هن فريم ۾ مونسان گڏ
منهنجي محبوبا جي ياد به زندهه آهي. پر مان هن جي
يادن تي فقط روئي سگهان ٿو. مان روئان ٿو ته ڳوڙها
نه ٿا وهن پر خواب آهن جي وڃن ٿا ڪمري ۾ پکڙبا.
ڊالي ٿو چوي :
” پنهنجا خواب مونکي ڏي. مان تنهنجي خوابن مان هڪ
فن پاري کي جنم ڏيندس.“ مان پنهنجا خواب ڊالي جي
جهولي ۾ آڇيان ٿو، ڊالي مرڪي چوي ٿو:
” جيڪر وان گوگ هجي ها .“ هو ٿڌو شوڪارو ٿو ڀري.
” ڊالي.. جي وان گوگ هجي ته ڇا ٿئي ها.“
” هو پنهنجا ڪن ايئن نه ڪپي ها، پنهنجون اکيون ڪڍي
چوي ها مون وٽ اهڙا خواب ڇو نه ٿا اچن؟“ ڊالي اداس
ٿي چوي ٿو.
ڏسان ٿو ڊالي خالي فريم تي ڪي خواب اوتي رهيو آهي.
وان گوگ جي ڪنن مان آواز اچي ٿو: ”مان اڃان زندهه
آهيان. مونکي من وسلويٰ اڃان به ملي رهيو آهي،
جڏهن سورج مکي جا گل مرجهائجي ويندا مان تڏهن مري
ويندس... مان اڃان هن ڪارڻ زندهه آهيان ته هوءَ جا
ڪٿي به ناهي، پر منهنجا سورج مکيءَ جا گل هن جي
طواف ۾ رهن ٿا.“
ڊالي منهنجو اڻپورو پورٽريٽ پورو ڪري چوي ٿو:
” هوءَ ته خواب هئي، هن کي تون فقط رنگن ۾ تلاش
ڪري سگهين ٿو.“
مان پاڻ کي رنگن ۾ سمائي ٿو وٺان. مان رنگ آهيان
مونکي ڪٿي به تلاش نه ڪيو وڃي. مان پاڻ کي هن جي
رنگ ۾ جذب ڪري ويٺو آهيان اهو هن جي وهم گمان ۾ به
نه هوندو مان هاڻ هن جي وجود جو حصو بڻجي هن سان
گڏ زندهه آهيان. منهنجو ڪوبه رخ ناهي ۽ مان هر
ڏسا ۾ زندهه آهيان. شايد مان
fourth dimension
آهيان يا هڪ اهڙو رخ يا ڏسا آهيان جنهن جي ڄاڻ
ڪنهن کي به ناهي، مان هر ڏسا ۾ پکڙبو ٿو وڃان.
منهنجي پنهنجي ڪابه ڏسا ناهي، ڀلا منهنجي ڏسا ڪهڙي
ٿي سگهي ٿي؟ هڪ اهڙو شخص جنهن جي محبوبا خود هڪ
رنگ هجي ان شخص جي ڏسا ڪهڙي ٿي سگهي ٿي.
