گھٽيءَ جي رونق گھٽجي ويئي ھئي. پيٽروميڪس بتين جا
مينٽل ۽ ميونسپل جي بتين جا بلب جھڪا ٿي ويا ھئا.
ڪوٺين جي ميرانجھڙي روشني چکن مان ليئا پائي رھي
ھئي. گراھڪ موٽي رھيا ھئا.
ڪريم چيو، ”ٺوڪر گلي انارڪلي آھي ۽ مان شھزادو
سليم آھيان.“
”۽ اسان تنھنجا غلام آھيون،“ مظفر وراڻيو.
”تنھنجي انصاف جو گھنڊ ڪٿي آھي، شھزادا؟“
ڪريم ڀڳوانداس کي خوفناڪ گار ڏني. کيس مارڻ لاءِ
الر ڪيائين تھ سڌو وڃي اليڪٽرڪ پول سان لڳو. پول
تي خار آيس. پول کي بھ گاريون ڏنائين.
”بداخلاق،“ مظفر چيس، ”عورتن جي موجودگيءَ ۾
بدڪلامي ٿو ڪرين، بي لغام.“
”ڪٿي آھن عورتون؟“
”ھي بھ تھ تنھنجون ڀينرون آھن.“
”زبان سنڀالي ڳالھائي، گنجا،“ ڪريم مظفر ڏانھن
اکيون ڦاڙي ڏٺو، ”ھي سڀ رنڊيون آھن.“
”عورتون ناھن.“
”نھ،“ ڪريم وراڻيو، ”دنيا جون سڀئي عورتون رنڊيون
آھن.“
”۽ ماڻھين؟“ ڀڳوانداس پڇيو.
”مان تنھنجو خون ڪندس واڻيا،“ ڪريم رڙ ڪندي چيو،
”خبر اٿئي مان پڪو مسلمان آھيان.“
”ٽري وڃ، ڪريم ڪنگلا،“ مظفر وچ ۾ چيو، ”دنيا جون
سڀئي عورتون رنڊيون ناھن.“
”برابر منھنجا برادر. دنيا جون سڀئي عورتون رنڊيون
ناھن.“
”دنيا جون عورتون بيوفا، دغاباز، چالاڪ، مڪار،
ڪوڙيون ۽- ۽- گنجا ٻڌائي ٻيو ڇا؟“
”فريبي آھن.“
”برابر منھنجا برادر.“
”ھاڻي ھلو ھڪ بيوفا عورت ڏانھن،“ ڀڳوانداس اعلان
ڪيو. ۽ پوءِ ٽيئي ڄڻا ھڪ ٻئي کي ڪنڌ ۾ ٻانھون وجھي
ڳائڻ لڳا،
”مالڪ تون درد ڪٽيندين ڪين ڇڏيندين،
ھر حال ۾ رانول رھبري ٿيندين.“
چکن سان لڳل جسمن ۾ چرپر ٿي، چوڙين جا جلترنگ جاڳي
اٿيا. نگاھن جا ٻجھيل ٻاڻ ھليا. خشڪ چپن تي مرڪ
تري آئي ۽ ڪجھھ اشارا ٿيا. ٽيئي دوست ٽي چکون مٿي
ڪري ٽن ڪوٺين ۾ لنگھي ويا. ٻاھر، ھڪ پھلوان
وڪٽوريا گاڏيءَ ۾ ھڪ انگريزي خلاصيءَ کي سمجھائي
رھيو ھو، ”دس، فسٽ نمبر.“
”انڊين؟“ انگريز خلاصيءَ پڇيو.
”نو،“ پھلوان وراڻيو، ”انڊين نو گڊ.“
”گڊ.“
”نو نو،“ پھلوان چندو رھيو، ”پاڪستاني مال ويري
گڊ.“
”شوئر؟“
”صاحب، نو گڊ، نو مني،“ پھلوان انگريز خلاصيءَ کي
گاڏيءَ مان لاھيندي چيو، ”پاڪستان مال ويري گڊ، گڊ
انجاءِ.“
”بڪواس!“ مظفر ٿڙندو ٿاٻڙندو، ڪوٺيءَ مان نڪري پول
وٽ اچي بيٺو. خلاصيءَ ۽ پھلوان ڏانھنس منھن ورائي
ڏٺو.
مظفر انگريز خلاصيءَ کي مخاطب ٿيندي چيو، ”نو گڊ
سر، آل فراڊ.“
پھلوان مظفر کي ڪالر کان وڃي ورتو، سٽ ڏيندي
چيائين، ”اوئڍ بس کر وڍ دلڍ دا پترا.“
مظفر ڪالر ڇڏائي گند جي ڊھھ وٽ وڃي بيٺو. انگريز ۽
پھلوان کيس گھوريندا، ڪاٺ جي ھڪ سوڙھي ڏاڪڻ چڙھي
ويا.
مظفر ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳو. عورتن کي گاريون ڏيڻ لڳو،
”حرامزاديءَ پنج رپيا حرام ڪري ڇڏيا.“
ٿوري دير کان پوءِ ڀڳوانداس چک ھٽائي، ٻوٿ ڀيلو
ڪري ٻاھر آيو، ڄڻ تھ ڪنھن الوءَ ڀونڊو ڏنو ھوس.
مظفر جي پاسي ۾ اچي بيٺو. چيائين، ”پنج رپيا تيل
ٿي ويا.“
مظفر کيس جواب نھ ڏنو. ھو بھ خاموش رھيو. ڪجھھ دير
کانپوءِ ڪريم ٻاھر آيو. منھن تي مرڪ ھيس. ٻنھي وٽ
اچي چيائين، ”خوب انجاءِ ڪيم.“
”تون ڪنوارو آھين. بکايل آھين. بڪواس نھ ڪر.“ مظفر
کھري آواز ۾ چيو.
