ھن پڇيو ٿي، ۽ عليءَ يا تھ وراڻيو ٿي، يا انڪار ۾
ڪلھا لوڏيائين پئي. منھنجي پڇڻ تي عليءَ وراڻيو،
”پڇي ٿي تھ ساڳيو شھر آھي نھ، جتان نوجوان عربي
جنرل لنگھيو ھو.“
”عربي جنرل! ھتان تھ جرمن- جپان واري جنگ جي ڏينھن
۾ انگريز سپاھي لنگھندا ھئا.“
سوچيم، ڇوري ضرورت کان وڌيڪ پڙھيل آھي، تنھنڪري
وڦلي ٿي. ماٺ ميٺ ۾ چوسول ٽپي منسپل جي زبون عمارت
وٽان ٿيندا، بندر روڊ تي پھتاسين. روھڙيءَ جو بندر
روڊ سنڌوءَ جي ڪناري تي آھي ۽ سنڌوءَ جي ٻئي ڪناري
تي آھي سکر. جڏھن حاجنا شاھھ پير وٽ جيپ پھتي، تھ
ھن عليءَ کي جيپ بيھارڻ لاءِ چيو. عليءَ ھڪدم جيپ
بيھاري ڇڏي. مارگريٽ پنھنجن نقشن مان ھڪ نقشو ڪڍيو
۽ بايونٽ تي وڇائي غور سان جاچڻ لڳي. نقشي تي ھڪ
ھنڌ ڳاڙھي پينسل سان منڌيئڙو ھڻندي، اورنگزيب ۽
دارا جا نالا کڻندي ڪجھھ چئي ويئي. عليءَ کان
پڇيم، تھ ھن وراڻيو، ”بکر جي قلعي نالي چئي ٿي، تھ
ھي اھو قلعو آھي، جنھن ۾ اورنگزيب پنھنجي وڏي ڀاءُ
دارا کي سوگھو ڪري، سندس کاڌي پيتي جا سمورا رستا
بند ڪري ڇڏيا ھئا.“
”رن چري آھي.“
”يا اسان کي چريو ڪندي.“
”اھڙو واقعو اسان جي سامھون تھ نھ ٿيو ھو، باقي
بکر جي قلعي ۾ شاھھ صدرالدين جي قبر آھي، جتي
لاھور ۽ ڪراچيءَ جون فسٽ ڪلاس ڪڃريون نچڻ ۽ ڳائڻ
اينديون آھن.“
علي ۽ مان ايندڙ رات جي تات ۾ ھئاسين. ھوءَ پنھنجي
ڪم ۾ رڌل ھئي. ڪڏھن نقشي تي ڳاڙھا نشان ھنيائين
پئي، ۽ ڪڏھن پنھنجي ڊائريءَ ۾ نوٽ لکيائين ٿي. چڱي
دير لکڻ کانپوءِ، جڏھن سانجھيءَ جا پاڇا ھر طرف
ڦھلجڻ لڳا، تڏھن ھن نقشا ويڙھيا، ڊائري بند ڪئي ۽
موٽي اچي جيپ ۾ چڙھي ويٺي.
اسان اڳتي وڌياسين.
عليءَ جيپ جو رخ پل واري سڙڪ ڏانھن نھ ڦيرايو ۽
سڌو بندر روڊ ورتائين. ناڪي کان ٿيندا، سيشن وٽان
لنگھي، ستين جي آستان وٽ پھتاسين. عليءَ مارگريٽ
کي انگريزيءَ ۾ ڪجھھ ٻڌايو. جيڪي ڪجھھ عليءَ
ٻڌايس، ٻڌي اکين ۾ حيرت تري آيس. پنھنجي ڪئميرا ۾
بلب اٽڪائي، ستين جي آستان جا ٻھ چار فوٽا
ڪڍيائين. عليءَ کان پڇيم تھ ڇا ٻڌائيسين؟ ھن
وراڻيو، ”ٻڌايومانس تھ ھي آستان انھن پاڪ دامن
بيبين جو آخري آرام گاھھ آھي، جن ھڪ بدنيت ڪافر جي
ھٿ چراند کان بچڻ لاءِ خدا کان پنھنجي عزت ۽ عصمت
جي حفاظت لاءِ دعا گھري ھئي. خدا سندن عرض اگھايو.
