هر حال ۾ جيئڻ ۽ پنهنجن ڪردارن وانگر جيڪي.......
حال، ماضي ۽ مستقبل جون دريون،
در ۽ اهي گهر آهن جنهن ۾ چمڙن آکيرو ناهي ڪيو.
تون اڃان اهو سگريٽ ناهي دکايو جنهن جو آخري ڪش
هڻي ڪنهن جي ڪڇ، ۾ سڪون جي ننڊ ڪرين. تون ته الائي
ڪيترن ئي پچڪ ڪيل ڪردارن جو مالڪ آهين ۽ ان لڙهندڙ
نسل کي سسيفس جي سگهه ۽ ڪروڌ کي وڌيڪ ٻل بخشيندڙ
آهين.
ڪوبه تنهنجي ڪردار کي پنجن روپين جي ”ڪفن“ ۾ ويڙهي
دفنائي نٿو سگهي ۽ ها جي ڪڏهن ڪنهن ڪيو به ته قبر
مان هٿ ڪڍي ڪفن ڦاڙي پنهنجي وقت اچڻ تي اهي سڀ
ڪنهن ننڊ مان (جنهن ۾ هو جاڳندا آهن) آڪڙ ڀڃي اٿي
پوندا ۽ وري ديو سائي ۾ وڏن ۽ ڪشادن ميدانن ۾ اڻ
مئي هڳاءَ سان نوان نوان گل ڦٽندا ۽ مان تون هي هو
اهي سڀ مرڻ لاءِ نه جيئندا.
تون ڪولاج ٿيل شخص جو پورٽريٽ کان سفر جو آغاز
ڪندڙ ڪهاڻيڪار زندگيءَ کي ”خالي فريم“ سوڌو ڪرسمس
جي وڻ سميت ماڻڪ جي موت کان پوءِ به چوين ٿو.
” سڀني محبتن جي عيوض هڪ منٽ لاءِ وسارڻ جو واعدو
ڪر جيئن آءُ پاڻ کي تلاش ڪري وٺان“.
(مئل ماڻهو ڪجهه به ناهن موٽائيندا)
مان توکي في الحال سنڌ جي تتل ڌرتيءَ تان (جيڪا
اسان جي پيرن هيٺان کسڪندي ٿي وڃي ۽ کسڪائي ٿي
وڃي) صرف ” اڌ چمي“ آڇيان ٿو ان احساس اميد ۽ پڪ
سان ته تون ان اڌ چميءَ کي مڪمل ڪندين ۽ آسمان مان
لڙڪندڙ تنهنجا پير بندو ڪاسائي جي دوڪان تي نه
کپندا ۽ تنهنجون اکيون سڄيءَ سنڌ جي در تي ڪنهن اڻ
کٽندڙ اڃ جي اوسيئڙي ۾ رلنديون رهنديون.
ڇو ته تون محسوس ڪرين ٿو ته يسوع جي ماءُ وانگر
سوچين ٿو.
” ننڍڙي يسوع جي ذهن ۾ جنم وٺندڙ سوال کيس صليب تي
چاڙهي ڇڏين ٿا“.
مبين (نسيم) آءُ
وري به توکي ” اڌ چمي“ آڇيان ٿو.
ڊاڪٽر مولا بخش ڪلهوڙو
30
نومبر 2006ع
لاڙڪاڻو
پيش لفظ
Self،
ڷښۑڶ
ڧإڈ
۽
ښڎیۑڵڐڶ
ڪهاڻي
(Short Story)
پڙهندڙ سان ڳالهه ڪرڻ آهي.
عام ماڻهو ڪنهن ٻي ماڻهو سان ڪابه ڳالهه ڪندو ته
ان وقت هو (عام ماڻهو) واسطي داري، ڳالهه جي
موضوع، ڳالهه جي پس منظر کي اهڙي انداز سان بيان
ڪندو جنهن ۾ سندس شخصيت جو بچاءُ، ڳالهه سان واسطي
وارن ڪردارن جو لحاظ رهي ۽ پوءِ اها ڳالهه درست
انداز ۾ ڪميونيڪيٽ نه ٿي سگهندي.
