مون کي ٻانھن کان ڇڪيندي پڇيائين، ”ڪيئن چرٻٽ، ڪم
تھ ٺيڪ ٿي ويو نھ؟“
مون اول کيس ڪاري بيني نرس واري ڳالھھ ٻڌائي.
چيائين، ”پراين عورتن سان مستي نھ ڪندو ڪر. اھڙيون
حرڪتون شريف ٻار نھ ڪندا آھن ۽ ڀلا-“
مون کيس ڳالھائڻ نھ ڏنو ۽ مڇوءَ جي ڳالھھ
ٻڌائيمانس.
چيائين، ”پاڻ وڏن سان ادب سان ڳالھائبو آھي. توکي
عقل الاءِ ڪڏھن ايندو چرٻٽ، ۽ ڀلا-“
مون سندس ڳالھھ اڌ ۾ ڪپي ڇڏي ۽ کيس رڪشا ڊرائيور
جي ڳالھھ ٻڌايم.
چيائين، ”رستي تي وائڙن وانگر نھ ھلندو ڪر. اول
ساڄي، پوءِ کاٻي پاسي ڏسي رستو پار ڪندو ڪر، ۽ ڀلا
ھو خط سوزيءَ کي ڏنئھ؟“
”اول پنھنجي ڪاليج مئگزين ڏي، تھ پوءِ
ٻڌائيندومانءِ.“
”مئگزين نھ ملنديءِ.“
”تھ پوءِ مان ڳالھھ بھ نھ ٻڌائيندومانءِ.“
”مار کائيندين چرٻٽ.“
”ماري تھ ڏيکار! ھون،“ مون چيو، ”مان سڀ ڪجھھ امان
کي ٻڌائي ڇڏيندس تھ تو ھڪ نرس کي-“
”ٺھيو بابا، ٺھيو،“ انور منھنجي وات تي ھٿ رکي
ڇڏيو. ڊوڙندو ويو ۽ پنھنجي ڪمري مان ڪاليج مئگزين
کڻي آيو.
مئگزين ڏيندي چيائين، ”ھاڻي تھ کڻي ٻڌاءِ، چريا
چرٻٽ ڪجھھ چيائين.“
”ھا، چيائين تھ ٽم بوت اڇا لارڪا ڻڍ.“
”ٻيو ڪجھھ؟“
”ڪجھھ بھ نھ.“
انور خيالن ۾ گم ٿي ويو. پنھنجي ساءِ مرڪڻ لڳو.
پڇيومانس، ”کيل تي ويندؤ ڇا؟“
”ھا.“
”ڪھڙي تي؟“
”بدنام حسينھ عرف بي رحم گھوڙي سوار.“
”ھون! اھا بھ ڪا فلم آھي! ٽارزن ۽ خوفناڪ چيتو وڃي
ڏسو نھ.“
”اھا فلم ٻارن لاءِ آھي، چرٻٽ.“
”اڙي نھ نھ،“ مون خوش ٿيندي چيو، ”ان فلم ۾ ٽارزن
ھڪ ڇوڪريءَ کي لو
(Love)
ھڻي ٿو.“
”بيشرم، بداخلاق،“ انور ڪاوڙجي ويو، ”وڏي ڀاءُ سان
اھڙيون واھيات ڳالھيون ڪندي شرم نٿو اچيئي.“
”اچي ٿو.“
”تھ پوءِ ھتان ڀڄي وڃ.“ انور چيو، ”مئگزين بھ
لڪائي پڙھجانءِ.“
”تون خيال نھ ڪر.“
”۽ سوزيءَ واري ڳالھھ بھ ڪنھن سان نھ ڪجانءِ.“
”قلفي کارائيندين؟“
”ھا.“
”تھ پوءِ ڪنھن کي بھ نھ ٻڌائيندس.“
انور ڪپڙا مٽي عذرا جي ڪمري ۾ ويو. عذرا منھنجي
ڀيڻ آھي. نڪ پڪوڙي جھڙو، ڏند مترڪي جھڙا ۽ اکيون
ڦٿل انگورن جھڙيون اٿس. مونکي ھر ھفتي ھڪ دفعو مار
ڏيندي يا کارائيندي آھي.
انور پٻن تي ھلندو عذرا جي ڪمري ۾ گھڙي ويو. ان
وقت عذرا ھڪ اردو ناول پڙھي رھي ھئي ۽ زور زور سان
ٽنگون لوڏي رھي ھئي. ھوءَ بالڪونيءَ ۾ ويٺي ھئي.
انور عذرا کان اک بچائي، ڊريسنگ ٽيبل مان سينٽ جي
شيشي ڪڍي پنھنجن ڪپڙن تي ھاري ڇڏي. مان کيس در جي
وٿيءَ مان جاچي رھيو ھوس. مون تي نظر پيس تھ مون
کي اک ھنيائين، جنھن مان سمجھيم تھ خاموش رھان.
انور پير پير پائي، ڪمري مان نڪري ويو.
مان ٻاھرين در تائين انور جي ڪڍ آيس. ٻاھرين در وٽ
ترسي، ھٿ جي اشاري سان پڇيائين تھ ڇاھي. مون پريان
ئي کيس ساڄي ھٿ جون ٻھ آڱريون ڏيکاريون ۽ کاٻي ھٿ
جو آڱوٺو وات ۾ وجھي ڇڏيم. جنھن مان منھنجو مطلب
ھو تھ مون کي ٻھ آنا ڏي تھ مان ھڪ قلفي کاوان.
انور پنھنجي واچ ڏانھن اشارو ڪيو ۽ ڪنڌ لوڏي ھليو
ويو. مون بھ کيس وڃڻ ڏنو. رات جا نو ٿي رھيا ھئا.
اجايو دير ٿي وڃيس ھا ۽سوزيءَ کي بھ تڪليف ٿئي
ھئا.
سوزي! ھا سوزي! اوھھ مان جيڪر وڏو ھجان. انور جيڏو
ھجان ھا ۽ انور مان جيترو ننڍڙو ۽ بندرو ھجي ھا.
