حسنين ماءُ جا هٿ ڇڻي ڪرسيءَ هيٺ لڙڪي پون ٿا. هن
جو ڪنڌ جهڪي هڪ طرف لڙڪي پوي ٿو. هن جون اکيون
ڳوڙهن سان ٽمٽار آهن، جي دريءَ ۾ رکيل نيڻن ۾
اٽڪيل آهن. منهنجين اکين ۾ ڳوڙها تري اچن ٿا.
جسم مان ساهه
ڇڏائجي وڃي ٿو. فرش تي حسنين جي ڊائري جو آخري
صفحو ڪريل آهي. جنهن تي آخري جملو لکيل آهي:
” اي زندگي تون ڪٿي آهين؟“
ماڻڪ جو موت
آسمان کان هيٺ، پير گوڏن تان وڍيل لڙڪي رهيا آهن.
هيٺ وشال سمنڊ ۾ هٿ آسمان ڏانهن لڙڪندڙ پيرن ڏانهن
واجهائي رهيا آهن. آسمان ۽ سمنڊ وچ ۾ ٻه اکيون
جرڪي رهيون آهن. منهنجا پير گم ٿيل آهن. پيرن جا
نشان آسمان ۽ سمنڊ تي اڪريل آهن.
ماڻڪ خودڪشي ڪري مري وڃي ٿو. ماڻڪ کي دفنائڻ
کانپوءِ هن لئه چيو وڃي ٿو، جيئن البرٽ ڪاميو جي
موت تي سندس ڪنهن همعصر ليکڪ لکيو هو. ” ڪاميو
ائبسرڊ موت مئو“ ائين ئي ماڻڪ لئه سوچيو ۽ چيو
ويو. ماڻڪ پنهنجي ائبسرڊ ڪهاڻين وانگي ائبسرڊ موت
مئو.
ماڻڪ دفن ٿيو. هن سوچيو:
” مونکي مرڻ کپي.“
پر هو نه مئو. ملائڪن هن کي ٻيهر مرڻ جي مهلت ڏني.
هن قبر ۾ ڪيترائي ڀيرا خودڪشي ڪئي، پر بي سود. هو
نه مئو.
هن قبر ۾کوکلو ٽهڪ ڏنو. ماڻڪ لوح محفوظ ۾ ڏٺو هن
جي موت جي داخلا ٿيل نه هئي. هو اداس ٿي ويو. هن
لوح محفوظ کي بار بار ڏٺو متان هن جي موت جي داخلا
ٿيل هجي، پر کيس پنهنجو نالو ڪٿي به نه مليو.
ماڻڪ لوح محفوظ ڏانهن ڏٺو. هن لئه هي لفظ اڪريل
هئا:
” سسيفس جي موت جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. ڀوڳنا
سسيفس جي تقدير آهي. تون سسيفس آهين. توکي زندهه
رهڻو پوندو. موت خوشخبري آهي ۽ سسيفس ان خوشخبري
کان آجو ۽ مڪت ٿيل آهي.“
ماڻڪ اداس ٿي ويو. هن هڪ دفعو ٻيهر مرڻ جي مهلت
گهري. هن ساهه منجهايو ته هن پاڻ کي رڃ ۾ رلندي
ڏٺو. هن وري ساهه منجهايو پر بي سود. هو نه مئو.
هو نه مئو.
هن رڙ ڪئي ۽ قبر مان ٻاهر نڪري آيو.
مون ماڻڪ جا سمورا ڪتاب ڳڙڪائي هضم ڪري ڇڏيا ۽ مان
حاملا بڻجي پيو هوس. ماڻڪ مون وٽ آيو. منهنجي اکين
۾ ماڻڪ لئه حيرت هئي. هو اڃا نه مئو هو ۽ مسلسل
ڀوڳنا ۾ هو.
” ٻڌ....“ ماڻڪ چيو.
” چئه....“
” منهنجي عمر ڪيتري هوندي مرڻ کانپوءِ؟“
” سسيفس جيتري.“
اکين ۾ جوهه وجهي، سگريٽ جو گهرو ڪش هڻي ٿو.
” مونکي پڙهيو اٿئي؟“
” ها.......“
” ماڻڪ تنهنجا ڪتاب ڳڙڪائي هضم ڪري ورتا اٿم ۽
مونکي تنهنجن لکيل جملن مان پيٽ ٿي پيو آهي. مان
پهريون حاملا مرد آهيان. منهنجي پيٽ اندر تنهنجي
ڪردارن جا واڪا، درد، رڻ ۾ رڙيون
ٿا ڪن. منهنجي
پيٽ ۾ هڪ ٻار جنم وٺڻ وارو آهي. جنهن جو الميو
لڙهندڙ نسل وارو ئي لڳي ٿو.“
ماڻڪ چپ.
ڊگهي خاموشي.
” منهنجي ڪردارن کي مڪتي ڏيار ڀوڳنائن کان، جيئن
مان پنهنجي ڪردارن سميت ازلي موت مري سگهان.“
” نه، ائين نه ٿو ٿي سگهي.“
” نه، منهنجي ڪردار کي، مرڻو پوندو.“
” پر ماڻڪ، اديب جي مرڻ سان ان جا ڪردار مرندا ته
ناهن!“
” نه انهن کي مرڻڻو پوندو. نه ته مونکي سسيفس
وانگي ڀوڳڻو
پوندو. سسيفس جي تقدير ۾ موت ناهي، هو مسلسل ڀوڳي
ٿو. گوڏا نه ٿو ٽيڪي. ڪلهي تي پٿر رکيو اڳتي
رڙهندو رهي ٿو. منهنجا ڪردار ۽ مان سسيفس جو پنر
جنم آهن. هاڻ انهن کي مرڻ کپي.“
سانت.
لمبي چپ.
زبان کي ڳالهائڻ لاءِ لفظ نه ٿا ملن. لفظ مري چڪا
آهن. سانت لفظن کي ڳڙڪائي ناچ ڪري رهي آهي. زندگي
ماڻڪ تي ڳوڙها وهائي رهي آهي.
چپ.
لمبي آسمان تائين ڦهليل.
” پارس، ڪاڻهي لک.“ ماڻڪ چوي ٿو.
” نه... نه لکي سگهندم. ڀوڳڻو پوندو، صليب تي
چڙهڻو پوندو. بار بار مرڻو پوندو.“
” نه لک......“
” چڱو ٻڌاءِ، شروعات ڪٿان ڪيان؟“
” ڪهاڻي جي شروعات گار سان....“
ڪهاڻي جي شروعات گار سان ٿو ڪريان:
” حراميو، مان اڃا زندهه آهيان.....“
ماڻڪ گار پڙهي چوي ٿو.
” گار ڏيڻ به نه ٿي اچئي. گار هيئن ڏبي آهي...“
” سامراج، مان اڃان..... تنهنجي ماءُ کي.....
زندهه آهيان.“
ماڻڪ گار لکرائڻ کانپوءِ چوي ٿو،
” ٻڌ، سامراج کان وڌ ٻي ڪابه گار ناهي ٿيندي.
سامراج جسم ۽ روح تي قابض ٿي ويندو آهي. پوءِ
هوريان هوريان زهر وانگي جسم ۾ ڦهلبو، شخصي آزادي
۽ انفراديت کي ڀسم ڪري، هر چهري تي پنهنجو ماسڪ
چاڙهي. هڪ ازم جي صورت ۾ نمودار ٿي، پنهنجا
اختيار مڙهيندو آهي ۽ پوءِ ماڻهو ماڻهو ناهي
رهندو. پرزو بڻجي جيئدان لئه لڇندو رهندو آهي.“
ڏسان ٿو سامراج جي وات ۾ هر شيءِ هڙپ ٿيندي ٿي
وڃي ۽ ماڻهو کوکلو بڻجي زنده رهڻ سکي وٺي ٿو. ۽
مان سامراج جي پيٽ ۾ هضم ٿيل. مونکي الٽي ٿي اچي.
منهنجو حاملا پيٽ ڦهلبو ٿو وڃي. الٽي ٿو ڪريان.
الٽي ۾ ماڻڪ جي ڪهاڻين ۽ ناولن جا ڪردار ٻاهر
نڪرندا ڪمري ۾ ڦهلبا ٿا وڃن.
الٽي ۾ نڪتل واچ ٽڪ ٽڪ ٿي ڪري، وقت نه ٿي ٻڌائي.
ڊائري، ڪهاڻين جا ڪردار، ناولن جا ڪردار، ميز،
ڪرسيون، سسيفس ڀوڳيندڙ ڪلهي تي کنيل پٿر، چونڊ
کان محروم ڪردار. جلوس جلسا، نعرا، دوکا، انومان،
انديشا، وهم، وسوسا، مئل زندگي، ماءُ ڀيڻ، پيءَ،
ڪامريڊ، ڀاڄائي، ٽهڪ، ٽوڪ، طعنا، لڙهندڙ نسل ۽ پچڪ
جو آواز، ڪاڪوس ۾ هنيل مٺ. هر شيءَ ڪمري ۾ گڏ ٿيل.
ڪردارن جو جلوس، ڪردارن جو ساهه اڃان به مٺ ۾.
”پچڪ“ هنيل مٺ مان ، هڪ ٻار نڪري ڪمري کي غور سان
ڏسڻ لڳي ٿو. هن کي ائين ٿو لڳي ڪمري ۾ ميلو لڳل
آهي جت هو گم ٿي ويو آهي. هو سراپيل ۽ هيسيل آهي.
ڪمري ۾ موجود ڪردار ڳالهائين ٿا. لفظ ڳالهائين ٿا.
پر ٻار چپ آهي.
ماڻڪ چپ.
ماڻڪ چپ.
ٻار غور سان ماڻڪ کي چتائي ڏسي ٿو ۽ هن جي ويجهو
اچي چوي ٿو.
” ڪاڪوس ۾ پچڪ تو ڪئي هئي نه؟“
ماڻڪ هراسيل.