اديب (ڪهاڻيڪار) اهڙي هستي آهي جيڪو، جيڪا به
ڳالهه ڪندو ته ان جي آڏو ڪابه، ڪنهن جي لاءِ به
رعايت، لحاظ، واسطيداري ۽ ڊپ آڏو نه هوندو ڇو ته
ان جي ڳالهه جو واسطو سندس تخيل، تخليق، موڊ ۽
شعور سان هوندو تنهن ڪري ڪهاڻيڪار جي ڪابه ڳالهه
واردات قلبي پيدا ڪري لاشعور جي تهن تائين رسائي
اختيار ڪندي پڙهندڙ کي ڪنهن تصور ٺاهڻ جو غير
معمولي موقعو فراهم ڪري ٿي.
افسانوي ادب لاءِ سنڌي اديب هڪڙي غير متعلق
راءِ ڏئي جان ڇڏائي ٿا وٺن ته 1967 ۾ ترقي پسند
اثر ۽ 1970 ۾ ون يونٽ واري ڏهاڪن دوران جيڪو
افسانوي ادب تخليق ٿيو تنهن جهڙو افسانوي ادب هن
وقت تائين لکيو ناهي ويو. اصل ۾ ٿوري ارتقائي حد
تائين اها ڳالهه ان وقت جون لازمي حالتون ۽ رڳو
تاريخيت آهي باقي سنڌي وڏن ڪهاڻيڪارن جو وڏو الميو
اهو آهي ته انهن جي گهڻائي دنيا اندر نئين تخليق
ٿيل افسانوي ادب وارين ٽيڪنڪس ۽ مواد ۾ لکڻ جي رسڪ
نه ٿي کڻي ڇو ته متان سندن اڳوڻو معتبر بڻيل ڪهاڻي
ٽيڪنڪ واري مواد جو حوالو ختم نه ٿي وڃي.
اسان کي اهو سمجهڻوئي پوندو ته ادب جي تخليقي صنفن
جي اظهار ۽ تبديلي پٺيان معاشرتي تاريخ ڪارفرما
آهي ڇو ته سوسائٽي ۾ اظهار بدلبو ته احساس به
بدلبو ۽ جيئن احساس ۾ تبديلي ايندي ته تخليقي صنفن
جي مواد، ٽيڪنڪ ۽ موضوعن ۾ پڻ تبديلي يقيني منطق
آهي.
Socialogical Realities
کي ڏسجي ته جنهن خطي ۾ انڊسٽريل ۽ ٽيڪنالاجيڪل
ترقي ناهي رڳو زرعي وهنوار جو حاوي اثر آهي ته اتي
ادب جي ماڊرن پيڙهي جنم وٺڻ ڏکيو عمل آهي ڇو ته ان
خطي ۾ گهڻائي واري آبادي تي شهري مسئلا حاوي نه
رهندا ۽ ائين اتي ٻاهرين ليکڪن جو تخليقي اثر به
گهٽ هوندو پر گنوسامتائي ان ڳالهه کي قبول ڪندي به
اها ڳالهه ڪري ٿو ته افسانوي ادب اڏامندڙ پل کي
پڪڙڻ آهي تنهن ڪري هاڻي افسانوي ادب تي ٽيڪنڪ ۽
Self
حاوي آهي ۽ ٽيڪنڪ هر ڪهاڻيڪار جي نجي بڻجي وئي آهي
ڄڻ هر ڪهاڻي نويس پنهنجي چيڪ بوڪ تي پاڻ صحي ڪري
ٿو.