بند ڪمري ۾ منهنجي ڪيفيت ”ڌڙ ڳولهيان سر نه لهان،
سر ڳولهيان ڌڙ نه لهان“ جهڙي آهي. منهنجي دل تيز
ڌڙڪڻ ٿي لڳي......دل، درد ۾ ڌماڪي سان ڦاٽي ٿي
پوي......ڪمري ۾ پن ڇڻ جو طوفان ٿو
اچي......ڪينواس جنهن تي مان ڪولاج بڻيو پيو آهيان
وڃي ٿو هوا ۾ اڏامندو........ منهنجا پير هن جي
بدن جي خوشبوءَ جا پيچرا تلاش ڪندي هن پويان
ڊوڙندا رهن ٿا.......... بئنسري جو آواز
ٿواچي....... بئنسري مان پن ڇڻ جو طوفان ٿو نڪري،
منهنجا پير بئنسري جي آواز ڏانهن وڌندا وڃن
ٿا....... هوءَ اداس وڻ هيٺيان ويهي بئنسري وڄائي
رهي آهي...... چوءَطرف پن ڇڻ جو طوفان آهي هوءَ ان
طوفان کي بئنسري جي آلاپ، سان هر طرف پکيڙي رهي
آهي. منهنجا چپ ڪينواس سان ڪرندي هن جي پيرن ۾ ڪري
پون ٿا.............هوءَ اکيون کولي چوي ٿي:
”ڪٿي هئين، مان صدين کان تولئه بئنسري جو آلاپ
ڏيئي رهي آهيان. هاڻ ته خواب به پوپٽ بڻجي اڏامي
ويا آهن، فقط هاڻ رنگ ئي رهجي ويا آهن جي تنهنجي
چمي کانسواءِ مرجهائجي رهيا آهن. مون توکي پورٽريٽ
۾ قيد ڪرڻ پئي گهريو، پر ائين ٿي نه سگهيو، مون
ڏٺو تون رنگ بڻجي مون ۾ سمائجي ويو هئين ۽ مون لئه
ممڪن ڪونه هيو جو توکي پورٽريٽ ۾ قيد ڪري سگهان.
ڀلا ائين ڪيئن پئي ڪري سگهيم ته جو شخص منهنجي
وجود جو حصو بڻجي جي رهيو هجي ان کي ڪنهن فريم ۾
قيد ڪري وٺان. پورٽريٽ به ته هڪ فريم آهي، مون
چاهيو ٿي تون ان قيد کان آجو ٿي مون لئه زندهه
هجين، سورج مکيءَ جيان منهنجي طواف ۾ هجين.“
هوءَ ٿڌو شوڪارو ڀري، چپ ٿي وڃي ٿي. هن جي اکين ۾
آلاڻ تري ٿي اچي.
” پر مان مڪمل ڪولاج ٿي چڪو آهيان...... مان هرڏسا
۾ زندهه هوندي به زندهه ناهيان، هاڻ فقط منهنجا
خواب ئي زندهه آهن جي تنهنجي طواف ۾ آهن.“
هوءَ سڏڪي پوي ٿي، پن ڇڻ جو طوفان وڌندو ٿو وڃي،
هوءَ پن ڇڻ جي طوفان ۾ هر ڏسا ۾ وڃي ٿي پکڙبي،
منهنجو ڪولاج ٿيل وجود خوابن جي سورج مکي کي جنم
ٿو ڏئي جي هن جي طواف ۾رهن ٿا.
بندو خان ڪاسائي
اڱاري جو ڏينهن آهي. بندو خان ڪاسائي، توائيءَ
مان گوشت جي ٻسي دڪان ڏانهن نهاري رهيو آهي جنهن ۾
سانت ديرو ڄمائي ڇڏيو آهي. بندو خان ڪاسائي کي
سانت کان سخت چڙ آهي. هو پنهنجو هر ڏهاڙو گوڙ شور
۾ گذارڻ چاهيندو آهي.
بندو خان اوٻاسي ڏئي ٿو ته زبان ڪري پويس ٿي. زبان
کي ڪات سان وڍي ٽڪر ڪري سيخن ۾ ٽنگي ٿو رکي. گوشت
لاءِ لامارا ڏيندڙ سرڻيون بندو خان جي دڪان ۾ لهي
اچي سندس زبان جا ڪي ٽڪر کڻي وڃن ٿيون. ڪات تي
هاريل رت مکيون چوسڻ لڳن ٿيون. مکين کي ڇوٽ مليل
آهي ته هو ڪات تي هاريل رت آرام سان چوسين. هونئن
مجال آهي جو مکين جا ولر بندو خان جي ڪات تي ويهي
آرام سان رت چوسين. جيئن ته اڄ گوشت جو ڏهاڙو
ناهي. بندو خان وٽ فرصت آهي انهي ڪري مکين کي رت
چوسڻ جي ڇوٽ مليل آهي. ٻيوته ڪات تي ويهندڙ مکين
جا ولر ڀانت ڀانت جا آواز ڪڍي رهيا آهن. جي
بندوخان لاءِ گوڙشور ۽ زندگي جي نشاني آهن. بندو
خان کي سانت کان چڙ ۽ نفرت آهي.