” مان ان پچڪ مان پيدا ٿيل آهيان. منهنجي شناخت
گٽر ۾ ڇو لکيئه؟ منهنجو وجود اڻپورو ڇو لکيئه؟“
ٻار جي منهن تي ڪروڌ آهي. ماڻڪ وٽ جواب ناهي . لفظ
گٽر ۾ ڪريل.
ماڻڪ ڳالهائي ٿو ته زبان ڪري پويس ٿي ۽ زبان تي
لفظ اڪريل اٿس.
” گٽر جو الميو، هڪ پوري قوم جو الميو آهي.“
ٻار ڪمري ۾ موجود ويٺل خوبصورت ڇوڪري کي غور سان
چتائي ڏسي ٿو، جا کيس وڻي ٿي. هو انجي هٿ ۾ هٿ
ڏيئي ڪمري مان ٻاهر نڪري پوي ٿو.
ڪمرو سانت ۾ ٻڏل.
ڊائري کلي ٿي (ماڻڪ جي قبر ۾ لکيل)
اڄ مري ويس.
نه ڪالهه مري ويو هوس.
هنن مونکي وڪڻي ڪٻاڙي جي حوالي ڪيو هو.
مونکي رديءَ ۾ وڪيائون.
مون پنهنجو ڪتاب رديءَ ۾ وڪيل ڏٺو.
هنن رديءَ ۾ وڪڻي ڇڏيو.
ماڻڪ رديءَ ۾ وڪڻيل ليکڪ.
ماڻڪ رديءَ ۾ مري ويو.
رديءَ ۾ وڪڻيل ليکاريءَ جو موت.
مان رديءَ ۾ ڪريو آهيان.
رديءَ ۾، کوڙ ساريون. ٽٽل ڀڳل، اڻلڀ شيون وکريون
پيون آهن. اڄ جي اخبار، ڪلهوڪي، ۽ ان کان اڳ جي،
سالن جون، اڳين صديءَ جون، ماني ٽڪر، ڀڳل گلاس،
ٽٽل آئينو، ٽٽل جسم، وئشيا جو سڪل انگ، لوهه جا
ٽڪر ۽ هڪ اڻپوري چمي، رديءَ ۾ وڪرو ٿيل ڪتاب، هر
ليکڪ ننڍو وڏو رديءَ ۾، ڪوبه ليکڪ ننڍو وڏو ناهي
هوندو. رديءَ جون اخبارون گوليون هلائن ٿيون،
گولين سان لاش ڪرن ٿا. خواب ڪرن ٿا. ڪٻاڙ خاني ۾
رکيل اڌ مئل ريڊيوجا سيٽ هلڻ لڳن ٿا.
ريڊيو اسٽيشن جو آواز:
” هي ريڊيو اسٽيشن آهي. اوهانجي فرمائشي
پروگرام سان اوهانجي خدمت ۾ حاضر آهيون.“
” منهنجي ڪابه فرمائش ناهي.“
” بيهو، هڪ فرمائش آهي.“
” مونکي بولان ميل جو وقت ٻڌايو؟“
” بولان ميل هڪ ڪلاڪ ليٽ آهي.“
” پر هڪ ڪلاڪ مان ڇا ڪندس. مونکي بولان ميل ۾ موت
سان ملاقاتي ٿيڻو آهي. مان ڪلاڪ ۾ ڇاڪندس؟“
” موسم جون خبرون ٻڌايو.“
” موسم صاف آهي. بادل ٻه ڏينهن نظر نه ايندا برسات
جو امڪان ناهي.“
” پر مونکي بارش کپي.“
” موسم بارش جي ناهي.“
” پر مونکي کپي.“
” هي ريڊيو اسٽيشن آهي. ڪا ٻي فرمائش ڪريو.“
” ٻي ڪهڙي فرمائش؟“
” ڳانن ٻڌڻ جي.“
” ٺيڪ، مونکي پوپٽ جي آواز ۾ ڳانو ٻڌايو. مون پوپٽ
جو آواز ناهي ٻڌو.“
” ڪنهن گلوڪار جو آواز هجي؟“
” پوپٽ به ته گلوڪار آهي. جڏهن گلن تي ويهندو آهي
ته گيت ڳائيندو آهي.
پوپٽ جو
آواز ٻڌايو.“
” نه، ٻي ڪا فرمائش؟“
” بند ڪيو ريڊيو سيٽ.“
ريڊيو سيٽ بند ٿي مري وڃن ٿا.
اڻپوري لکيل ڊائري، مئل ساهه کڻي، پنو اٿلائي ٿي.
نئين صفحي تي لکيل آهي.
سيلف پورٽريٽ:
صليب.
سگريٽ.
تيليون.
خاموشي.
مان.
۽
ڀوڳنائون.
۽
هڪ اڻپوري ڏنل چميءَ جو غم.
” ٻڌ، خاموش ڇو هوندو آهين؟“
” حيراني آهي، ان سوال تي به چپ آهين؟“
” مان فقط ڪهاڻيڪار آهيان.“
” ان جو چپ سان ڪهڙو واسطو؟“
” آهي!!“
” پر ڪهڙو؟“
” اهو ته منهنجي ڪهاڻي جا ڪردار ڳالهائيندا آهن ۽
مان چپ رهندو آهيان، جي ڳالهائڻ شروع ڪيم ته
منهنجا ڪردار گونگا ٿي ويندا.“
” معني ته تنهنجا ڪردار تنهنجي جيون جو پرتو آهن.“
” ها به ۽ نه به...“
” ڇا مقصد؟“
” جو چئي ناهيان سگهندو، اهو ڪردارن کان چورائيندو
آهيان ۽ اهي منهنجو پرتو هوندا آهن. ڪن حالتن ۾
ڪردارن کي پنهنجي زندگي هوندي آهي. ان ۾ منهنجي
زندگي جو پرتو ناهي هوندو. جيون فقط مونولاگ ۾
هلي نه ٿو سگهي.“
مان مري ويس ۽ پاڻکي دفنائي آيس.
ڪيترائي ڀيرا پاڻ کي دفنايو اٿم.
ڪيترا جنم ورتا هوندم؟
لکئين ڀيرا اڃان به مٿي!!
پر مان مرڻ ٿو چاهيان.
پر مادي کي فنا آهي ڪٿي؟
اف، زندگي ڪيڏي نه طويل آهي.
مان دفن ٿيڻ کانپوءِ رابيل جي صورت ۾ ڦٽي نڪتو
آهيان. رابيل جا هار ڇوڪري جي هٿ ڪراين ۾ويڙهيل
آهن. مان هن جي اندر ۾ خوشبوءَ جيان ڦهلجي چڪو
آهيان. هوءَ مونکي رابيل جي خوشبوءِ مان ٻاهر ڪڍي
چوي ٿي.
” ماڻڪ، ڪجهه گهرانءِ؟“
” ها. ڇا گهرجئي؟“
” ٻڌاءِ، ڏيندين؟“
” منهنجو سڀ ڪجهه تنهنجو ئي ته آهي.“
” نه... ڪي شيون اهڙيون هونديون آهن جي فقط ذاتي ۽
شخصي هونديون آهن. انڪري چيم جي ڪجهه گهرانءِ ته
پوءِ....“
” ته پوءِ ڇا؟“
” متان انڪار نه ڪرين.“
” نه تون گهري ته ڏس.“
” مونکي پنهنجي خاموشي ارپي ڇڏ.“
” ڇو خاموش ٿي وئين، چيم نه توکي ته ڪجهه
شيون.......“
” ڏس، دل ۾ ڪيئي نه، مان به چري آهيان نه، تو کان
ڇا گهريو اٿم، تون خاموش هوندو آهين ڏاڍو وڻندو
آهين. تنهنجي خاموشي کي هٿن ۾ دکايل سگريٽ وانگي
محسوس ڪرڻ ٿي گهران، تون خاموش هوندي دکايل سگريٽ
جيان لڳندو آهيان. انڪري چيم ته مونکي پنهنجي
خاموشي ارپي ڇڏ، مان گهگهه انڌيري ۾ تو پاران
ارپيل خاموشي ۾ دکايل سگريٽ جيان ٻرڻ ٿي چاهيان.“
” چپ ڇو آهين؟“ اکين ۾ گهور.
” ائين ڇو ٿو گهورين، اڳ نه ڏٺو اٿئي ڇا؟“
” چئه نه.....“
لمبي چپ.
” مون پنهنجي خاموشي توکي ارپي پاڻ کي وڃائي ڇڏيو
آهي.“
” ماڻڪ مون ته توکي تنهنجي خاموشي ۾ ڳولهي ورتو
آهي ۽ توکي تنهنجي چپ حوالي ڪري توکي وڃائڻ نه ٿي
گهران!!“
” مان پنهنجي سانچي ۾ واپس ورڻ ٿو چاهيان.“
” ٺيڪ آ، تون پنهنجا چپ منهنجي چپن تي رکي. ٿوري
خاموش چورائي سگهين ٿو.“
چپن تان چورايل رتيءَ جيتري خاموشي.
اڻپوري لکيل ڊائري ٿڌو ساهه ڀري مري وڃي ٿي. ڊائري
جو آخري پنو، کلي پوي ٿو جو ماڻڪ قبر ۾ لکي اڌورو
ڇڏي ڏنو هو.
ڊائريءَ جو آخري پنو:
جن حالتن ۾ مون موت قبوليو، اها مون لاءِ بهتر
چونڊ هئي، ڇاڪاڻ جو مون ڏٺو هو، مون وٽ ان
کانسواءِ ٻيو ڪوبه چارو ۽ گس نه هو. جڏهن هر طرف
کان اختيار جبري طور مڙهيل هجي ۽ ماڻهو ان اختيار
هيٺ پوريل ۽ پيڙهيل هجي. ان حالت ۾ مون پاڻ لاءِ
چيو ته بهتر اهو آهي. پاڻ لئه هڪ بهتر چونڊ جو
آغاز ڪريان ۽ مرڻ کان اڳ، مون پاڻ لئه بهتر کان
بهتر چونڊون وکيري رکيون. مثال ڪڏهن ائين سوچيم
ته لکڻ ڇڏي ڏجي، ادب بڪواس کانسواءِ ڪجهه به ناهي،
وڃي ڪو ٻيو ملڪ وسائجي، يا هڪ سادي اٻوجهائپ واري
زندگي گذارجي جنهن ۾ ڪابه لوچ، سوچ نه هجي ۽ جيئن
ٿئي پيو انکي قبولي وٺجي يا دلال ٿي عيش ڪجي. پر
ڏٺم انهن سڀني شين سان منهنجو واسطو ئي نه هو.