مان خط لکان ھا ۽ انور سوزيءَ کي ڏيئي اچي ھا. ۽
پوءِ سوزي ۽ مان فلم تي وڃون ھا. پر مان تھ جيڪر
سوزيءَ کي ٽارزن جي فلم ڏيکاريان ھا. اردو فلمن ۾
ھيروئن ۽ مايون ايڏو تھ روئينديون آھن، جو منھنجي
دل بھ ٻاگھا ڦاڙي روئڻ چاھيندي آھي.
ھڪ دفعي مان، امان، عذرا ۽ پاڙي جي عورتن سان گڏ
ھڪ فلم جو زنانو شو ڏسڻ ويو ھوس (مان ننڍڙو آھيان
۽ بيحد بندرو آھيان، تنھنڪري مون تي زناني شو ۾
عورتن سان ويھڻ جي جھل پل ڪونھي.) ان فلم ۾ ويچاري
ھيروئن کي سندس مڙس مار ڏيئي، گھر مان ڪڍي ٿو ڇڏي.
ساڳيو مڙس ھڪ ٻيءَ فلم ۾ ساڳي ھيروئن جو پيءُ ٿيو
ھو. اھو ڏسي مون کي سخت اچرج ٿيو ۽ جڏھن عذرا کان
پڇيو ھيم تھ اھو ساڳيو ٿلھو بدمعاش ھڪ فلم ۾ ساڳي
ھيروئن جو پيءُ ٿيو ھو ۽ ھن فلم ۾ وري مڙس ڪيئن ٿي
پيس! تھ عذرا مون کي ڇڙٻ ڏيندي چيو ھو: موئا چپ
ڪر، چريا چرٻٽ. مون ماٺ نھ ڪئي ۽ اڻ تڻ لڳي پئي
ھئي، سو چپ ڪيئن رھان ھا! پنھنجو وات عذرا جي ڪن
وٽ آڻيندي چيو ھيم: ٽارزن جي فلمن ۾ تھ ائين نھ
ٿيندو آھي، جانور ھر فلم ۾ جانور رھندا آھن، ماڻھو
ڪونھ ٿي پوندا آھن. عذرا پنھنجو سڪل، ڪارو ھڏائون
ھٿ منھنجي وات تي رکي ڇڏيو ھو ۽ عجيب آواز ۾ چيو
ھئائين: ”بس ڪر، موئا مرين.“ ۽ پوءِ رئي جي ڪنڊ
وات ۾ وجھي روئڻ لڳي ھئي. مون سندس ھٿ تي ھٿ رکندي
چيو ھو: ”مونکي معاف ڪر منھنجي ڀيڻ“ (نياڻي ست
قرآن ھوندي آھي، ڪيئن ناراض ڪيانس ھا!) اوچتو امان
۽ پاڙي جي عورتن بھ روئڻ شروع ڪيو. مون اڳتي پوئتي
منھن ورائي ڏٺو. منھنجي حيرت جي حد نھ رھي ھئي،
جڏھن ڏٺو ھيم تھ سڄي سئنيما ھال جون عورتون روئي
رھيون ھيون. اکيون ڦاڙي پردي ڏانھن ڏٺو ھيم، ۽
سڀني جي روئڻ جو سبب منھنجي سمجھھ ۾ اچي ويو ھو.
پردي تي ھيروئن جا حال بڇڙا ھئا. ھوءَ ريل جي پٽن
جي وچ ۾ ڊوڙي رھي ھئي. ڪجھھ نانگ، بلائون، وڇون
وغيره ھيروئن ڏانھن وڌي رھيا ھئا. پريان ريل گاڏي
اچي رھي ھئي ۽ ھيروئن ويچاري ٻئي ٻانھون مٿي ڪري،
ٻاگھا ڦاڙي ھڪ گانو ڳائڻ جي ڪوشش ڪري رھي ھئي.
مون سوچيو، يار چرٻٽ سڀ روئن ٿا- امان روئي ٿي،
ھيروئن روئي ٿي، توکي بھ روئڻ گھرجي. پوءِ مون بھ
منھن بڇڙو ڪري، واڇ چٻي ڪري اوڇنگارون ڏيئي روئڻ
شروع ڪيو ھو. ان دفعي مان ڏاڍو رنو ھوس. ڀلا اھڙي
فلم ۾ سوزيءَ کي ڪيئن وٺي وڃي روئاڙي اچان ھا؟“
منھنجي ننڍڙي ميڄالي ۾ وڏا وڏا خيال اڀرڻ لڳا.
مون ڪاليج مئگزين، جاگرافيءَ جي جرنل ۾ لڪائي ڇڏي.
پنھنجي ڪتابن جي ميز وٽ ڪرسي وجھي ويھي رھيس ۽
سڀني کان اک بچائي ڪاليج مئگزين جو سنڌي حصو سڄو
پڙھي ويس. عجيب عجيب ڳالھيون ۽ آکاڻيون لکيل ھيون
مئگزين ۾.
ھر ھڪ آکاڻيءَ ۾ سماج نالي ڪنھن شيءِ جو ھزارين
دفعا ذڪر ڪيل ھو. ھر ھڪ آکاڻيءَ ۾ سماج ڪا نھ ڪا
ڳڙٻڙ ڪئي ھئي. مون کي سماج تي ڏاڍا خار آيا. پوءِ
مون مئگزين بند ڪري، سماج جي باري ۾ سوچڻ شروع
ڪيو. وڏو ڪو بدمعاش آھي سماج! اھا پڪ ھيم تھ سماج
ڪنھن جانور جو نالو ڪونھي، ڇو جو ٽارزن اڄ تائين
چيتي، رڇ، بگھڙ، واڳون ۽ درياھي گھوڙي وغيره سان
وڙھيو آھي، پر اڃا تائين سماج سان مقابلو نھ ڪيو
اٿائين. گھڻو سوچڻ کانپوءِ بھ سماج منھنجي سمجھھ ۾
نھ آيو ۽ مون سماج جي باري ۾ سوچڻ ڇڏي ڏنو.
ڇائي پائي سماج. پوءِ مون مئگزين ۾ لکيل ڳالھين جي
باري ۾ سوچڻ شروع ڪيو. ان ڏينھن زندگيءَ ۾ پھريون
دفعو مون کي خبر پئي تھ ماڻھو وڏو ٿي ڪيئن
ڳالھائيندو آھي- ڪيئن محبت ڪندو آھي. فيصلو ڪيم تھ
مان بھ وڏو ٿي ائين ڪندس، ائين ئي ڳالھائيندس.