مٿين حوالن تي لعل پشپ ته ائين چئي ٿو ڇڏي ته سنڌي
اديبن وٽ اهو الميو آهي ته هو پنهنجن فن پارن ۾
جذباتپڻي جو شڪار ٿي ذهن (تخيل) کي گهٽ ڇهن ٿا.
نسيم پارس گاد پنهنجي پهرين ڪهاڻي مجموعي ” ڪولاج
ٿيل شخص جو پورٽريٽ“ ۾ ڇا ڏنو آهي، سڀني مٿين
ڳالهين جي پس منظر ۾ ڏسبو ته نسيم افسانوي ادب ۾
اهڙن موضوعن وارو نثر ڏنو آهي جيڪو سنڌي ادب ۾ شجر
ممنوع آهي.
نسيم گاد جو افسانوي ادب جو سفر اهڙي دعوي تائين
پهتو آهي جتي ڪجهه رائيٽر ائين به چئي ويهن ٿا ته
سنڌ جي ڪهاڻي ڪلا ۾ آهي ئي ڇا؟ نسيم جهڙا ڪهاڻي
نويس ان وقت لکڻ ويهن ٿا جڏهن اهو به چون ٿا ته
يورپ وٽ ته ڪل ڏهه پندرنهن ڪهاڻيون آهن، ڪافڪا جي
هڪ ٻه ڪهاڻي، ڪاميو جون ٻه ٽي ڪهاڻيون، سارتر جون
پنج ست ڪهاڻيون، ٿامس هارڊي جي هڪ ڪهاڻي باقي
موپسان، اوهنري وارا ته ڪمرشل ڪهاڻيڪار آهن. جڏهن
ڪنهن رائيٽر آڏو اهڙو
Vision
هوندو ته اهو پنهنجي ڪهاڻي ڪلا ۾ ڇا ڏيندو. يقينن
ڀرپور ۽ نئين انداز وارو افسانوي ادب.
نسيم جي سڀني ڪهاڻين کي پڙهڻ کان پوءِ ائين ٿو
محسوس ٿئي ته سندس ڪهاڻين جي پلاٽ تي موڊ حاوي آهي
۽ ڪهاڻين جي تخليقن آڏو اها راءِ به مقدم آهي ته ”
دواساز لاءِ ڪابه شيءَ ناپاڪ ناهي ۽ اديب کي به
دواسازوانگر معروضي ٿيڻ گهرجي ڇو ته تخليقڪار لاءِ
زندگي جون خراب خواهشون به ايتري خاصيت رکن ٿيون
جيتريون نيڪ خواهشون، گند جو ڍير به ڪهاڻيڪار لاءِ
ايتري اهميت رکي ٿو جيترو هيرن جو خزانو.“
نسيم جون ڪهاڻيون ان محور تي ڦرن ٿيون ته انساني
تاثرات جي تهن ۾ هڪ عالم لڪيل آهي جيڪو حقيقي آهي
ان عالم تائين سائنس به مشڪل سان پهچي سگهي.
نسيم جي ڪهاڻين کي ڪي دوست وجودي پيرائي ته ڪي
علامتي صورت ۾ وٺن ٿا پر مان سمجهان ٿو ته سريئلزمsurrealism”
نسيم جي ڪهاڻين جو مرڪز آهي. ائين کڻي چئجي ته
ماڊرن صورت هجي، اسرارن وارو جمالياتي پهلو، پر
نسيم جي ڪهاڻين ۾ داخل ٿيڻ وقت هڪ نئون جهان کلي
ٿو جئين هڪ جهان ”ڪافڪين ورلڊ“
kafkan world)
) به آهي. نسيم ڪهاڻين ۾ هڪ الڳ دنيا جوڙي آهي
جتي انساني نفسيات جو اثر حاوي آهي ڇوته سندس
ڪهاڻين جا منظر ڪردار ۽ ايپروج مروج سنڌي ڪهاڻي جي
نرڙ ۾ ٺڪاءُ ڪري ٿي.