جبل ڏري پيو ۽ نيڪ بيبيون اتي ئي دفن ٿي ويون.“
”بيشڪ، بيبين جي عزت الله کي پياري آھي. سبحان
الله.“
مارگريٽ فوٽو ڪڍي چڪي تھ علي اڳتي ھليو. ستين جي
آستان کان وٺي سکر بيراج تائين سڙڪ جي ھڪ پاسي
انبن ۽ کارڪن جا باغ آھن ۽ ٻئي پاسي سنڌو. سنڌوءَ
جي پرئين پاسي سکر آھي. ستين جي آستان وٽان ڦري،
بيراج جو رخ ڪيوسين. ھر طرف ذري گھٽ اونداھھ ڦھلجي
چڪي ھئي. سامھون سکر جي بندر ۽ گھرن جون بتيون
روشن ٿي چڪيون ھيون. روشنيءَ جا ڪرڻا رنگا رنگي
قطارن ۾ سنڌوءَ جي لھرن تان موٽ کائي رھيا ھئا.
عليءَ کي چيم، ”انگريزياڻيءَ کي سامھون وارو نظارو
ڏيکار. ڀل ڏسي تھ اسان جي سنڌ ڪھڙي نھ سھڻي آھي.
اجايو موھن جي دڙي ۾ ڌڪا کائڻ مان ڇا ورندس!“
علي مارگريٽ کي ڪجھھ چيو. ھن منھن ورائي مون ڏانھن
ڏٺو. ٿورو مرڪيائين. سکر ڏانھن ڏسي عليءَ کي ڪجھھ
چيائين. عليءَ ترجمو ڪندي چيو، ”چئي ٿي جھڙي سونھن
سنڌ جي ٻڌي ھيم، تھڙي ڏٺم.“
”ٻيو ڪجھھ بھ چيائين ڇا؟“
”چيائين تھ توھان سنڌي ڏاڍا رحمدل ۽ مھمان نواز
آھيو.“
مون ايندڙ ٽھڪ کي نڙيءَ ۾ ئي روڪي ڇڏيو.
مارگريٽ سکر بيراج ڏانھن اشارو ڪندي عليءَ کان
ڪجھھ پڇيو. علي سندس سوالن جا جواب ڏيندو رھيو.
جڏھن بيراج جي اڌ وٽ پھتاسين تھ ھن عليءَ کي جيپ
بيھارڻ لاءِ چيو. عليءَ جيپ بيھاري ڇڏي. ھوءَ ٽپ
ڏيئي ھيٺ لٿي ۽ بيراج جي ٻني تي ٻانھون رکي مھراڻ
جي مستي ڏسڻ لڳي. پاڻي لوھي درن سان وڙھندو
جھڙندو، لڙڪندو اڳتي ڌوڪيندي پئي ويو. علي وڃي
سندس ڀر ۾ بيٺو. مان جيپ ۾ ئي ويٺو رھيس. ٻئي ڄڻا
ڳالھائيندا رھيا. ڪجھھ دير کان پوءِ جڏھن جيپ ۾
اچي ويٺا، تڏھن عليءَ کي چيم، ”اڙي ڀاڙي، متان دغا
ڪئي اٿئي.“
”دلجاءِ ڪر شيخ.“ عليءَ وراڻيو، ”ونڊي ورھائي
کائينداسين.“
”ڏاڍو سياڻو آھين، علي.“
جيپ جڏھن بيراج کان نڪري سکر شھر جو رخ ڪيو، تڏھن
عليءَ کان پڇيم، ”ڪھڙيون ڳالھيون پئي ڪيئھ ھن
سان.“
”ڇوريءَ جو مغز خراب آھي يار. چيائين پئي تھ سنڌو
نديءَ ۾ ھماليھ جي برف جو رجيل پاڻي آھي. جيئن
ھماليھ بلند آھي، تيئن سنڌين جا اخلاق بھ بلند
آھن.“
اسان ٻنھي ھڪ ٻئي ڏانھن مرڪي نھاريو.
