(154)
آکاڻي ننڍن ڪوئن ۽ نورن جي
گهڻي وقت کان ننڍن ڪُئن ۽ نورن جي وچ ۾، ويڙهه هلندي هئي؛ پر
جنگ ۾ سدائين ڪُئا هارائيندا هئا، نيٺ، هنن پنهنجي
هڪ ميڙ ڪوٺايو، جنهن ۾ پنهنجي هار جي سببن تي
ويچار ڪري، فيصلو ڪيائون ته ’پنهنجا سردار مقرر
ڪري، پوءِ جنگ ڪنداسين‘. ڪُئن، پاڻ مان جيڪي سَگها
۽ سورهيه ڪُئا ڏٺا، انهن کي، پنهنجو سردار مقرر
ڪيائون. پوءِ، انهن نون سردارن، پنهنجي سرداريءَ
جي درجي کان اُڪڙ ۾ ڀرجي؛ ۽ پاڻ کي پڌرو ڪرڻ لاءِ،
پنهنجي مٿن تي سڱن جهڙا وڏا پڳڙ کڻي ٻڌا.
ٿورن ڏينهن کان پوءِ، جڏهن لڙائي شروع ٿي، ته اڳي وانگر جلد ئي
ننڍن ڪُئن ڀڄڻ شروع ڪيو. عام ڪُئا ته ٻِرن ۾ لڪي
ويا، پر جيڪي سردار پنهنجي سڱن جي ڊگهائيءَ کان
ٻِرن ۾ لنگهي نه سگهيا، سي پڪڙجي پيا ۽ مارجي ويا.
نصيحت:-وڏائيءَ ۾ وڏو جوکو آهي.
(155) آکاڻي بيمار سرڻ جي
هڪ بيمار سِرڻ، بيماريءَ جي سخت تڪليف کان، بچڻ جو آسرو لاهي،
پنهنجي ماءُ کي منٿ ڪئي ته ”اي امان! سڀني ٽِڪاڻن
۽ پِيرن تي وڃي منهنجي ڇوٽڪاري لاءِ دعا ۽ سُکا
ڪر.“
ماڻس، اهو ٻڌي، جواب ڏنو ته ”اي پٽڙا، تنهنجي جان بچائڻ لاءِ
مان سڀ ڪم جيڪر دل سان ڪريان، پر جيڪو ڪم تون چوين
ٿي، ان مان ته توکي ڪنهن به فائدي جي اميد نه رکڻ
گهرجي؛ ڇو ته، جنهن جي سڄي عمر، ٻين کان ڦُرڻ ۾
گذري هجي، ۽ جنهن انهن سڀاڳين جاين تي به ڦُر ڪرڻ
کان پنهنجو هٿ نه جهليو هجي، تنهن لاءِ آءٌ ڪهڙو
منهن کڻي دعا پنان“.
نصيحت:- ڪنهن به قسم جي ڦُرمار، بي انصافي يا ظلم ڪرڻ واري
ماڻهوءَ کي، ضرورت وقت، ٻئي ڪنهن مان به چڱائيءَ
جي اميد ڪانه ٿي رهي. ان ڪري انسان کي جڳائي ته هو
جڳ ۾ سڀني سان ٺهي هلي، ڪنهن سان به نه ڦٽائي، ته
جيئن آئيءَ ويل لاءِ ڪنهن ۾ اميد بيٺي هجي.
(156) آکاڻي باز واري ۽ تر جي
هڪڙي باز-دار، ڪنهن تتر کي، پنهنجي ڦاهيءَ ۾ ڦاسايو؛ تڏهن تتر
ڏک مان چيس ته ”اي چڱا باز-دار، مون کي ڇڏ- ۽
جيڪڏهن مون کي ڇڏيندين، ته مان توسان انجام ٿو
ڪريان ته ٻين تررن کي ڀنڀلائي، تنهنجي ڦاهيءَ ۾
ڦاسارائيندس!“ باز-واري جواب ڏنس ته ”اڳ ۾ جيڪي
ڪريان ها، اهو ڇٽو، باقي هاڻي توکي ڪنهن به حالت ۾
ڪونه ڇڏيندس؛ ڇاڪاڻ ته، جيڪو پنهنجي مائٽن کي
ڦاسائڻ لاءِ تيار آهي، اهو جيڪڏهن مرندو ته خراب
ڳالهه نه چئبي!“
نصيحت:- ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجي ڀلي ڪاڻ، ٻين جو
رت ست وٺڻ کان ڪونه هچڪندا آهن-پوءِ ڀلي ته اهي
پنهنجا سڄڻ ئي ڇو نه هجن، پر هٿ وٺي پاڻ سان گڏ
انهن کي به آهيءَ ۾ آڻڻ جا ويچار پچائيندا آهن، ۽
ائين ڪرڻ سان ڀائيندا آهن ته ’ٻيا ڀلي مرن کپن، پر
اسين ته آجا ٿي وڃون!‘ اها وڏي ڀُل آهي. عقل وارا
ته ان جو عيوض اجهو ائين ڏيندا آهن، جيئن باز-واري
ڪيو تتر سان.
(157) آکاڻي گڏهه، لوڪڙ ۽ شينهن جي
هڪڙو گڏهه، ۽ لوڪڙ، پاڻ ۾ گڏجي، شڪار ڪرڻ جو ٻول ڪري، رڻ-پٽ ڏي
روانا ٿيا. وات تي شينهن گڏين، لوڪڙ ايندڙ جوکو
ڏسي، شينهن کي ويجهو وڃي آهستي چيو ته ”جيڪڏهن تون
مون کي جيئرو ڇڏين، ته مان گڏهه کي تنهنجي وس ۾
آڻيندس.“ شينهن يڪدم اهو ٻول قبول ڪيو. پوءِ لوڪڙ،
اٽڪل سان، ويچاري گڏهه کي ڪنهن ڦاهيءَ ۾ ڦاسائي
وڌو. شينهن جڏهن گڏهه کي پوريءَ ريت ڦاٿل ڏٺو، ته
وٺي لوڪڙ تي ڪاهه ڪيائين ۽ ان کي ماري کاڌائين.
گڏهه کي وري ٻئي ڏينهن جي کاڄ لاءِ رکيائين.
نصيحت:- جيڪو پنهنجي ٻيليءَ سان جوکي ويل دغا ٿو ڪري، ان جي
سَڻائي ڪڏهن ڪانه ٿيڻي آهي. جڏهن ٻن دوستن ۾ ڦوٽ ۽
ڦيٽاڙو ٿو پوي ته پوءِ دشمن کي مورڳو مزو ٿيو
وڃي-جيئن ته چيو اٿن ته ”ڪانوَ کي لُڙ ۾ مزو“. پر
چيو اٿن ته ”ٻه ته ٻارهن“-سو دوستن کي هميشه
اوکيءَ سوکيءَ ۾ سِر جو ساٿ ڏيڻ کپي-ائين نه ٿئي
جو هليا هجن شڪار ڪرڻ ۽ پوءِ پاڻ شڪار ٿي وڃن!
جنهن مقصد تي هلجي، ان تي توڙ تائين قابو رهجي.
”همه ياران دوزخ، همه ياران بهشت“.
(158) آکاڻي ديال وڻ ۽ ڪنڊيءَ جي
هڪڙي ڏينهن ديال وڻ، ڪنڊيءَ سان ٻٽاڪهڻڻ لڳو ته ”تون ڪنهن به ڪم
جي ڪانه آهين، ڇو ته مون کان سواءِ جيڪي ماڻهن جون
جڳهيون ڪين ٺهي سگهن“. ڪنڊيءَ جواب ڏنو ته ”جڏهن
ڪاٺيارا ڪهاڙاا ۽ ڪارايون کڻي اچن ٿا، تڏهن تون
ديال وڻ جي بدران ڪنڊيءَ جي وڻ هجين، ته تون انهن
کي ڇا ڏين!“
نصيحت:- جيڪا وڏائي جوکن ۾ وڪوڙيل آهي، ان کان حفاظت ڀريل غربت
چڱي آهي.