سنڌي ادب ۾ سرئيلزمSurealism
واري نقط نظر ۾ لکيل هي پهريون مجموعو ثابت ٿيڻ
جا گمان آهن. سرئيلزم ڇا آهي، هر جديد ادب سرجيندڙ
۽ پڙهندڙ سمجهي ٿو ته انساني لاشعور کي انتهائي
حقيقي سمجهي ڪردارن جو جهان تخليق ڪرڻ سرئيلزم
آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ واقعن جو سلسلو رٿيل ناهي ڇو
ته سرئيلسٽ
surrealist
ڪهاڻين جو تاثر ذاتي طرز وارو هوندو آهي ۽ ائين
نسيم جو ڪيتريون ڪهاڻيون ڪڏهن ڪڏهن پلاٽ کان بغير،
آغاز کان بغير ۽ انجام کان بغير سفر ڪن ٿيون جيڪا
ٽيڪنڪ سرئيلسٽ ڪهاڻين جي ظاهر شين ، مواد ۽ لقائن
کي ( تخليقي انداز ۾ خوابيدگي) واري انداز ۾ غير
منطقي انوکي سچاين سان ظاهر ٿي جيڪا سڃاڻپ يا شڪل
ظاهر ڪنديون آهن ان ۾ ابتڙائپ ، غير مانوسيت ۽ غير
فطري حوالا هوندا آهن پر ان ۾ معنائن ۽ تصور جي
لاجڪ سان ڪيتريون دريون کلي وڃن ٿيون ۽ کليل درين
مان انساني اندر جي حقيقي ڪائنات اڀري لاشعور جي
جهان کي ظاهر ڪن ٿيون.
نسيم......! ، هنن سٽن لکڻ وقت توسان مخاطب ٿيندي
ايترو چوان ٿو ته، تون وڏو......... ليکڪ آهين
جو بي چيني ۽ اچرج وارين ڪيفيتن کي ساهه کڻندڙ
اميجز ڏئي جذبن کي پورٽريٽ ڪيو اٿئي، ايترو به
چوڻو ٿو پوي ته تنهنجي ڪهاڻين ۾ تخيل کي ڪمال جي
فوقيت ملي چڪي آهي..... تون وڏو....... آهين جو
حواسن کي استعمال ڪري لاشعور جي تصويري حقيقت بيان
ڪري ويو آهين . اڙي توکي تخليقيت ڪندي لاشعور تي
ايترو اعتبار ٿي ويو آهي جو تون انساني پڇتاءُ جي
لمحن کي ست رنگو بڻائي ڇڏيو آهي، تون انساني موجود
محسوسات کي حواسن جو غلام بڻائي ڇڏيو آهي.
توکي پڙهڻ کانپوءِ ٿورو جذباتي ٿيندي اهو محسوس ٿو
ڪيان ته تون (منهنجي تصور ۾) فرانس اندر ڄڻ 1920 ۾
ڄائو هجين ۽ چئن سالن ۾ ذهني بالغ بڻجي 1924 ۾
آندري بريٽن سان ساڳي ٽيبل تي ويهي سريئلزم جو
ميني فيسٽو لکڻ ۾ هن جو مددگار بڻيو آهين. مان
محسوس ٿو ڪيان ته تون هن سان بحث ڪيو هو ته
سرئيلزم جي تشريح لاجڪ ته هجي (تڏهن ته تون بي
ترتيبيءَ مان به لاجڪ ٿو جوڙين) وري مان محسوس ٿو
ڪيان ته تون اڳتي هلي گئلام ايپولي ليئر سان اهو
بحث ٿو ڪرين ته سريئلزم جي بنياد کي سپررئيلزمsuper
realism
سمجهڻ گهرجي پرهو توسان ارتقاتي الجهيو پيو آهي ته
ڊاڊا ازمDadaism”
“ کي نه وسار جيڪا سرئيلزم جي پيڙهه آهي، تون ان
سان خوابن تي ڳالهائين ٿو پر هو توکي هيليوسينيشن
Hallucination
سمجهائي ٿو....منهنجو تصور آزاد ٿئي ٿو ۽ تنهنجون
ڪهاڻيون آڏو اچي بيهن ٿيون.