ڪريم دل کولي ٽھڪ ڏنو ۽ پوءِ ڀڳوانداس ۽ مظفر جي
ڪنڌ ۾ ٻانھون وجھي ڳائڻ لڳو:
”مالڪ تون درد ڪٽيندين ڪين ڇڏيندين،
ھر حال ۾ رانول رھبر ٿيندي.“
ٽيئي دوست لڏندا لمندا، ٺوڪر گليءَ مان نڪري نيپئر
روڊ تي اچي بيٺا. سامھون ھڪ ٽيڪسي بيٺي ھئي. پٺاڻ
ڊرائيور ٽيڪسيءَ جي دريءَ تي منھن رکي کونگھرا ھڻي
رھيو ھو. ڪريم ڊرائيور جي ڪن وٽ وات آڻيندي رڙ
ڪئي، ”چلينگا؟“
ڊرائيور ڇرڪ ڀري اٿي ويٺو. اکيون مھٽيندي ھيڏانھن
ھوڏانھن ڏٺائين. ھو ٽيئي در کولي ٽيڪسيءَ ۾ چڙھي
ويٺا. ڊرائيور نسوار جي دٻلي کولي ۽ نسوار جي ھڪ
ڀرپور چپٽي ھيٺئين چپ ۽ مھار جي وچ ۾ وجھندي
پڇيائين، ”خوچي ڪيڌر جائينگا؟“
ڪريم کيس ٻڌايو. ٽيڪسي خالي رستن تي ڊوڙڻ لڳي ۽
ڊينسو ھال لنگھي گاڏي کاتي وٽ پھتي. ڀڳوانداس اتي
لٿو. گاڏي کاتي کان ٽيڪسي سولجر بازار ڏانھن ڊوڙڻ
لڳي.
مظفر ڀڻڪيو، ”عورت دوکيبازي آھي.“
”ذليل آھي.“
مظفر چيو، ”مان عورت جي اھڙي تصوير ٺاھيندس، جنھن
۾ سندس منھن دانگيءَ جي تري جھڙو ۽ وار ڪاريھر
جھڙا ھوندا.“
”۽ بدن ٻٻر جي ٽاريءَ جھڙو،“ ڪريم چيو.
ٻئي ڄڻا ٻيھر خاموش ٿي ويا. سولجر بازار وٽ ڪريم
لھي ويو.
مظفر اڪيلو رھجي ويو. ٽيڪسي ٽيوب لائيٽ ۾ جرڪندڙ
خالي رستن تان گرومندر ڏانھن ڊوڙڻ لڳي. اھڙيءَ ئي
تيزيءَ سان مظفر ذھن ۾ عورت جا ڀيانڪ روپ ٺھندا ۽
ڊھندا رھياو. سندس تصور عورت جو سڀ کان خوفناڪ روپ
تلاش ڪندو رھيو. آخر اھو ئي فيصلو ڪيائين، تھ ھو
عورت جي اھڙي تصوير ٺاھيندو، جنھن ۾ سندس منھن
دانگيءَ جھڙو، وار ڪاريھر جھڙا ۽ بدن ٻٻر جي
ٽاريءَ جھڙو ھوندو. ان کان وڌيڪ، عورت جي ڀوائتي
شڪل سندس ذھن ۾ جنم وٺي نھ سگھي.
سندس خيالن جو سلسلو ڊرائيور جي ڳالھائڻ سان ٽٽي
پيو، ”خوچي ڪيڌر اترينگا؟“
”ھا!“ مظفر ڇرڪ ڀريو، ”سامنڍ جھاڙ کڍ پاس.“
مظفر واچ تي نظر وڌي. رات جا ٽي ٿيا ھئا. ڊرائيور
ٽيڪسي وڻ وٽ آڻي بيھاري. ھن ڊرائيور کي ڀاڙو ڏنو ۽
ٽيڪسيءَ مان لھي بيٺو. ٽيڪسي زوڪاٽ ڪري اڳتي وڌي
ويئي. مظفر چيو، ”عورت تون ٽيڪسي آھين. دانگيءَ جو
ترو، ڪاريھر ۽ ٻٻر جي ٽاري.“
وڻ جي پويان سندس ڪوارٽر ھو. ڪوارٽر جي بتي ٻري
رھي ھئي. بلب جا ڪرڻا دريءَ جي شيخن مان لنگھندا،
فٽ پاٿ تي پئجي رھيا ھئا. دريءَ وٽ سندس زال منتظر
نگاھن سان سندس انتظار ڪري رھي ھئي. چپ خشڪ ۽ اکين
۾ لڙڪن جي جھالر ھيس. ھن اٿي مڙس لاءِ در کوليو.
ھو اندر ايندي در جي چائنٺ سان وچڙيو. ٿاٻو
کاڌائين. زالھنس کيس سھارو ڏنو ۽ آڻي کٽ تي ليٽائي
ڇڏيائينس. ھن ھڪ نگاھھ پنھنجي زال تي وڌي ۽ منھن
ڦيرائي سمھي پيو.
ھوءَ لڙڪ پي ويئي. پاسي کان اٿي کٽ جي پيرانديءَ
کان اچي ويٺي ۽مڙس جي بوٽ جون ڪھيون کولڻ لڳي.
