سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: دل جي دنيا

 

صفحو :7

نيٺ شاھو ھيٺ ٿيو ۽ ٻارڙيءَ کي ھنج ۾ کڻي ورتائين. ٻارڙيءَ کي ھڪ ٻانھن ۾ جھلي، ساڄي ھٿ سان ريوالور ڪڍي ٻارڙيءَ جي مٿان جھلي بيٺو. ٻارڙيءَ جو منھن کانئس ايترو پري بھ نھ ھو، جو کيس ڏسڻ ۾ ئي نھ اچي ھا. ھن چتائي ڏٺو ۽ پوءِ ريوالور جي نالي روئيندڙ ٻارڙيءَ جي وات ۾ داخل ڪيائين. اوچتو ٻارڙيءَ جي روئڻ جو آواز بند ٿي ويو. ھوءَ ٻچڪارون ڏيئي ريوالور جي سرد لوھھ کي چوسڻ لڳي. شاھوءَ جي آڱر ٽريگر تي ڄمي ويئي.

واچوڙا زمين تان مٽيءَ جا بادل کڻي آسمان ڏانھن اڏامڻ لڳا. بڙ ۽ پپر جا سڪل پن پراڻي جاءِ جي ورانڊي ۾ ڦٿڪڻ لڳا.

شاھوءَ جي دل ۾ ڊپ جا ٻھ جذبا جاڳي اٿيا- گناھھ، ۽ ڏوھھ جا جذبا. اول ھن خدا جي باري ۾ سوچيو ۽ پوءِ پوليس جي باري ۾. سوچيائين تھ پوليس کي راضي ڪرڻ سندس ڏائي ھٿ جو ڪم ھو. دولت ھئس. پٺِ ھئس. اھڙن جو پوليس وار بھ ونگو ڪري نھ سگھندي آھي. پتڪڙي ٻارڙي تھ ڇا، ڏينھن ڏٺي، ڀريل بازار ۾ جانٺو جوان بھ ماري وجھي ھا، تھ بھ پوليس ڏانھنس اک کڻي نھ ڏسي ھا. ائين ٿيندو  رھيو ھو. اھو ئي دستور ھو، کيس ڄاڻ ھئي. باقي رھيو خدا! سو خدا کان ايترو ڊپ محسوس نھ ڪيائين. پاڻ کي پرچايائين، تھ اھو ڪم خدا جي راھھ ۾ ڪري رھيو ھو. ساداتن جي ٻارڙيءَ کي ڀيلن ۾ ڀٽڪڻ کان بچائڻ لاءِ ڪري رھيو ھو. آخرت ۾ الله اجورو ڏيندس. سوچيائين، تھ جيڪڏھن ائين نھ ٿيندو، ۽ الله ناراض ٿي ويو، تھ پوءِ خدا کي راضي ڪرڻ لاءِ وٽس زبردست خانداني شجرو ھو. لوھھ ٿيل دماغ ۾ خيال آيس، تھ جن سندس شجري جي ارتقا ڪئي ھئي، سي سڀئي جنت ۾ ھوندا. الله سائينءَ کي راضي ڪرڻ ۾ دير نھ ڪندا.

سندس خيالن جو سلسلو ڪچي ڌاڳي وانگر ڇڄي پيو. وھمن ۽ سنڪن جا موتي منتشر ٿي ويا. ڪرڻ تي ھو جو ڀت سان وڃي لڳو. باليءَ پنھنجون ٻانھون سندس ٽنگن ۾ قابو ڪري ڇڏيون ھيون. شاھوءَ کان ھمت موڪلائي ويئي. دل جو پکي پرڙا ھڻڻ لڳس.

”ڪير آھين؟“ باليءَ ڪمزور آواز ۾ ڳالھايو.

شاھو خاموش رھيو.

”ڪھرو آھين؟ منھنجي ڌيءَ کي توئي کنريو آھي.“

شاھو خاموش رھيو.

”ٻڌائين شو نٿو؟ ڪھرو آھين؟“ باليءَ ليلايو، ”ڪير آھين تون.“

شاھو خاموش رھيو.

ھوءَ روئي پئي. ”تون منھنجي ڌيءَ کي ماررن آيو آھين،“ ھن جھيڻي آواز ۾ چيو، تھ مون کي مار، ھن کي نھ مار.“

شاھو خاموش رھيو. ھن سندس ٽنگون ڇڏي ڏنيون. ھوءَ دانھن ڪري اٿي بيٺي. اوندھھ ۾ شاھوءَ کي سڃاڻي نھ سگھي.

اوندھھ ۾ ٻئي ڪجھھ دير تائين اجنبين وانگر ھڪ ٻئي جي سامھون بيٺا رھيا. لوھھ جي نالي ٻارڙيءَ کي ممتا نھ ڏيئي سگھي. ھوءَ روئڻ لڳي. باليءَ کان رھيو نھ ٿيو. زخمي عقاب جيان جھٽ ڏيئي، پنھنجي ڌيءَ شاھوءَ جي ٻانھن مان کسي ورتائين. شاھوءَ ٻارڙي موٽائي وٺڻ جي ڪوشش نھ ڪئي. جنھن ھٿ ۾ ريوالور ھئس، سا ٻانھن ھيٺ ڪري ڇڏيائين.

باليءَ ٻارڙيءَ کي پنھنجي سيني ۾ لڪائي ڇڏيو ۽ ڊنل ڊنل نگاھن سان شاھوءَ کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. پر ھوءَ شاھوءَ کي سڃاڻي نھ سگھي.