مون اهو سوچيو جو ٿئي پيو اهو غلط آهي ۽ مڙهيل
آهي ۽ ان ۾ مون کان يا ٻين کان پوري چونڊ جو حق
کسيل آهي ۽ ماڻهو پاڻ کي وڪڻي مري چڪو آهي. انهيءَ
سمورين ويڌن ۾، مون پاڻ کي پوري نموني سمجهائڻ جي
ڪوشش ورتي. ٻيلي ماڻڪ، جيئن سوچين ٿو سڀ غلط آهي.
صحيح اهو آهي. جو ٿئي پيو. پر نه، منهنجي آدرشن ان
ڳالهه کي نه قبوليو ۽ پاڻ کي ريجهائي ڪونه سگهيس ۽
پاڻ کي موت جي حوالي ڪيم. پر ڏٺم مرڻ کانپوءِ به
سک نه هو. قبر اندر منهنجي ڪتبي تي صحيح لکيل هو:
ماڻڪ منير جي قبر.
سن پيدائش سسيفس جيتري.
ماڻڪ سسيفس اڃان زندهه آهي.
هتان آرام ۽ احترام سان گذرو:
سسيفس موت جي اوسيئڙي ۾ آهي.
ڊائري بند ٿي مري وڃي ٿي.
رديءَ ۾ رکيل اڌ مئل فون وڄڻ لڳي ٿي.
” ٽرن......ٽرن.“
” هيلو......“
” هيلو......“
” ڪير؟“
” مان ماڻڪ...“
” حرامي اڃان جيئرو آهي.“
فون بند.
ماڻڪ وياڪل ۽ اداس ڪمري ۾ موجود پنهنجن ڪردارن
منجهه پنهنجو اولڙو پسي ڳنڀير ٿي وڃي ٿو.
اونهي سوچ کانپوءِ چوي ٿو:
” هر شيءِ کي ٻيهر جنم ڏيڻو پوندو.“
” پر ممڪن ناهي.“
” ممڪن آهي.“
” پر حالتون هميشه ساڳيون ئي رهيون آهن.“
” ٻڌ، مان چاهيان ٿو، تون ٻيهر ڪن چئو پوءِ نئين
ڪائنات کي جنم ڏينداسين، جنهن ۾ موت سسيفس لئه
خوشخبري هوندو. ڪن چئه نئين جيئندان لاءِ جنهن ۾
ڪوبه ازم، فلاسافي، اختيار مڙهيل نه هجي نه ڪوئي
ازم هجي، جنهن ۾ فرد جي انفراديت ۽ آزادي سڀاويڪ
هجي، چونڊ هن جي وس ۾ هجي، چونڊ ڀوڳنائن کان مڪت،
ڪردار ڀوڳنائن کان مڪت. نه سوال نه جواب.“
ماڻڪ چپ .
طويل خاموشي پکڙجي وڃي ٿي.
ماڻڪ چپ. هو لوچي ٿو. مان مڪمل ناهيان ڪابه شيءَ
مڪمل ناهي. ڪليت دوکو آهي. هڪ اڻپوري شيءَ ئي هڪ
آدرش ۽ خوشي آهي. مان اڌ قبر ۾ ۽ اڌ ٻاهر زنده
آهيان. مان ڦهليل آهيان منهنجا پيرا گم ٿيل آهن.
منهنجا پير گم ٿيل آهن. اکين ۾ هزار منظر آهن.
منظرن ۾ سمايل دک، دک جو اڻکٽ قافلو... مان دک جي
قافلي ۾ شامل آهيان. اڳيان رڃ آهي. مان دک جي
پٺيءَ تان ڪريو آهيان اونهي قبر ۾، منهنجي ٻانهن
ڇوڪري وٽ آهي جيڪا پنهنجي سٿرن جي وچ ۾ اندر ڏيئي
ٿڌا ساهه ٿي ڀري. حويليءَ ۾ منهنجو مردانو انگ
ڪريو آهي جو ننڍي سانئڻ وٽ آهي. حويلي ۾ ننڍيون
وڏيون
بيبيون منهنجي انگ تي پاڻ ۾ وڙهن ٿيون.
پر مان ڪٿي؟ منهنجا پيرا ڪٿي آهن. مان ڪٽيل ڪنڌ
سان گلدان ۾ ڪريو آهيان. اهو گلدان ڇوڪرو کڻي
پنهنجي محبوبا کي ڏي ٿو.
ڏسان ٿو ماڻڪ ٽٽي وکري ويو آهي. ماڻڪ گلدان ۾ گل
وانگي مشڪي خوشبو ڦهلائي رهيو آهي.
مان ڪن ٿو ڪيان.
ڪن......
ڪن......
ڪن......
ڏسان ٿو. هر شيءَ موت ڏانهن رڙهندي ٿي وڃي. زندگي
موت ڏانهن رڙهي رهي آهي. ماڻڪ خوش آهي. ڪردار،
تارا، آسمان، ڪتيون، هر شيءِ ٽٽي ٿي ۽ پنر جنم
شروع ٿيڻ لڳي ٿو.
موت جي وات مان زندگي اسري ٿي. زندگي کي نئون
جيئندان ملي ٿو. ڏسان ٿو ڪن ڪرڻ سان ماڻڪ ستين
آسمان ڏانهن پرواز ڪرڻ لڳي ٿو. هو آسمان تي وشال
ڪرسي تي ويٺل آهي. ان سمي جو ڪوبه نانءُ ناهي، نه
ڏينهن آ، نه رات ۽ نه صبح. ماڻڪ ستين آسمان تي. هن
جا پير آسمان کان هيٺ لڙڪيل، سمنڊ ۾ ڪريل ۽ ٻه
اڀا هٿ آسمان طرف.
آسمان ۽ سمنڊ جي وچ ۾ ٻه اکيون چمڪي رهيون آهن
اکين ۾ سسيفس جي چمڪ آهي.
مئل ماڻهو ڪجهه به ناهن موٽائيندا
” مون کي وساري ڇڏ.“
” پر....ڇو؟“
” بس ...ائين ئي!!“
” نه ....وري به ٻڌاءِ نه .... توکي ڇو وساري
ڇڏيان؟“
” چيم نه، بس ائين ئي.“
” پوءِ به، اها ته ڪا ڳالهه نه ٿي، جو مان توکي
وساري ڇڏيان.“
” مونکي وساري ڇڏ، مان ڪنهن به طرح نٿي چاهيان ته
مان ڪنهن جي خوابن جو بسيرو بڻبي رهان.“
” پر مان توکي ڪيئن ٿو وساري سگهان. ڪنهن خواب
جيان منهنجي ساهن ۾ سمائجي وئي آهين ۽ مان توکي
هوا جيان ساهن ۾ اوتڻ لڳو آهيان ۽ هاڻ اهو ڪيئن
ممڪن آهي. مان توکي وساري ڇڏيان.“
” نه... بس تون مونکي وساري ڇڏ هميشه لئه.“
” ٻڌ، مون کي وساريئه يا نه؟“
” نه، مان توکي وساري نه ٿو سگهان.“
” پر ٿيو ڇا آهي؟ جو تون چاهين ٿي ته مان توکي
وساري ڇڏيان.“
” ٿيو ته ڪجهه به ناهي.... پر......!“
” پر ..ڇا.........؟“
” اهو ته مان ڪنهن جي سوچن جو محور بڻجي جيئڻ نه
ٿي چاهيان. مان پنهنجي زندگي گذارڻ ٿي چاهيان. مون
کي ائين ٿو محسوس ٿئي مان چاهتن جي ٻنڌڻن ۾ ڦاسي
پنهنجي شناخت وڃائي ويٺي آهيان ۽ مان انتظار جي
لذتن ۾ پيڙجي رهي آهيان.“
” ها مان شام، رات، موسمن ۽ خوبصورت لمحن جي
انتظار جي اذيتن کان مڪت ٿيڻ ٿي گهران. مون کي
ائين ٿو لڳي، مان انڪري زندهه آهيان جيئن تنهنجي
اچڻ ڳالهائڻ، ڇهڻ جي انتظار ۾ زندگي گذاري رهي
هجان. ڏس نه محبت ماڻهو کي وقت، موسمن، ڏينهن،
راتين جي ڪيفيتن کي ڇهڻ، محسوس ڪرڻ جي سگهه ارپي
ٿي. مان ان سگهه مان جند ڇڏائڻ ٿي چاهيان ڏس
نه..... صبح جو انتظار، پوءِ شام جو، تنهنجي اچڻ
جو انتظار، تنهنجي ڳالهين جو انتظار، تنهنجي ڇهڻ
جو انتظار ۽ رات وچ ۾ جنم وٺندڙ وحشتن جو انتظار.