سج اڀرڻ کان اڳ
مون کي ڏسي سدائين ڀڄي ويندو ھو. ان ڏينھن بھ مون
تي نظر پيس تھ وٺي ڀڳو. وک تھ اڳ وانگر تکي وڌائي
ھئائين، پر تڏھن بھ وڃي سوگھو ڪيومانس.
پڇيومانس، ”ڪيئن، سڃاڻين ٿو؟“
چيائين، ”نھ.“
سندس منھن تڪيندي چيم، ”واھھ، مونکي نٿو سڃاڻين.“
”نھ.“
”ٻالو ڀولو نھ ٿيءُ.“
”يقين ڪر تھ مان توکي سڃاڻان ئي نھ.“
نفرت جي جذبي منھنجي آواز کي سخت ڪري ڇڏيو. چيم،
”اڳ بھ مڪار ھئين، اڄ بھ مڪار آھين.“
ھن جواب نھ ڏنو، فقط پنھنجين جادوگر نگاھن سان مون
ڏانھن ڏسندو رھيو. اکين ۾ اھڙي تھ مقناطيسي ڪشش
ھوندي اٿس، جو ھڪ ئي نگاھھ سان اڳئين کي خاموش ڪري
ڇڏيندو آھي، پر ان ڏينھن مان بيحد ڪاوڙ ۾ ھوس.
ڀڻڪيم، ”تون دوکيباز ۽ فريبي آھين.“
آھستگيءَ سان وراڻيائين: ”انڪري تھ پنھنجي دوستي
ختم ٿي ويئي.“
”ڏس، اچي وئين نھ راھھ تي!“ مٿس ٺٺولي ڪندي چيم،
”ڏاڍو ڀورڙو پي ٿئين، چي، ’مان توکي تھ سڃاڻان ئي
نٿو.‘!“
”جيڪي ھئين، تنھن کي سڃاڻيندو ھوس،“ نگاھن ۾
ساگر جھڙي گھرائي پيدا ڪندي چيائين، ”۽ ھينئر جيڪي
ڪجھھ آھين، تنھن کي ڪونھ سڃاڻان.“
”ڏاڍو چالاڪ آھين،“ سندس نگاھن کان پنھنجيون نظرون
بچائيندي چيم، ”ساڳيءَ معنيٰ جا ٻھ مختلف مطلب
ڪڍيا اٿئي.“
”مطلب ساڳيو آھي، پر تنھنجي سمجھھ ۾ ڦيرو اچي ويو
آھي.“
”واھھ. ڪڏھن چوين سڃاڻان، ڪڏھن چوين نھ سڃاڻان.
سمجھھ تھ تنھنجي ڦري ويئي آھي.“
ھڪدم جواب ڏنائين، ”جڏھن رتن تلاءَ اسڪول جي پٺيان
ھڪ جھڳيءَ ۾ رھندو ھئين، تڏھن مان تنھنجو دوست
ھوس.“
”۽ اڄ؟“
”اڄ تون اھو رھيو ئي ناھين، تھ ڀلا اسان جي دوستي
ڪيئن رھندي! چيائين، ”مون تھ توکي اڳ ئي ٻڌائي
ڇڏيو ھو، تھ مان فقط انھن جو دوست آھيان، جن وٽ-“
”بند ڪر بڪواس.“ کيس ڳچيءَ کان وڃي ورتم، ”سڄيءَ
دنيا کي بيوقوف بڻايو اٿئي.“
ھو خاموش رھيو.
مون ڳالھايو، ”انھن منجھيل ڳالھين سان دنيا کي
منجھايو اٿئي.“
جواب ڏنائين، ”جڏھن ظلم ۽ انڌير جا پڙدا انسان جي
عقل تي پئجي ويندا آھن، تڏھن انسان انسانيت کي
وساري ويھندو آھي، بلڪل تو وانگر.“
”فريبي، انسانيت جو ڪوڙو ڍونگ رچايو اٿئي،“ مون
کيس ڀت جي پاڇي ۾ ڌڪي ڇڏيو، ”انھن ڳالھين سان دنيا
کي ٺڳيو اٿئي.“
بنا چرپر جي جواب ڏنائين، ”منھنجين ڳالھين کان
بيزار ھئين، تڏھن تھ تو وٽ اچڻ ڇڏي ڏنم.“
”مون کي بھ تنھنجي دوستيءَ جي ضرورت ناھي،“ سندس
ڳچيءَ تي گرفت مضبوط ڪندي چيو.
”تھ پوءِ روڪيو ڇو اٿئي؟“
”اھو ٻڌائڻ لاءِ تھ، مون تنھنجي تلقين ٿڏي ڇڏي
آھي.“
”ڄاڻان ٿو.“
”۽ وڌيڪ ٻڌ، اڳ تنھنجي دوستيءَ ۾ مان گريجوئيٽ
ھوندي بھ بيروزگار ھوندو ھوس، بک مرندو ھوس،“ کيس
ساڳي نوءَ ۾ ٻڌايم، ”ھينئر مون ڊگري سرٽيفڪيٽ کي
بيڪار ڪاغذ وانگر ڦاڙي ڇڏيو آھي. اڄڪلھھ اسان وٽ
بک ڪونھي. سکيا ۽ آسودا آھيون.“
”ان ڪري تھ تو وٽ اچڻ ڇڏي ڏنو اٿم.“
”ائين چئھ تھ رڳو بکين ۽ بيروزگارن جي در تي ڌڪا
کائيندو آھين.“
منھنجو جملو کيس بڙڇي ٿي لڳو. اکيون چمڪڻ لڳس.
چيائين، ”جيئن سمجھين. پر چور سان پلئھ نھ
اٽڪائيندس.“
پنھنجين تکين اکين سان منھنجو اندر ڦٽي وڌائين.