ھوءَ آھستي آھستي سخت فرش تي ويھي رھي. ٻارڙيءَ کي ٿڃ ڏيندي، شاھوءَ کي چيائين، ”کبر ٿئي ھي ڪھجي ڌيءَ آھي؟“

شاھوءَ جي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وئي. ھن جواب نھ ڏنو. خاموش رھيو.

ٻارڙيءَ کي ٻانھن ۾ ڀڪوڙيندي باليءَ ٻيھر چيو، ”ماررن آيو ھئينس نھ! کبَر بھ ٿئي ھيءَ ڪھجي ڌيءَ آھي؟“

شاھوءَ جون مٺيون ڀڪوڙجي ويون. لوندڙيءَ جون رڳون سيٽجي ويس ۽ دماغ ڌنوڻ لڳيس.

باليءَ جي ممتا اٿلي پئي. ٻارڙيءَ کي پيار منجھان چمڻ لڳي، پشم جھڙا وار، ڪپھھ جھڙا ڳل ۽ پتڪڙا پتڪڙا، نازڪ نازڪ ھٿ ور ور ڪري چمڻ لڳس. ايتريون تھ مٺيون ڏنائينس جو ٻارڙي روئي پئي.

”نھ منھنجي جيجان توکي ڪيل مالي،“ ھوءَ ٻارڙيءَ کي سرچائڻ لڳي. اوچتو ڪو خيال اينديئي، منھن مٿي ڪري، اوندھھ ۾ بيٺل شاھوءَ ڏانھن ڏسندي چيائين، ”کبر ٿئي ھيءَ ڪنھنجي ڌيءَ آھي؟“

شاھوءَ جواب نھ ڏنس. کيس خاموش ڏسي باليءَ پاڻ ئي وراڻيو، ”ھن جو ڪوبھ پيءُ ڪونھي. ھن جو ڪوبھ پيءُ ڪونھي.“

بالي اوڇنگارون ڏيئي روئي پئي.

شاھو ڪوٺيءَ مان نڪري ٻاھر ورانڊي ۾ اچي بيٺو. ڪجھھ سڪل پن سندس قدمن ۾ چيچلائي خاموش ٿي ويا. ھوا جو زور وڌي ويو ھو. پراڻي جاءِ جا بنياد ڪنبي رھيا ھئا. ماحول کي تاريڪي وڪوڙي وئي ھئي. گھگھھ اوندھھ ۾ بالي شاھوءَ کي سڃاڻي نھ سگھي.

سياڻن ۾ ھڪ ڀوڪ

منھنجا مائٽ ھميشه منھنجي شڪايت ڪندا رھندا آھن. مان آھيان بھ اڻ گھڙيل ڪاٺ، ڇيتن سان ڀريل. خاص ڪري جڏھن کان بي. اي جي ڊگري ورتي اٿم، تڏھن کان اسان جي گھر ۾ ٻائيتال متل آھي ۽ مون سان ويل.

مان عادتن ۽ افعالن ۾ پنھنجن ڀائرن ۽ ڀينرن کان بلڪل مختلف آھيان. ان حقيقت جي شڪايت منھنجي ماءُ اڪثر پنھنجين ساھيڙين ۽ پاڙيسري عورتن سان بھ ڪندي رھندي آھي، ”الاءِ ڪنھن تي ويو آھي، منھنجن چئني ٻارن کان بدليل آھي. عزيز گزيٽيڊ آفيسر آھي. ڪريم تھ ڏسنديئي ڏسندي دوائن جي ڪاروبار ۾ ڀڙ ٿي ويو آھي. بلقيس ڊاڪٽرياڻي ۽ نجمھ انگريزيءَ جي ليڪچرار آھي، پر ھي آجو! چئي ٿو مان اڳتي پڙھندس ئي نھ.“

الاءِ، ڪيئن، ڪڪ ٿيندي، ساھھ منجھائي، بي. اي جو امتحان ڏنم. منھنجو والد صاحب وڏي اثر رسوخ وارو آھي. سفارشون ھلائي سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪرايائين. بي. اي ڪيم تھ سڀني زور رکيو تھ علم سياست ۾ ايم. اي ڪيان، پر مون رکائيءَ سان انڪار ڪري ڇڏيو اٿن.

منھنجي انڪار تي ادا طنز ڀريل مرڪ سان چيو ھو، ”ڀوڪ.“

منھنجو وڏو ڀاءُ عزيز، سماجي ڀلائيءَ ۽ بھبوديءَ واري کاتي ۾ وڏو آفيسر آھي. قدآور، ٺاھوڪو، ذھين ۽ کل مک جوان آھي. جيستائين شادي نھ ڪئي ھئائين، تيستائين ڪلبن جو روح روان ھوندو ھو. ڪلبن جون ڇوڪريون بھ مٿس جان ڏينديون ھيون. ڪڏھن ڪڏھن موقعو ملندو ھئس تھ بابا جي ڪار ۾ ڪنھن ڇوڪريءَ کي ساڻ ڪري، ھاڪس بي تي رات گذاري ايندو ھو. ھينئر شادي ڪئي اٿائين ۽ پنھنجين چنچل سالين جي اردليءَ ۾ آھي. سندس سھرو ھڪ ڪارخاني جو جنرل مئنيجر آھي.

ادا جون ساليون سينٽ جوزف ڪاليج ۾ پڙھنديون آھن. مان تھ کين وڻان ئي ڪين. ھڪڙي ڏينھن بنگلي جي لان تي کين ڳالھيون ڪندي ٻڌو ھئم.