(159) آکاڻي هرڻ ۽ ڊاک جي وڻ جي
هڪڙو هرڻ، جنهن جي پويان شڪار پئي آيا، تڪڙ ۾ ڪنهن ڊاک جي وڻ جي
ٽارين ۾ لڪي ويٺو. شڪاري، جن هرڻ کي نه ڏٺو، سي
ڀلجي اڳتي لنگهي ويا. هرڻ جو ڏٺو ته هاڻي خطرو ٽري
ويو، سو انهن ٽارين جي پنن کي کائڻ لڳو، جن هن کي
لڪايو هو. شڪارين مان هڪڙي شڪاريءَ جو وڻ ۾ کڙ کڙ
ٻڌي، سو ڀانيائين ته شڪار اِتي آهي، انهيءَ ڪري،
وڻ ۾ تير هڻي هرڻ کي ماري وڌائين. هرڻ پوئين پساهن
۾ ڪنجهندي چيو ته ”مون کي بي انصافيءَ جو اهو بدلو
مليو آهي، ڇو ته جنهن وڻ مون کي جوکي جي مهل بچايو
هو، ان کي نقصان رسائڻ نه کپندو هوم“.
نصيحت:- ڀلائي ڪرڻ واري کي بدلي ۾ بي انصافي نه ڏجي نه ته پاڻ
کي ڇيهو رسندو.
(160) آکاڻي مرچوس جي
هڪڙي مرچوس، پنهنجي ملڪيت سوگهي ڪرڻ لاءِ، هرڪا شي وڪڻي، هڪ وڏي
سون جي تسري ٺهرائيءَ زمين ۾ پوري ڇڏي، اهو مرچوس،
هر روز، اها تسري ڏسي، دلجاءِ پيو ڪندو هو. هن جي
هڪ نوڪر، جو هن کي هر روز ائين ڪندو ڏٺو، سو
ڀانيائين ته ضرور ڪا مايا هوندي. هڪ ڏينهن، جيئن
مالڪ گهر مان ٻاهر نڪتو، ته نوڪر لالچ ۾ اچي، اها
تسري چورائي کڻي ويو. مرچوس، انهيءَ جاءِ کي؛
جڏهن، سوٺيءَ تسريءَ جي عيوض خالي ڏٺو؛ ته وٺي
روئڻ ۽ پٽڻ لڳو. هڪ پاڙي واري کي، جڏهن ساريءَ
ڳالهه جو پتو پيو، تڏهن چيائين ته ”وڌيڪ ڏک نه ڪر،
پر ان جاءِ تي ڪو پٿر کڻي پُور ۽ سمجهه ته اتي
سوني تسري پوريل آهي-ڇو ته توکي انهيءَ سون کي ڪم
آڻن جو ته اِرادو اصل ڪونه هو. انهيءَ ڪري جيترو
ڪم اها سون جي تسري ڪندي هئي، اوترو اهو پٿر به
ڪندو“.
نصيحت:- دولت کپائڻ لاءِ آهي، نه گڏ ڪري رکي ڇڏڻ لاءِ. جنهن
دولت مان ماڻهوءَ کيڪو فيض فائدو نه پِڙ پئي، ان
جي هئڻ ۽ نه هئڻ جو ڪهڙو ڦير؟
(161) آکاڻي بيمار شينهن جي
هڪڙو شينهن پنهنجي ٻڍاپي ڪري، ٻاهر نڪري شڪار لاءِ گهمي ڦري نٿي
سگهيو. انهيءَ ڪري، پنهنجي ڏر ۾ ويهي، آهستي آهستي
گهٽيل نڙيءَ سان، جانورن کي ٻڌائڻ لڳو ته ”مان
ڏاڍو بيمار ٿي پيو آهيان“. سڀني جانورن جڏهن شينهن
جي بيماريءَ جو ٻڌو، ته کين شينهن لاءِ ڏاڍو قياس
آيو، ۽ شينهن وٽ سندس بيماريءَ جي خبر لهڻ ۽
همدردي ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي پٺيان اچڻ لڳا. پوءِ
شينهن، پنهنجي ڏر ۾، سولائيءَ سان، جانورن جو شڪار
ڪرڻ لڳو. انهيءَ ڪري، ٿورن ڏينهن ۾، شينهن متارو
ٿي ويو. هڪڙو لومڙ به بيماريءَ جي ڳالهه کي سچو
ڄاڻي؛ شينهن کي پڇڻ لاءِ آيو؛ پر تڏهن به پري کان
بيهي پڇيائين ته ”حضرت، چڱا ڀلا آهيو؟“ شينهن چيس
ته ”منهنجا مٺڙا مائٽ، تون به منهنجي پڇڻ لاءِ آيو
آهين! پوءِ پري ڇو بيٺو آهين؟ ويجهو اچي، هن نماڻي
شينهن کي- جنهن جي عمر باقي ٿوري وڃي بچي آهي-ڪنن
۾ ڪا دلجاءِ جي ڳالهه ته اچي ٻڌاءِ!“
لوڪڙ جواب ڏنو ته ”مان تو لاءِ دعا گهران ٿو، پر تنهنجي ويجهو
ايندي ڊڄان ٿو؛ ڇو ته جيترا پير مان ڏسان پيو، سي
سڀ ڏر ڏي پيا اچن، پر انهن جي موٽڻ جو مان ڪو به
نشان ڪونه ٿو ڏسان“.
نصيحت:- هن سنسار ۾، اڪيچار قسمن جا ماڻهو، پڌراجن ٿا. بيشمار
اهڙا ماڻهو پڻ هوندا، جيڪي مفت جا مزا ماڻڻ لاءِ،
گهر ويٺي، اهڙا ته پيا واجهه وجهندا، جو اڻڄاڻ کي
ان جي مکر ۽ فريب جي خبر نه هوندي، ته اُو ان جي
دلبي ۾ اچي ويندو آهي، ۽ پوءِ سدائين لاءِ، انهيءَ
جي دام ۾ ڦاٿو پيو هوندو آهي، يا ته بنهه پيڙجي
پورو ٿي ويندو آهي. ان ڪري، هن دنيا ۾، قدم قدم
تي-لوڪڙ وانگر-هوشيار ٿي هلڻ کپي. ظاهر تي نه لڳي،
سوچ ويچار کان ڪم وٺي، پوءِ ڪو ڪم ڪجي، ته ان ۾
سلامتي آهي.
(162) آکاڻي ٻٽاڪي واٽهڙوءَ جي
هڪڙو ماڻهو، جيڪو ڌارين ملڪن ۾، تمام گهڻو گهميو هو، اهو، جڏهن
موٽي پنهنجي ڳوٺ آيو، تڏهن سدائين ڊاڙون هڻندو هو
ته ”ٻاهرين ملڪن ۾ مون ڪهڙا نه وڏا ڪم ڪيا هئا!“
هڪڙي ڏينهن ٻٽاڪ هڻڻ لڳو ته ”مان جڏهن ’فلاڻي‘ ٻيٽ ۾ هوس، ته
هڪڙي ڏينهن اهڙو ته اچرج جهڙو ٽپو ڏنم، جنهن جهڙو
ٽپو ڪير به نه ڏيئي سگهيو-۽ ان ڳالهه جا اکين ڏٺا
شاهد اڄ به اتي موجود آهن!“
ٻڌندڙن مان هڪڙي ماڻهوءَ چيو ته ”بيشڪ هوندو، پر جيڪڏهن اهو سچ
آهي، ته هن هنڌ کي به ساڳيو ’فلاڻو‘ ٻيٽ سمجهي ۽
وري اهو ٽپو ته ڏيئي ڏيکار!“
نصيحت:- پاڻ کي پڏائڻ لاءِ اهڙو سارو ڪوڙ نه هڻجي، جو ويساهه ۾
ئي نه ايندو هجي، ۽ مورڳو ماڻهو بيوقوف ڪري سمجهن.