عليءَ پڇيو، ”تنھنجي اوطاق تھ واندي ھوندي نھ؟“
”ھا، واندي ھوندي.“
”ڪو ڪامورو ترسيل تھ نھ ھوندو؟“
”نھ بابا نھ، سڀ ٻاھر ويل آھن.“
عليءَ چڱيءَ دير ھن سان ڳالھائڻ کانپوءِ مون کي
چيو، ”تڪڙ چڱي نھ ھئي. زوريءَ رات رھايونس ھا تھ
گوڙ ڪري ھا.“
”پوءِ ڪيئن رات رھڻ تي راضي ڪئيسين؟“
”چيومانس تھ موھن جي دڙي ڏانھن ويندڙ سڙڪ تي رات
جو ڦر ٿيندي آھي. چاھين تھ اسان ھلڻ لاءِ تيار
آھيون. ورنھ شيخ جي اوطاق رات گذارڻ لاءِ حاضر
آھي.“
”واھھ جو اٽڪلي آھين، علي، ير توکي تھ ڪو وڏو
عملدار ھئڻ گھربو ھو.“
”ھاڻي ڪنھن کان گھٽ آھيون ڇا؟“
علي شھر ۾ اندر نھ ھليو، بيراج ڪالونيءَ مان ڦري
شڪارپور روڊ ورتائين.
ڀرڪڻ کان اورتي منھنجي زمين ۽ اوطاق آھي. تر جا
وڏا وڏا عملدار منھنجي اوطاق تي رات ملھائيندا
آھن. تنھن ڪري صوبيدار سپاھي سڀ اسان سان ٺھيل
آھن. اوطاق ۾ ڪنھن بھ قسم جو ڊپ ڊاءُ ڪونھي.
عليءَ جيپ آڻي اوطاق جي در ٻاھران بيھاري. نوڪر
چاڪر ڊوڙندا آيا. مون سليمان کي ان ئي وقت ڪباب ۽
چاپون آڻڻ لاءِ سکر روانو ڪيو. مٺي شيديءَ کي ڀنگ
گھوٽڻ لاءِ چيم. ڀنگ ڇوريءَ کي بھ پيئارڻي ھئي،
تنھن ڪري ڀنگ ۾ ڦوٽا، خس خس باداميون ۽ مصري بھ
وجھرايم. علي جيپ مان سامان لاھرائي رھيو ھو. مان
اوطاق ۾ گھڙي ويس. پويون ڪمرو، جيڪو خاص اھڙن
موقعن لاءِ ٺھرايل آھي، تنھن ۾ صفائي ڪرائي،
پيٽروميڪس بتي ٻارائي ٻاھر آيس. علي ۽ ڇوريءَ کي
ساڻ وٺي اندر ويس. ڪمري ۾ سنڌي سامان ڏسي، مارگريٽ
جي دلچسپي وڌي ويئي. پلنگ ڪشمور جي ماھر واڍي
ٺاھيو آھي. جنڊيءَ جون ڪرسيون ۽ ڊريسنگ ٽيبل ڏسي،
ھن عليءَ کي انگريزيءَ ۾ ڪجھھ چيو. عليءَ مون کان
پڇيو، ”ھن جنڊيءَ جي ڪرسيءَ جي قيمت ٿي پڇي.“
”پنجويھين جي آھي.“
عليءَ کيس قيمت ٻڌائي. حيرت مان ڄڻ ڇرڪ ڀريائين.
ڪجھھ چيائين، عليءَ ٻڌايو، ”چئي ٿي تھ توھان وٽ
آرٽ جو قدر ڪونھي.“
”ٻڌائينس تھ اسان وٽ آرٽسٽ ئي ڪونھن. ھجن ھا تھ
قبرستان جي خاڪ اڏائن ھا.“
اتي ئي بيٺا ھئاسين تھ مٺو شيدي ڀنگ جو جڳ ۽ ٽي
گلاس کڻي آيو. پھريون گلاس ڀري مارگريٽ کي ڏنوسين.
مٺاڻ ۽ ٿڌاڻ ڪري پيئندي ويئي. اڌ گلاس پي، عليءَ
کان ڪجھھ پڇيائين.
”پڇي ٿي تھ ھي لذيذ شربت ڇاجو ٺھيل آھي.“
”ٻڌائينس تھ ھيءَ درويشن جي ٻوٽي آھي.“
عليءَ کيس ٻڌايو.
ھن کي ڀنگ پيئاري اسان ٻاھر آياسين. ھوءَ ٻاھر نھ
آئي. ٿوري دير کان پوءِ سليمان ڪباب ۽ چاپون کڻي
آيو. کائڻ جو مال ۽ ڀنگ جو ٻيو جڳ ڀرائي وري اندر
وياسين. ھوءَ پنھنجي ڊائريءَ ۾ ڪجھھ لکي رھي ھئي.