اوچتو منھنجي ذھن ۾ ٻيھر سماج بدمعاش جو خيال اڀري
آيو- وڏو شودو آھي سماج- ڪڏھن ھيروئن جو پيءُ تھ
ڪڏھن مڙس!
مان سماج، محبت ۽ سوزيءَ جي باري ۾ سوچيندي سمھي
پيس.
امان الاءِ ڪھڙي مھل مون کي ننڊ مان جاڳائي چيو:
ڀاڻين نان ڪباب آندا آھن، اٿي کاءُ،“
مان ھن وقت بدمعاش سماج جي باري ۾ سوچي رھيو
آھيان،“ وراڻيم ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيم.
سوزي سرڪاري باغيچي ۾ شتر مرغ جي پڃري وٽ ھڪ بئنچ
تي ويٺي ھئي، ۽ وڻ جي ٽاريءَ تي الو ويٺو ھو.
سوزيءَ کي ڪپڙا پرين جھڙا پاتل ھئا ۽ سندس ٽنگون
بھ اگھاڙيون نھ ھيون. کيس پرين جھڙا اڇا اڇا، سھڻا
سھڻا کنڀ بھ ھئا. ان وقت مان ۽ منھنجو جگري دوست
ڦندڻ ڏيڏرن کي پٿر ھڻڻ لاءِ باغيچي ۾ ويا ھئاسين.
مون ڦندڻ کي چيو: يار ڦندڻ، تون ھن تلاءَ وٽ ويھي
نڪ مان گينگھا بھ ڪڍ ۽ ڏيڏر بھ ڏس، مان منٽ ۾
سوزيءَ سان ملاقات ڪري موٽي ٿو اچان ۽ اچي ڏيڏرن
کي پٿر ٿو ھڻان. ڦندڻ تلاءَ جي ڪپ تي ويھي رھيو ۽
چيائين: ايندي ايندي گدامڙي پٽي اچجانءِ.
تلاءِ جي سامھون ٻوٽا ھئا، ۽ ٻوسٽ جي ٻئي پاسي،
سائي ڇٻر جي پرئين ڪنڊ وٽ، ھڪ اڪيلي بئنچ تي سوزي
اداس ويٺي ھئي.
ھڪ ڇال سان ٻوٽا اڪري ويس. پوءِ سوچيم تھ ٽارزن
وانگر ڪوڪڙاٽ ڪندو، وڻن جي ٽارين تي لٽڪندو،
سوزيءَ جي ڪن ۾ وڃي ’ھو‘ ڪيان. پر خيال آيو تھ
ٻيلي، ڪاليج مئگزين ۾ ائين لکيل ڪونھ ھو. مون کي
ائين ڪرڻ گھرجي. جيئن مئگزين ۾ لکيو ھو.
مون قميص جا ٻھ بٽڻ کولي ڇڏيا. وار منھن ۾ وجھي
کاٻو چپ لٽڪائي ڇڏيم. ائين ڪرڻ سان ڪجھھ دير لاءِ
پاڻ کي اٺ محسوس ڪيم. پوءِ جيئن ئي سوزيءَ ڏانھن
وک وڌايم، تھ اھو ڏسي منھنجي حيرت جي حد نھ رھي تھ
مان ھڪدم انور جيڏو وڏو ۽ قداور ٿي ويو ھوس. مون
کي ڏاڍي خوشي ٿي.
مان تڪڙو تڪڙو سوزيءَ ڏانھن وڌي ويس. ھن مون کي
ڏٺو ۽ اچرج نھ کاڌائين.
چيائين، ”مان تنھنجو ئي انتظار ڪري رھي ھيس،
بالم.“
”بالم! ڪٿي آ بالم.“
”تون منھنجو بالم آھين.“
”اوه! سمجھيم.“
”مان صدين کان تنھنجو انتظار ڪري رھي آھيان.“
”صدين کان! نھ نھ. چرچا تھ نھ ڪر. تون ڏاڏيءَ حوا
جيڏي تھ ناھين.“
”تون نٿو سمجھين منھنجا محبوب.“
”محبوب! ڪھڙو محبوب؟ فلم ڊائريڪٽر محبوب.“
ھوءَ وڌيڪ اداس ٿي ويئي، چيائين، ”منھنجي ڀرسان
اچي ويھھ، منھنجا پريتم.“
”مان پريتم نھ آھيان. پريتم داس اسان جي ڪلاس جو
مانيٽر آھي. اسان جي ماستر جو چمچو آھي.“
ھن مون کي ٻانھن کان وٺي پاڻ ڏانھن ڇڪيندي چيو،
”منھنجي ڀرسان ويھي رھھ منھنجا ساجن.“
”ساجن!“ مون سندس ڀر ۾ ويھندي چيو، ”تو مون کي
شايد سڃاتو ناھي سوزي، اڙي مان چرٻٽ آھيانءِ.“
”دنيا لاءِ ڀل تون ڪجھھ بھ ھجين، پر منھنجي لاءِ
ديوتا آھين.“
”ديوتا!“ مون کي ڪجھھ ڪجھھ ڪاوڙ لڳي، ”ھي دئوس
ديوتا وري ڪير آھي! مان توسان محبت ڪيان ٿو سوزي.
تون پنھنجيءَ دل مان دئوس ديوتا، ساجن، پريتم،
بالم وغيره جو خيال ڪڍي ڇڏ.“
سوزيءَ ٿڌي آھھ ڀريندي چيو، ”تون ڏاڍو معصوم
آھين.“
معصوم چيائين تھ مون کي ڏاڍو شرم آيو. مان اڳ
جيترو بندرو ۽ ننڍڙو نھ ھوس، وڏو ٿي ويو ھوس ۽
ماڻھو وڏي ٿي معصوم ٿورو ئي رھندو آھي!