(163) آکاڻي بگهڙ ۽ گهوڙي جي
هڪڙو بگهڙ، گهمندي گهمندي، جَوَن جي ٻنيءَ تائين پهتو، پر جَوَ
کائي نه سگهيو، انهيءَ ڪري، جَوَن کي ڇڏي، اڳتي
هليو. واٽ ۾ جڏهن، گهوڙو گڏيس، ته چيائينس ته ”مون
سان گڏجي انهيءَ ٻنيءَ ۾ هل، جتي تمام گهڻا جَوَ
لڌا اٿم. مون هڪڙو داڻو به نه کاڌو آهي، ۽ سڀ
تولاءِ بچايا اٿم؛ ڇو ته، تون جڏهن چرين ٿو، ته
تنهنجي ڏندن جو آواز مون کي راڳ وانگر ڏاڍو موچارو
ٿو لڳي!“ گهوڙي جواب ڏنس ته ”تون ڏاڍو آهين، پر
مان ڄاڻان ٿو ته، جيڪڏهن، بگهڙ جَوَ کائي سگهن ها،
ته تون ڪنن جي مزي لاءِ پيٽ کي بک ڪونه مارين ها!“
نصيحت:- جيڪا شي پاڻ لاءِ نڪمي آهي، اها جيڪڏهن ٻئي کي آڇبي، ته
ان جي قدرشناسي به ٿوري ٿيندي.
(164) اکاڻي ڪناگ ۽ اڇي هنس پکيءَ جي
هڪڙي ڪانوَ کي، هنس پکيءَ جا سفيد کنڀ ڏسي، ڏاڍيءَ ريس ورتو. سو
ڀانيائين ته ’هنس پکي جنهن پاڻيءَ ۾ رهي ٿو،
انهيءَ ڪري سهڻو آهي‘. اهو خيال ڪري، جنهن هنڌ پاڻ
گذاريندو هو، اهو هنڌ ڇڏي، ڍنڍن ۾ گذارڻ لڳو. ڪانگ
پنهنجا کنڀ خوب پاڻي4 ۾ ڌُئندو سنواريندو ۽
سوئيندو هو، پر گهڻيءَ محنت کان پوءِ به سندس وار
ڪارا رهيا، ۽ سهڻي ٿيڻ جي سڪ به پوري ڪانه ٿيس.
انهيءَ هنڌ تي، ڪانگ کي،ضرورت وارو کاڄ نه ملي
سگهيو، ان ڪري جلد ئي مري ويو.
نصيحت:- هر ڪنهن جَيوَ کي، پنهنجو جدا ماحول آهي، ۽ ان ماحول ۾
ان جي گذاري توڙي جياپي جا وسيلا پڻ الڳ الڳ موجود
آهن. جيڪڏهن، پنهنجي ماحول کان نفرت ڪري يا بيزار
ٿي پئبو، ته ٻئي هنڌ اهڙا ساڳيا وسيلا ڪونه ملندا،
۽ مورڳو تڪليف ايندي. ان ڪري، جتي رهجي، اتي ئي
پنهنجي حالت سڌارڻ جا وسيلا ويچارجن.
(165) آکاڻي وهڙي ۽ ڍڳي جي
هڪڙو اڻ-هِريل وُهڙو، جيڪو ٻنين ۾ آزاديءَ سان پيو ڊوڙندو هو، ۽
ڪڏهن به هَرَ جي پاڃاريءَ ۾ نه ٻڌو هو، سو هڪڙي
هَرَ ڇڪيندڙ ڍڳي کي ڏوراپو ڏيڻ لڳو ته ”تون اهڙو
پورهيو ۽ ڪشالو ڇو ٿو ڪرين؟“ ڍڳي ڪوبه جواب ڪونه
ڏنس، ۽ پنهنجي ڪم ۾ رڌل رهيو. ٿورن ڏينهن کان
پوءِ، عيد جو ڏينهن آيو. تڏهن، ڍڳو ڪم کان ڇُٽو، ۽
وُهڙو وري قربانيءَ لاءِ قابو ٿيو. تڏهن ڍڳي چيس
ته ”جيڪڏهن تنهنجي رلڻ جي اها پُڄاڻي ٿي آهي؛ ته
مان سمجهان ٿو ته منهنجو ڪم ڪرڻ تنهنجي راند ڪرڻ
کان وڌيڪ سٺو آهي، ۽ ڳچيءَ تي ڪاتي ڦيرائڻ کان ڪنڌ
تي پاڃاري سهڻ موچاري آهي!“
نصيحت:- هن دنيا ۾، هر ڪنهن جِيو کي ڪو نه ڪو ڪم ضرور ڪرڻو آهي.
بيڪار کي ڪوڪو ڀانئي، ۽ ان کي، آخرڪار، سخت نتيجو
ملندو آهي. ان ڪري، پورهئي يا ڪشالي ۾ اهم نه
ڄاڻجي-جو حياتيءَ لاءِ اهو ضروري آهي.
(166) آکاڻي شينهن ۽ چئن ڍڳن جي
چار ڍڳا، پاڻ ۾ ڏاڍي پريت رکي، گڏجي گهمندا ۽ چرندا هئا.
ڪيترائي ڀيرا، شينهن جي نظر، هنن تي پوندي هئي، ۽
دل گهرندي هُيس ته انهن مان هڪ جو شڪار ڪجي، پر
اڪيلي کي وس ۾ آڻڻ سولو هوس، ۽ سڄي ميڙ تي حملي
ڪرڻ کان شينهن ڊجھندو هو، ۽ انهن چئن ڄڻن کي پاڻ
کان ڏاڍو ڀائيندو هو. نيٺ ڄاتائين ته هن ميڙ تي
ڪاهه ڪرڻ مشڪل آهي. ان ڪري سُس-ڦس ۽ چغليءَ جي
رستي، هنن ۾ ساڙ ۽ نفاق پيدا ڪندو رهيو. انهيءَ
ڏاهپ جو نتيجو اهو نڪتو، جو ڍڳا پاڻ ۾ رُٺا ۽ نيٺ
ڌار ٿي ويا. شينهن جي سِڪ پوري ٿي. ۽ جيتوڻيڪ ميڙ
۾ هنن کي کائڻ وس ۾ نه هوس، پر وڇوڙي ۾ هڪ هڪ ڍڳي
کي سولائيءَ سان جهلي کاڌائين.
نصيحت:- ”ٻه ته ٻارهن“- ائين چيو اٿن. ٻڌيءَ ۽ اتفاق ۾ ڏاڍو
فائدو آهي، ۽ دشمن جو وس ڪونه هلي سگهندو. اڪيلو
ماڻهوءَ ڪيترو به زور هوندو، ته به هيڻو ليکبو، ۽
ان کي ڪنهن به مهل شهه ڏيئي ٿي سگهجي، ڍڳي ۽ شينهن
جي ڀلا ڪهڙو مقابلو؟ پر جڏهن يڪا چار هئا، ته
شينهن به نٿي کاڌن؛ ۽ جڏهن وڇڙي اڪيلا ٿيا، ته
مارجي ويا- اها آهي ٻڌيءَ جي پهچ، ۽ نفاق جو
نتيجو!