”آجو! اف ڀوڪ.“

”بلڪل گدلو آھي.“

”عزيز ۽ ڪريم ڪھڙا نھ Handsome آھن.“

”۽ نجمھ تھ ھن سڄي گھر ۾ بيحد ذھين آھي.“

”ڪھاڻيون بھ تھ ڏاڍيون سھڻيون لکندي آھي!“

منھنجي ڀيڻ نجمھ، جنھن انگريزيءَ ۾ ايم. اي ڪئي آھي، سا ڪھاڻيون بھ لکندي آھي. سندس افسانا سنڌي ۽ اڙدو رسالن ۾ شايع ٿيندا آھن. افسانن سان گڏ پنھنجو فوٽو بھ ڏيندي آھي. ڪھاڻي ڇپجڻ کان پوءِ کيس پنج اٺ عاشقاڻا خط ملندا آھن. اھڙا خط پڙھندي، مون اڪثر سندس منھن تي خوشيءَ جي لھر ڊوڙندي ڏٺي آھي، پر مصنوعي غصو ظاھر ڪرڻ لاءِ چوندي آھي، ”Silly“. بابا کي جڏھن اھڙا خط ڏيکاريندي آھي، تھ بابا وراڻيندو آھي، ”اسان کي يورپ ۾ رھڻ گھربو ھو. ھتان جا ماڻھو جاھل آھن.“ اھڙين ڳالھين ڪرڻ کانپوءِ بابا اڪثر پائيپ جو لمبو ڪش ھڻي، پنھنجي قديم آرام ڪرسيءَ تي ليٽي پوندو آھي، ”ڇا تھ ڏينھن ھوندا ھئا!“ بابا جو مخصوص جملو آھي.

بابا انگريزن جي ڏاڍي خدمت ڪئي آھي. جڏھن ھر طرف انگريزن کي ملڪ مان لوڌي ڪڍڻ جون تحريڪون جاري ھيون، ۽ جڏھن ملڪ ۾ آزاديءَ جي ھلچل متل ھئي، تڏھن بابا لڪ چوريءَ تحريڪ جي بانين جا نالا انگريزن کي پھچائيندو ھو. آزاديءَ لاءِ جدوجھد ڪندڙ رضاڪارن سان شامل ٿي، سندن راز معلوم ڪري انگريزن کي ٻڌائيندو ھو. انگريز سندس وفاداري ۽ اڻٿڪ ڪوششن مان خوش ٿيا. کيس خانبھادر جو لقب عطا ڪيائيون ۽ سنڌ جي ھڪ زرخيز علائقي ۾ ٽي سؤ ايڪڙ زمين بھ بخشش ڪيائون. سندس خانبھادريءَ جي سند اسان جي ڊرائينگ روم ۾ لڳل آھي.

مون جڏھن بي. اي جي ڊگري وٺڻ کان پوءِ اڳتي پڙھڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، تڏھن بابا مون کي پاڻ وٽ گھرايو. اول دڙڪا ڏنائين، ڌمڪايائين، پر جڏھن ڪاوڙ مان کڙ تيل نھ نڪتو، تڏھن ھڪدم لھجو بدليندي چيائين، ”ڀلا سي. ايس. پي لاءِ تياري ڪر. ڪجھھ ميمبر منھنجا واقف آھن، ڪم ٺھي پوندو.“

مون وراڻيو، ”مان ڪتابن مان ڪڪ ٿي پيو آھيان.“

What?“ بابا ذري گھٽ رڙ ڪئي، ”آخر تون ڪرڻ ڇا ٿو چاھين؟“

”مون کي سوچڻ جي مھلت ڏيو،“ جواب ڏنم.

”ھي رفتار ۽ ترقيءَ جو دور آھي. دنيا تيزيءَ سان وڌي رھي آھي ۽ تون سوچڻ لاءِ مھلت ٿو گھرين!“ بابا ڪاوڙ مان اٿي بيٺو.

”راڪيٽ، ميزائيل، نيوڪليئر بم سڀ تيز رفتار آھن،“ مون وراڻيو، ”دنيا ترقي ڪري رھي آھي، پر مونکي سوچڻ جي مھلت ڏيو.“ مان ٻئي ھٿ پتلون جي کيسن ۾ وجھي، بابا جي ڪمري مان نڪري آيس. پٺيان سندس رڙ ٻڌم، ”نجمھ! آجو ڀوڪ کي سمجھاءِ.“

نجمھ مون کان سخت نفرت ڪندي آھي. مان کانئس ننڍو آھيان، ان ڪري ڇڙٻ بھ ٻڌڻي پوندي اٿم. منھنجا ميرا ڪپڙا، اڻڀا وار ۽ وڌيل ڏاڙھي ڏسي چوندي آھي، ”تون اسان جي خاندان تي بدنما داغ آھين.“ مان کيس جواب نھ ڏيندو آھيان. خانداني برتريءَ جو وڏو احساس اٿس. روزانو ڪڏھن ساڙھي، ڪڏھن غرارو ۽ ڪڏھن سلوار قميص پائي ڪاليج پڙھائڻ ويندي آھي. پر شام جو ڪلب وڃڻ وقت اھو معمول اٿس، تھ ٻانھن بنا بلائوز پائيندي ۽ شوخ رنگ جي ساڙھي ويڙھيندي آھي. کيس پينسل ھيل جا سينڊل پسند آھن. فخر سان ٻڌائيندي آھي، تھ مشھور آمريڪي نچڻو ايڪٽر ايلوس پريسلي سندس قلمي دوست آھي. کيس اسان جي خاندان ۾ سڀ کان ذھين، نفيس ۽ مھذب  سمجھيو ويندو آھي.