چيم، ”مان معصوم ٿوروئي آھيان. مان تھ جوان آھيان،
تو جيترو آھيان ۽ سوزي- ۽ سوزي مان توسان محبت
ڪندو آھيان.“
”مان بھ توکي دل جي گھراين سان چاھيندي آھيان،
توسان محبت ڪندي آھيان.“
”سچ!“
”ھا،“ ھن اداس لھجي ۾ ڳالھايو، ”پر تنھنجي ۽
منھنجي وچ ۾ سماج جي ديوار آھي.“
”ڪٿي آ سماج ۽ سماج جي ديوار،“ مان خوفناڪ رڙ ڪري
بئنچ تي چڙھي بيٺس.
الو وڻ جي ٽاريءَ تان اڏامي ويو.
”ڪٿي آھي سماج، سوزي. مان غنڊي سماج جا ڏند ڀڃي
ڇڏيندس.“
مون کي سماج تي ڏاڍي ڪاوڙ آھي. مون ڏند ڪرٽيندي،
مٺيون ڀڪوڙي چئني طرف نھاريو. پري پري تائين مون
کي سماج ڏسڻ ۾ نھ آيو.
مون رڙ ڪئي، ”بدبخت سماج، ويجھو آءُ. تو ڪاليج
مئگزين جي محبت ڪرڻ وارن کي ستائي ڏٺو آھي. اچ،
اچي مون سان وڙھھ، داداگير سماج اڄ مان تنھنجو ٽِٽ
ڪڍي ڇڏيندس.“
اوچتو وڻن ۽ ٻوٽن ۾ ٻاڪرڪٽو مچي ويو. مان سماج سان
مقابلو ڪرڻ لاءِ سينو ڦوڪي تيار ٿي بيٺس.
باغ جو مالھي ڏنڊو کڻي ڊوڙندو آيو.
پريان ئي رڙ ڪندي چيائين، ”باگيچي ۾ بوبڙي ڪري
لاءِ ٿو مارين.“
مون کان اڳ سوزي بئنچ ڇڏي ڀڄي ويئي. مالھيءَ مون
کي ڊوڙائڻ شروع ڪيو. مان ڇٻر لنگھي، ٻوٽا ٽپي،
ڦندڻ ڏانھن ڊوڙندو رھيس.
مالھي رڙيون ڪندو، گاھھ پٽيندو، منھنجي ڪڍ ڌوڪيندو
آيو.
مان ڏيڏرن جي تلاءَ وٽ پھتس. ڦندڻ غائب ٿي ويو ھو.
مان حيران پريشان بيٺو ھوس، جو مٿان اچي مالھي
نڪتو. مون کي جھلڻ لاءِ ٻئي ٻانھون اڳتي ڪري جھٽ
ڏنائين. مان پري ٿي ويس ۽ مالھي سڌو وڃي تلاءَ ۾
ڪريو. شپڪو ٿيو. ڏيڏرن ٽپ ڏنا ۽ پاڻيءَ جا ڇنڊا
منھنجي منھن تي اچي پيا. مون اکيون بند ڪري ڇڏيون.
ڪجھھ وڌيڪ ڇنڊا پيا تھ مون ٻوٽيل اکيون اول مھٽيون
۽ پوءِ کولي ڇڏيون. ڪيڏانھن وئي سوزي ۽ ڪيڏانھن
ويو باغ جو مالھي!
مان ڇرڪ ڀري اٿي ويٺس. صبح ٿي ويو ھو. منھنجي مٿان
انور بيٺو ھو. غسلخاني مان وھنجي نڪتو ھو ۽ سندس
وارن مان پاڻي منھنجي منھن تي ٽمي رھيو ھو.
انور منھنجي ڀرسان ھنڌ تي ويھي رھيو. آھستي
پڇيائين، ”لفافي ۽ سوزيءَ جي ڳالھھ دل ۾ رکي اٿئي
نھ؟
”ھا،“ مون وراڻيو، ”پر جي قلفيءَ لاءِ ٻھ آنا نھ
ڏيندين تھ سڀني کي ٻڌائي ڇڏيندس.“
”صبح صبح جو قلفي! ھون چريا چرٻٽ،۾ انور کلڻ لڳو.
چيائين، ”ڀل وڃي ٻڌاءِ. ھاڻي تنھنجي ڳالھھ تي ڪير
اعتبار ڪندو؟“
”دوکو!“
انور کلندو، ٽوال سان وار اگھندو بالڪونيءَ ڏانھن
ھليو ويو.
رڃ
اڄ آچر رات آھي. ھو ٽيئي ھڪ ولائيتي طرز جي گتي ۾
ويٺا آھن. سندن آڏو ٽيبل تي وسڪيءَ جا سونھري گلاس
۽ تريل گوشت، ڪبابن ۽ سيڪيل پٽاٽن جون پليٽون
رکيون آھن. پٽاٽن جي پليٽ ڀڳوانداس لاءِ آھي. ھو
ويشنو آھي. گوشت جي منع اٿس،. تريل گوشت ۽ ڪبابن
جون پليٽون مظفر ۽ ڪريم لاءِ آھن. ھو ٻئي وسڪيءَ
جون سرڪيون ڀري گوشت جون ٻوٽيون چٻاڙي رھيا آھن.
ڀڳوانداس پٽاٽا کائي رھيو آھي.
ٽيئي پاڻ ۾ گھرا دوست آھن.
ٽيئي ڄڻا ھڪ ئي اسڪول ۾ ماستر آھن.
ڀڳوانداس حسابن جو ماستر آھي. زندگيءَ جي ھر ھڪ
وھنوار ۾ حساب استعمال ڪندو آھي. پيسن ڳڻڻ کان وٺي
ساھ کڻڻ تائين حساب ڪتب آڻيندو آھي. پگھار ٻين
ماسترن جيتري اٿس، پر وٽس ٽيوشنون جام آھن. ويھھ
پنجويھھ کن شاگرد کانئس ٽيوشن وٺندا آھن. سندس
ماھوار آمدني ٻارھن سئو رپيا کن آھي. خوش آھي.