مجموعي جي پهرين ڪهاڻي ”ڪولاج ٿيل شخص جو
پورٽريٽ“ مڪمل سرئيلسٽ ڪهاڻي آهي جنهن ۾ پيار جي
امرتا کي تخليق ڪيو ويو آهي. ڪولاج پينٽنگ
collage Painting
اوريجنل به ٺهندي آهي پر نان لاجيڪل انداز ۾ مختلف
انساني عضوا ۽ ٻيون شيون ڪينواس تي لڳائبيون آهن
يا ٺاهبيون آهن نسيم جي ان ڪهاڻي جو مرڪزي ڪردار
محبوبه آهي جيڪا پنهنجي محبوب کي ڌار نه ڏسندي
ڪولاج پينٽنگ ٺاهي، محبوب کي پاڻ ۾ سمائي ٿي. ان
ڪهاڻي ۾ نسيم سرئيلسٽ ٽيڪنڪ ۾ محبوب جي عضوي عضوي
کان ڪم وٺي نئين معنائن ۽ يشريحات جو جهان ٺاهيو
آهي ان افساني تي اسٽرڪچرل سطح جي فني محنت
جماليات جو مظهر آهي.
ڪهاڻي ”بندو خان ڪاسائي“ ۾ هڪ ڪاسائي جي لاشعوري
حسيت کي ڇهيو ويو آهي جنهن لاءِ اڱاري (بنديءَ جو
ڏينهن) نفسياتي پيچيدگي بڻجي ويو آهي ائين جئين
وقت
(Time)
ڪنهن جي لاءِ به تسلسل ۾ نٿو هلي بلڪ ٽڪرن ۾
ورهائجي وجود جي اهميت آڏو هار کائي ويهي ٿو، ان
ڪهاڻي جو تعريف هندستاني سنڌي اديب لکمي کلاڻي به
ڪئي.
ڪهاڻي ”گهٽي ۾ الوپ ٿي ويل وجود“ ۾ وجود جي نفسيات
جو گهرائي سان ڇيد ڪيل آهي ته جڏهن ڪو وجود ڪنهن
دٻاءُ کانپوءِ ڪنهن غيرانسان سان (ڪتي سان) دل
اوري ٿو ته ان جي لاشعور ۾ ڪيڏو جهان آهي. نسيم جي
ڪهاڻي سڄي ڪائنات لاءِ نه بلڪ ڪنهن ڪنهن فرد جي
حسي ڪائنات کي محسوس ڪرائڻ لاءِ آهي ڇوته ڪو ڪو
انسان ڪائنات تي به ڀاري ٿي ويندو آهي.
ڪهاڻي ”جيون جهوٽو لوءِ جو“ ۾ نسيم........” مان“
کي مرڪزي ڪردار بڻايو آهي جيڪا (مان) داخل مان
ٻاهر اچڻ گهري ٿي ڇو ته داخل کي نئين تعبير گهرجي
۽ نسيم اتي محسوس ٿو ڪرائي ته انسان جي ”مان“ ڪيئن
شڪست خورده بڻجي تهذيبي قدرن آڏو جهڪڻ جي جبر کي
مقدر ڀانئين ٿي.
ائين نسيم جون ڪهاڻيون ” هڪ شخص جيڪو چنڊ بڻجي
نه سگهيو“ ، ”وکريل وجود جو الميو“، ”اي زندگي تون
ڪٿي آهين؟“ اهڙن فڪري اسٽروڪ واريون ڪهاڻيون آهن
جن ۾ ڪهاڻيپڻو انتهائي چونڊيل سمبل سان تشريح ۾
آيو آهي. نسيم جا استعارا، بناوٽون ۽ تشبيهون
پنهنجون آهن جنهن مٿان ڪنهن به رائيٽر جي ڇاپ ناهي
ڇو ته هو وڏو ...... تخليقڪار آهي جنهن سرئيلزم جي
آڏاوت سمبلزSymbols)
) تي ڪئي آهي.