ايتري ۾ بندو خان ڪاسائي جي دڪان ۾ ڪتو داخل ٿو
ٿئي. هو کيس ڪجهه به نه ٿو چوي. ڪتو دڪان جا پاسا
جاچڻ لڳي ٿو پر کيس هڏو يا ڇڇڙو نه ٿو ملي. ڪتو
دڪان جي ڪنڊ ۾ ميسڻو منهن ڪري ويهي رهي ٿو. بندو
خان ڪتي ڏانهن تڪي ٿو جو گوشت لاءِ واجهائي رهيو
آهي. بندو خان پنهنجي ڏندن جي ٻٽيهي ڪڍي ڪتي ڏانهن
اڇلائي ٿو. ڪتو آرام سان بندو خان جي ڏندن جي
ٻٽيهي رڙڪي رهيو آهي. ڪتي کي خبر آهي اڄ اڱارو آهي
تنهن ڪري هو کيس ڪجهه به نه چوندو.
بندو خان جو دڪان جيڪو ڪجهه گهڙيون اڳ سانت ۾ ٻڏل
هو هاڻ مکين جي رت چوسڻ جي آوازن ۽ ڪتي جي ڏندن
رڙڪي کائڻ ڪري گوڙيلو ٿي وڃي ٿو ۽ بندو آوازن جي
شور ۾ سڪون محسوس ڪري ٿو.
ٻلي دڪان ۾ داخل ٿي ته ڪتو منهن بڇڙو ٿو ڪري. شايد
ڪتي کي ٻلي جو اچڻ نه وڻيو ڇاڪاڻ ته کيس ڪجهه بچيل
مال ٻلي کي نه ڏيڻو پوي. ڪتو چاهي ٿو ته ٻلي سان
وڙهي کيس دڪان مان ڀڄائي ڪڍي، پر کيس ڊپ آهي بندو
خان جي ڪاوڙ جو. ڪتي کي خبر آهي جو هو ٻلي سان
وڙهيو ته بندو خان کيس ڪات سان ٻه اڌ ڪري گوشت ۾
کپائي ڇڏيندو.
بندو خان پنهنجا ٻئي ڪن پٽي ٻلي ۽ ڪتي ڏانهن ڦٽا
ٿو ڪري. ٻلي ۽ ڪتو ڪن کائي رهيا آهن، مکيون ڪات تي
ويٺيون رت چوسي رهيون آهن. بندو خان اڱاري گذرڻ جو
انتظار ڪري رهيو آهي. هن کي اڱارو بلڪل ناهي
وڻندو. هن کي واندڪائي کان سخت چڙ آهي.
فقيرياڻي اچي سين ٿي هڻي:
” بندو گوشت ٽڪر ته ڏي.“
بندو کيس ڪائي ورندي نه ٿو ڏي. ٻلي ڪن جي بچيل
گوشت جو ٽڪر کڻي اچي فقيرياڻي کي ڏي ٿي. فقيرياڻي
هلي ٿي وڃي. ٻلي ۽ ڪتو دڪان جي ڪنڊ ۾ آرام سان
ويهي رهن ٿا.
بندو خان دوڪان ۾ نظر ڊوڙائي ڏسي ٿو ته ٻلي ۽ ڪتي
وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي. ڪتو اوٻاسي ٿو ڏي، ٻلي
پڇ کي وات ۾ وجهي ويٺي آهي ۽ مکيون ڪات تان رت
چوسي ديوارن تي ويهي رهيون آهن.
سانت دڪان ۾ لهي آئي آهي. بندوخان سانت کي دڪان ۾
ايندو ڏسي خفي ٿي پوي ٿو. هو ڪتي ۽ ٻلي جي کائڻ جا
آواز ٻڌڻ چاهي ٿو. مکين جي ڀانت ڀانت جا آواز جي
هن لاءِ زندگيءَ جا متحرڪ آواز آهن. هو سانت کي
ختم ڪرڻ ٿو چاهي.