مون کي ائين ٿو ڀاسي منهنجو هر لمحو انتظار ۾ گذري
رهيو آهي ۽ مان زندهه رهڻ لئه اداڪاري ڪري رهي
آهيان.“
” مان نه ٿي چاهيان ته منهنجو موڊ ڪنهن جي طابع
هجي. مان هڪ ئي وقت، رنج، خوش ۽ غمگين ٿيڻ ٿي
چاهيان.“
” ياد اٿئي؟“
” هون ......“
” ڪالهه تو چيو هو. اڄ اداسي تنهنجي چپن تي ناچ
ڪري رهي آهي.“
” مون ائين محسوس ڪيو، تون مونکان اداس ٿيڻ جو به
حق کسي رهيو آهين. اسين محبت ۾ فقط ڍونگ ڪري رهيا
آهيون جتي اسين هڪ ٻئي کان موٽ ۾فقط مرڪون چاهيون
ٿا کوکليون مرڪون. درحقيقت اسين هڪ ٻئي کي مرڪن ۽
ٽهڪن جا تحفا گهري ڪري، پنهنجي آزادي کي دفن ڪري
رهيا آهيون. مان پنهنجي آزادي کي دفن ڪرڻ نه پئي
چاهيان.“
” مان نه ٿي چاهيان ته هر وقت ڪنهن لئه خوبصورت
بڻبي رهان، منهن تي مرڪ هجي، اکين منجهه محبت جا
تجلا هجن ۽ مان هر وقت خوشبوئن ۾ وهنتل هجان. مان
ٿوهر بڻجي به جيئڻ چاهيان ٿي. مون محسوس ڪيو آهي
اسين محبت ۾ هڪ ٻئي کان پنهنجي داخليت ڦرڻ جي چڪر
۾ آهيون. مان پنهنجي آزادي ۽ داخليت کي ڇهڻ ٿي
چاهيان. مان پاڻ کي پنهنجي حوالي سان محسوس ڪرڻ
گهران ٿي. انڪري چاهيم پئي ته تون مون کي وساري
ڇڏ. مان موسمن، لمحن، چاهتن کان بي نياز ٿي ڪري
جيئڻ ۽ مرڻ ٿي چاهيان.“
” پر مان ائين ڪري نه سگهندس. توکي وساريندي مري
ويندم.“
” ٻڌ.....“
” چئه.....“
” هيئن ٿا ڪيون. تون مون کي فقط هڪ منٽ لئه وسارڻ
جو وعدو ڪر. ان هڪ منٽ ۾ مان پاڻ کي سڃاڻي وٺنديس
۽ پنهنجي آزادي کي ڇهي سگهنديس.“
” پر، مان ان هڪ منٽ ۾ مري ويندس ۽ دفن ٿي ويندس.“
” نه توکي ائين ڪرڻو پوندو. سڀني محبتن جي عيوض،
هڪ منٽ لئه وسارڻ جو وعدو ڪر جيئن آئون پاڻ کي
تلاش ڪري وٺان.“
” ٺيڪ آ. پر ان جو نتيجو ڀيانڪ هوندو.“
” مون کي قبول آ.“
” ٻڌ......“
” چئه.....“
” مان مري ويس.“ هو کيس ڦوٽاريل اکين سان چوي ٿو.
” ڪوڙ.....“
” سچ ٿو چوان. مري ويمءِ.“
” نه.... تون ساهه کڻي رهيو آهين.“
” تون نه ٿي سمجهي سگهين، هر ساهه کڻندڙ ماڻهو
زندهه ناهي هوندو. هو ڪٿي نه ڪٿي مئل ضرور هوندو
آهي.“
” بڪواس نه ڪر، تون مئو ناهين.“
” نه سچي مان مري ويو آهيان. تو چيو نه هڪ منٽ لئه
وساري ڇڏ. ان هڪ لمحي ۾ توکي وساريندي مري ويم ۽
مئل ماڻهو سان ڪوبه محبت ناهي ڪري سگهندو. تون هاڻ
آزاد آهين. منهنجي موت توکي پنهنجي سڃاڻپ ڏني آهي.
هاڻي تنهنجي سڃاڻپ منهنجي موت کانسواءِ اڻپوري
آهي. اڳ مان، تون لاءِ خواب ڏسندو هوس ۽ هاڻ تون،
مون لئه خواب ڏسندينءَ ۽ مون کي پاڻ ۾ جذب ٿيندي
محسوس ڪندينءَ...“
” نه...تون بڪين ٿو.“
” سچي مان مري ويو آهيان. هاڻ تنهنجي ذات جو اٽوٽ
حصو بڻجي پيو آهيان. مان موت بڻجي تنهنجي روح ۾
سمائجي ويو آهيان. تنهنجي سڃاڻپ مون کانسواءِ
اڻپوري آهي. مون کي ڀاڪي پائي پاڻ کي سڃاڻي وٺ.“
” نه.... موت سڃاڻپ ناهي. مان پنهنجي سڃاڻپ تو بنا
ڳولهي لهنديس. تون مئو ناهين.“
” نه.... سچي مان مري ويو آهيان.“
” واقعي؟....“
” ها واقعي. مون کي ڇهي ڏس. توکي وساريندي مان دفن
ٿي ويو آهيان. تو سان گهاريل لمحن ۾، تنهنجون ڏنل
چميون ڪفن بڻجي منهنجي جسم سان ويڙهيل آهن.“
” پر تون مئين ڇو؟“
” تو چيو نه مون کي وساري ڇڏ. ان هڪ منٽ ۾ توکي
وساريندي توکي پنهنجي سڃاڻپ حوالي ڪندي مري ويم.“
” ها چيو ته هيم، پر منهنجو اڌ تو وٽ رهجي ويو
آهي. هاڻ پاڻ کي ڪيئن سڃاڻي سگهندم. مون کي پنهنجو
اڌ موٽائي ڏي.“
” پر مئل ماڻهو ڪجهه به ناهن موٽائيندا.“
خوابن جي رنگينيءَ مان اسرندڙ ڪائنات
ماکيءَ جي مکين جي ڀونءِ ڀونءِ جي آواز تي سجاڳ
ٿيندو آهيان ۽ اڏامندڙ ماکي جي مکين جي ڀون ڀون
مان ماکيءَ جي مٺاس چکي وٺندو آهيان.
هن جي نيڻن ۾ نهاريندي چوانس ٿو:
” مون کي پنهنجون پنبڻيون ڏي، ان منجهان پر ٺاهڻ
ٿو چاهيان.“
” مون ته پنبڻيون وڪڻي ڇڏيون ۽ اهي خواب به وڪڻي
ڇڏيا جي ٽڪ جي رليءَ جيان مون پنبڻين تي سجائي
رکيا هئا.“
” تو ڪيڏي نه ويساهه گهاتي ڪئي آهي. خواب جي مون
توکي ارپيا ها سي وڪڻي ڇڏيئه. چري ڇوڪري! خواب
ناهن وڪڻبا... خواب پکيڙبا آهن. خواب وڪڻڻ کانپوءِ
ماڻهو بي جان شيءِ بڻجي پوندو آهي. توکي خبر ناهي
ته مان خوابن جي پيدائش آهيان، مون کي ڇهڻ سان
توکي احساس ٿيندو ته مان ڪنهن خواب جيان آهيان،
جنهن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو پر ڇهي نه ٿو سگهجي.
تون نه ٿي سمجهي سگهين ته مان ڪنهن خواب جيان
تنهنجي وجود ۾ رهڻ لڳو آهيان. ٻڌاءِ خواب وڪڻڻ
کانپوءِ سونهن جو تصور توکي ڪيئن ٿو لڳي؟“
هو چپ ڪجهه ڪڇي ئي ڪين ٿي.
” ٻڌ، اسين خواب انڪري ڏسندا آهيون، جيئن سونهن
پنهنجي جوهر ۾ نکري ۽ اڀري اچي. خواب اسان جي
وحشتن جو عملي روپ هوندا آهن. خواب وڪڻي تون
پنهنجون جبلتون وڪڻي ڇڏيون آهن. جبلتون وڪڻندڙ
انسان ائين آهي، جيئن ڪنهن آرٽسٽ جو خالي ڪينواس.
تون گهٻراءِ نه.... مان ان خالي ڪينواس تي ڪي خواب
پينٽ ڪري توکي پنهنجون جبلتون واپس وٺي ڏيندس.“
هوءَ منهنجي ڳالهين کان بي نياز ٿي، ڪمري ۾ پسار
ڪندي چوي ٿي:
” تنهنجي ڪمري ۾ ڪيڏي نه بي ترتيبي آهي. ڪابه شيءِ
ترتيب ۾ ناهي.“هوءَ وکريل شين کي ترتيب ڏيندي رهي
ٿي.
کيس گهوريندي چوان ٿو.
” مون کي ترتيب ناهي وڻندي، بي ترتيبي تخليقي حسن
پيدا ڪندي آهي. هي ڪائنات بگ بئنگ
Big Bang
جي بي ترتيبي جو مظهر آهي ۽ مان هر بي ترتيبي جو
خالق آهيان، جڏهن توکي چوٽي ٿيل ڏسندو آهيان، توتي
جک ايندا اٿم. تون وارن کي چوٽيءَ ۾ قيد ڪري کائن
بي ترتيبي کسي سونهن جي تصور کي ختم ڪري ڇڏيندي
آهين. تنهنجا وکريل وار ڪيڏو نه ڀرپور رومانس جو
احساس ڏياريندڙ هوندا آهن؟ چري! جيڪو مزو بي
ترتيبيءَ ۾ آهي. اهو ڪٿي به ناهي. مان وکريل
وارن جي بي ترتيبيءَ جيان وکري وڃڻ چاهيان ٿو.“
” خبر اٿئي خوابن جو رنگ ڪهڙو ٿيندو آهي؟
خوابن جي رنگيني خوابن جي بي ترتيبيءَ ۾ ئي هوندي
آهي. بي ترتيبيءَ کان وڌ ڪابه رنگيني ناهي ٿيندي.
خوابن ۾ سانوري رنگ جهڙي ڪشش ٿيندي آهي جيڪا
تنهنجي سانوري جسم ۾ آهي. خواب ڏسندو آهيان ائين
ڀاسندو اٿم ڄڻ تنهجي سانوري بدن کي ڇهي رهيو
هجان.“
هوءَ خفي ٿي چوي ٿي:
” مان وڃان ٿي، مون کي خوابن جي رنگينيءَ مان خط
لکجانءِ.“
هوءَ هلي وڃي ٿي. هن جي پيرن ۾ پاتل پازيبن جي
آواز تي ماکيءَ جي مک ڀون ڀون ڪندي منهنجي ڀرونءَ
تي ويهي ٿي رهي.