(167) آکاڻي ٻڪر ۽ ٻڪرار جي
هڪڙو ٻڪر، پنهنجي ڌڻ مان ڇڄي ويو. ٻڪرار هن کي ڏسندو هو، ۽ خيال
ڪيائين ته جيئن تيئن ٻڪر کي پنهنجي ڌڻ سان گڏي؛ پر
جڏهن سيٽ وڄائي ٻڪر کي سڏ ڪيائين، ته ان تي ڪو به
اثر ڪونه ٿيو. تڏهن، هڪ پهڻ کڻي؛ جهڙو ٻڪر کي
هنيائين ته ٻڪر جو سڱ ڀڄي پيو تڏهن، پنهنجي ڪِئي
کان ڊڄي؛ ٻڪر کي عرض ڪيائين ته ”مهرباني ڪري اها
ڳالهه ڌڻيءَ سان نه ڪج“. ٻڪر جواب ڏنو ته ”اي
بيوقوف ٻڪرار، جيڪڏهن آءٌ ڳالهه نه ڪندس، ته به
منهنجو هيءٌ ڀڳل سڱ ته پاڻهي ڳالهه ڪندو!“
نصيحت:- ڪيل ڳالهه، چيل ڳالهه کان وڌيڪ صفائي رکي ٿي.
(168) آکاڻي ڪتي ۽ سهي جي
هڪڙي ڪُتي، گهڻي مفاصلي کان، سهي کي ڀڄائي، ۽ آخر ان کي وڃي
پڪڙيو. ڪتو پهريائين سهي کي چڪن سان پٽڻ لڳو، ۽
پوءِ وري ڄڀ سان چٽيائينس ٿي. سهو ڪُتي جي اها هلت
سمجهي نه سگهيو، ان ڪري پڇيائينس ته ”جيڪڏهن تون
منهنجو دوست آهين، ته چڪ ڇو ٿو وجهين؛ ۽ جيڪڏهن
دشمن آهين، ته چَٽ-چُم ڇو ٿو ڪرين؟“
نصيحت:- ڀرم وارو دوست، پڪي دشمن کان بڇڙو آهي. ماڻهو هڪ رستو
وٺي، ۽ پوءِ جيئن به هلندو، نه ان کي پروڙي سگهبو.
(169) آکاڻي مانائتي گڏهه جي
هڪڙو گڏهه، جنهن تي ڪو پِير چڙهيل هو، سو، هڪ ڳوٺ مان اچي
لنگهيو. ڳوٺ جي جن ماڻهن پِير کي ڏٺو، تن کيس ادب
سان سلام ڪيو. گڏهه سمجهيو، ته اهي سڀ ماڻهو، مون
کي ٿا سلام ڪن-انهيءَ ڪري، ڏاڍي هٺ ۾ ڀرجي، هڪڙو
وک به اڳتي نه ڪيائين. پر، جنهن ماڻهوءَ، هن کي
پٺيان هڪليو پئي، ان پٺيان لٺ هڻي چيس ته ”اي
بيوقوف، تون اهو نه سمجهه ته اهي ماڻهو توکي ٿا
سلام ڪن، پر جنهن کي پٺيءَ تي کنيو پيو وڃين، ان
کي ٿا سلام ڪن!“
نصيحت:- جيڪو ادب، مرتبي واري کي ڏبو، سو بيوقوف پنهنجي لاءِ
سمجهندا آهن. ڪنهن مرتبي واري کي، ڪا عزت ڏبي آهي،
ته ان سان گڏ هجڻ وارا ۽ خادم وري اها عزت پاڻ
لاءِ ڀانئي، ويتر وڌيڪ آڪڙ ڏيکايندا آهن. اها
بيوقوفي آهي-جيئن گڏهه جو مثال ڏجي.
(170) آکاڻي گڏهه جي، جنهن شينهن جي کل پاتي هئي
هڪڙي گڏهه، شينهن جي کل لڌي. سو ان کي پهري، ٻيلن ۽ جهنگلن ۾
گهمي، سڀني ڌڻن ۽ ڇانگن کي ڊيڄاريندو هو. آخر هڪڙي
ڏينهن، پنهنجي ڌڻيءَ کي ڏسي ارادو ڪيائين ته ان کي
به ڊيڄاريان. پر هن ڀلي ماڻهو، شينهن جي کل کان
ٻاهر نڪتل ڊگها ڪن ڏسي، سڃاتي ورتس. سو، هڪ وڏي لٺ
کڻي، ارادو ڪيائين ته هڻانس-پر ان سان گڏ
ڄاڻايائينس ته ”تون جيتوڻيڪ شينهن جو چم پهريو
آهي“ پر آهين ضرور گڏهه!“
نصيحت:- ظاهري طريقن سان، اصليت ڪانه ٿي بدلجي. جئن، ڪاغذ جي
نقلي گلن مان، خوشبوءِ ڪانه ٿي اچي؛ تيئن، هٿرادو
ڍونگ به، پرکڻ وارن وٽ، پڌرو هوندو آهي.
(171) آکاڻي ٺوڙي ماڻهو جي
هڪڙو ماڻهو، جڏهن پوڙهو ٿيو، تڏهن وارن کُسڻ ڪري ٺوڙهو ٿي پيو.
هن، عيب لڪائڻ لاءِ، ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ جا وار هٿ
ڪير، پنهنجي مٿي تي چنبڙائي ڇڏيا. اهو ماڻهو، هڪڙي
ڏينهن، ٻين سان گڏجي، جيئن شڪار تي پئي ويو تيئن
اوچتو، هڪ واءُ جي ڇُوهي هن جي چنبڙيل وارن کي
اُڏائي، هن جي ٺوڙهه پڌري ڪري وڌي. اهو ڏسي، هن جا
سڀ سنگتي هن تي کلڻ لڳا. تڏهن، پاڻ به ٻين وانگر
کِلي چوڻ لڳو ته ”جڏهن منهنجا پنهنجا وار مٿي تي
نه رهيا، تڏهن اها اڻ-ٿيڻي نه آهي جو ٻين جا وار
منهنجي مٿي تي رهندا!“
نصيحت:- پاڻ کي پرچائڻ لاءِ کڻي ڪهڙا به حيلا وسيلا هلائجن، پر
اها خوش فهمي گهڻو جٽاءُ نه ڪندي، ۽ آخر ان جو ڀوڳ
جهڙو احساس ٿيڻ تي اٽلو ايذاءُ رسي ٿو، ۽ ٻيا
ماڻهو به ان کي هلڪو ڄاڻن ٿا. ان ڪري، پنهنجي عيب
يا اوڻائيءَ کي بيسود حيلن بدران، پنهنجي خوش
اخلاقيءَ سان سڌارڻ کپي.
(172) اکاڻي ٻڪر ۽ رڍن جي
هڪڙو بکايل ٻڪر، رڍن جي ڇانگ ۾ اچي ٽِڪيو. هڪڙي ڏينهن، ريڍار هن
ٻڪر کي اچي جهليو، تڏهن ٻڪر ڏاڍيون دانهون ۽
’ٻي-ٻي‘ ڪرڻ لڳو، ۽ ڦٿڪڻ لڳ. رڍن هن کي ’ٻي- ٻي‘
ڪندو ڏٺس ته ”اسان کي ريڍار ڪيترائي گُهمرا جهلي
ٿو، پر اسين ’ٻي-ٻي‘ نه ڪنديون آهيون“. ٻڪر جواب
ڏنو ته ”اهو سچ آهي، پر اسان جي احوال ۾ گهڻو ڦير
آهي-جيئن ته ريڍار توهان کي ڏاس لاءِ جهلي ٿو، ۽
من کي ڪُهڻ لاءِ وٺي ٿو!“
نصيحت:- جدا جدا عملن جو اثر، حالتن پٽاندر، الڳ الڳ ٿئي
ٿو-ساڳي ڳالهه هڪڙي لاءِ چڱي، ته ٻئي لاءِ بُري ۽
نقصانڪار. ان ڪري، انسان ۾ ايترو حوصلو ۽ سمجهه
هجڻ کپي، جو هو پنهنجي حالت کي پاڻ ڄاڻي ۽ ان جو
اثر پاڻ تي ڪهڙو ٿيندس-فائديمند يا ڇيهي وارو-سو
چٽيءَ طرح ويچار ۾ آڻي سگهي. ائين نه ٿئي جو هڪڙي
ڪم منجهان ٻين کي نفعو ٿيندو ڏسي، پاڻ به اڳلي جي
نيت کي نه ويچاري، ۽ ڇيهو پويس.