آسودو آھي. قميصن جا ڪالر ۽ پتلونن جا پائنچا کٿل
ھوندا آھنس. ڦلڪا ڳڻي کائيندو آھي. بئنڪ ۾ رکيل
موڙي وڌندي رھندي اٿس. سندس دولت مان بئنڪ وارا
واپار ڪندا آھن ۽ نفعي مان پنھنجي عملي کي بونس
ڏيندا آھن. بئنڪ جو مئنيجر ٿلھو متارو آھي. سٺا
ڪپڙا پائيندو ۽ سٺو کائيندو آھي. ڀڳوانداس دولت
ميڙيندو رھندو آھي. سندس پتلون جا پائنچا ۽ قميص
جو ڪالر کٿل ھوندو آھي ۽ بوٽ جو ترو گٺل ۽ ٽنگر
ھوندو اٿس. فقط آچر رات لڪشميءَ جا بند خلاص ڪري،
حاتم کي رئارڻ لاءِ پنھنجن ٻن دوستن سان گڏ رات
ملھائيندو آھي.
مظفر ڊرائينگ ماستر آھي. ساڻس ملندا تھ توھان سان
وان گو، ليونارڊ ڊاونسي ۽ پڪاسو جي فن تي نڪتھ
چيني ڪندو. کيس چغتائي، صادقين ۽ گل جيءَ جون
تصويرون پسند ناھن. مظفر ولائتي فلمون ڏسندو ۽
ڊرائينگ لاءِ ولائتي برش ڪم آڻيندو آھي. ٻيو ڀل نھ
ڪري، پر پنھنجي تعريف پاڻ ضرور ڪندو. ڳالھائڻ مھل
آواز نڙيءَ ۾ وڪوڙي سڪوڙي، گھمائي ڦيرائي ٻاھر
ڪڍندو آھي، ڪنھن ڪنھن وقت تھ ائين محسوس ٿيندو
آھي، ڄڻ تاڙيون وڄائي ڳائيندو:
’آئڍ موسم رنگيلڍ سوھانڍ تو چھٽي لڍ کڍ آ جا
بالما.‘
ڪريم حديث ۽ تاريخ جو استاد آھي. ڇوڪرن کي موت جي
ڀو، قبر جي عذاب ۽ قيامت جي سختيءَ جون ڳالھيون
ٻڌائي، نماز پڙھڻ جي تاڪيد ڪندو آھي. الله سائين
جي قھار ھئڻ جون حديثون بيان ڪري، ٻارن جي دل ۾
مذھب جو احترام پيدا ڪندو آھي. تاريخ ۾ پنھنجي
ساءِ ھو اورنگزيب، چنگيز ۽ ھٽلر کي ساڳي قطار ۾
بيھاريندو آھي. پر ڪلاس ۾ ھو اورنگزيب جي تعريف، ۽
چنگيز لاءِ ٻارن جي دل ۾ نفرت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش
ڪندو آھي. ان لاءِ کيس ماھوار سرڪاري پگھار ملندي
آھي.
ڪريم، مظفر ۽ ڀڳوانداس پاڻ ۾ گھاٽا يار آھن. ڪريم
ڪنوارو آھي ۽ ڀڳوانداس جي زال ھندستان ۾ آھي.
مائٽن سان ملڻ دھليءَ ويئي ھئي. اتي غير ملڪي
جاسوس سمجھي گرفتار ڪيو اٿائونس. مظفر کي پنھنجي
زال آھي. گرومندر وٽ ھڪ ڪوارٽر ۾ رھندا آھن.
اڄ آچر رات آھي. خبر اٿن تھ صبح جو کين موڳن ڇورن
سان مٿو مارڻو ناھي. اڄ رات جو ھو دير تائين
ولائتي گتي جي ڪنڊ ۾ ويٺا رھندا. شراب جي ڍڪ سان
گوشت جون تريل ٻوٽيون ۽ ڪباب چٻاڙيندا رھندا.
ڀڳوانداس ويشنو آھي، تنھن ڪرري شراب سان گڏ سيڪيل
پٽاٽا کائيندو رھندو. پوءِ جڏھن رات جو پھريون پھر
وھامي ويندو، تڏھن ھو ٿڙندڙ ٻرانگھن سان لڏندا
لمندا، جھومندا، بار مان نڪري رستي تي اچي بيھندا
۽ ٽيڪسيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳندا. انتظار ڪندي ڪندي
ھميشه وانگر ڳائيندا:
مالڪ تون درد ڪٽيندين ڪين ڇڏيندين،
ھر حال ۾ رانول رھبر ٿيندي.“
۽ پوءِ جڏھن ٽيڪسي ايندي، تڏھن ھو پنھنجن پنھنجن
گھرن ڏانھن روانا ٿي ويندا.
پر مھيني جي پھرين آچر رات سلسلو اتي ختم نھ ٿيندو
آھي. گذريل آچر رات مھيني جي پھرين رات ھئي. ان
رات ائين نھ ٿيو ھو. ان رات ھو دستور موجب اڌ رات
تائين گوشت جون ٻوٽيون چٻاڙيندا ۽ وسڪيءَ جا گلاس
خالي ڪندا رھيا ھئا. مھيني جي پھرين آچر رات ھئي.
کيسا گرم ھئن، تنھن ڪري دل بھ گرم ھئن.
ڪريم گوشت چٻاڙيندي چيو، ”ڪي پيدائشي ماستر ھوندا
آھن، ۽ ڪن تي ماستري مڙھي ويندي آھي.“
۽ پوءِ ڪريم دل کولي ماستري ڌنڌي کي خوب گاريون
ڏنيون. ڪباب وات ۾ وجھندي چيائين، ”ماستري ڪرڻ کان
بھتر آھي تھ ماڻھو ڪباب وڪڻي.“
ڀڳوانداس سندس ڳالھھ اڌ ۾ ڪپيندي چيو، ”اسڪول
ماستر کان ٽيلر ماستر کي وڌيڪ عزت ملندي آھي.“
”شٽ اپ،“ مظفر وچ ۾ ڳالھايو، ”مان سڀاڻي کان سپر
سئنيما جا پوسٽر ٺاھيندس ۽ آرٽسٽ سڏائيندس.“
”گڊلڪ گنجا،“ ڪريم سندس پٺي ٺپيندي چيو.