” ماکيءَ جي مک، منهنجي ڀرونءَ تي نه ويهه. ڏس
منهنجون ڀرون گهاٽو جهنگ اٿئي، انهن ۾ گم نه ٿي
وڃين... پوءِ توکي ڪٿان ڳولهي لهندس، چيم نه گم ٿي
وينديئنءَ، چڱو ڀلا ٻڌاءِ توکي ڇا کپي؟“
” چپ ڇو آهين؟“
” مانارو ٺاهڻو اٿم.“
” بس ڳالهه به ايتري منهنجي ڀرون مان ڪي وار پٽي،
ان مان مانارو ٺاهي وٺ.“
ماکي جي مک ڀون ڀون ڪندي وتي ٿي.
ڀون .... ڀون....
” واهه! تو ته مانارو ٺاهي ورتو. مان به توسان
گڏجي ان ماناري ۾ رهندس.“
” مون هن ماناري ۾ خوابن جي ماکي جو مٺاس اوتي
ڇڏيو آهي. هي مانارو خوابن جو اٿئي.“ ماکيءَ جي
مک چوي ٿي.
” ها، مان خوابن جي ماکي کائي، دلربا کي چمندس ته
هوءَ خوابن جي رنگينين ۾ اڏامڻ لڳندي.“
ڏسان ٿو ته ماڪڙ مانارو کائي رهي آهي.
” او ماڪڙ، خوابن جو مانارو نه کاءُ.“
” نه، مان خوابن جو مانارو کائي وينديس، ۽ هن کي
کائڻ کانپوءِ دنيا جا سمورا خواب کائي وينديس.“
” نه... توکي ائين ڪرڻ نه ڏيندس.“
ماڪڙ کي ورندي ٿو ڏيان. هٿن کي مهٽيان ٿو ته هٿن
جي مر لهي ٿي اچي. هٿن جي مر منجهه ساهه ٿو
ڦوڪيان، هزارين تڏيون پيدا ٿي شور مچائڻ لڳن ٿيون.
تڏين جي شور مچائڻ سان ماڪڙ بدحواس ٿي وڃي ٿي ۽
مان ماڪڙ جي پيٽ مان خواب کڻي اکين ۾ اوتي ٿو
ڇڏيان ۽ سوچن ۾ گم ٿي ٿو وڃان. ڀرون مان ٺهيل
خوابن جي ماناري ۾ ويٺل ماکي جي مک چوي ٿي.“
” ڇا ٿو سوچين؟“
” مون کي پر ڏي. مان آسمان کي ڇهڻ ٿو چاهيان.“
آسمان ڏانهن اڏران ٿو، ماکي جي مک جي ڏنل پرن ساڻ.
ايتري ۾ ڪاٺ ڪٽو مون کي ٽڪڻ لڳي ٿو.
” ڪاٺ ڪٽا، مان وڻ ناهيان. ٻيلي مون کي نه وڍ.
تنهنجي ٽڪڻ
سان مان ٻه اڌ ٿي وکري ويندس، ڏٺئي مان اڌ اڌ ٿي
وکري ويو آهيان.“
مان ٽٽي ۽ وکري ويو آهيان. منهنجي دل ڪٿي آهي؟
” بلبل دل نه کاءُ، هيءَ منهنجي دل آ، گلقند ته
ناهي جو تون کائڻ لڳي آهين. بلبل... مون کي دل
موٽائي ڏي.“
پر بلبل دل کڻي اڏامي وڃي ٿي. مان چاگيءَ جي
ريگستان ۾ ڪريو آهيان. بلبل منهنجي دل کائي رهي
آهي. اوچتو ڌماڪي سان چاگيءَ جو ريگستان اونهي غار
۾
غرق ٿي هيٺ لهندو وڃي ٿو. مورن جا رنگ ڌماڪي سان
ڇڻڻ ۽ رجڻ لڳن ٿا.
” مور تنهنجا رنگ ڇڻي رهيا آهن. اف... ڪيڏي نه تپش
آهي. ڌماڪي کانپوءِ مور، مان تنهنجي وکريل رنگن کي
پنبڻين سان ميڙيان ٿو. ان رنگن سان خوابن کي
رنگيني ارپيندس.“
مان ٽٽي وکري ويو آهيان. ڪاٺ ڪٽي مون کي اڌ اڌ
ڪري ڇڏيو آهي. بلبل منهنجي دل کائي رهي آهي. واڍو
منهنجي ڄنگهه مان ٻيڙي ٺاهي رهيو آهي. واڍا، مون
کي ڄنگهه واپس ڪر. ٻڌين نه ٿو. چڱو هيئن ڪر، مون
کي ٻيڙي ۾ چاڙهي سنڌو درياهه ڏانهن کنيون هل، پوءِ
درياهه ۾ ٽٻي هڻي پلي جي پيٽ ۾ هليو ويندس. مون
پلو به ته ناهي کاڌو، کائي ڍءُ ڪندس.
اف! منهنجو مرداڻوانگ گلدان ۾ڪنهن رکيو آهي؟
ڀنڀوري منهنجي مرداڻي انگ تي ويٺي آهي.
” ڀنڀوري منهنجي مرداڻي انگ تي ڇو ويٺي آهين؟ مون
کي شرم ٿو اچي. اٿ شاباش... اٿ اتان، وڃي گلن تي
ويهه.“
” نه...نه، مان ويهندس، توکي خبر ناهي، مان ڀورل
پير جي وڏي ڌيءَ آهيان. منهنجي قرآن سان شادي ٿي
آهي. مان تنهنجي انگ مان لپسٽڪ ٺاهيندس ۽ ان کي
ڪڇي (انڊرويئر) طور استعمال ڪندس. پوءِ ڪنهن کي
خبر به نه پوندي.“
ڀنڀوري منهنجو انگ کڻي اڏري وئي. مان ٽڪرن ۾ وکري
منتشر ٿي ويو آهيان، اکيون ٿي گهمي رهيون آهيان.
مون کي خوف ٿو ٿئي ڪٿي اکين ۾ پوئيل ۽ اوتيل
خواب وکري ميرا نه ٿي وڃن. مان خوابن کي پينٽ
ڪرڻ گهران ٿو. ڪنهن جي حوالي ڪرڻ گهران ٿو.
اکيون ٿڪجي پيون آهن. اکين ۾ اوتيل ڪائنات مرجهائڻ
لڳي آهي. مان هن ڏانهن خوابن جي رنگينيءَ مان خط
لکي، پاڻ خوابن جي رنگن ۾ دفن ٿي، خواب هن ڏانهن
پوسٽ ڪري ڇڏيندس.
” تڏيون شور نه ڪيو، شور نه مچايو. اک ڦسي پوندي ۽
خواب هارجي پوندا.“
اکين آڏو رڪاوٽ آهي. لنمبي آسمان تائين ويندڙ
ديوار، پار ڪرڻ گهران ٿو پار ڪري نه ٿو سگهان.
” ڪاٺ ڪٽا، هيڏي اچ! مون کي وڍي اڌ اڌ ڪري ڇڏيئه.
هاڻ هن ديوارکي ٽڪي پرزا پرزا ڪر.“
ڪاٺ ڪٽو ديوار ٽڪي ٿو. پر ديوار ٽڪجي ئي نه ٿي.
ڪاٺ ڪٽو ٿڪجي چور ٿي، ڦهڪو ڪري هيٺ ڪري پوي ٿو.
” تڏيون گوڙ نه ڪريو، مون کي خط لکڻ ڏيو.
خط ٿو لکان اکين سان:
” تو چيو هو نه، توکي ايترو پيار ڏيندس جو تون
ڪنهن گل جيان ٽڙي پوندين. نه مون کي ايترو پيار نه
گهرجي، جي تون مون کي ڏيئي سگهين ته خوابن جهڙي بي
ترتيبيءَ جهڙو پيار ۽ سڀاءُ ڏي. خوابن ۾ ٽڙيل
پکڙيل ننگائپ ۽ پنهنجائپ جو احساس ۽ خوابن جيڏي
اڏام ۽ رواني جهڙو پيار.....“
تڏين جو شور وڌندو وڃي ٿو. تڏين جي شور ۽ پرشور
گوڙ تي اکيون ٽڪرائجي ديوار سان لڳن ٿيون ۽ خواب
جاڳي پون ٿا. ديوارون خوابن جي رنگينيءَ سان رنگجي
وڃن ٿيون ۽ آسمان تائين ويندڙ ڊگهيون ديوارون
خوابن سان رنگجي ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃن ٿيون.
اوندهه مان اسرندڙ سورج مکي
اوندهه هن جي نيڻن ۾ اوتجي آئي ته سندر مرڪ هن جي
چپن تي رقص ڪرڻ لڳي. هو ڪمري ۾ آرام ڪرسي تي ويٺو
ڪمري ۾ پير پير ۾ پائي ايندڙ اوندهه کي نيڻن ۾
سرمي جيان پائڻ لڳو.
هو هاڻ اوندهه کي شراب جي آخري پيگ جيان ڌيري ڌيري
اوتي رهيو هو ۽ سندس ڪمري ۾ موجود روشنائي سگريٽ
جي ڦلي جيان ڇڻي پئي. هن جو ڪمرو اوندهه ۾ وڪوڙجي
ويو ته هو پاڻ کي سرهو ڀانئڻ لڳو.
هن اوندهه کي هٿ سان ڇهيو ته اوندهه جي مک تي مرڪ
تري آئي ۽ هو کلي ويٺو. هوريان هوريان هو اوندهه
جي چپن سان کيڏڻ لڳو ۽ اوندهه جي چپن تي چمي ڏني
ته هن جي چپ تي تر ٺهي پيو.