(173) آکاڻي لوڙهي ۽ ڊاک جي وڻ جي
هڪڙي بيوقوف جوان، جنهن کي ويجهائيءَ ۾ سندس ڏاهيءَ پيءُ جي
ملڪيت مان ورثو مليو هو. تنهن، پنهنجي ڊاک جي
باغيچي جي چوڌاري، جيڪي لوڙها ٻڌل هئا، تن کي
ڀَڃائي ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته، هن سمجهيو، لوڙها ڊاک کان
خالي آهن، ان ڪري بيڪار آهن.
لوڙهن نه هجڻ ڪري، سڀني ماڻهن ۽ مِرن کي باغ ۾ اچڻ وڃڻ سولو ٿي
پيو، ان ڪري، جلد ئي، ڊاک جا وڻ ڦِٽي ويا. نيٺ هن
بيوقوف اهو سمجهيو ته ڪنڊن مان ڊاک ته کڻي نٿي
ٿئي، پر ڊاک جي وڻن کي قابو رکڻ لاءِ سندن بچاءُ
پن گهرجي.
نصيحت:- هن دنيا ۾، هر ڪا شي انسان لاءِ ڪارائتي آهي: ڪا شي پاڻ
اسان کي ڪم ٿي ڏئي ۽ ڪا وري اسان جي مقصد ۽ ڪم جو
وسيلو ٿي بڻجي. ان ڪري، جيڪا شي اسين ظاهري طرح
فالتو پيا ڄاڻندا آهيون، اها به دراصل اسان جي
لاءِ ضرور ڪارائتي هوندي؛ البت ان جو ڪم جو ڏانوُ
سو ايندو هجي. اهو ڏانوُ گهڻي تجربي کان پوءِ ٿو
حاصل ٿئي. جيئن ڊاک واري بيوقف کي به پوءِ سُڌ آئي
ته ڊاک جي بچاءُ لاءِ لوڙهو ضرور هجڻ کپي! تنهن
ڪري، اهڙا سڀ تجربا وڏيءَ قيمت وارا ۽ ياد رکڻ
جوڳا آهن.
(174) آکاڻي گڏهه جي پاڇي جي
هڪڙي ڪوسي ڏينهن، ڪو جوان، پنهنجي ڳوٺ وڃڻ لاءِ، هڪڙي گڏهه ڀاڙي
تي ڪري اٿي هليو. جڏهن ٻه پهر ٿيا، تڏهن سج جو
تڙڪو اهڙو اچي تکو ٿيو، جو هو جوان گڏهه تان لهي
ان جي پاڇي ۾ آرام ڪرڻ لاءِ ويهڻ لڳو؛ پر گڏهه
وارو جنهن جي مرضي ٿي ته ”مان به پاڇي ۾ ويهان“،
سو جهيڙو ڪرڻ لڳو ته ”منهنجو به حق تو جهڙو آهي!“
جوان چيو ته ”مون گڏهه کي سڄيءَ واٽ لاءِ ڀاڙي تي
ڪيو آهي، ان ڪري پاڇي ۾ مان ويهندس!“ گڏهه واري
جواب ڏنو ته ”تو گڏهه کي ڀاڙي تي برابر ڪيو هو، پر
گڏهه جي پاڇي جي ٻولي تو ڪانه ڪئي هئيئ!“ هي ٻئي
ڄڻا جيئن پاڇي ۾ ويهڻ لاءِ وڙهي ۽ جهيڙو ڪري رهيا
هئا، ته گڏهه موقعو ڏسي ڊوڙي ڀڄي ويو!
نصيحت:- ٻن ڌرين وچ ۾ اجائي ريڙهه پيڙهه مان هڪڙي کي به فائدو
ڪونه رسي، ڪي ماڻهو اهڙا مٿي-کاپا ۽ کٽراڳي هوندا
اهن، جو اکيون پوري کڻي يخيءَ ۾ پوندا، ته پوءِ
”تون ڇا! تون ڇا!“ ڪرڻ ويل ائين به ڪونه ڏسندا ته
’ڪٿي بيٺا آهيون، ڇا ٿا ٻوليون، ۽ جنهن وٿ تي
ويڙهه پيا ڪريون، سا مورڳو اسان ٻنهي کان نه هلي
وڃي!‘- اها ڳالهه ڏاڍي خراب آهي. ڳالهه، ڳالهه سان
ڇٽندي آهي، ۽ اجائيءَ ڄمت منجهان هڪ ٻئي کي مڃائي
ته ڪونه سگهبو،پر ٻنهي ڌرين کي ٽوٽو رسندو.
(175) آکاڻي ڍڳي ۽ ٻڪر جي
هڪڙو ڍڳو، جنهن جي پٺيان هڪڙو شينهن ڪاهي پيو هو، سو هڪڙي اهڙي
هنڌ اچي لڪو، جتي اڳئي هڪڙو ٻڪر اچي ٽِڪيو هو. ٻڪر
ڍڳي کي به ان هنڌ آيل ڏسي، ان کي کُرڙيون هڻڻ لڳو
* سڱن سان ٽَڪر به هڻن لڳو. ان تي ڍڳي چيس ته ”مان
جو تنهنجا هنيئر ڌڪ ۽ ٽَڪر پيو سهان، سو ان مان
اهو نه سمجهه ته آءٌ ڪو توکان ڊڄان ٿو: پر جڏهن
اهو شينهن نظر کان دور ٿيندو تڏهن آءٌ توکي
ڏيکاريندس ته ڍڳي ۽ ٻڪر ۾ ڪيترو فرق آهي!“
نصيحت:- حاج پئي هرڪو هيڻو آهي، ۽ هِيسيل تي هلان ڪرڻ ڏاڍو
سوکو-پوءِ ڀل ته اُو کڻي ڪيڏو به زور وارو هجي. پر
اها هلت نه وٺجي نه ته غرض لٿي کان پوءِ اُو هيڻو
۽ هِيسيل، جي پنهنجي زور تي آيو، ته ڌاڄوريون
ڪڍندي نه گُسندو!
(176) اکاڻي لوڻ نيندڙ گڏهه جي
هڪڙي واڻئي وٽ هڪ گڏهه هو. هن جڏهن ٻُڌو ته درياءَ جي ڪپ تي لوڻ
سهانگو ٿيو آهي، تڏهن هيءَ به لوڻ وٺڻ ڪاڻ گڏهه کي
ڪاهي اوڏانهن روانو ٿيو. واڻيو لوڻ وٺي، جيترو لوڻ
گڏهه تي رکي سگهيو، اوترو ان تي ٻَڌي، واپس موٽيو.