سندس لفظ ڇيت وانگر دل ۾ چڀڻ لڳم. مون کيس ڇڏي
ڏنو. ھو جيئن اوچتو ئي اوچتو پيدا ٿي پوندو ھو،
تيئن ئي گم بھ ٿي ويندو ھو. ان ڏينھن بھ پاسي واري
اونداھي گھٽيءَ ۾ غائب ٿي ويو.
مان حيران ٿي رھيو ھوس، تھ کيس ڪيئن خبر پيئي تھ
مان چور ھوس! جنھن راز کان منھنجي ماءُ ۽ ڀيڻ
بيخبر ھيون، جنھن راز کان پاڙي وارا اڻڄاڻ ھئا،
جنھن راز کان پوليس اڻواقف ھئي، تنھن مخفي راز جي
ھن کي ڪيئن پروڙ پئجي ويئي! ان وقت محسوس ڪيم تھ
دنيا ۾ فقط ھو ئي منھنجي ڏوھھ کان واقف ھو، يا مان
خود ھوس. مون کيس ختم ڪرڻ جو پڪو فيصلو ڪري ڇڏيو.
اھڙي خطرناڪ شاھد جو زندھھ رھڻ منھنجي لاءِ موت
برابر ھو. ھو منھنجين خوشين جو دشمن ھو. سوچيم،
مان کيس جيئرو نھ ڇڏيندس.
مون رومال ڪڍي ھٿ تي ويڙھيو، ۽ پوءِ چاقو کولي، مٺ
۾ قابو ڪري، ھٿ اوورڪوٽ جي اونھي کيسي ۾ وجھي
ڇڏيم. رات جو پويون پھر ھو. ھو جنھن اونداھي
گھٽيءَ ۾ گم ٿي ويو ھو، مان ان گھٽيءَ ۾ ڪاھي پيس.
ھو مون کان سڏ پنڌ تي وڃي رھيو ھو. مون سندس پيڇو
ڪيو. وڻن جي اوٽ ۾ ۽ ڀتين جي پاڇن ۾ لڪندو ڇپندو،
مان ھن جي پٺيان ھلندو رھيس، فيصلو ڪيم، تھ کيس سج
اڀرڻ کان اڳ قتل ڪري ڇڏيندس.
چاقوءَ تي منھنجي گرفت مضبوط ٿيندي ويئي، ۽ مان
ڪنھن اھڙي ھنڌ لاءِ واجھائڻ لڳس، جتي ھن جي آخري
ھڏڪي ويرانين ۾ دفن ٿي وڃي. ھو بيخبر ھلندو رھيو،
۽ مان پاڇي وانگر سندس پيڇو ڪندو رھيس. رکي رکي
افسوس بھ پئي ٿيم، تھ اجايو سندس موت منھنجي ھٿان
ٿي رھيو ھو. افسوس ان ڪري پئي ڪيم، جو ھڪ دفعي،
مون کي خودڪشيءَ کان روڪي، زندگيءَ جو مفھوم
سمجھايو ھئائين. انھن ڏينھن ۾ مان بيحد مشڪلاتن ۾
مبتلا ھوس. رلندو رھيو ھوس. ڀٽڪندو رھيو ھوس. نيٺ
اھا منحوس گھڙي بھ اچي پھتي، جڏھن بک ۽
بيروزگاريءَ اسان کان سڀ ڪجھھ ڦري ورتو. ڏونگر
جھڙا اھي ڏينھن مون کي سدائين ياد رھندا، ۽ اھو
ڏينھن بھ ھرگز وساري نھ سگھندس، جڏھن ٻن ڏينھن جي
بک اسان کي اڌ چريو ڪري ڇڏيو ھو. مرڻ جا جيڪي بھ
طريقا آھن، انھن سڀني مان، سڀ کان ڀوائتو نمونو
آھي بک ۾ پاھھ ٿي مرڻ جو. مان بک جي عذاب ۾ سڀ
ڪجھھ وساري ويٺو ھوس، سڀ ڪجھھ.
جڏھن امان ھيڻي آواز ۾ پڇيو ھو، ”ابا، ھاڻي ڇا
ٿيندو؟“ تڏھن انتھائي مايوسيءَ ۽ بيزاريءَ وچان
کيس ڇڙٻ ڏيندي چيو ھوم، ”ڇا وري ڇا- تون زرينھ کي
ھار سينگار ڪري ويھار، مان گراھڪ ٿو وٺي اچان.“
”بيغيرت، بيحيا،“ امان مئل آواز ۾ رڙ ڪئي ھئي.
”ھا امان،“ وراڻيو ھوم، ”جوان عورت ڌنڌو ڪرائي پيٽ
پالي سگھي ٿي، مرد ڪيڏانھن وڃي! ٻڌائي مرد ڪيڏانھن
وڃي؟“
زرينھ ۽ امان، حيرت مان مون ڏانھن تڪي رھيون ھيون.
سندن خالي ۽ پريشان ذھن لاءِ منھنجو جملو برداشت
کان ٻاھر ھو. زرينھ تھ پنھنجيون اڌ وساميل اکيون،
منھنجين اکين مان ڪڍيون ئي نھ ٿي، ڀانئھ تھ نگاھن
سان منھنجو روح ڇيھي ڇڏيندي. مون کي اچي ٻانھن کان
ورتو ھئائين. مون کيس گھائل ڪندي چيو ھو، ”توکي
وئشيا ٿيڻو پوندو زرينھ، ھن جڳ ۾ جيئرو رھڻ لاءِ
توکي اھو قرض چڪائڻو پوندو. مون جھڙي بي غيرت ڀاءُ
لاءِ تون اھو قرض صدين کان چڪائيندي رھي آھين.“
”شرم نٿو اچيئي، بي غيرت،“ امان دڙڪو ڏنو ھو.