ڪهاڻي ”ڪرسمس جو وڻ“ ايتري پختي ڪهاڻي آهي جو نسيم
تي فخر ٿيڻ لڳو، ان ڪهاڻي ۾ نسيم، اسانجي سماج ۾
اقليتن جي احساس کي عجيب انداز ۾ پورٽريٽ ڪيو آهي.
ڪهاڻي ”ماڻڪ جو موت “ اهڙي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ سنڌ
اندر جديد ادب جي خالق (ماڻڪ) کي امرتا ڏئي ماڻڪ
جي وجودي، تجريدي فلاسافيءَ کي نسيم پاڻ سان گڏ
کڻي حياتي جي خاتمي ڪرڻ جو مسلط جبر بيان ڪري ويو
آهي.
ڪهاڻي ”مئل ماڻهو ڪجهه به ناهن موٽائيندا“ اهڙي
ڪهاڻي آهي جنهن ۾ زنده احساسن کي ساڪن بڻائي انهن
ساڪن لمحن جي درد ۽ محسوسات کي اهڙي
Imagination
۾ آندو آهي جو موجود محسوسات حواسن جو پل پل رڪارڊ
ڪري ورتو آهي.
نسيم ڪٿي ڪجهه
Over
به ويو آهي جو ڪهاڻي ”اوندهه مان اسرندڙ سورج مکي“
۾ اوندهه کي ته جيئاري ڇڏيو اٿائين پر ٻولي جي
حوالي سان (ڪردارن کي) هڪجهڙائي جو شڪار بڻائي
ڇڏيو آهي.
زال به ساڳي سرئيلسٽ زبان
ٿي
ڳالهائي ۽ مرڪزي ڪردار به ساڳي زبان ٿو ڳالهائي،
ائين ڪجهه ڪهاڻين ۾ اهڙو ورجاءُ ملي ٿو پر ورجاءُ
ته آئزڪ سنگIsacc
singer
۾ به آهي جنهن کي 1978 ۾ ادب جو نوبل انعام مليو
هو ۽ هن جي سڀني ڪهاڻين ۾ ناسٽلجيا جو ورجاءُ ملي
ٿو ڇو ته هن پولينڊ ڇڏي آمريڪا ۾ پنهنجي قوم جي
ماڻهن جي زندگي بيان ڪئي آهي. هن وٽ ته ڪهاڻين ۾
رڳو يادون ۽ مشاهدا آهن. جئين نسيم وٽ مخصوص
مشاهدا آهن جيڪي تقريبن ڪهاڻين ۾ ورجايل لڳن ٿا پر
پوءِ به ايترن گهٽ مشاهدن کي ايڏي گهرائي سان بيان
ڪرڻ ڪهاڻي جو فن آهي.
نسيم پنهنجي ڪهاڻي ”خوابن جي رنگيني مان اسرندڙ
ڪائنات“ ۾ خوابن جي جيڪا رنگين دنيا تخليق ڪئي آهي
سا مون اڳ ڪنهن ڪهاڻي ۾ ناهي پڙهي ته خوابن کي
ڪنهن ڪهاڻي ۾ ائين به پيش ڪري سگهجي ٿو ۽ سرئيلزم
انسان جي حواسن تي ايتري اثرانداز به ٿئي ٿي.