بابا جي آواز تي مون کي سمجھائڻ آئي، ”آخر تون ڪرڻ ڇا ٿو چاھين؟“

”ڪجھھ بھ نھ.“

”ڪجھھ بھ نھ!“ نجمھ غصو دٻائيندي چيو، ”سوچ تھ سھي آجو، تھ تون ڪيڏي نھ وڏي خاندان جو فرد آھين! عزيز ڀائيجان ۽ ڪريم ڀائيجان ڏانھن ڏس، ڪيئن نھ پنھنجي لاءِ مٿاھون مقام حاصل ڪيو اٿائون. بلقيس آپا ڊاڪٽرياڻي آھي ۽ مان-“

نجمھ پنھنجي باري ۾ ٻڌائڻ کان ڪيٻايو ۽ مون سندس جملو پورو ڪيو. ”۽ تون انگريزيءَ جي ليڪچرار، ايلوس پريسليءَ جي دوست ۽ مشھور افسانھ نگار آھين.“

نجمھ کي اتي ئي ڇڏي مان ٻاھر نڪري آيس. (جڏھن انگريز آقا ھئا ۽ اسان غلام تڏھن اسان جي گھر ۾ بابا کي ڊيڊي ۽ امان کي ممي سڏيو ويندوھو. اسين ٻار ھئاسي، تنھن ڪري اسان کي ڪڊيز سڏيو ويندو ھو. الله ڪيو، انگريز ويو. ھينئر اسان جي گھر ۾ بابا کي ابو، امان کي امي، ادا کي ڀائيجان ۽ اديءَ کي آپا سڏيو ويندو آھي.)

منھنجي وڏي ڀيڻ بلقيس ڊاڪٽرياڻي آھي. اسپتال وڪٽوريا روڊ تي اٿس. اڃا تائين شادي ڪانھ ٿي اٿس. امان شاديءَ لاءِ چيو ھئس تھ وراڻيو ھئائين، ”مان انسانن جي خدمت ڪرڻ چاھيان ٿي. في الحال شاديءَ جو ارادو ڪونھيم.“

ھوءَ سچ پچ انسانن جي خذمت ڪندي آھي. ڪارخانيدارن، زميندارن ۽ ڪامورن جون زالون وٽس اينديون آھن. صلاح مشوري جي في فقط سٺ رپيا وٺندي آھي. ھڪ دفعو سندس ڪراڙي ۽ ضعيف ماسترياڻيءَ (جنھن کيس اسڪول ۾ پڙھايو ھو) کيس گھرايو، پر ادي بلقيس انڪار ڪري ڇڏيو. امان سمجھايس تھ وراڻيو ھئائين، ”ھيٺئين طبقي جي ماڻھن وٽ وڃڻ سان اھميت ۽ قدر گھٽجي ويندو آھي.“

ان اصول تي ھلندي ادي بلقيس بيحد مشھور ٿي ويئي آھي. لاھور، راولپنڊي ۽ ڍاڪا کان وڏن وڏن سيٺين جون عورتون علاج ڪرائڻ لاءِ وٽس اينديون آھن. اھڙين  عورتن کي فقط ٽي بيماريون ٿينديون آھن: ٿولھھ، ٿڪ ۽ مٿي جي ڦيري.

ادي بلقيس بھ مون کي سمجھايو، ”آجو! آخر ڪجھھ تھ ڪرڻو اٿئي.“

”ڪجھھ بھ نھ.“

”پنھنجن ڀائرن ڏانھن تھ ڏس! عزيز ڪاليج جو بھترين ڊبيٽر ھو.“

”پر انعام ڪڏھن بھ نھ مليس،“ مون رکائيءَ سان وراڻيو.

ادي بلقيس سياڻي سياستدان وانگر منھنجو جملو نظر انداز ڪندي چوندي رھي، ”ڪريم ڪاليج جو ڪرڪيٽ ڪيپٽن ھو.“

”پر ڪڏھن ڏھھ رنس بھ ڪري نھ سگھيو.“

مان خاموش طبع آھيان. جيستائين بيحد خفي نھ ٿيان، جواب نھ ڏيندو آھيان. منھنجي جواب تي ادي بلقيس باھھ ٿي ويئي.

مان دري ٽپي، باغ مان مالٽو پٽي، چوسيندو ٻاھر ھليو ويس.

بنگلي جي در وٽ ڪريم مليو. پنھنجي ڪنور ٽيبل موٽر مان لٿو ھو. گڏ ھڪ سينگاريل ڇوڪري بھ ھئس. مون تي نظر پيس تھ ڇوڪريءَ کي آھستگيءَ سان ڪجھھ چيائين. ڇوڪريءَ اول مون ڏانھن حقارت مان ڏٺو ۽ پوءِ ٽھڪ ڏيئي کلي پيئي. ڪريم اڳتي ايندي چيو، ”يار، سستي ڇڏ، اڳتي پڙھھ، يا بزنس ۾ لھھ.“

”ٻئي ڪم مون کان نھ ٿيندا.“

”ڇو؟“

”الاءِ.“

”۽ جي ابو تنھنجو خرچ بند ڪري ڇڏي تھ؟“

ھن جي سوال ۾ ٺٺولي ھئي. کيس جواب نھ ڏنم، نم جي سڪل پنن کي لتاڙيندو ٻاھر ھليو ويس.