پر واٽ تي لَسيءَ ڇِپ تان لنگهڻ مهل گڏهه تِرڪي
پيو، ۽ هيٺ نَئَن ۾ وڃي ڪِريو. پاڻيءَ ۾ ڪرڻ ڪري،
سارو لوڻ ڳري ويو؛ انهيءَ ڪري گڏهه تان بار هلڪو
ٿي ويو؛ ۽ گڏهه سهنجائيءَ اسان ڪناري تي چڙهي، مزي
سان گهر ڏي ويو. واڻيو وري ٻيو ڀيرو درياءَ ڏي لوڻ
کڻڻ ويو، ته اڳي کان وڌيڪ بار گڏهه جي پٺيءَ تي
چاڙهيائين. جڏهن واپس موٽندي وري ساڳيءَ نئين وٽ
پهتا، تڏهن گڏهه ڄاڻي ٻجهي نئين ۾ ڪري پيو ۽ لوڻ
جي ڳرڻ ڪري وري به بار کان اجو ٿي پيو. ڌڻي هن
نقصان ڪري ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ خيال ڪيائين ته گڏهه مان
اهڙي خراب عادت ڇڏائڻ گهرجي. جڏهن ٽئي ڀيري درياءَ
تي ويو، تڏهن گڏهه تي سمنڊ جي ڦِيڻ جو بار
رکيائين. پوءِ جڏهن هو ساڳيءَ نئين تي پهتا، تڏهن
گڏهه پنهنجو پراڻو گيگ ڪري ساري پاڻيءَ ۾ لٽڻ لڳو؛
پر هن دفعي ڦيڻ، لوڻ وانگر ڳرڻ جي عيوض، پاڻيءَ ۾
پُسي، ڳري ٿي پئي، جڏهن پاڻيءَ مان نڪري، گڏهه گهر
ڏي هلڻ لڳو، تڏهن پروڙيائين ته ”مون بار هلڪو ڪونه
ڪيو آهي، پر ٻيڻو ڪيو آهي!“
نصيحت:- سڀ ڪنهن ڪم تي ساڳي تجويز ڪانه ٿي هلي. هڪڙو گيگ گهڻا
گهمرا ڪبو، ته نڪمو ٿيندو، ۽ ڪوڙ پڌرو ٿي پوندو.
(177) آکاڻي هرڻ جي، جنهن پاڻيءَ ۾ نهاريو ٿي
هڪڙي هرڻ هڪ صاف پاڻيءَ واري واهه تي پئي پاڻي پيتو. پاڻيءَ ۾
پاڇو ڏسي، ڏاڍو سرهو ٿيو، ۽ مٿي کان پيرن تائين
پاڻ کي جاچڻ لڳو. ۽ چوڻ لڳو ته ”واهه، منهنجا سڱ
ته ڪهڙا نه سهڻا آهن؛ اهڙن سهڻن سڱن ڪري منهنجو
سڄو مٿو ڪيترو نه سهڻو نظر اچي ٿو! جيڪڏهن منهنجا
سڀ عضوا اهڙا سهڻا هجن، ته جيڪر پاڻ جهڙو ڪنهن کي
به ڪين ڀانيان: پر افسوس جو منهنجا پير وري اهڙا
بڇڙا آهن، جن کي ڏسندي مان پيو لڄي ٿيان! جيتوڻيڪ،
ڪي ماڻهو چوندا آهن ته منهنجا پير تکي ڊوڙ پائڻ
لاءِ ڏاڍا سٺا آهن، پر مان ته انهن جي ڪوجهائيءَ
ڪري انهن کي بڇڙو ٿو چوان. اهڙا بڇڙا پير مون کي
جيڪر نه هجن ها، ته چڱو هو!“ جيئن هرڻ اهي
ڳالهيون پئي ڪيون، تيئن ڪي شڪاري ۽ ڪُتا، جن کي
هرڻ جو ڏس پيو هو، هن ڏانهن اچڻ لڳا. هرڻ جو هنن
کي ايندو ڏٺو، سو ڊڄي وٺي ڀڳو، پر گهاٽن وڻن مان
ڊوڙندي، هرڻ جا سڱ وڻن جي ٽارين ۾ ڦاسي پيا،
انهيءَ ڪري ڪتن جي پهچڻ تائين اتي ڦاٿو پيو هو.
جڏهن هرڻ کي پنهنجي موت جي پڪ ٿي، تڏهن چيائين ته
”آءٌ ڪهڙو نه نڀاڳو، جو جن سڱن جي ساراهه ٿي ڪيم ۽
هٺ ٿي ڪيم، تن مون کي موت ڏنو؛ ۽ جن پيرن تي ارهو
هوس، انهن مون کي ڇوٽڪارو تي ڏياريو!“
نصيحت:- اسا کي اجايو هَٺءُ ڪرڻ نه جڳائي؛ جنهن لاءِ سنڌيءَ
واري چيو آهي ته ”هٺ وڏائي جو ڪري، خطا سو کائي“.
اسان کي پنهنجي قوتن ۽ صلاحيتن جو بانور ڀلي هجي-
۽ ائين ڪرڻ ٺيڪ به آهي، پر ان تي آڪڙجي ارهو ٿيڻ،
سو بنهه غلطي آهي.
(178) آکاڻي نجوميءَ جي
هڪڙو نجومي، سدائين رات جي وقت تارن کي ڏسڻ لاءِ گهمندو هو.
هڪڙيءَ رات، جيئن هو شهر کان ٻاهر گهمي رهيو هو، ۽
هن جو سڄو ڌيان اڀ ۾ هو ، ته ايتري ۾ ڪا کڏ آڏو
آيس ، سو ان ۾ ڪري پيو . کڏ ۾ ڪرڻ ڪري ، هن جيڪا
دانهن ڪئي ، اها ٻڌي هڪڙو ماڻهو هن وٽ آيو ، ۽
ساري ۾ ڳالهه پڇيائينس.
سڄي ماجرا ٻڌي ، انهي ماڻهو چيو ته ” اي سڳورا ! جڏهن تون آسمان
جو ڳجهه جاچيندو آهين ، تڏهن تنهنجي پيرن هيٺيان
جيڪو
پڌرو پيو هوندو آهي ، اهو به نه ٿو ڏسين؟“
نصيـحت؛ هر ڪنهن ڪار وهنوار ۾ مڙني پاسن ڌيان ڏيڻ کپي.ڪنهن ٻي
شي لاءِ سوچيندي وقت ، پاڻ ڏانهن به ڌيان رکڻ
کپي- ايئن نه ٿيئي جو پنهنجي حال جي سرت وڃائي
پرايا پور پيا پڇائجن ، ۽ جوکو کڻجي .
(189)کاڻي ان ابابيل جي جيڪا عدالت ۾ ويٺي هئي
هڪڙي ابايل ، ڪنهن عدالت جي ڇڄهري ۾ پنهنجو آکيرو جوڙيو ويٺي
هئي . جڏهن سندس ٻچا ايترو ته ننڍا هئا جو اڏامي
نٿي سگهيا ، هڪڙو نانگ پنهنجي ٻر مان نڪري ،سڀني
ٻچن کي کائي ويو . جڏهن ويچاري پکڻ ، موٽي پنهنجي
آکيري ۾ آئي ، تڏهن آکيرو خالي ڏسي ، عجب نموني
روئڻ لڳي . تڏهن هڪ پاڙي واري آٿت ڏيڻ لاءِ چيس
ته ” تون ڪاپهرين پکڻ نه آهين ، جنهن جا ٻچا ويا
آهن!“ ابابيل جواب ڏنس ته ” اهو سچ آهي پر مان رڳو
ٻچن لاءِ ڪانه ٿي روئان ، روئان ٿي انهي ڪري ، ته
جنهن هنڌ تي سڀڪو ڏکويل انصاف وٺڻ اچي ٿو ، انهي
هنڌ تي مون سان اهڙو انڌير ٿيو آهي!“
نصيحت:- انصاف جي ايوان ۾، جتي ڏکويلن جي دانهن ڪوڪ اونائڻ جو
انتظام هوندو آهي. انهيءَ امن جي جاءِ منجهه ئي ڪو
انسان ڦُرجي ۽ ڏکوئجي، ته ان لاءِ ٻيو ڪهڙو رستو
آهي، جنهن سان هُو پنهنجو فرياد ڪري ۽ داد وٺي!-
ڏک رسڻ جي اها حالت، نرالي نوعيت رکي ٿي. اهڙو
ماڻهو پنهنجي ڇيهي کي نٿو ڪَڙهي، پر انهيءَ حالت
تي ٿو افسوس ڪري، جنهن مان کيس اها اميد ڪانه
هوندي آهي. هن آکاڻي وارو چوي ٿو ته ڪميٽي مان
ڇيهو رسي ته اها ڳالهه سڀاويڪ آهي، پر شريف
ماڻهوءَ مان جنهن گُڻ جي اُميد هجي، ۽ پوءِ او اڻ
سهائيندي هلت ڪري، ته اها ڳالهه ڏاڍي افسوس جهڙي
آهي.