سامان ٽيبل تي رکائي، کيس سڏ ڪيوسين. ھوءَ آئي ۽
ڪرسي سوري ميز جي پاسي کلي ٿي ويٺي. عليءَ ڪبابن
جي ٿالھي ڏانھنس وڌائي. ھن ڪباب جو ٽڪر وات ۾
وجھي، ڀنگ جو ڍڪ ڀريو. اکيون ڳاڙھيون ھئس. پھرئين
گلاس جو اثر ظاھر ٿي رھيو ھو. عليءَ کي ڪجھھ
چيائين.
علي مون سان مخاطب ٿيو، ”ڀنگ لڳي اٿس. سمجھي ٿي
سفر
جي ٿڪ ڪري مٿي ۾ ڦيري محسوس ٿي رھي آھيس.“
”ايتري ۾ ڍيري ٿيڻ نھ ڏجانس، ڳالھائيندو رھينس.“
علي ساڻس ڳالھائڻ لڳو ۽ گفتگو جو ترجمو مون کي
ٻڌائيندو ويو. چيائين، ”مڱيل آھي، سندس مڱيندو
ٺونشيباز آھي.“
”ٺونشيباز!“
”ھا،
Boxer
آھي. ھڪٻئي کي ڏاڍو چاھيندا آھن.“
”ٺونشيباز سان عشق ڪندي آھي؟“
”ھا، سندس مڱيندي جو سينو ٻائيتاليھھ انچ ويڪرو،
قد ساڍا ڇھھ فوٽ ۽ ٻانھن جو ڏورو سورھن انچ آھي.“
”ماڻھو آھي يا راڪاس.“
”راڪاس ٿو ڀانئجي.“
”اِجھو ھت اچي تھ نھ نڪرندو؟“
عليءَ کان ٽھڪ نڪرير ويو. ”راڪاس انگلينڊ ۾
ٺونشيبازي ڪندو ھوندو، سندس پري اسان وٽ آھي.“
”ٻيو ڇا چيائين؟“
”سندس مڱيندي کيس آفريڪا وڃڻ جي اجازت نھ ڏني ھئي،
ڇو جو اتي جھنگلي ۽ وحشي رھندا آھن ۽ سنڌ لاءِ کيس
خوشيءَ سان موڪل ڏنائين.“
ايترو ڪجھھ ٻڌڻ کان پوءِ نھ عليءَ ڳالھايو، نھ
مون. ھوءَ ڪباب بھ کائيندي رھي ۽ ڀنگ جا ڍڪ بھ
ڀريندي رھي. ڪباب لذيذ ھئا. مرچ بھ منجھن سرس ھئا،
تنھن ڪري زبان ۽ وات کي ٺارڻ لاءِ ھو ڀنگ جا ٻھ
گلاس پي ويئي. خالي گلاس ميز تي رکي، ھوءَ پنھنجي
پلنگ تي وڃي ليٽي. پرس مان ھڪ گوري ڪڍي ڦڪيائين.
عليءَ کانئس گوريءَ جي باري ۾ پڇيو. ھوءَ جواب
ڏيئي، ڀت ڏانھن منھن ڪري ليٽي پئي. عليءَ چيو،
”چئي ٿي تھ ٿڪ سبب مٿي ۾ ڦيري محسوس ڪري رھي
آھيان.“
اسان ٻنھي مرڪيو.
اتان اٿياسين. چيم، ”ڀنگ گھڻن جي ڀينگ ڪئي آھي، پر
آھي درويشن جي ٻوٽي.“
ورانڊي ۾ پھتاسين تھ عليءَ چيو، ”شيخ ڀلا ڪر بسم
الله.“
”اھڙي ڪا ٻي ڳالھھ.“
اسان ٻنھي ڪپڙا لاھي ڪليءَ تي ٽنگيا. ھڪ ٻئي ڏانھن
ڏٺوسين. پڌر واري دري بند ڪرڻ لاءِ وڌيم. لالٽين
جي ميرانجھڙي روشنيءَ ۾ ڏٺم تھ دريءَ ٻاھران ھڪ
بکايل ڪتو منھنجي چوزي کي چٻاڙي رھيو ھو. منھنجين
اکين ۾ رت لھي آيو. اتان ئي مٺي شيدي کي رڙ ڪيم.