هن چپن تي ٺهيل تر لاهي هٿ ۾ کنيون کيس غور سان
ڏٺو ۽ تر منجهان بئنسري ٺاهي وڄائڻ لڳو. تر مان
ٺهيل بئنسري جي آواز تي ڪائنات جي سموري اوندهه
پير پير ۾ پائيندي ناچ ڪندي، هن جي ڪمري ۾ داخل
ٿيندي، هن جي نيڻن ۾ سمائجي وئي ۽ چنڊ جي روشنائي
ڇڻي خاڪ ٿي پئي.
هن جي ڪمري ۾ موجود اوندهه هن جي بئنسري جي آواز
تي ناچ ڪرڻ لڳي. هن بئنسري وڄائڻ بند ڪئي ۽ اوندهه
سان گڏ ناچ ڪرڻ لڳو. هن اوندهه جي چيلهه ۾ هٿ وڌو
ته اوندهه نرم ملائم ڪپهه جيان هن جي ٻانهن ۾ اچي
وئي ۽ هو ناچ ڪندي ٿڪجي چور ٿي کٽ تي آهلي پيو ۽
اوندهه هن کي ڏسي کيس گهوريندي رهي.
هن ڪجهه ساعتن کانپوءِ پنهنجا ڪپڙا لاٿا ته اوندهه
جي منهن
تي شرم تري آيو ۽ سندس پيشاني پگهر سان ٽمٽار ٿي
وئي. هن اوندهه جي پيشاني تي تري آيل پگهر پنهنجي
پنبڻين سان ميڙي کنيو ته پگهر منجهان گل نکري آيو.
هن گل اوندهيءَ کي آڇيو. هن پنهنجا چپ اونداهيءَ
جي چپن تي رکي ڇڏيا ته اونداهيءَ جو سمورو جسم ڌڏي
ويو. هن هوريان هوريان اونداهيءَ جا ڪپڙا لاهڻ
شروع ڪيا. اونداهيءَ کي بستري تي سمهاري ساڻس
همبستري ڪرڻ لڳو. هو سهڪي ساڻو ٿي پيو. هن هڪ
جهٽڪي سان پاڻ کي اونداهيءَ کان ڌار ڪيو ته
اونداهي اونهي ساهه، جيان هن جي اندر ۾ اوتجي وئي.
سندر مرڪ، هن جي چپن تي ڦهلجي وئي.
هو الف اگهاڙو آرام ڪرسي تي ويٺو بئنسري وڄائڻ
لڳو.سندس بئنسري جي آواز تي ڪوئل گيت ڳائيندي هن
جي ڪمري ۾ داخل ٿي. ڪوئل هن جي چپن تي پکڙيل
اونداهيءَ سان کيڏڻ لڳي ته اونداهي منجهان ڪارو
گلاب اسري آيو. ڪوئل ڪارو گلاب هن کي آڇيو. هن
بئنسري وڄائڻ بند ڪئي ۽ ڪارو گلاب هٿ ۾ جهلي کيس
جاچڻ لڳو. ڪوئل گيت ڳائيندي ڪاري گلاب ۾ جذب ٿي
وئي ۽ هن گلاب گلدان ۾ سجائي رکيو.
اوچتو سندس ڪمري جي دروازي تي کڙڪو ٿيو. هو سڌو ٿي
ڪرسيءَ تي ويهي رهيو.
” اندر اچان ..........“ زنانو آواز آيو.
” هون........هون.....“ هن مختصر ورندي ڏني.
” بلب ٻاريان.......“
” ....... ائين ئي اچي ويهي رهه.......“
هن کي زال جو ڪمري ۾ اوچتو اچڻ پسند نه ٿو اچي. هو
زال تي جک کائڻ لڳي ٿو.
” توکي برو ته نه لڳو، جو مان ائين ئي هلي آيس.“
” نه ..........“ هو زال کي مختصر جواب ٿو ڏي.
” بور پئي ٿيس. سو چيم ڪي پل توسان ويهي اچان.“
هن جي زال ڳالهائيندي رهي ٿي. هو چپ ويٺو کيس
گهوريندو ۽ ٻڌندو رهي ٿو.
” توکي الائي ڪيئن اوندهه ۾ مزو ايندو آهي.
مونکي ڊپ لڳندو آهي. پر تون آهين نه پوءِ ڇا جو
ڊپ..... “
زالهنس چپ ٿي وڃي ٿي ۽ ڪجهه ساعتن کانپوءِ وري مڙس
کي چوي ٿي.
” مونکي ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪمري ۾ گهگهه اوندهه هجي.“
” نه.....نه.....معمول جيان آهي.“
” نه، مونکي لڳي ٿو..... اڄ تو ضرورت کان وڌ
اوندهه ڪئي آهي. هونئن ته روشنائي جي ليڪ به ظاهر
ٿيندي آهي. اڄ ته توکي به ڏسي نه ٿي سگهان. تون
ويٺو آهين يا بيٺو آهيان. مونکي ائين ٿو لڳي. ڄڻ
تون منهنجي مٿان ڪنهن پکيءَ جيان ويٺو هجين...“
” تنهنجو آواز هر طرف کان ايندو ٿو محسوس ٿي....
ٻڌاءِ نه تون منهنجي سامهون ويٺو آهين نه.....“
” ها معمول جيان، آرام ڪرسي تي تنهنجي سامهون...“
” پر مونکي ته ڪجهه به نظر نه ٿو اچي. ائين ٿو
محسوس ٿي ڄڻ اوندهه روح ۾ گهري وئي هجي ۽ تون
اوندهه بڻجي پيو هجين. پر اهو نه ٻڌاءِ مان هن
گهگهه انديري ۾ بنا ٿاٻڙجڻ جي ڪرسيءَ تي ڪيئن اچي
ويٺم.... “ زالهنس تجسس مان پڇيس ٿي.
” توکي اوندهه ۾ ٿاڦوڙا هڻندي ڏٺم. توکي هٿ کان
وٺي اچي ڪرسيءَ تي ويهاريم.“
” پر مون ته تنهنجو ڇهاءُ به محسوس ڪين ڪيو...
مونکي ياد به نه رهيو ته تو مونکي ٻانهن کان وٺي
ڪرسيءَ تي ويهارو.“ هوءَ تپرس ۾ پئجي وڃي ٿي ۽ وري
ڳالهائڻ لڳي ٿي.
” تون ته ڏاڍو نفيس آهين. تنهنجي وجود جو ڇهاءُ
ڪڏهن ڪڏهن آسمان تي ڇانيل هلڪن ڪڪرن جيان ٿيندو
آهي. ياد اٿئي شاديءَ جي پهرين رات مون کي ائين
محسوس ٿيو جيئن مان ڪنهن ڪڪر جي ٻانهن ۾ ننگي ستل
هجان. اهو احساس ڪيڏو نه شديد آهي جو ڪو اوهان کي
ڪڪر جيان محسوس ٿئي ٿو.“
هو کيس ڪابه ورندي نه ٿو ڏي. هن کي غور سان ٻڌندو
رهي ٿو.
” مان اڃان تائين ان احساس کي وساري ناهيان سگهي
ته تون منهنجي وجود اندر هلڪن هلڪن بادلن جيان
سمائجي ويو آهين. يقين ڪر، ان پهرين رات کانپوءِ
مونکي ڪڏهن به تمنا ناهي رهي ته تون مون سان
همبستري ڪرين.. مان ان احساس کي وڃائڻ نه ٿي
گهران........“
سندس زال خاموش ٿي وڃي ٿي. هو
کيس گهوريندو ئي رهي ٿو. جهٽ جي خاموشيءَ
کان پوءِ زالهنس چويس ٿي.
” مان انڪري آيم، جو سوچيو اٿم ته هي پيٽ
ڪيرايان.“
” ڇو؟؟......“
” ڏس نه اڳ ۾ ئي ٻارن جو هيڏو سارو قهول آهي... سو
انڪري.“
” پر مان ڏسان ٿو. ته توکي پورو اٺون مهينو آهي.
هاڻ ته ٻار کي ضايع ڪرڻ ڏکيو ۽ اڻانگو ڪم ٿيندو.“
” سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو. جي تون چاهين ته.“
” نه هاڻ ائين ممڪن ڪونهي... ٻيو ته مان به نه
چاهيندس ته هي ٻار ضايع ٿئي.“
” پر... توکي خبر ناهي... هي ٻي ڳالهه به آهي.“
زالهنس ڳنڀير ٿي چويس ٿي.
” ٻي وري ڪهڙي؟“ مڙسهنس تجسس مان پڇيس ٿو.
” جڏهن رات ٿيندي آهي. هي اندران ئي اندران ٻاهر
ايندو محسوس ٿيندو آهي. هي ڪنهن شيءَ لاءِ ڊوڙڻ
چاهيندو آهي. چانڊوڪي ٿيندي آهي، ته سمنڊ جي ڇولين
جيان اڇلي پوندو آهي. پيٽ اندر ڪنهن آواز تي ناچ
ڪندي محسوس ٿيندو آهي.“ زالهنس وري چويس ٿي.
” ڪجهه گهڙيون اڳ جڏهن مان ڪمري ۾ ليٽي پئي هيس.
ائين محسوس ٿيو ڄڻ پيٽ اندر زلزلو آيو هجي ۽ مان
سڄي لڏي ويم. مون ڏٺو ته ٻاهر چنڊ گرهڻ آهي. ٻار
منهنجي پيٽ اندر چريو ٿي ۽ مان ڪمري اندر اڏڻ لڳس.
ڪمري جي ڇت ڊهي پئي ۽ مان پوري سگهه سان آسمان
ڏانهن اڏڻ لڳس. جڏهن چنڊ جي ويجهو پهتس. منهنجي
پيٽ ۾ اٺن مهينن جو ٻار پيٽ مان ٻاهر نڪري آيو. هن
گرهڻ ورتل چنڊ کي هٿن ۾ کڻي چمي ڏني. هو چمي سان
گرهڻ کي کير جيان پيئڻ لڳو. گرهڻ ورتل چنڊ، چوڏهين
جو چنڊ بڻجي پيو. اهڙي خوفناڪ وارتا کانپوءِ مونکي
خوف ورائي ويو آهي، ته هي ٻار ڪٿي جنات نه هجي.“
زالهنس ڳنڀيرٿي چويس ٿي.