ڪريم، عزيز کان ننڍو آھي. ٿوڻيون ٿنڀا ڏيئي بابا بي. اِي ڪرايس. انجنيئر ٿيو. ٻھ ٽي سال نوڪري ڪيائين، ۽ ان عرصي ۾ سيمنٽ جون ڳوڻيون ۽ لوھھ وڪڻي، ۽ ٺيڪيدارن سان ٺھي خوب دولت ھٿ ڪري ورتائين ۽ پوءِ نوڪري ڇڏي ڏنائين. بابا درآمدي واپار جو ليسن وٺي ڏنس. جنھن تي انگريزي دوائون گھرائي وڪڻندو آھي. سچ پچ تھ ڌنڌي جو ڏاڍو ڏانءُ اٿس. ضرورت ۾ دوائون لڪائي ڇڏيندو آھي ۽ بليڪ ۾ وڪڻندو آھي. اڄ لکين رپيا بينڪ ۾ اٿس.

مون کي پڻ سمجھھ ۾ نٿو اچي تھ بي. اي کان پوءِ ڇا ڪيان؟ پڙھڻ منھنجي وس کان ٻاھر آھي. بلڪل جڏو آھيان. جيڪڏھن حالتون سازگار نھ ھجن ھا، تھ ھوند ميٽرڪ بھ نھ ڪري سگھان ھا. ڪاليج سان ڪابھ دلچسپي نھ اٿم. ۽ نھ آھيان رانديگر ۽ نھ ئي بحث مباحثن ۾ ڳالھائي ڄاڻان. خاص ڪري ڪلبن سان تھ ازلي وير اٿم. ماڻھو الاءِ ڪيئن افسانا ۽ ڪھاڻيون لکندا آھن. مون کان تھ ڪارڊ تي ٽي سٽون بھ نھ لکجنديون آھن. ڏسندو ھئس تھ منھنجا ڪاليجي اديب، ڪلاس بدران ڪينٽين ۾ ويٺا ھوندا ھئا. ڪتابن جي ڀري بغل ۾، وار وکريل، اکيون مصنوعي اداس، ڏاڙھي وڌيل، ۽ ڪن ۾ سڙيل سگريٽن جا ٽوٽا رکي پنھنجي اديب ھئڻ جي ڇاپ ھڻندا وتندا ھئا. چڱي خاصي ٽريجڊيءَ جي ايڪٽنگ ڪري ڄاڻن. سندن صورتون ڏسي مون ڪينٽين ۾ وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو ھو. ڪاليج جي تلخ ۽ ٻسي تجربي کان پوءِ يونيورسٽيءَ ۾ قدم رکڻ تي دل نھ ٿي تئيم.

شام جو گھر موٽيس تھ امان وڏي واڪي پاڙيسري عورتن سان پئي ڳالھايو. جيڪي خوشي ۽ غميءَ ۾ امان کي اڳڀرو ڪنديون آھن. جيستائين بابا کي خانبھادريءَ جو لقب نھ مليو ھو ۽ نھ ئي انگريز سرڪار طرفان کيس جاگير عطا ٿي ھئي، تيستائين امان کي اھڙي اھميت نھ ملندي ھئي. اڄڪلھھ پاڙي جا جھيڙا جھٽا، ڏيتي ليتي، شاديون، مڱڻا امان جي صلاح سان ٿيندا آھن. خاص امان لاءِ ٻھ سنڌي اخبارون اسان جي گھر ۾ اينديون آھن. ڏسندي ئي ڏسندي، سياست ۾ اھڙي تھ ماھر ٿي ويئي آھي، جو گھر ۾ بھ ملڪي مسئلن تي ڳالھائيندي رھندي آھي.

عورتن کان جند ڇڏائي امان مون وٽ آئي. چيائين، ”ابا، مان تنھنجي ماءُ آھيان. مون کي نھ ٻڌائيندين تھ تون ڪرڻ ڇا ٿو  چاھين؟“

”ڪجھھ بھ نھ.“

”ائين ڪيئن ٿيندو! چئھ تھ اعليٰ تعليم لاءِ توکي ٻاھر موڪليون.“

”مان ٻاھر نھ ويندس.“

”تھ آخر ڇا ڪندين؟“

”خدارا منھنجي جند ڇڏيو. مان ڪجھھ نھ ڪندس.“

”پيءُ جي عزت جو بھ خيال ڪونھي ئي!“

ان وقت مون امان کي جواب نھ ڏنو. خاموش رھيس. رات جي مانيءَ تي سڀ قھر آلود نگاھن سان مون کي گھوري رھيا ھئا. بابا ٽماٽن جي سوپ مان چمچو ڀريندي چيو، ”آجو، تون ٻار ناھين، وڏي پيءُ جو پٽ آھين. توکي وڏو ماڻھو ٿيڻو آھي.“

منھنجو ڪنڌ جھڪيل رھيو ۽ بابا ڳالھائيندو رھيو.

”بزنس ڪرين تھ اڄ ئي پرڏيھي واپار جو ليسن وٺي ڏيانءِ، لکين روپيا ڪمائيندين.“

امان پڻ وچ ۾ ڳالھايو، ”يا، جي چوين تھ ڏھھ ٻارھن ريس جا گھوڙا وٺي ڏيونءِ. ريس ڪورس تي وڏن ماڻھن سان ملندو بھ رھندين ۽ ڪمائيندين بھ خوب!“

مون آھستي آھستي ڪنڌ مٿي ڪيو، سڀني جا چھرا ڏٺم. اکين مان ڄڻ شعلا پئي نڪتن. جواب کان جند ڇڏائڻ مشڪل ٿي پيئي.