”اڙي آھستي، متان پٺيءَ جو ڪنڊو ڀڃين وجھين.“
”پرواھھ ناھي. ڀڳل ڪنڊي بدران مڇيءَ جو ڪنڊو
استعمال ڪجانءِ.“
”ڪھڙيءَ مڇيءَ جو ڪنڊو.“ مظفر پڇيو، ”پلو يا
پاپليٽ؟“
”پاپليٽ.“
”واھھ، انگريزي مڇي!“
”پاپليٽ انگريزي مڇي آھي؟“ ڀڳوان داس پڇيو.
”ھا.“
”۽ پلو؟“
”پلو بلڊي فول سنڌي ھوندو آھي.“
”ڀلا مڇين جو ڪھڙو مذھب ھوندو آھي؟“ ڀڳوانداس
پڇيو.
”مڇين جا مختلف مذھب ھوندا آھن،“ ڪريم ٻوٽي
چٻاڙيندي وراڻيو.
”ڪيئن؟“
”جيڪا مڇي ليورپول وٽ پيدا ٿئي، تنھن جو عيسائي
مذھب ھوندو آھي.“
”ڪرسچن؟“
”ھا،“ ڪريم چوندو رھيو، ”جيڪا مڇي روس جي ڪنارن
تان ملي، سا مڇي ڪميونسٽ ھوندي آھي.“
”واھھ!“
”جيڪا مڇي عربستان ۾ ٿئي، سا مڇي مسلمان ھوندي
آھي.“
”جيڪا مڇي ھندستان ۾ ٿئي؟“ مظفر پڇيو.
”جيڪا مڇي ھندستان مان ملي، سا مڇي ھندو ھوندي
آھي.“
”نھ، نھ،“ ڀڳوانداس وچ ۾ چيو، ”ھندستاني مڇين جو
ڪوبھ مذھب نھ ھوندو آھي. اھي فقط مڇيون ھونديون
آھن.“
”تنھنجو مطلب آھي تھ ھندستاني مڇيون اٿئيسٽ يعني
ملحد ھونديون آھن؟“
”ھا.“
”بيوقوف! ملحد مڇي حرام ھوندي آھي.“
”مڇين جو اڪبر بادشاھھ ھجي ھا، تھ جيڪر دين الاھي
ٺاھي ھا.“
مظفر پڇيو، ”ڀلا وڏي مڇي ننڍي مڇيءَ کي ڇو کائي
ڇڏيندي آھي.“
”الاءِ.“ ڪريم وراڻيو، ”پر اھا حرامپائي ماڻھن
مڇين جي مٿي ۾ وڌي آھي.“
”چئبو تھ انسان وڏو پلستر آھي.“
”ھا. تڏھن تھ پاڻ کي اشرف المخلوقات ٿو سڏائي.“
مظفر ڪجھھ سوچيندي چيو، ”مان ھڪ اھڙي مڇيءَ جي
تصوير ٺاھيندس، جنھن جو منھن ماڻھوءَ جھڙو ۽ بدن
سوئر جھڙو ھوندو.“
”تھ پوءِ سرڪار توکي جيل ۾ وجھائيندي.“
”بيرا، برف!“
”بيروشيشي جي پيالي ۾ برف کڻي آيو. برف ٽيبل تي
رکي، ڪبابن ۽ پٽاٽن جو آرڊر وٺي ھليو ويو.
ڪريم چيو، ”ارودءَ ۾ بيرو ٻوڙي کي چوندا آھن.“
”۽ سنڌيءَ ۾ ڳيرو پکي ھوندو آھي.“ ڀڳوانداس چيو.
”اري ڳيرو نھ، بيرو.۾
”ڳيرو امن جو پکي آھي.“
”ٻيا پکي جنگ ڪندا آھن ڇا؟“
”الاءِ، پر ڳيرو امن جو پکي آھي.“
”پر جھرڪي ڳيري کان وڌيڪ شريف آھي،“ مظفر چيو.
”۽ سڀ کان وڌيڪ بدمعاش پکي آھي ڪانءُ.“
”ڪانءُ نھ چٻرو.“
”چٻرو ڇا؟“
”الو.“
”الوءَ وٽ ٻھ راڪيٽ ھوندا آھن ڇا؟“
”الوءَ وٽ ٻھ چمڪندڙ اکيون ھونديون آھن،“ ڪريم
چيو، ”۽ اسڪول جا ڇورا بھ الو آھن.“
”ڪيئن؟“ ڀڳوانداس پڇيو.
”پڇيومان بيت الله ڪٿي آھي، چيائون: موھن جي دڙي
۾.“ ٽنھي ٽھڪ ڏنو.
”پڇيومان تھ ھندستان ۾ مغلن ايترا قلعا ۽ عمارتون
ڇو اڏايون، تھ ٺھھ پھھ وراڻيائون: سائين سڀئي مغل
ڊکڻ ھئا.“
”ڇورا نوبل آھن.“
”ڇورن کي نوبل پرائيز ملڻ گھرجي.“
”ھا، ڪاپين ۾ حسابن بدران فلمي گانا لکندا آھن،“
ڀڳوانداس چيو.
”۽ ڪتابن ۾ اگھاڙين عورتن جا فوٽا رکندا آھن.“
ان ڳالھھ تان ٽنھي کي کل آئي. کلي کلي ڪرسين تان
ڪري پيا. اٿيا. ڪرسين تي ويٺا مس، تھ ڪريم وري ڪري
پيو. ڀڳوانداس ۽ مظفر پيٽ کي زور ڏيئي کلي کلي
ساڻا ٿي پيا.
ڪريم چيو، ”اڙي چپ ڪريو، کلي کلي چريا نھ ٿي
پئون.“
”ڀل چريا ٿي پئون. سنڌي پير ڪري پوڄيندا.“
”تون ڪافر آھين ماستر.“
”مان ٽڪي جو ماستر آھيان.“
”تڏھن تھ ماسترن فيملي پلاننگ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو
آھي.“
”بيشڪ وارن جي ڪسر ٿا پوري ڪن.“
”تھ پوءِ ملڪ جو مستقبل ڊارڪ آھي.“
”ڊارڪ، يعني ڪارو؟“
”ھا.“
”آمريڪا جا نينکرو بھ ڪارا آھن،“ مظفر چيو.