” تنهن ڪري چوان ٿي، هي ٻار ڪيرائڻ ئي چڱو ٿيندو.“
هو زال جي ڳالهه تي ڇرڪي پوي ٿو.
” نه.....نه تون ائين ڪانه ڪندينءَ...هي ٻار
منهنجي وجود جو پاڇولو آهي.... مان ٻارڪيرائڻ نه
ڏيندس.“
هن جي زال مڙس جا لفظ ٻڌي ڏڪي وڃي ٿي ۽ تڪڙ ۾ ڪرسي
تان اٿندي خوف مان ڪمري مان ڀڄڻ لڳي ٿي. ڪمري ۾
بجلي جي بورڊ تي بلب جي سئچ (switch
) کي ٻاري ڏسي ٿي ته آرام ڪرسيءَ تي سندس مڙس
بدران اٺن مهينن جو ٻار مسڪرائي رهيو آهي. ٻار
گلدان ۾ رکيل ڪاري گلاب کي کڻي چمي ڏني ته سورج
مکي بڻجي پيو.
اڻپوري غم ۾ ماڻيل مزو
آفيس مان ورندي سڌو فليٽ تي ڪونه ويو پر ڪتاب جي
ڳولها ۾ نڪتو. هن کي فوٽ پاٿ تي ملندڙ سيڪنڊ هئينڊ
ڪتابن جي ٿاڪن جي مڪمل ڄاڻ ۽ آگاهي آهي. رديءَ ۾
رکيل ڪتاب اٿلائي پٿلائي جانچي، جونچي پنهنجي من
پسند ليکڪن جا ڪتاب، اگهه چڪائي کڻڻ جو ماهر آهي.
اڄ گهڻي جاکوڙ کانپوءِ، پنهنجي من پسند ليکڪن جا
ڪتاب ملي پيا هيس. ڏاڍو خوش هو. ڪتاب هٿ ۾ جهليو
خوشي ۾ ماپيو نه پئي، ڄڻڪ کيس محبوبا جي چمي ملي
وئي هجي. ان خوشيءَ ۾ سگريٽن جو پاڪيٽ خريد ڪيائين
سوچيائين ته فليٽ خالي هوندو سو رات آرام سان ڪتاب
پڙهي سگهندو. ڇاڪاڻ جو سڀاڻي آچر به آهي ۽ سندس
ٻيا فليٽ پارٽنر اڄ صبوح ساڻ ئي ٻه ٽي ڏهاڙا ڳوٺ
گذارڻ لئه لاڙڪاڻي روانه ٿي چڪا هئا.
فليٽ ۾ اڪيلي هجڻ جي احساس کيس ويتر هلڪو ڪري
ڇڏيو. ڪيبن تان سگريٽ جو پاڪيٽ خريد ڪري، گاڏي جي
انتظار ۾، ٻين ماڻهن سان ويجهي سگنل واري بس اسٽاپ
تي بيهي رهيو.
ڳاڙهي لائيٽ
سائي لائيٽ
ڦڪي لائيٽ
هن ذهن ۾ ٽريفڪ سگنلن کي ورجايو ڄڻڪ سگنل ياد نشين
ڪرڻ گهرندو هجي. في الحال هن کي سمورو جيون ڳاڙهي
لائيٽ تي ٿميل، رڪيل رڪيل نظر آيو. هن محسوس ڪيو
سائي سگنل جي انتظار ۾ هن جو جيون اڃان تائين
هوائن ۾ بولاٽيون کائيندو رهيو هجي.
هن جي نظر اوچتو، پنهنجي ماڳ ڏانهن ويندڙ بس ڏانهن
وئي. هو ماڻهن جي پيهه کي ڇڊو ڪندو، بس ۾ چڙهي،
خالي سيٽ تي ويهي رهيو. هن اڇاتري نظر رديءَ تان
خريد ڪيل ڪتابن تي وڌي ته پاڻکي نئون بنو
ڀانئيائين ۽ کيس ڪنهن جي هئڻ جو ڀرپور احساس پيدا
ٿيو. سوچيائين ته هي مهينو به سٺو گذري ويندو.
هن ڏٺو سندس ڀر واري خالي سيٽ تي ڪوئي اچي سلام
ورائي ويهي رهيو. هن فقط ڪنڌ کي ڌوڻو ڏيئي سلام جي
ورندي ڏني. بس هلندي رهي. اڄ هن جي طبعيت تي آزادي
۽ مسرت واري ڪيفيت طاري هئي ۽ پاڻ کي ڄڻ ته دنيا
جو خوش ڀلو ۽ خوش نصيب ماڻهو سمجهي رهيو هجي. ائين
ڀانئيائين ڪتابن هئڻ ڪري، ڄڻڪ سموري دنيا سندس مٺ
۾ قيد هجي. نوڪريءَ کانپوءِ فليٽ تي دوستن سان
ڪچهري ۽ فارغ وقت ۾ ڪتابن جو مطالعو هن جي وڏي ۾
وڏي عياشي هئي.
هو پنهنجي دنيا ۾ گم ئي هيو ته سندس ڀرسان ويٺل
شخص ساڻس ڳالهائڻ جو سلسلو جاري رکندي، کيس
خيالن جي دنيا مان سجاڳ ڪندي چيو:
” سائين، لڳي ٿو ته ڪرايو وڌائيندا.“
” ها، لڳي ائين ٿو.“ هن ها ۾ ها ملائي.
” ڪالهه ڊيزل جي قيمت ۾ واڌ آئي آهي.“
” اڇا؟“ هن کائنس معصوميت مان پڇيو.
” ها، سائين ڊيزل ۾ واڌ ڪري، هي بسن جو ڪرايو ته
چوٽ چاڙهي ڇڏيندا. هميشه ائين ئي ٿيندو آهي.“
”
ها، لڳي ٿو ائين ئي ٿيندو.“ هن کيس مختصر ورندي
ڏيندي عجيب نظرن سان چتائي ڏٺو.
” ڏسو نه، اڳ به ڪرايو وڌايو هيائون پوءِ ڊيزل
گهٽيو ته هنن دلن بسن جي ڪراين ۾ گهٽتائي ڪانه
آندي، ويتر هينئر ڊيزل وڌيو آهي ته قيمت ٻيڻي
چاڙهيندا، ڏسجو ائين ٿيندو. ۽ ها، هي حرامي اهڙو
وارو ته ڪڏهن به ناهن وڃائيندا.“
هن ڏٺو ته سندس ڀرواري جو پارو ڊيزل جي واڌ سبب
چڙهيل هيو ۽ هن جي چهري تي ناخوشگواريءَ جو تاثر
هو.
” سائين ڏسجو اڄ کان ئي، ڪرايو چوٽ چڙهي ويندو.“
همراهه ائين چئي گاڏي بيهڻ جي صورت ۾، سيٽ تان
اٿي، گاڏي مان لهي ويو.
هو سيٽ تي ويٺو اڻ تڻ ۾ پئجي ويو ۽ سوچڻ لڳو هيترن
سالن کان هنن بسن ۾ سفر ڪندو آيو آهي ۽ انيڪ دفعا
بسن جا ڪرايا چڙهيا ۽ لٿا هوندا، پر هو انهن سڀني
ڳالهين کان لاتعلق رهيو هو. اڄ کيس شدت سان احساس
ورائي ويو ته هو ڪيڏو نه بي خبر ۽ لاتعلق آهي. جو
هن ڀلجي به ڪڏهن ڪراين جي واڌ ڪري منهن تي ڪروڌ ۽
رنجش ناهي آندي. پر هاڻ هن جي ذهن تي سندس ڀر ۾
ويٺل همراهه جو رنجش وارو چهرو حاوي ٿيڻ لڳو هو.
هو ان پور ۾ الجهي پيو، جي ڪراين ۾ چوٽ آئي ته هو
رديءَ جي ڪتابن پويان ڊڪ ڊڪان ڪيئن ڪري سگهندو؟
سندس ذهن تي بسن جي ڪراين ۾ واڌ حاوي ٿيندي وئي.
جيئن ئي بس، اختر ڪالوني واري موڙ وٽ بيٺي هو سيٽ
تان اٿي بس مان لهي پنهنجي فليٽ ڏانهن وڌڻ لڳو.
روڊ ڪراس ڪري، پنهنجي فليٽ ڏانهن ويندڙ گهٽي ڏانهن
وڌيو. فليٽ واري مين گيٽ مان گذرندي، چوٿين فلور
تائين اداس ۽ وياڪل من سان پنهنجي پٿريلي وجود کي
گهليندو، ڪمري کي کولي، پاڻ کي فرش تي وڇايل بستري
تي ڦٽو ڪندي ٿڌو شوڪارو ڀريو.
بستري تي آهليل ٿڪل وجود ساڻ، هن پاڻکي اندر ۾ ٽٽل
محسوس ڪيو. هن اکيون پوريون ته ذهن تي ساڻس بس جي
ڀر ۾ ويٺل همراهه جو ڪاوڙ گاڏڙ ۽ رنج ڀريو چهرو
ڪنهن ڀوائتي خواب جيان ڦرڻ لڳو. هن پاڪيٽ کولي
سگريٽ ڪڍي دکايو. هن پاڻ کي ٿڪل ٿڪل ڀانيون. هن نه
ڄاتو هو ته معمولي ڳالهه ڪري هو ايترو وياڪل ۽
اداس ٿي ويندو. هو سوچڻ لڳو ته جي بسن جا ڀاڙا
وڌندا رهيا ته هن تي ڪهڙو اثر پوندو؟
هن اهو پئي سوچيو ته ايترن سالن ۾ ڪيترائي ڀيرا
ڪرايا وڌيا ۽
گهٽيا هوندا، پر هو انهن ڳالهين کان لاتعلق رهيو
هو. جيتوڻيڪ هن جو معمول کان وڌ بسن ۾ اچڻ وڃڻ
ٿيندو رهندو هو. هو پريشان ٿي ويو ته هو ان ڳالهه
کان لاتعلق ڪيئن رهيو.