ائين نسيم جون ڪهاڻيون بي ترتيبيءَ مان نئين ترتيب
ٺاهيندي لاشعور جي لمحي لمحي جو احساس ۽ بي حد
مانوس ڪائنات قائم ڪندي پنهنجو الڳ ڪينواس ٺاهيو
آهي، نسيم وٽ ڪهاڻين ۾ جيڪي سمبلز (Symbols)
آهن اهي ڪردار بڻجي ويا آهن ۽ اها حيرت آهي ته
سمبلز کي فيبل اسٽوريز
Fable stories
جيان هلائيندو آيو آهي.
اي حضرت نسيم ...... تون ان ڀل ۾ نه رهجانءَ ته
رڳو تون ئي اهڙين ڪهاڻين جو خالق بڻجي سنڌي افساني
۾ اڪيلو رهندين پر سنڌي اديب هر سٺي ادب جي پيروي
ڪرڻ ڄاڻي ۽ سڀاڻي جيڪڏهن تنهنجي اسٽائيل، تنهنجي
فڪري ايپروچ ۽ تنهنجي بين الاقواميت واري روشن
خيال سوچ کي ڪنهن ڇهيو ته ڊاڙ نه هڻجان ته اهو
اسٽائيل ته منهنجو لڳي ٿو. تون ايترو ڌيان رک ته
تنهنجي ڪهاڻين ۾ به ڪيترن پرڏيهي ۽ ڏيهي اديبن جا
اثر آهن پر تنهنجي تخليقي محنت ڪنهن به اثر جي
محتاج ناهي باقي سڄي دنيا جي اديبن جون لکڻيون هڪ
ٻي جو ورثو آهن جيڪو ورثو ڦهلجڻ ئي ادب جو لازمي
مقدر آهي.
قدير شيخ
25 مئي 2006
لاڙڪاڻو
ڪولاج ٿيل شخص جو پورٽريٽ
گل ڇڻي ڪري ٿو، مان ڊوڙندو وڃي گل جي پنکڙين کي هٿ
۾ کڻان ٿو. گل جون پنکڙيون ناهن، هن جا ماڪ ڀنل،
گلابي چپ آهن. پوپٽ اڏامندو اچي چوي ٿو:
” مونکي هنن چپن جي رس چمڻ ڏي.“
پوپٽ منهنجي چپن ۾ جذب ٿي وڃي ٿو، پوپٽ جا رنگ
مون ۾ اوتجي وڃن ٿا. مان پوپٽ جي پرن سان اڏامندو
ٿو وڃان. اڏامندو هن وٽ پهچان ٿو. هوءَ پورٽريٽ
ٺاهي رهي هئي.
” ڪنهنجو پورٽريٽ ٿي ٺاهين؟“
” ان جو، جنهنجي دل ۾ هڪ ٻار سمايل آهي جو ڪنهنجي
زلفن جو اسير بڻجي پيو آهي.“
پورٽريٽ ڏسي دنگ رهجي وڃان ٿو. پورٽريٽ هڪ ننڍڙي
ٻار جو آهي جنهنجو سمورو جسم نوجوان جو آهي، پر
چهرو ننڍڙي ٻار جو آهي، سندس دل ۾ خزان جو منظر
سمايل آهي. مان پنهنجو پورٽريٽ ڏسي وائڙو ٿي وڃان
ٿو. کيس چوان ٿو:
” منهنجو پورٽريٽ !؟“
” ها........“ هوءَ چوي ٿي!
” صنوبر ....! مونکي پاڻ ۾ سماءِ مان تبديل ٿي
رهيو آهيان.“
مان پورٽريٽ ۾ سمائجي وڃان ٿو. مان هن جي
پورٽريٽ ۾ زندهه آهيان. هوءَ مونکي ڇهي ٿي
وٺي. مان اندر
۾ ٽٽي پوان ٿو. پورٽريٽ کي چيري ڦاڙي ڪمري مان
نڪري گهٽيءَ ۾ ڊوڙندو ٿو وڃان. گهٽيءَ ۾
ڏسان ٿو نطشي وڏي واڪي چوي ٿو:
” خدا مري ويو آهي.“ |