”اڙي شيدي، بدبخت. ڪتي جي ايڏي مجال جو منھنجي
چوزي کي ماري! اڙي ھڻينس بندوق ۽ اڦٽ ماري
وجھينس.“
شيديءَ بندوق کڻڻ لاءِ ڊوڙ پاتي.
اسان ٻئي رن جي ڪوٺيءَ ڏانھن وڌياسين. در وٽ
پھتاسين تھ عليءَ چيو، ”شيخ، وارو ڪر. وڌي وڃي ٻک
وجھينس.“
مان در جي وچ وڃي بيٺس. علي اوٽ ٿي بيٺو. مون وک
اڃا مس وڌائي جو خاموش فضا ۾ ڪارتوس ڇٽڻ جا ٻھ
آواز ٿيا. ھوءَ ڇرڪ ماري اٿي ويٺي. اکيون مھٽيندي
در ڏانھن ڏٺائين. مون تي نظر پيس، تھ ذري گھٽ
کانئس رڙ نڪري ويئي. ھوءَ پلنگ تي ڀت ڏانھن سرڪندي
ويئي. ڪاوڙيل لھجي ۾ ڪجھھ چوڻ لڳي. ڪجھھ بھ سمجھي
نھ سگھيس. پر محسوس ڪيم تھ ھوءَ سنڌ تي ڇوھھ ڇنڊي
رھي ھئي. عليءَ کي سڏ ڪيم علي بھ منھنجي پاسي ۾
اچي بيٺو. عليءَ کي بھ ساڳئي حال ۾ ڏسي رن کان
دانھن نڪري ويئي. عليءَ کان پڇيم، ”اسان سنڌي
آھيون، گاريون برداشت نھ ڪندا آھيون. رن گاريون ٿي
ڏئي ڇا؟“
علي وراڻيو، ”پنھنجن پروفيسرن ۽ ڪتابن کي گاريون
ٿي ڏئي.“
رن ڏانھن وڌندي چيم، ”ٻڌائينس ڇو نھ ٿو علي، تھ
ھيءَ سنڌ، موھن جو دڙو ناھي.“
ھوءَ ھيسيل ھرڻيءَ وانگر ڪنبڻ لڳي. ڊنل ڊنل نگاھن
سان مون ڏانھن ڏسڻ لڳي. اوچتو، ڇلانگ ماري وڃي
سوگھو ڪيومانس.
دل جي دنيا
ڏاند اول ڀت تي ٽنگيل پراڻي گھڙال ڏانھن ڏٺو ۽
پوءِ ٺونٺ ھڻندي راجا کان پڇيو، ”مجنون بھ ڪنھن
آفيس ۾ ڪلارڪ ھو ڇا؟“
”انھن ڏينھن ۾ آفيسون نھ، گھوڙن جا تنبيلا ھوندا
ھئا.“ راجا مون ڏانھن ڏسندي وراڻيو.
”مجنونءَ زندگيءَ ۾ فقط ھڪ گھوڙو ڏٺو ۽ تنھن کي بھ
ھاٿي سمجھي ڏڪي ويو ھو،“ ڏاند ڳالھائيندو رھيو،
”۽ پوءِ ڪيترين راتين تائين مجنونءَ کي خواب ۾
ليليٰ بدران گھوڙ نظر ايندو ھو.“
”ٺيڪ ٿو چوين ڏاند،“ راجا جواب ڏنس، ”مجنون ذات جو
جت ھو ۽ اٺن اڳيان اگربتيون ٻاريندو ھو.“
مون فائيلن جي چٻن ڦڏن لفظن تان نظرون ھٽائي ڏاند
۽ راجا ڏانھن ڏٺو.
”تنھنجي ڳالھھ ناھي،“ ڏاند چيو، ”تون جديد آھين،
اسين قديم مجنونءَ جي باري ۾ ڳالھائي رھيا آھيون.“
”واھيات آھيو،“ جڪ کائيندي چيم.
”شٽ – اپ،“ ڏاند گھٽيل آواز ۾ دڙڪو ڏنو ۽ کيسي مان
ڦڻي ڪڍي وار منھن ۾ وجھي ڇڏيائين.