اڄ هن محسوس ڪيو ته ڄڻڪ، هر ماڻهوءَ جي زندگي
ڪراين جي واڌ ۽ گهاٽ جي فيصلن تي رڪيل ۽ ٽڪيل هجي.
هن جي ذهن تي ماڻهن جا چهرا ڦري رهيا هئا جي
ڪراين جي واڌ سبب ڪروڌ ۾ ڀريل هئا. هو هوريان
هوريان سگريٽ جا ڪش هڻندو رهيو. اوچتو هن جي
فليٽ جي گهنٽي وڳي. هو سگريٽ ايش ٽري ۾ ڦٽو ڪري،
دروازو کولڻ ويو. هن دروازو کوليو ته هڪ نقاب پوش
ڇوڪري فليٽ اندر گهري آئي.
” هاءِ!!“ هن ايندي چيو.
” مونکي ڪالهه ئي، تنهنجي دوست جي پي سي او تان
خبر پئي ته تنهنجا فليٽ پارٽنر اڄ ڳوٺ لئه روانا
ٿيندا، سو وجهه وٺي تو ڏانهن هلي آيس.“
” ها، اڄ کان ستن ڏينهن لئه فليٽ ۾ اڪيلو آهيان.“
ڇوڪري جو نالو نعيمه آهي. هوءَ کيس دوست
جي پي سي او ۾ ملي هئي. ۽ اتان ئي ٻنهن جي
دوستيءَ جي شروعات ٿي. هو ساڻس ڪيترن ئي سالن کان،
هن سان هن فليٽ ۾ جوڀن جا مزا ماڻي چڪو آهي. هن
سندس اداس چهري تي نظر وجهندي پڇيو.
” ٻڌ، اڄ اداس اداس ٿو لڳين؟“
هن پنهنجو نقاب چهري تان لاهي، صوفي تي ڦٽو ڪري
پنهنجون ٻانهون سندس ڳچي ۾ وجهي، پاڻ ڏانهن ڇڪي
ورتو.
هن کيس ڪابه ورندي نه ڏني.
” ٻڌاءِ، اڄ ائين ڇو آهين؟“
” نه، ڪجهه به ته ناهي.“ کيس مختصر جواب ڏي ٿو.
هو سندس چيلهه ۾ هٿ وجهي کيس ڪمري ۾ وٺي وڃي ٿو.
هن جو نظرون صوفي تي وکريل خريد ڪيل ڪتابن تي پون
ٿيون.
” چئبو ته ڪتاب خريد ڪيا اٿئي. اڙي، پوءِ به اداس
آهين. پاڻ ئي ته چوندو آهين ڪتاب مون لئه سڀ ڪجهه
آهن ۽ مٿان وري هي جوڀن ڀري رات تون ۽ مان... ۽
اڪيلو فليٽ پوءِ به اداس آهين. ٻڌاءِ ته ٿيو
ڇاهي؟“
” ٿيو ته ڪجهه به ناهي، پر ڪنهن ڪم تي موڊ نه پئي
ٿيو، اجايو پئي سوچيم.“
” سچي ٻڌاءِ ڪا گرٻڙ ضرور آهي؟“
” اهو ٻڌاءِ، ڪٿان ٿي اچين؟“
” سڌو گهران.“
” ڪيترو ڪرايو ڀري آئي آهين؟“
” اڄ ڪرائي جو ڇو ٿو پڇين، هونئن ته ناهين پڇندو؟“
” نه ائين ئي. چون ٿا ته بسن جا ڀاڙا وڌندا، ٻيو
ته ڊيزل جي قيمت ۾ واڌ آئي آهي.“
” ڪا ايڏي وڏي رقم ڀري تو تائين ته ڪونه پهتي
آهيان، روپئي ٻن جو فرق هوندو.“
” اڇا، روپئي ٻن جو فرق!!“ هو کيس تعجب مان چوي
ٿو.
” پر تون اجايو پريشان ڇو آهين، اڳ ڪراين جي واڌ
تي توکي پريشان ٿيندي ناهي ڏٺو اڄ وري ڇا ٿيو
اٿئي؟“
” نه ائين پئي پڇيم.“
ٻنهي وچ ۾ ڪجهه دير لئه خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي. هو
نئون سگريٽ دکائي ٿو. هوءَ هن جي ڀرسان ويٺي
پنهنجا وار سنوارڻ لڳي ٿي. هن جي چهري تي اڃان به
اداسي جي هلڪي لهر آهي. هن کي، هنجو اداس چهرو نه
ٿو وڻي. هوءَ ٽپ ڏيئي هنجي هڪ سٿر تي چڙهي ويهي
رهي ٿي.
” اڄ ڇا ٿيو اٿئي. جو ائين منهن بڇڙو ڪيون ويٺو
آهين؟“
هوءَ مٿس جک کائيندي چوي ٿي. هوءَ لانگ ورائي هن
جي ٻنهي سٿرن تي ويهي رهي ٿي ۽ هن کان سگريٽ کسي
هڪ زورائتو ڪش هڻندي، سگريٽ جو دونهون هن جي منهن
۾ هڻندي چوي ٿي:
” بعدمعاشن........ وانگر شڪل ٺاهيو ويٺو آهين.“
هن کان اڃان به ماڻهن جا ڊيزل جي واڌ سبب، ڪروڌ
ڀريا چهرا نه ٿا وسرن. معصوميت مان پڇيس ٿو:
” ٻڌ، جي ڪرايا وڌيا ته پاڻ تي ڪهڙو اثر پوندو؟“
هوءَ ان سوال تي پريشان ٿي وڃي ٿي.
” جي ڪرايا وڌيا ته پاڻ کي ”ديسي ڪنڊوم“ تي ئي
گذارو ڪرڻو پوندو.“
هن جي ائين چوڻ سان هن کان ٽهڪ نڪري وڃي ٿو. هو
ٻئي وڏا ٽهڪ ڏين ٿا. هن جي چهري مان اداسي غائب ٿي
وڃي ٿي. هو سگريٽ ايش ٽري ۾ ڦٽو ڪري، کيس ٻانهن ۾
ورائي پنهنجو منهن سندس ڇاتين ۾ لڪائي ڇڏي ٿو.
ليکڪ جا ايندڙ ڪتاب
ٽرٌايالوجي
Trilogy
1.
ڪجهه نه ٿيڻ جو حادثو (ناول)
2.
ڪجهه ٿيڻ جو حادثو (ناول)
3.
ڪجهه ٿيڻ ۽ نه ٿيڻ جو حادثو(ناول)
4.
ديوارن تي لکيل نظم(شاعري)
5.
بندو خان ڪاسائي (ناول)
تن تسبيح من مڻيو دل دنبورو جن
اهي ستا ئي سونهن ننڊ عبادت تن جي
(شاهه)
نسيم طعبيت جو انتهائي حساس، مذاقي. ڪنهن به
ڳالهه جو جواب مذاق ۾ ڏيندو. ننڍپڻ کان کيس بي
انتها پيار مليو جيڪا به عيد جي خرچي ملندي هيس ته
ڪتاب ويٺي ايندو هيو. يونيورسٽي مان مڪلن جي ڏينهن
۾ حيدرآباد وڃي ڪتاب وٺي ايندو هو جڏهن لاڙڪاڻي
واپس ايندو هو ته ٿيلهي ۾ ڪپڙن بدران ڪتاب هوندا
هيس. اسان جو بابا چوندو هو نسيم هڪ ڏينهن وڏو
ماڻهو ٿيندو. نسيم اڄ اسان سڀني سامهون آهي.
نسيم جو نالو اسان جي وڏي ڀيڻ نسيم کرل کان
متاثر ٿي رکيو هو. مون کي نسيم جي لکڻين ۾ ماڻڪ ۽
نسيم کرل جو اولڙو نظر ايندو آهي. مان هميشه نسيم
کي چوندي آهيان، تون نسيم کرل ۽ ماڻڪ ٿيڻ جي ڪوشش
ٿو ڪرين تڏهن هو کلي پوندو آهي. مان سمجهندي آهيان
دل ۾ خوش ٿيندو آهي.
نسيم خدا نه ڪري بيمار ٿي پوي سڄو گهر بيمار ٿي
پوندو آهي. هڪ ڏينهن نسيم سخت بيمار ٿي پيو ته
اسان ڀينر اهو پڪو پهه ڪيوسين ته اڳتي ڪنهن به
ماڻهو جي گلا نه ڪنداسين.
جيئن هن کي پيار مليو آهي تئين ئي هو به سڀني
سان پيار ڪري ٿو. هو اڄ به ماءُ جي هنج ۾ سمهي ٿو
جنهن کي اسان سڀني کان کسي پاڻ سان گڏ سکر رهايو
اٿئينس. اسان سڀ ڀينر، ڀائر چوندا آهيو نسيم، امان
کي اسان کان کسي ويو آهي. هو امان سان الاهي پيار
ڪري ٿو ۽ امان به هن سان.
نسيم جون لکڻيون انتهائي وزنائتيون آهن ڇو ته هن
ننڍي عمر ۾ الاهي مطالعو ڪيو آهي. ڊزني لينڊ (
ٻارن لاءِ لکيل ڪالم) کان ويندي هن ڪتاب جو سفر
نسيم ڪئين طئي ڪيو سندس راتين جو ننڊون شل سڦل
ٿين.
سندس هي پورهيو شل سڦلتا ماڻي ۽ زندگيءَ ۾ اڃان
وڌيڪ ڪاميابيون نصيب ٿينس ۽ ائين ئي لکندو رهي ۽
خوش رهي.( آمين )
ڊاڪٽر پرهه سڪينه گاد |