”بک جو ڀوت غيرت کي اڳري ڇڏيندو آھي، امان.“
”تنھنجو دماغ خراب ٿي ويو آھي.“
”ٻڌو نھ اٿئي امان،“ مان روئي پيو ھوس، بُک بڇڙو
ٽول، دانا ديوانا ڪري.“
امان جي ۽ منھنجين اکين مان لڙڪ وھي نڪتا ھئا.
الاءِ ڪٿان ايترو پاڻي اسان جي اکين ۾ اچي گڏ ٿيو
ھو. زرينھ وائڙين اکين سان مون کي گھوري رھي ھئي.
اوچتو، ڪراھت وچان منھنجي منھن تي ٿڪ اڇلائي
ھئائين، ۽ پوءِ منھنجي سڄي قميص ليڙون ليڙون ڪري
ڇڏي ھئائين. منھنجي منھن تي رھنڊون ھڻي، ٻئي مٺيون
منھنجن وارن ۾ وجھي، اوڇنگارن ۾ اچي ڇٽي ھئي. ھوءَ
ساڳي زرينھ ھئي، منھنجي ننڍي ڀيڻ، جنھن کي ڪلھي تي
ويھاري گھمائڻ ويندو ھوس. جنھن کي پنھنجيءَ خرچيءَ
مان بوڙينڊا وٺي ڏيندو ھوس، ۽ جنھن جي ھڪ ھڪ لڙڪ
تي پاڻ بھ بيچين ٿي اٿندو ھوس. ان ڏينھن منھنجي
ساڳيءَ زرينھ جا ھٿ منھنجن وارن ۾ ھئا ۽ ھوءَ سڏڪا
ڀري رھي ھئي، ھنجون ھاري رھي ھئي. مون کيس پاڻ کان
ڌار ڪيو، ۽ اسڪائوٽ جي ڏينھن وارو چاقو کڻي، ٻاھر
نڪري ويو ھوس.
مون کي اونداھھ جي تلاش ھئي. مون کي ويرانين جي
ڳولا ھئي، جتي سولائيءَ سان چاقوءَ جي تکي چھنب،
ڦر سوڌي سيني ۾ لاھي سگھان ھا. زرينھ جا سڏڪا ۽
امان جون آھون منھنجو پيڇو ڪنديون آيون، پري پري
تائين ھڪ ھنڌ مون کي اوندھھ ۽ ويرانيءَ وارو مقام
ملي ويو ھو، ۽ مون چاقو کولي سيني تي رکيو ھو.
چاقوءَ کي دل ۾ لاھڻ تي ھوس، جو ھو بھ اچي اتان
نڪتو ھو. منھنجي ويڻي جھليندي پڇيو ھئائين، ”ھن
چاقوءَ جي باري ۾ ڪجھھ ڄاڻين ٿو؟“
مون حيرت مان ڏانھنس نھاريو ھو. جيتوڻيڪ اجنبي ھو،
پر تڏھن بھ لڳم پئي، ڄڻ منھنجو ڄاتل سڃاتل ھو.
”ھا،“ وراڻيو ھوم، ”تمام تکو آھي جلد موت
آڻيندو.“
”پر جنھن ڪاريگر ھيءُ چاقو ٺاھيو ھو،“ ھن پنھنجي
مقناطيسي نگاھن سان منھنجي اکين ۾ ڏسندي چيو،
”تنھن ڪايگر جي تصور ۾ موت نھ، پر زندگي ھئي.“
مان اچرج وچان ھن جون ساگر جھڙيون گھريون ۽
پراسرار اکيون ڏسندو رھيس.
پڇيو ھئائين، ”نوجوان آھين، محنت، مزوري ڇو نٿو
ڪرين؟“
وراڻيو ھوم، ”مان گريجوئيٽ آھيان.“
”تعليم کي پيٽ پالڻ جو ذريعو ٿو سمجھين؟ پيٽ تھ
ڪتا بھ پاليندا آھن.“ ھن باوقار لھجي ۾ چيو ھو،
”علم اٿئي روشني، ۽ ھٿ جو پورھيو دنيا جو عظيم
ڌنڌو.“
سندس آواز وڏو ۽ چٽو ھو، ۽ گھڻيءَ دير تائين
منھنجي ذھن ۾ پڙاڏو ڪندو رھيو. مون کي ماٺ ۾ غلطان
ڏسي چيو ھئائين، ”اھا زندگي ئي ڪھڙي، جنھن ۾
جدوجھد نھ ھجي. دوست جدوجھد زندگيءَ جي علامت آھي.
حقيقت ۾ اڄ فقط اھي ئي انسان زنده آھن، جن ڪڏھن
جدوجھد ڪئي ھئي.“
مون وٽ سندس ڳالھين جو جواب نھ ھو.
تڏھن چيو ھئائين، ”ڪھڙا نھ مضبوط ڏورا ۽ ڪشادو
سينو اٿئي! انھن کان ڪم وٺ، منھنجا دوست.“
۽ پوءِ ھو مون کي حيران ۽ پريشان ڇڏي ھليو ويو ھو.
کليل چاقو مٺ ۾ رھجي ويو ھو. جيتوڻيڪ منھنجيءَ دل
مان مرڻ جي خواھش ھن جي ڳالھين سان تڙجي ويئي ھئي،
پر تنھن ھوندي بھ بک جي باھھ اندر ۾ ڀڙڪندي رھي.