وراڻيم، ”مون کي زمين وٺي ڏيو.“

”خوب! واھھ جي ڳالھھ ڪئي اٿئي! مان سڀاڻي ئي براج جي زرخيز حصي ۾ توکي پنج سئو ايڪڙ الاٽ ڪرائي ٿو ڏيان. ڦٽيون چاندي اٿئي ۽ ڪڻڪ سون. ۽ ان ايراضيءَ ۾ ھاري بھ سستا ملندءِ.“

ڪريم چيو، ”اھڙي بھترين رٿ تھ توکي اڳ ئي ٻڌائڻ گھربي ھئي.“

مون آھستگيءَ سان وراڻيو، ”مان زمينداري نھ ڪندس.“

”اڙي ھينئر جو چيئھ تھ توکي زمين خريدي ڏيئون؟“ عزيز ڪاوڙ منجھان چيو.

”مون زمين لاءِ چيو ھو، پنج سئو ايڪڙن لاءِ نھ،“ جواب ڏنم، ”مون کي پنج ايڪڙ زمين وٺي ڏيو، مان پاڻ ھر ھلائيندس، مان ھاري ٿيندس.“

”ڀوڪ،“ نجمھ چيو، ۽ چمچو سوپ جي پليٽ ۾ اڇلائي ھلي ويئي. بلقيس چيو، ”آجو دماغي مريض آھي.“

ڪريم رڙ ڪندي چيو، ”لعنت آھي اھڙي ڀاءُ تي جيڪو خانداني ترقيءَ ۾ ھٿ نھ ونڊائي.“

”ڇا تھ ڏينھن ھئا!“ بابا پنھنجي سند ڏانھن ڏسندي چيو.

سڀ آھستي آھستي ڪرسين تان اٿندا ويا ۽ ٿوري دير کانپوءِ سڄي ڪمري ۾ مان اڪيلو رھجي ويس.

ھن ڄار ۾

کير جھڙي انگريزياڻي ٽپ ڏيئي جيپ جي اڳين سيٽ تي عليءَ جي ڀرسان چڙھي ويٺي. عليءَ منھن ورائي مون ڏانھن ڏٺو. اکين ۾ شرارت ھئس. چاٻي ڦيرائي جيپ جي مشين مان زوڪاٽ ڪڍيائين. گير وجھي، اوچتو کاٻو پير ڪلچ تان کنيائين تھ جيپ سٽ ڏيئي حرڪت ۾ آئي. علي مھارت سان اسٽيشن جي ٽانگن کان جيپ بچائيندو، روھڙي شھر ڏانھن ڦري ويو. اسٽيشن روڊ جي لاھي لھندي پڇيائين، ڪيئن ٿو ڀائين شيخ.“

”اڄ جھڙي رات جنت ۾ بھ نھ گذاريندين.“

مون انگريزياڻيءَ ڏانھن ڏسندي ٽھڪ ڏنو. ھن منھن ورائي مون ڏانھن ڏٺو. سمجھائين ڪجھھ بھ نھ، پر تڏھن بھ منھن تي مرڪ مڙي آيس. عليءَ انگريزيءَ ۾ ڪجھھ چيس، جنھن تي ھن بھ ٽھڪ ڏنو. ان ڏينھن زندگيءَ ۾ پھريون دفعو ديسي ۽ ولايتي ٽھڪ ۾ فرق محسوس ڪيم. علي ساڻس ڳالھائيندو بھ رھيو ۽ ھوشياريءَ سان روھڙيءَ جي سوڙھين سڙڪن تان جيپ بھ ھلائيندو رھيو.

علي بھ واھھ جو جوان مڙس آھي! سنڌي ھجن تھ اھڙا! حيدرآباد  کان موٽندي روھڙي اسٽيشن تي انگريزياڻيءَ کي ڏسڻ شرط چيو ھئائين، ”شيخ، جي ھن کي ھٿ نھ ڪيوسين، تھ پوءِ ير حيف آ اسان جي مڙسيءَ تي.“

”وارو ڪر علي. ھي شڪار ماريئھ تھ ڄڻ ٻئي جھان کٽيئھ.“

”تون اتي ئي ترس، مان اجھو ٿو ڪوڙڪي ۾ آڻيانس.“

”تڪڙ نھ ڪجانءِ علي، پليٽ فارم تي سپاھي ٿا گھمن.“

”سپاھي پنھنجا سنگتي آھن، تون فڪر نھ ڪر شيخ.“

سنڌي زميندارن وانگر فل سوٽ پائيندو آھيان، پر انگريزيءَ جو اکر  بھ نھ ڄاڻان، مان اتي ئي ترسيس. عليءَ انگريزياڻيءَ ڏانھن وڌي ويو.

ھوءَ ڏاڪڻ وٽ سامان رکي ايندڙ ويندڙ سان ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪري رھي ھئي. پر سنڌي سٻاجھڙا ڀلا انگريزيءَ مان ڇا ڄاڻن! لڳس گھورڻ. کيس الفيءَ جھڙو ويڪرو، بنا ٻانھن چولو پيو ھو. وارن کي جائيتو رکڻ لاءِ آسماني رنگ جو سنھڙو رومال ٻڌو ھئائين. پيرن ۾ چھنبائي کڙيءَ سان چمپل ھئس. نيريءَ چوليءَ مان، جنھن جو نالو عليءَ سئڪ ٻڌايو ھو، سندس ڀريل پنيون اس ۾ جرڪي رھيون ھيون. لسيون لسيون بلوري ٻانھون چيلھھ تي رکي بيٺي ھئي. کانئس وڌيڪ ڀرپور ۽ سنگ مرمر جھڙي عورت مون اڳ ڪڏھن بھ نھ ڏٺي ھئي.