”آمريڪي اندر جا ڪارا آھن.“
”تون اشتراڪي آھين، تڏھن ٿو بڪواس ڪرين.“
”پنھنجي ھئنڊسم پريزيڊنٽ کي ماري وڌائون.“
”راڪ ھڊسن بھ گھٽ ٺاھوڪو ناھي. ھن کي ئي کڻي صدر
ڪن.“
”پر راڪ ھڊسن مارلين برانڊو جھڙو زبردست ايڪٽر
ناھي.“
”ھون!“ مظفر چيو، ”شيدي ايڪٽر سڊني پائٽر دنيا جو
سڀ کان وڏو ايڪٽر آھي.“
”بڪواس.“
”زبان سنڀالي ڳالھاءِ، بيھوش.“
”مان ھوش ۾ آھيان.“
”تون آئوٽ آھين.“
ڪريم ۽ مظفر ذري گھٽ وڙھڻ لاءِ تيار ٿي بيٺا.
ڀڳوانداس وچ ۾ پئي، سندن ٺاھھ ڪرايو. چيائين،
”توھان ٻئي آئوٽ آھيو. نسلي امتياز اسان جو مسئلو
ناھي.“
”آھي.“
”ناھي، اڙي گنجا. اسان جو مسئلو مذھب آھي.“
”مذھب دوکو آھي.“
”دوزخ ۾ ويندين، بيوقوف. اسان کان ڌار ٿيڻ ٿو
چاھين.“
”پرواھھ ناھي. سچل چيو ھو، دوزخ دڙڪو، بھشت دلاسو،
ڊاھھ ويا سڀ ڊھي ڊھي.“
”سچل جي ڳالھھ نھ ڪر،“ ڪريم چيو، ”سچل ڪميونسٽ
ھو.“
”گڏھھ بي عقل، ڇسا زبان سنڀالي ڳالھاءِ. سچل سنڌ
جو سڀ کان وڏو شاعر ھو.“
”شاھھ کان بھ؟“
”ھا.“
”سچل تي مارڪس جو اثر ٿو ڏسجي. پاڻ ۾ سنگتي تھ نھ
ھئا؟“
”سچل مارڪس جي پيءَ جو دوست ھو،“ ڀڳوانداس چيو.
”تھ چئبو تھ مارڪس تي سچل جو اثر آھي!“
”ھا، مارڪس جي مذھب خلاف ٿيئري سچل جي ھڪ بيت کان
متاثر ٿيل آھي.“
”ڪھڙو؟“
سچل چيو ھو:
”مذھبن ملڪ ۾ ماڻھو منجھايا،
شيخن پيرن پنڊتن بيحد ڀلايا،
ڪي نمازون نوڙي پڙھن، ڪن مندر وسايا،
اوڏو ڪين آيا، عقل وارا عشق کي.“
”سچل اڄ جيئرو ھجي ھا تھ تھ کيس جيل ۾ وجھي، مٿس
ڪيس ھلائين ھا.“
بيرو تريل گوشت، ڪبابن ۽ پٽاٽن جون پليٽون کڻي
آيو. ڀڳوانداس سکڻين نگاھن سان تريل گوشت جي پليٽ
ڏسڻ لڳو. ڪريم گوشت جي پليٽ ڏانھنس وڌائيندي چيو.
”کاءُ.“
”نھ، مان ويشنو آھيان.“
”بدبخت واڻيا.“
”مئا مسلا،“ ڀڳوانداس کيس ٽوڪ ھئين، ”تون سوئر جو
گوشت کائيندين؟“
”مسلمان لاءِ سوئر جو گوشت حرام آھي.“
”مان تھ جيڪر کائي وڃان.“ مظفر چيو.
”او گاڊ!“
”ڪھڙو گاڊ؟ ھندن جو يا مسلمانن جو،“ مظفر جي وات
مان نڪري ويو.
ٽنھي ھڪ ٻئي ڏانھن ڏٺو.
”ڀلا ھيءَ ڌرتي ھندن جي خدا پيدا ڪئي يا مسلمانن
جي؟“ ڪريم پڇيو، ڪائنات، سمنڊ، چنڊ تارا ڪنھن پيدا
ڪيا؟“
”مون،“ مظفر زور سان پنھنجي سيني تي ھٿ ھنيو.
”شٽ اپ، ڪافر،“ ڪريم رڙ ڪئي.
”مان ڪافر آھيان! تھ ٻڌاءِ ڀلا ھندوستان ڪنھن پيدا
ڪيو؟“
”ڪھڙو ھندوستان؟ ھاڻوڪو يا اصلوڪو؟“
”اڙي ڀوڪ، اڳوڻو ھندوستان، جنھن لاءِ اقبال چيو
ھو:
سارڍ جھان سڍ اچھا ھندستان ڻمارا،
ھندي ھيڻ ھم وطن ڻڍ سارا جھان ڻمارا.“
”اھو ھندستان دنيا پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي موجود ھو.“
”تون ڪميونسٽ آھين.“
”نھ. مان مولائي آھيان،“ مظفر وراڻيو ۽ ٽھھ ٽھھ
ڪري کلڻ لڳو.
”منھنجو دوست سشيل بھ مولائي ھو،“ ڪريم اداس ٿي
ويو.
”ڪٿي آھي؟“
”ھينئر بمبئي ۾ آھي. چوپاٽيءَ تي پڪوڙا وڪڻندو
آھي.“
”۽ ھتي؟“
”مونسان اسڪول ۾ پڙھندو ھو،“ ڪريم چيو، ”ڪرڪيٽ جو
زبردست رانديگر ھو.“
ڀڳوانداس جي منھن مان نفرت بکڻ لڳي، ”ورھاڱي کان
پوءِ چور مور ٿي پيا آھن ۽ مور ڍور ٿي پيا آھن.“
”بس ڪر تھ ڪو سي. آءِ. ڊيءَ وارو نھ ٻڌي وٺي.“
مظفر ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسندي چيو.
”تنھنجي دوست جي مرڻ کان پوءِ مان سندس ياد ۾
ڪرڪيٽ ٽرافي رکندس.“ مظفر چيو.
ڪريم خاموش رھيو.
ڀڳوانداس چيو، ”ڪھڙي ٽرافي؟ رانجي ٽرافيءَ جھڙي؟“
”ھا ھوبھو رانجي ٽرافيءَ جھڙي.“
”رنجيت سنگھھ رانجي مھاراجا ھو ۽ تون ماستر آھين،“
ڀڳوانداس کيس ٽوڪ ھئين.