ھن جي آخري جملي جو پڙاڏو مون کي بيچين ڪندو رھيو
تھ: ڪھڙا نھ مضبوط ڏورا ۽ ڪشادو سينو اٿئي، انھن
کان ڪم وٺ، منھنجا دوست.
ھيڏانھن ھوڏانھن نھاري، ھڪدم پئڊل تي پير رکي،
سائيڪل ڪاھيندو، تير وانگر اتان گم ٿي ويو ھوس.
ڪنھن بھ مون کي سائيڪل کڻندي نھ ڏٺو ھو ۽ اِھا
منھنجي زندگيءَ جي پھرين چوري ھئي. سائيڪل ھڪ
ڪٻاڙيءَ واري کي پنجاھھ رپين ۾ وڪڻي، ھوٽل تان نان
ڪباب، ڪورما ۽ برياني وٺي، جڏھن گھر جي در وٽ پھتو
ھوس، تڏھن ھن کي در جي ڀرسان بيٺل ڏسي حيران ٿيو
ھوم. ڪجھھ دير اڳ، مون کي زندگيءَ جو سبق ڏيندي
جيڪا جوت سندس اکين ۾ جلي اٿي ھئي، اھا اجھاميل
ھئي.
کيس ائين بيٺل ڏسي چيو ھوم، ”تنھنجي چوڻ موجب
مضبوط ڏورن ۽ ڪشادي سيني کان ڪم ورتو اٿم.“
”مون کي خبر آھي، منھنجا دوست،“ ھن آھستي وراڻيو
ھو ۽ سندس اکين مان رنجش بکڻ لڳي ھئي، ۽ پوءِ
ھوريان ھوريان، ڪنڌ جھڪائي ڪيڏانھن ھليو ويو ھو.
مان ھڪدم گھر اندر داخل ٿيو ھوس. ڏيئي جو تيل ختم
ٿيڻ تي ھو. نان- ڪباب جا پڙا جڏھن کٽ تي رکيم،
تڏھن امان ۽ زرينھ، وائڙن وانگر، ڪڏھن مون کي ۽
ڪڏھن پڙن کي ڏسڻ لڳيون. پڙا سڻڀا ھئا ۽ ڪبابن ۽
ڪورمي جي خوشبوءَ بک کي باھھ لڳائي ڇڏي. پوءِ اچتو
امان ھڪ قدم اڳتي وڌي آئي، ۽ ھن پنھنجي ڪمزور ھٿ
سان منھنجي منھن تي چماٽ وھائي ڪڍي، ”بيحيا پنھنجي
ڀيڻ جو سودو ڪري، ھيءُ حرام آندو اٿئي.“
”نھ نھ،“ وراڻيو ھوم، ”مان تھ مرڻ ويو ھوس، پر
رستي ۾ نوڪري ملي ويئي.“
”نوڪري!“
”ھا، نوڪري.“
پوءِ اسان پڙن تي ڪري پيا ھئاسين. کائيندي
کائيندي، امان نوڪريءَ جي باري ۾ پڇيو ھو، ۽ مون
کيس ٻڌايو ھو، ”ھڪ اخبار جو نمائندو ٿيو آھيان.“
”اخبار جو؟“
”ڪھڙيءَ اخبار جو نمائنيدو ٿيو آھين؟“
”بس، آھي ھڪڙي اخبار،“ کيس چيو ھوم، ”تون ٻيو ڪو
فڪر نھ ڪر، ۽ ماٺ ڪري ويھي ماني کاءُ.“
ان کانپوءِ مون ٻيون ڪيتريون سائڪلون چورايون، ۽
ڏسندي ئي ڏسندي مان شھر جي چورايل سائيڪلن جو سڀ
کان وڏو ”ڊيلر“ ٿي پيس. منھنجو ڪاروبار جيئن جيئن
زور ٿيندو ويو. تيئن تيئن ھو مون کان دور ٿيندو
ويو. پر، ان سموري عرصي ۾، مون ڪڏھن بھ نھ سوچيو
ھو، تھ مون کان سواءِ ڪو ٻيو بھ منھنجي ڏوھھ کان
واقف ھو، ۽ مون تي نظر رکي رھيو ھو. پوءِ ھو جڏھن
ائين چئي ھليو ويو تھ، ”چور سان پلئھ نھ
اٽڪائيندس.“ تڏھن مون کيس قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽
سندس پيڇو ڪيم.
رات جو پويون پھر ختم ٿيڻ تي ھو، ۽ منھنجي بيچيني
وڌندي ٿي ويئي. مون کيس سج اڀرڻ کان اڳ ختم ڪرڻ ٿي
چاھيو. ھو ھلندو رھيو ۽ مان پاڇي وانگر سندس پيڇو
ڪندو رھيو.
نيٺ ھو ھڪ غليظ گھٽيءَ ڏانھن ڦري ويو. مون موقعو
غنيمت ڄاتو. چاقوءَ تي مٺ ڀڪوڙي ڇڏيم. ھو ھلندي
ھلندي ھڪ ڪچي گھر ٻاھران بيھي رھيو. در کڙڪايائين.