سنڌ آھي انبن، کارڪن ۽ ڦٽين جو ملڪ، ھتي ست مھينا ھلن جھولا، لڪ لھسائي ۽ بڊو باھھ لڳائي. اسان جي عورتن مان اچي پگھر جي بوءِ ۽ ڇيڻن جي ڌپ. پوءِ ڀلا ڪيئن اسان جي پنھنجين سنڌي عورتن ۾ اک ٻڏي!

مان انگريز عورت جون ٽنگون گھوريندو رھيس ۽ مڇ مروڙيندو ريس. مان سنڌ جو وڏو زميندار آھيان. وڏي رھائيءَ وارو آھيان، ان ڪري مڇ بھ وڏي رکندو آھيان. ٻھ سنڌي انگريزياڻيءَ کي گھوريندا، منھنجي ڀرسان اچي لنگھيا. ھڪ

چيو، ”بلي بلي، زائڦان آھي، ڪي انگريزي فلمن جي ھيرائن!“

ھوءَ ھئي بھ اھڙي؛ ناريل جي ڳر جھڙي. خدا کيس جبلن جي برف جھڙو حسن ۽ رنگ روپ ڏنو ھو. کيس ڄڻ تھ ملائي مکڻ سان ٺاھيو ھئائين. سندس ڏورا ڏسي نصرپور جا پيڙا ياد آيم. علي مڙسي نھ ڪري ھا، تھ جيڪر سڄي عمر پڇتائيندو رھان ھا.

علي آھي دلير جوان. ان سرڪاري کاتي ۾ نوڪري ڪندو آھي، جنھن جو ٻيو نالو ھـذا من فضل ربي آھي. شوقين مڙس آھي. مرن ۽ عورتن جي شڪار جو ماھر آھي. مرن کي سڌو سنئون گولين سان ماريندو آھي، ۽ عورتن کي اٽڪلن جي بندوق ۾ دولت جا ڪارتوس ڀري ماريندو آھي. دنيا جي ڪنھن بھ ملڪ ۽ ذات پات جي عورت نھ ڇڏي اٿائين. ان ڳالھھ تي فخر اٿس. اڪثر چوندو آھي، ’اسان سنڌي دنيا جي عورتن کي آزمائڻ لاءِ پيدا ٿيا آھيون.‘

علي ڪجھھ دير عورت سان ڳالھائيندو رھيو ۽ پوءِ ھٿ جي اشاري سان مون کي سڏ ڪيائين. وک وڌايم. رن جي چمڙيءَ جو چلڪو ڏسي، دل جي چرٻي سيني ۾ رجندي محسوس ڪيم. ويجھو وڃي پڇيومانس، ”گٿو آھين ڇا؟“

”اھڙي بددعا تھ نھ ڪر يار.“ عليءَ وراڻيو، ”چئي ٿي، انگليڊ کان آئي آھي.“

”سنڌ گھمڻ؟“ حيرت مان پڇيم.

”ھا، موھن جي دڙي جي تاريخ لکڻ آئي آھي.“

”چري تھ ناھي؟ ڀلا موھن جي دڙي ۾ ڇا رکيو آھي! ڊٺل شھر، ڀينگ، پڪ مغز خراب اٿس.“

”چئي ٿي، تھ موھن جو دڙو دنيا جي قديم تھذيب ۽ تمدن جو مرڪز رھيو آھي، ان ڪري کيس موھن جي دڙي سان انس آھي.“

”رن کي پڪ سنڌ جي گرمي لڳي آھي.“

”نھ يار، آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان خاص ان ڪم لاءِ اسڪالر ملي اٿس.“

”انگريز ڀوڪ ھميشه کان چريا، پيا ڀتر ٺڪر ميڙيندا.“

عليءَ جواب نھ ڏنو. عورت سان ڳالھائيندو رھيو.

روھڙيءَ جي اسٽيشن سنڌ جي سڀني اسٽيشنن کان وڏي آھي. بيشمار مسافر لھن ۽ چڙھن. جيڪي لٿا، اسان جي چؤگرد گڏ ٿيندا ويا. واڇ گودو ھڻي وين. غريب غربا ھئا. عليءَ کين ڇڙٻ ڏني: اڙي ٽرو، پري ٿيو، عمر ۾ عورت بھ نھ ڏٺي اٿو، وڃو وڃي سکر ۾ انگريزي فلم جو شو ڏسي سڪ لاھيو. پوءِ ٻن چئن پوليس وارن کي گھرائي، سنڌين کي پڳن وارا ڏنڊا کارايائين. تڏھن وڃي ڪا پيھھ پري ٿي.