”ھاءِ ڙي بخت!“
”بخت بيوفا ھوندو آھي.“
”عورت بھ بيوفا ھوندي آھي.“ مظفر چيو.
”غلط،“ ڪريم چيو.
”خاموش،“ ڀڳوانداس کيس روڪيو، ”تون ڪنواريو آھين.“
”ھا، تون بالغ آھين.“
”شادي ھڪ سان ڪندين، سمھندين ٻيءَ سان.“
”۽ عشق وري ٽينءَ سان ڪندين.“
”شيڪسپيئر چيو ھو، عورت تنھنجو ٻيو نالو بيوفائي
آھي.“
”عورت فقط عشق ڪرڻ لاءِ آھي.“ مظفر چيو.
”۽ سنڌ جا ڪي ماستر ڇورن سان عشق ڪندا آھن.“
”جيڪو عشق ڇوڪريءَ بدران ڇوري سان ڪيو وڃي، تنھن
کي مجازي عشق چئبو آھي.“ ڪريم مجازي
عشق جي وضاحت ڪندي، پري وڃي نڪتو.
”عورت، عورت آھي.“
”عورت جو ٻيو نالو بيوفائي آھي.“
”عورت جو ٽيون نالو نانختائي آھي.“
”عورت پيڙو آھي.“
”عورت گجر آھي.“
”بڪواس بند،“ ڪريم ٽيبل تي مڪ وھائي ڪڍي.
”ھلو، ھلو. اڌ رات ٿي وئي آھي. اڳتي بھ ھلڻو آھي،“
ڀڳوانداس کين ياد ڏياريو.
”ھا، ھا،“ مظفر چيو، ”ٺوڪر گلي.“
”جاپاني روڊ.“
”نيپيئر روڊ،“ سڀني نعرو ھنيو، ”نيپيئر روڊ- زنده
باد.“
”بيرا بل لاؤ،“ مظفر رڙ ڪري بيري کي سڏ ڪيو.
بل ڏيئي، ھڪ ٻئي کي ڪنڌ ۾ ٻانھون وجھي، ٽيئي ڄڻا
لڏندا لمندا، جھومندا، بار مان نڪري پريڊي اسٽريٽ
تي اچي بيٺا. ٽيڪسيءَ جو انتظار ڪندي ڳائڻ لڳا.
”مالڪ تون درد ڪٽيندين ڪين ڇڏيندين،
ھر حال ۾ رانول رھبري ٿيندين.“
”ٽيڪسي!“ ڪريم ھڪ ٽيڪسي بيھاري.
ٽيڪسي چيڪاٽ ڪري سندسن آڏو اچي بيٺي. ٽيئي ڄڻا
پوئين سيٽ تي ويٺا.
”نيپيئر روڊ ڪو چلو بابا،“ مظفر چيو.
ٽيڪسي نيپئر روڊ ڏانھن ڊوڙڻ لڳي.
ڀڳوانداس چيو، ”ڪوٽ جو ڪالر مٿي ڪيون.“
”ڇو؟“
”ڪو ڏسي نھ وٺي.“
”ڀل ڏسي وٺي. اسان اک ڪڍائي ڇڏينداسينس.“
”اسان استاد آھيون.“
”زبان سنڀالي ڳالھاءِ، گنجا. استاد ڀڙوي کي چئبو
آھي.“
”تون حرامي آھين.“
”اسان ٽڪي جا ماستر آھيون.“
ٽيئي ڪجھھ دير خاموش رھيا. ٽيڪسي خالي رستن تان
ڊوڙندي رھي. مظفر ٽيڪسيءَ جي ننڍڙي آئيني ۾ پنھنجو
منھن ڏسي، گنجي ٽڪڻ تي ھٿ گھمايو. چيائين، ”وار
ھجنم ھا تھ دليپ ڪمار جھڙو ڏسجان ھا.“
”شٽ اپ“ ڀڳوانداس مٿس ٺٺولي ڪندي چيو، ”تون
واھيات انب جي چوسيل ککڙي آھين.“
ان ڳالھھ تان مظفر کي ڏاڍا خار لڳا. چيائين، ”اڄ
تائين چار ڊزن ڇوڪريون مون سان عشق ڪري چڪيون
آھن.“
”ويچاريون بدبخت. انڌيون ھونديون يا ٻيو ڪو جانور
نھ مليو ھوندن.“
مظفر ڀڳوانداس کي سٿر تي ھڪ مڪ وھائي ڪڍي.
ڪريم جھيڙو ٽارڻ لاءِ چيو، ”برابر گنجا. تون دنيا
جو عظيم عاشق آھين.“
”۽ مان دليپ ڪمار بھ آھيان.“
”تون گنجو دليپ ڪمار آھين.“
”بڪواس بند ڪر، ڀڳوانداس،“ مظفر مڪ اولاريندي
ڀڳوانداس کي چيو، ”ھڪ ٺونشي سان ھندوستان موڪلي
ڇڏيندومانءِ، سمجھيئھ.“
”اڄ نھ. پاسپورٽ ڪڍائي وٺان، پوءِ ٺونشو ھڻجانءِ.“
”ھيءُ ڀڳوانداس بدبخت نشي ۾ آئوٽ آھي.“
”پوءِ تون ئي کڻي چئھ، مان آھيان نھ دليپ ڪمار
جھڙو.“
”ھا،“ ڪريم مظفر کي جواب ڏنو، ”تون آھين تھ دليپ
ڪمار جھڙو، پر تنھنجو آواز گلشن کدڙي جھڙو آھي.“
ان ڳالھھ تان ڪريم ۽ ڀڳوانداس کلي کلي کيرا ٿي
پيا.
موٽر سٽ ڏيئي بيھي رھي. ٽنھي ٽيڪسيءَ مان ڳاٺ ڪڍي
نيپئر روڊ تي ھڪ نگاھھ وڌي ۽ پوءِ ٽيڪسيءَ واري کي
ڀاڙو ڏيئي، ٽيڪسيءَ مان لھي، ٺوڪر گليءَ ڏانھن ڦري
ويا. |