ھيڊ ڪلارڪ اسان ٽنھي ڏانھن گھور ڪري نھاريو ۽
کنگھي نڙي صاف ڪيائين. اسان ٽنھي نظرون فائيلن تي
کپائي ڇڏيون.
مون پراڻي گھڙيال ڏانھن ڏٺو. پنجن ۾ ٽيويھھ منٽ
باقي ھئا. اسان کي پنجين لڳي آفيس مان موڪل ملندي
ھئي. جنھن ڏينھن منھنجو تمنا سان پروگرام ھوندو
ھو، تنھن ڏينھن شام جا پنج مون کان پنج ڪوھھ پري
ٿي ويندا ھئا. اِھي پويان ڪجھھ منٽ ڪلاڪ ٿي پوندا
ھئا. ڪلاڪ ڏينھن ۾، ڏينھن ھفتن ۾، ھفتا مھينن ۾ ۽
مھينا سالن ۾ بدلجي ويندا ھئا.
منھنجون نظرون گھڙيال جي پينڊيولم تي کتل ھيون.
ڪانٽا ھڪ ھنڌ بيٺل ڀانيم. دل چاھيو تھ سڀني کان اک
بچائي ننڍو ڪانٽو پنجن تي وڏو ڪانٽو ٻارھن تي
بيھاري ڇڏيان. پنھنجي ان احمقاڻي خيال تي دل ئي دل
۾ کلي ويٺس. شايد ھڪ اداس ۽ ڦڪي مرڪ منھنجي منھن
تي کن لاءِ کيڏي، موٽي ويئي ھئي.
”گڊ- لڪ،“ ڏاند منھنجو خيال پاڻ ڏانھن ڇڪايو. مان
ساڻس اک ملائي نھ سگھيس.
راجا چيو، ”ڇڏينس ڏاند، ويچارو شرمائي ٿو.“
”نيور مائينڊ،“ ڏاند وراڻيو، ”اڃان نئون آھي. ٺھي
ويندو.“
مون کين جواب نھ ڏنو ۽ خاموش رھيس. بيحد پريشان
ھوس. ڏاند ۽ راجا جا چرچا زھر پئي لڳم.
ڏاند ۽ راجا مون سان بناسپتي گيھھ جي ڪارخاني ۾
ڪلارڪ ھئا. ڏاند بندرو ۽ ٿلھو ھو. ان ڪري پاڻ کي
مشڪرو سمجھندو ھو. ھر ڪو کيس ڏاند سڏيندو ھو. سندس
اصلي نالي جي گھڻن کي خبر نھ ھئي. راجا جي اصلي
نالي جي سڌ، سواءِ ڏاند ۽ مون کان، ٻين ٿورن کي
ھئي، ھو روسي ڪتاب پڙھندو ۽ آمريڪي اداڪارن جا
فوٽا گڏ ڪندو ھو. اسان ٽنھي کي ھڪ وڏي ٽيبل مليل
ھئي، جنھن جو ھڪ پاسو ڀت سان لڳل ھو ۽ باقي ٽن
پاسن کان اسان ٽيئي ويھندا ھئاسين. ھيڊ ڪلارڪ جي
نظر بچائي، سڄو سڄو ڏينھن ھڪ ٻئي سان چرچا ۽ ھڪ
ٻئي تي ٺٺوليون ڪندا ھئاسين.
پر ان ڏينھن، مون ڏاند ۽ راجا جي ٺٺولين جو جواب
نھ ڏنو. خاموش رھيس. صبح کان پريشان ھوس.
صبح جو اخبار ۾ ڪراس ورڊ معمي جو حل ڏسي منھنجي دل
ڊڄي پئي ھئي. اميدون نااميديءَ جي غمناڪ اوندھھ ۾
ڀنواٽيون کائڻ لڳيون ھيون. حسرتون واريءَ جي دڙي
ھيٺان دفن ٿي ويون.
ھڪ ڏينھن اڳ، شام جو، جڏھن ڪراس ورڊ معمي جو حل
ڀري، اسپينسر جي دٻي ۾ وجھي، ھوٽل فاروق جي فيملي
ورم ۾ اچي ويٺا ھئاسين، تڏھن تمنا پڇيو ھو، ’شامو،
جيڪڏھن ھن دفعي صحيح حل تي اسان کي ھڪ لک رپيا ملن
تھ ڇا ڪنداسين؟“ |