(180) آکاڻي بگهڙ ۽ ٻڪريءَ جي
هڪڙ بگهڙ ڏٺو ته هڪڙي ٻڪري هڪ اهڙيءَ اوچيءَ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ
تي پهچي ويئي آهي، جتي آءٌ نه پهچي سگهندس. انهيءَ
ڪري، ٻڪريءَ کي منٿ سان چيائين ته ”متان انهيءَ
اڀيءَ ڇپ تان پير ترڪي پويئي، انهيءَ ڪري چڱو آهي
ته ٿورو هيٺ لهي اچ-۽ پاڻ هتي جو گاهه انهيءَ کان
وڌيڪ مٺو ۽ وڏو آهي!“ ٻڪريءَ جواب ڏنس ته ”مون کي
معاف ڪر، ڇو ته تون مون کي منهنجي کاڄ لاءِ نه، پر
پنهنجي کاڄ لاءِ سڏي رهيو آهين!“
نصيحت:- جڏهن ڪو ماڻهو ٻئي کي اوچي لالچ ڏئي ٿو، ته اڳلي کي
انهيءَ جي نيت ضرور ويچارڻ کپي-ان ۾ دانشمندي آهي.
اڄڪلهه جي زماني ۾ اها هوا عام هَلي ويئي آهي، ته
جڏهن ڪنهن لاءِ مَٺگهرائيءَ جي مراد من ۾ هوندي
آهي، ته تڏهن سڌيءَ طرح جي دشمنيءَ کي لڪائي، اڳلي
کي قسمين قسمين لالچون ڏيکاري، ريهي ريبي، پنهنجي
تمام ويجهو آڻيندا آهن-ڄڻ ته ڪو وڏا سڄڻ ۽
خيرخواهه آهن! پر ان ۾ سندن نيت هوندي آهي، بڇڙيء،
سو نيٺ وجهه وٺي پنهنجي مطلب تي موٽي ايندا آهن، ۽
پوءِ اهڙي حالت ۾ ماڻهوءَ کي پاڻ ڇڏائڻ به ڪونه
ايندو آهي. ان ڪري، اهڙن وقتن تي، پنهنجن مهربانن
جي نيت کي سوچي قدم کڻڻ کپي.
(181) آکاڻي ننڍين ۽ وڏين مڇين جي
هڪڙي مُهاڻي جڏهن مَڇين ڦاسائڻ لاءِ درياءَ ۾ ڄار وڌي، ته ڄار ۾
سڀني قسمن جون مڇيون ڦاسي پيون. پوءِ جيڪي ننڍيون
مڇيون هيون، اهي ڄار جي ٽُنگن مان نڪري، درياءَ ۾
موٽي ويون؛ ڄار جي ٽُنگن مان نڪري، درياءَ ۾ موٽي
ويون، پر سڀ وڏيون مڇيون ڄار ۾ ڦاسي، ٻيڙيءَ ۾
ڇڪجي ويون.
نصيحت:- گهڻا ڀيرا ننڍائيءَ مان ڇوٽڪارو ٿيندو آهي؛ تنهنڪري
پنهنجيءَ اهڙيءَ حالت جو ڀولو نه ڀانئجي.
(182) آکاڻي گڏهه ۽ ڪتڙي جي
هڪڙي ڌڻي وٽ هڪڙو گڏهه ۽ هڪڙو ڪُتڙو هو. گڏهه تي سندس ڌڻي
ڏيهاڙي جهنگ مان ڪاٺيون ڍوئي ايندو هو، ۽ شام جو
وري گهاڻي ۾ جوٽي کانئس خوب ڪم وٺندو هو، باقي وقت
اهو گڏهه ڪڙهه ۾ ٻڌو پيو، جام گاهه داڻو کائيندو
هو، ۽ ٻين گڏهن جيترو ئي چاڪ ڀلو ۽ ميو متارو هو.
ننڍڙو ڪتڙو وري سدائين پيو ٽپندو ڪڏندو هو، ۽ جڏهن
مالڪ ٿڪي ٽٽي ايندو هوس ته چاڳ ڪري؛ پڇ کي لوڏي،
ان جي دل وندرائيندو هو. مالڪ به کيس پيار وچان
کڻي پنهنجي گوڏي تي چاڙهي ويهاريندو هو. گڏهه اهو
ڏسي، پنهنجي نڀاڳائيءَ کان ارهو ٿيندو هو، ۽ ڪم جي
گهڻائيءَ کان واڌو ڳڻتي کائنيدو هو. تڏهن ڀانيائين
ته ’جيڪڏهن آءٌ به ڪتڙي وانگر ڪندس ته اُن جيان
منهنجو مان به ڌڻي وٽ سرس ٿيندو‘. انهيءَ آس کان،
هڪڙي ڏينهن ڇا ڪيائين جو پنهنجي واڳ ڇنائي، ڌڻيءَ
جي گهر جي صفحي ۾ بيهي وٺي ٺينگ ٽپا ڏيڻ شروع
ڪيائين، ۽ پوءِ پُڇ کي ڇنڊي، هُن لاڏڪي ڪُتڙي جي
لات ڪري، وٺي هينگون ڏيڻ لڳو. پوءِ جنهن صندل تي
سندس ڌڻي ويهندو هو، تنهن کي اونڌي ڪري ٻه اڌ ڪري
وڌائين؛ ۽ ان مٿي جيڪي ٿانوَ ٿپا رکيل هئا، سي سڀ
ڀڃي ڇڏيائين. تان جو سانگ ڪندي، نيٺ پنهنجي ڌڻيءَ
کي دسي ان جي لڱن تي نچڪو ڪرڻ لڳو. تڏهن ڌڻيءَ وٺي
دانهون ڪيون، ۽ ان جا ٻيلي ساٿي ڊوڙي اچي پڳا؛ جن
کيس بچايو، گڏهه کي ڌڪن ۽ سونٽن سان خوب سٽيائون،
جو وري ڪين اُٿيو. ساهه نڪرڻ ويل گڏهه چيو ته
”ڪيڏي نه ڀل ڪيم جو ڪُتڙي سان ريس ڪيم!“
نصيحت:- پنهنجي مرتبي کان وڌي هلڻ ۽ اجائي ريس ڪرڻ خراب آهي.
(183) آکاڻي شينهن ۽ لومڙ جي
هڪڙي لومڙ هڪڙي شينهن سان ٻيلي ٿي رهڻ جو ٻول ڪيو، پوءِ گڏجي
رهڻ لڳا. ٿورن ڏينهن تائين ٻئي پنهنجي پنهنجي درجي
جو ڪم ڪندا هئا. لومڙ شڪار ڏيکاريندو هو، ۽ شينهن
ان تي ڪاهه ڪري جهليندو هو. پوءِ لومڙ ڀانئڻ لڳو
ته ’آءٌ هاڻ شينهن جهڙو شڪار جهليندڙ ٿي ويو
آهيان‘، سو عرض ڪيائين ته ”شينهن سائين، موڪل ڏينم
ته آءٌ نه رڳو توکي شڪار ڏيکاريان، پر ڪي ڪجهه پاڻ
به ڪريان.“ شينهن پنهنجي ٻيليءَ جي سِڪ مڃي. پوءِ
جڏهن لومڙ ڪنهن ميڙ ۾ ڪاهه ٿي ڪئي، ته شڪارين هلان
ڪري لومڙ کي شڪار ڪري وڌو.