جڏھن خلق ٽڙي پکڙي ويئي، تڏھن عليءَ چيو، ”شيخ، روڊ سان موھن جي دڙي تائين وڃڻ ٿي چاھي.“

”تھ پوءِ ھٻڪين ڇو ٿو؟ تنھنجي جيپ تيار آھي نھ. نوڪرن ضرور آندي ھوندي.“

”ھا، ڏسين نٿو سامھون ڊرائيور بيٺو آھي.“

”تھ پوءِ چئينس تھ اسان کيس ويران شھر ۾ پھچائينداسين.“

عليءَ انگريزيءَ ۾ ڪجھھ چيس. ھوءَ ڪجھھ گھڙيون سوچيندي رھي. مان سندس ياقوتي چپ ڏسي، جي- بي منگھارام جا کٽمٺڙا ياد ڪرڻ لڳس. ٻھ چار گھڙيون خاموش رھي، انگريزيءَ ۾ ڪجھھ چيائين، تھ عليءَ جي منھن تي رونق ڦھلجي ويئي. چيائين، ”شيخ ھلڻ لاءِ تيار آھي. اسان جا ٿورا مڃيا اٿائين.“

مون مولى جا لک شڪرانا بجا آندا، جو مرشد جي مھر سان مکڻ ملائيءَ جھڙي انگريزياڻي اسان کي مال غنيمت ۾ ڏنائين. مرشد سائين اھڙن ڪمن ۾ ھميشه منھنجي مدد ڪئي آھي. دل مان دعا نڪتي. شل سدائين جيئن سنڌ جا مرشد سڳورا.

انگريزياڻيءَ وٽ ڪپڙن لٽن جي پيٽين کان وڌيڪ ڪتاب ۽ نقشا ھئا. عليءَ پنھنجن نوڪرن کي سامان کڻڻ لاءِ چيو. نوڪر سامان مٿي تي رکي، اسان کان اڳڀرو ھلڻ لڳا. پليٽ فارم جي مٿان پل تان لنگھندي انگريزياڻيءَ عليءَ کان ڪجھھ پڇيو. جواب ۾ عليءَ پنھنجو نالو، ۽ سنڌ جو نالو کنيو. ان مان سمجھيم تھ ھن پنھنجي سڃاڻپ ڪرائي ھئي. عورت سندس نالو دھرائيندي علي ۽ محمد جا نالا کڻي ڪجھھ دير تائين ڳالھائيندي رھي. جواب ۾ علي بھ چڱي دير ڳالھائيندو رھيو. مون کان رھيو نھ ٿيو. عليءَ کان ٺونٺ ھڻندي پڇيم، ”ھيءَ ڪافرياڻي الله ۽ رسول جا نالا ٿي کڻي، اھو ڪم ٺھي ٿو؟“

عليءَ وراڻيو، ”پڇيائين پئي تھ حضرت علي حضرت ' جن جو سوٽ ھو تھ پوءِ سندن وفات بعد ھو خليفو ڇو نھ ٿيو؟

”مار! ڪافرياڻيءَ کي اسلام جي واھھ جي ڄاڻ آھي.“

”مون وراڻيس تھ اسلام جمھوريت جو حامي آھي.“

”واھھ جو جواب ڏنئيس.“

”پر شيخ، رن بھ آڙيڪاپ آھي. پڇيائين، تھ پوءِ حضرت علي ۽ امير معاويھ خلافت لاءِ ٻھ خونخوار جنگيون ڇو لڙيا ھئا؟“

”يار ھيءَ تھ بلا آھي. شيطان جي زال آھي،“ مون حيران ٿيندي چيو، ”تو ڪھڙو جواب ڏنس.“

”ٻڌايومانس تھ مسلمان مختلف حصن ۾ ورھايل آھن، جن مان ھڪڙا آھن سني ۽ ٻيا شيعا. مان ان موضوع تي نھ ڳالھائيندس.“

”شاباس!“

ھڪدم پڇيائين، ”اسلام جيڪڏھن ايڪائي ٿو سيکاري تھ پوءِ توھان مسلمان ٻاھتر فرقن ۾ ڇو ورھايل آھيو؟“
”تو ڇا وراڻيس؟“

”جواب ڏنومانس، اسان وٽ ان سوال جو جواب ڪونھي.“

مان عليءَ سان ڳالھائي رھيو ھوس تھ ھن مون ڏانھن اشارو ڪندي عليءَ کان ڪجھھ پڇيو. عليءَ کيس جواب ڏيئي، مون سان مخاطب ٿيو، ”تنھنجي باري ۾ پڇيائين تھ ڪير آھي؟ ٻڌايومانس تھ سنڌ جو مشھور زميندار آھين.“

”ٻي بھ ڪا ساراھھ ٻاراھھ ڪرينس ھا.“

”چيومانس تھ تون بيحد مھمان نواز آھين.“

”ٻيو ڪجھھ؟“

”ھن رن کي اسان کان وڌيڪ سنڌ جي ڄاڻ آھي.“

”ڪيئن؟“

يورپ ۾ تاريخ جي شاگردن کي اھو ئي ٻڌايو ويو آھي، تھ سنڌي مھمان نواز، رحمدل، سٻاجھا ۽ امن پسند آھن.“

”ڀلا پنھنجو نالو ٻڌايائين؟“

”ھا، نالو اٿس مارگريٽ.“

ڳالھيون ڪندا، ڏاڪڻ لھي، جيپ وٽ پھتاسين. نوڪرن سامان جيپ ۾ رکيو ۽ پري ٿي بيٺا. عليءَ نوڪرن ۽ ڊرائيور کي ريل رستي سکر اچڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ جيپ ھلائڻ لاءِ اڳين سيٽ تي ويٺو. مان پٺيان ويٺس ۽ مارگريٽ ٽپ ڏيئي عليءَ جي ڀرسان ويھي رھي. اسان جنھن وقت روھڙي شھر ۾ داخل ٿياسين، تنھن وقت سج آخري تجلو ڏيئي لينڊس ڊائونپل جي پويان ٽٻي ھڻي ويو. علي مارگريٽ سان ڳالھائيندو بھ رھيو ۽ ھوشياريءَ سان روھڙيءَ جي سوڙھين گھٽين مان جيپ بھ ھلائيندو رھيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com