مان وڻ جي اوٽ ۾ ٿي بيٺس. سوچيم، جڏھن موٽندو،
تڏھن پٺيءَ ۾ چاقو ھڻندومانس. مان اوٽ مان ڏانھنس
ڏسندو رھيس. پڪ ھيم تھ ڪنھن مفلس جي گھر ٻاھران
اچي بيٺو ھوندو، ڇو جو ھو فقط مصيبت زده انسانن جي
در تي ويندو آھي. ڪجھھ دير کان پوءِ در کليو، ۽ ھڪ
نوجوان ٻاھر آيو. نوجوان کي ڪپڙا سادا، پر اڇا
اجرا اوڍيل ھئا. حيرت فقط اھو ڏسي ٿيم، جو نوجوان
جي ھٿ ۾ لڪڻ ھو. در بند ڪرڻ لاءِ ھڪ پوڙھي عورت
آئي، ۽ نوجوان کي چيائين، ”پٽ، ڀاءُ لاءِ ڪتاب ۽
ھڪ ميز- بتي آڻجانءِ.“
”ھا امان،“ نوجوان شانائتي آواز ۾ جواب ڏنو.
مون کي سندس آواز ٻڌي حيرت ٿي، ڇو جو نوجوان جو
آواز ھن جھڙو ھو، ۽ خود اعتماديءَ سان ڀريل ھو.
سوچيم، اڄ ڪمبخت وڏي آسامي ھٿ ڪئي آھي.
ھو نوجوان سميت واپس موٽڻ لڳو. مان مٿس حملي ڪرڻ
لاءِ تيار ٿي بيٺس. ٻئي ڄڻا جڏھن منھنجي ويجھو
پھتا، تڏھن، جو چتائي ڏٺم، تھ نوجوان انڌو ھو. ھو
انڌي نوجوان سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي ھلي رھيو ھو.
الاءِ ڇو، کيس بروقت قتل ڪرڻ جو ارادو لاھي، ٻنھي
جي پٺ ورتم.
رات جو پويون پھر بھ گذري ويو، ۽ اوڀر کان روشنيءَ
جا ترورا اڀرندا آيا ۽ اوندھھ گھٽ ٿيندي ويئي. ھو
ٻئي فرنيچر جي ھڪ دڪان ٻاھران اچي بيٺا. نوجوان کن
ترسي، دڪان ۾ ھليو ويو. ھو در وٽان نوجوان کي دڪان
۾ داخل ٿيندو ڏسي رھيو ھو ۽ سندس پيشانيءَ مان ڄڻ
نور جا ترورا نڪري رھيا ھئا. سوچيم، ھيءُ ضرور ڪو
جادوگر آھي.
مان ڀت جي اوٽ ۾ لڪل ھوس. منھنجي پاسي مان لنگھندي
چيائين، ”جيڪو چاقو کيسي ۾ پيو اٿئي، سو لوھار
خوان خرابي لاءِ نھ ٺاھيو ھو.“
مان سچ پچ تھ ڪنبي ويس.
منھنجي سامھون اچي بيٺو. چيائين، ”ھو نوجوان انڌو
آھي، پر تڏھن بھ ڪرسيون واڻي، پنھنجو، پنھنجي ماءُ
جو ۽ پنھنجي ڀاءُ جو عزت سان پيٽ پاليندو آھي.“
مان خاموش، لاجواب بيٺو رھيس.
چائين، ”محنت ۽ ھٿ جو پورھيو، دنيا جو عظيم ڌنڌو
اٿئي.“
جڏھن ڪو جواب نھ آئڙيو، تڏھن بيشرمائيءَ سان
وراڻيم، ”مان بھ محنت ڪندو آھيان.“
”اھو ڌنڌو ئي ذليل آھي، جنھن ۾ خوف، ڊپ ۽ حراس
پلئھ پوي،“ ھن جون ساگر جھڙيون نيريون نگاھون
منھنجي اندر ۾ لھي ويون.
چوندو رھيو، ”ھن نوجوان کي اکيون ڪينھن، پر اندر ۾
روشني اٿس. عزت سان ڪمائي ٿو، ۽ فخر سان زندگي بسر
ڪري ٿو.“
منھنجو ڪنڌ جھڪي ويو. جھڪيل نگاھن سان دڪان ڏانھن
ڏٺم، جتي انڌو نوجوان بيد سان ڪرسيون واڻي رھيو
ھو.
سندس آواز تي، منھنجو ڌيان ڏانھنس ڇڪجي ويو.
چيائين، ”مان ھن نوجوان جو ۽ دنيا جي ھر محنتي
انسان جو دوست آھيان،“ ۽ پوءِ ھو اوچتو ئي اوچتو
منھنجين نگاھن کان اوجھل ٿي ويو.
ان ڏينھن کان پوءِ، مون خوف ۽ حراس، ڏوھھ ۽ ڏھڪاءَ
جي زندگيءَ کان منھن موڙي ڇڏيو، ۽ شھر ۾ سائيڪلن
جي ھڪ مشھور ڪارخاني ۾ ’فٽر‘ ٿي روزگار ڪمائڻ لڳس.
ھڪڙي ڏينھن، جڏھن گريس سان ٿڦيل ڪپڙن ۽ ٿڪ سان چور
جسم سان ڪارخاني مان ڪم ڪري ٻاھر نڪتس، تڏھن ھن کي
پنھنجي ڀرسان بيٺل ڏٺم. منھن مان نور پئي بکيس.
بيحد خش پئي نظر آيو.
چيائين، ”اڄ مان بيحد خوش آھيان.“
کانئس پڇيم، ”پر تون ڪير آھين؟ ڪٿان ايندو آھين ۽
ڪيڏانھن گم ٿي ويندو آھين.“
ھن ٻانھن ڊگھيري منھنجي ھانءَ تي ھٿ رکيو ۽ ڏسندي
ئي ڏسندي، اکين کان اوجھل ٿي ويو. مون سندس وجود
کي محسوس ڪري ورتو، ۽ محسوس ڪندو رھيو آھيان.