هن کي سانت ڪنهن ڳري ڇپ جيان لڳندي آهي. جنهن جي
ڇائنجڻ سان هو مري ويندو آهي. پر هو مڪمل ۽ پرشور
هل هنگامي ۾ جيئڻ ۽ مرڻ ٿوچاهي. هوآوازن کي ڇهڻ ۽
محسوس ڪرڻ ٿو چاهي.
هن کي ائين ٿو لڳي ڄڻ وقت اچي سندس دڪان ۾ بيهجي
ويو هجي ۽ ڪائنات جا سمورا آواز دفنائجي ويا هجن.
هو ورچي پوي ٿو. هو ڏسي ٿو ته سندس دڪان ۾ ڪو به
هڏو، گوشت جو ٽڪرو يا ڇڇڙو ناهي بچيو، جنهن ڪري
سندس دڪان ۾ ويٺل جانور حرڪت ۾ اچي آواز پيدا ڪن
ته جيئن هو آوازن جي دنيا ۾ گم ٿي وڃي.
پر بندو خان جي دڪان ۾ سانت ديرو ڄمائي ڇڏيو آهي ۽
هن جي چڙ وڌندي ٿي وڃي. هو چڙ ۽ خفت مان ڪات کڻي
پنهنجي ڄنگهه تي وهائي ڪڍي ٿو. پنهنجي ڄنگهه جا
ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڪتي ۽ ٻلي ڏانهن اڇلائي ٿو ڏي.
مکيون ديوارن تان لهي بندو خان جي نيسارا ڪري
وهندڙ رت تي ويهي رهن ٿيون .
هاڻ هن کي لڳي ٿو ڄڻ زندگي سندس دڪان ۾ ساهه کڻي
رهي آهي. هو ڀرپور شور ۽ هل هنگامي جي دنيا ۾ گم
ٿي سڪون محسوس ڪري ٿو. هو سڪون ۾ آهي. سندس
دڪان ۾ آوازن جو مڪمل هل هنگامو متل آهي.
فقيرياڻي اچي سين هڻي ٿي:
” بندو، گوشت ٽڪر ته ڏي.“
بندو خان جي چپن تي مرڪ ڦهلجي وڃي ٿي. هو پنهنجي
ران فقيرياڻي کي ڏي ٿو. هن جي دڪان ۾ رش وڌندي وڃي
ٿي. آواز جيئرا ٿي پون ٿا ۽ سانت مري وڃي ٿي.
” بندو ڦڦڙ ڏي!!....“
” بندو، جيرا ڏي.“
بندو خان ڪاسائي ماڻهن منجهه گوشت لاءِ اٻهرائپ ۽
تڙپ ڏسي مشڪي پوي ٿو.
” بندو مغز.“
” بندو، ران!!“
” بندو منڍي تازي ڏجانءِ.“
بندو خان آوازن جي هل هنگامي ۾ پاڻ وڃائي ويهي ٿو.
هو سڄو
ورهائجي ۽ ڳڀا ڳڀا ٿي ويو آهي. هن چاهيو به گوڙ
شور هو جنهن مان زندگي ساه کڻندي محسوس ٿئي. بندو
جو دڪان گراهڪن کان خالي ٿي وڃي ٿو.
رات، هن جي دڪان ۾ لهي اچي ٿي ۽ بندو خان جا نيڻ
کڻي هلي وڃي ٿي ته رات ستارن جي جهرمر سان چمڪڻ
لڳي ٿي. بندو خان آخري گراهڪ جي انتظار ۾ آهي جو
هن جي وجود جو باقي رهيل ڪو ٽڪر کڻي هليو وڃي
ايتري ۾ هڪ ڇوڪري هن جي دڪان ۾ داخل ٿئي ٿي. هوءَ
هن جا چپ کڻي
وڃي ٿي ۽ بندو خان وٽ فقط ٽهڪ ئي رهجي وڃن ٿا. هن
جو دڪان ٽهڪن جي پڙاڏي سان گونجي پوي ٿو. |