بارنيس اسٽريٽ جو غنڊو
سعيد منزل جي سامھون، بندر روڊ جي ٻئي پاسي، اي.
وي ريسٽورنٽ جي اولھينءَ دريءَ وٽ ٻھ شخص ويٺا
ھئا.
جنھن کي بوسڪيءَ جي قميص، ڪلف لڳل سلوار ۽ زريءَ
جو سليپر پير ۾ ھو، تنھن ڪراڪولي ٽوپي ٽنڊ تي
رکندي، سامھون ويٺل شخص کي چيو، ”مان ھن مردود کي
جيئرو نھ ڇڏيندس، گھانچي.“
”اڙي تون پروا نا ڪر، سائين گولام حسين.“ گھانچيءَ
کي نيرن ۽ ڳاڙھن پٽن واري گنجي، خاڪي پتلون ۽ پيرن
۾ پراڻو لانگ بوٽ ھو. سندس وار گھنڊيدار ھئا. رنگ
سانورو ھوس. جسم جو جيتوڻيڪ طاقتور نھ ھو، پر منھن
پڪو ھوس. گھانچيءَ، پاڪستاني فلم جي ڪنھن بدمعاش
وانگر سگريٽ واڇ ۾ وجھي، ھڪ اک چنجھي ڪندي چيو،
”جانو مڪراني ھن ھيرو جي ٻچي کي کلاس ڪري ڇڏيندو.“
”پر ڪڏھن ايندو تنھنجو جانو مڪراني.“
”ھير ايندو. بس ھير ايندو.“
”ھيءُ سوئر جو پٽ ھتان ھليو نھ وڃي،“ غلام حسين
ھوٽل کان ٻاھر ڏسندي چيو، ”اھڙي ڪم ۾ اسان دير نھ
وجھندا آھيون. اسان جي ھڪ اشاري تي ھن جھڙن حرامين
جا ڪنڌ لاھڻ وارا جوان سنڌ ۾ جام آھن.“
”ھيءَ ڪراچي آھي، گولام حسين.“ گھانچيءَ چيو، ”ھتي
تونجا ڌاڙيل ماڙيل نا ھلدا.“
”اھو ئي تھ افسوس آھي، گھانچي. جيڪڏھن سنڌ ھجي ھا،
تھ ھن سوئر جي ڦر کي منٽن ۾ مارايان ھا.“
”اڦسوس نا ڪر. جانو مڪراني کي ڊسندين تھ ولا کش ٿي
ويندين.“
غلام حسين ڏند ڪرٽي خاموش ٿي ويو. ھن اکيون ڪرڙيون
ڪري، ھوٽل کان ٻاھر، سعيد منزل ڏانھن نھاريو.
بندر روڊ جي ٻئي پاسي، سعيد منزل جي ڪنڊ وٽ، ھڪ
قداور نوجوان ٻئي ٻانھون لوھي ريلنگ تي رکي اسٽار
بڪ اسٽال تي رکيل ڪتاب ۽ رسالا ڏسي رھيو ھو. سندس
ڏاڙھيءَ جا وار وڌيل، ۽ اکيون ڪارن دائرن ۾ ورتل
ھئس. کيس اڇي قميص، اڇي زين جي پتلون ۽ پيرن ۾
باٽا جو چمپل ھو. اڻڀا وار نرڙ تي پيا ھئس. ھن
ڪتابن ۽ رسالن تان نظرون ھٽائي، بس اسٽاپ ڏانھن
ڏٺو.
اين. جي. وي ھاءِ اسڪول ٻاھران، سعيد منزل جي بس
اسٽاپ تي
17
نمبر بس مان ٻھ ڇوڪريون ھيٺ
لٿيون. ٻنھي کي منھن تي ڳوڙھو ميڪ اپ، سوسيءَ جون
سوڙھيون سلوارون، گج لڳل بنا ٻانھن وارا اسڪرٽ ۽
پيرن ۾ پينسل ھيل وارا چنھبائي سينڊل ھئا. مفلر
جيترا روا؛ ٻٻر ۾ ٻڌل جناتي اِڳڙين وانگر ٻنھي جي
ڪنڌ ۾ ڦڙڪي رھيا ھئا.
ٻئي ڇوڪريون جڏھن بس اسٽاپ وٽ بوٽ پالش ڪندڙ پٺاڻن
وٽان لنگھيون، تڏھن انھن مان ھڪ ڄڻي، گراھڪ جي بوٽ
کي ٿڪ سان چمڪائيندي چيو، ”خوچي بابو ساب، تمارا
بوٽ ڪو آم اِس ڇوڪري لوڪ ڪڍ مون ڪا مافڪ
چمڪائينگا.“
گراھڪ خوش ٿي، ٻھ ڳنڍيريون وات ۾ وجھي، وات بند
ڪري ڇڏيو.
ٻنھي ڇوڪرين ڪاوڙ مان پٺاڻ ڏانھن ڏٺو، پر ٺلھي
ڪاوڙ برقرار رکي نھ سگھيون ۽ ٽھھ ٽھھ ڪري کلي
پيون. ھڪ ٻئي نوجوان جي ڪن ۾ سڙٻاٽ ڪنديون،
کنجنديون، ھڪ ٻئي کي ٿيلھا ھڻنديون، اسٽار بڪ
اسٽال وٽ اچي بيٺيون. ٻنھي مان ھڪڙيءَ ڄڻيءَ ھڪ
فلمي رسالو کڻي ورتو ۽ ٻئي ڄڻيون رسالي جا پنا
اٿلائڻ لڳيون. |