نصيحت:- هر ڪنهن ڪم جي رمز هوندي آهي. بنا ڏانوَ جي، ٿوري جوکي
وارو ڪم به نه ڪجي. ٻيو ته جيڪو ماڻهو مرتبي کي
سنڀاليندو، ته مرتبو به ان کي سنڀاليندو.
(184) آکاڻي ڪان هڻندڙ ۽ عقاب جي
هڪڙي ڪانَ هڻندڙ ڪنهن عقاب پکيءَ کي ڪان هنيو. اهو ڪان عقاب جي
هنئين ۾ وڃي لڳو، ۽ جڏهن موت جي لُڇڻ ۾ پنهنجي ڳچي
ٿي موڙيائين ته ڇا ڏسي جو اهو ڪان به سندس ئي کنڀن
مان جڙيل آهي! تڏهن چيائين ته ”پاڻ کان ٺهيل
هٿيارن جا ڦٽ ڪيتري قدر نه ڏک ڏيندڙ آهن!“
نصيحت:- هيءَ آکاڻيءَ انهن ماڻهن جي عبرت جو سٺو مثال آهي، جن
جي تباهيءَ جا وسيلا دشمنن جي اختيار ۾ اچيو وڃن.
ڪيتري قدر نه ڏکوئيندڙ جذبو آهي اهو ، جو ڪا دشمن
طاقت، ڪنهن قوم کي ان جي ئي اختيارين جو قبضو وٺي
تباهه ڪري!
(185) آکاڻي ڇوڪر ۽ ڏنگڻيءَ جي
هڪڙي ڇوڪر ٻنيءَ ۾ پئي راند ڪئي، ته ڏنگڻيءَ وڻ تي وڃي هٿ پيس.
سو انهيءَ سور کان جهٽ گهر ڊوڙي اچي ماڻس کي
چيائين ته ”هن ڪئي ٻوٽي کي ذرو هٿ لاتم ته ڏنگي
وڌو اٿس!“ ماڻس چيو ته ”انهيءَ ذري هٿ لڳائڻ سان
ڏک پهتو، پر هاڻ جڏهن ٻئي ڀيري ڏنگڻي وڻ کي هٿ
لائين، ته زور ڏيئي، هٿ سان قابو ڪري جهلينس، ته
توکي ڪين ڏکائيندي!“
نصيحت:- ڏک جي مقابلي لاءِ، همت کانسواءِ چاڙهو ڪونهي.
(186) آکاڻي گڏهه ۽ سندس ڪاهيندڙ جي
هڪڙي گڏهه کي سندس ڌڻي واٽ وٺرائي ڪاهيو پئي ويو. ٿورو پنڌ هلي،
گڏهه کي جا آئي جوجڪي، سو واٽ ڇڏي پاسي واري کامي
جي ڪنڌيءَ ڏانهن ڍرڪيو. ذري گهٽ وڃي ٿي کاهيءَ ۾
ڪريو. ته ڌڻيءَ سٽ ڏيئي پڇ مان جهلي ورتس ۽ ٻاهر
تي ڇڪڻ لڳس؛ پر گڏهه کي اچي هوڏ کنيو، سو سيٽجي
بيهي رهيو، ۽ مورڳو ابتي پاسي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ لڳو.
تڏهن ڌڻيءَ به کڻي هٿ ڪڍيا ۽ چيائين ته ”جي تون
ڌڻي ٿئين، ته پنهنجو چاڙهو ناهي!“
نصيحت:- هوڏ ٻڌي انڌو ٿيڻ وڏي بيوقوفي آهي.
(187) آکاڻي اُڃايل ڪبوتر جي
هڪڙي ڪبوتر کي اُڃ اچي گهڻو ستايو؛ تنهن هڪڙيءَ مورت کي ڏٺو،
جنهن تي پاڻيءَ جو چٽ چٽيل هو، ۽ ڀانيائين ته اهو
سچو پچو پاڻي آهي. پوءِ جئن اتاوليءَ مان وڃي ان
مورت واري پاڻيءَ تي جهٽ هنيائين، تئن کنڀڙاٽين کي
ڏاڍو ڌڪ لڳس ۽ ڌُو وڃي پٽ تي ڪريو. پوءِ هڪڙي
ماڻهوءَ ڊوڙي اچي جهلي ورتس.
نصيحت:- تڪڙ ڪم شيطان جو. ڪهڙا به کڻي اندر جا جذبا اٿن، پر
جيڪي ڪم ڪجي، يا جيڪي کپي اچي، ان لاءِ تڪ تور ۽
تصديق اڳواٽ ضروري آهي.
(188) آکاڻي لوڪڙ ۽ ڍولڪ جي
هڪڙو لوڪڙ ڪنهن بازيگر جي گهر ۾ گهڙي ويو، ۽ ان جا ٽپڙٽاڙي ڦولڻ
لڳو. انهن ۾ بازيگر جي ڍولڪ هٿ چڙهيس، سا ڏسي ڏاڍي
وڻيس، ۽ ڀانيائين ته کولي ڏسان ته اندر ڇا اٿس.
جان کڻي کولي، ته ٺلهي جا ٺلهي-ٻيو مڙئي خير! تڏهن
چيائين ته ”اڙي مون ته ڀانيو ٿي ته هن ۾ اندر به
ڪو اسرار هوندو؛ پر هيءَ ته جهڙي آهي، ٻاهر کان
موچاري، اهڙي آهي منجهه کان خالي!“
نصيحت:- دهل گهڻيئي سٺو، پر اندر جو ٺلهو. ڪوري ڪدوءَ جو مثال
به ان لاءِ ڏيندا آهن. دنيا ۾ گهڻا اهڙا ٻهروپي
آهن، جيڪي رڳو ٻاهرئين ڀرپ تي پيا ڀاڳ ونڊائيندا،
باقي اندر جا اهڙا هلڪا، ۽ اهڙا ته ڪم ظرف هوندا،
جو ڄاڻي حيرت وٺيو وڃي. ان ڪري چيو اٿن ته ”ٻاهر
جي سونهن تي نه وڄجي، اندرين خصلت پڻ جاچجي.“
(189) آکاڻي ڪڙميءَ ۽ ٻگهه جي
ڪي ٻگهه پکي ڪڙميءَ جي پوکيل ٻنيءَ تي ويٺا. ڪڙميءَ انهن کي
اٿارڻ لاءِ پهرين ته سکڻي کانڀاڻي هوا ۾ ڦيرائي،
ته من ڊڄي اٿي وڃن، پر پکي اهو ويساهه ٻڌي ويٺا
رهيا ته ’ڪڙمي رڳو ٺلهي کانڀاڻي پيو هوا ۾ ڦيرائي،
۽ اسان کي ڪي به ڪين ڪري سگهندو‘- سو ڪونه اُڏاڻا.
تڏهن ڪڙميءَ کانڀاڻيءَ ۾ پهڻ وجهي کڻي وسڪارا ڪيا،
۽ ڳچ جيترن پکين کي هڻي ماري وڌائين. پکين پوءِ
سوچيو ته ’ٻيلي هاڻ هتان ڀڄڻ کپي، نه ته ڪڙميءَ
اسان سڀني کي ماري پورو ڪري ڇڏيندو‘- ۽ اتان اڏامي
ويا.
نصيحت:- جنهن جوکي اڳيان پرپيش ڄمي نه سگهجي، ان کان پهريندي ئي
سرهجي. اچڻ واريءَ آفت جو اڳ ۾ انديشو ڪرڻ-ان ۾
عقلمندي آهي.
(190) آکاڻي شينهن، رڇ ۽ لومڙ جي
هڪڙي شينهن ۽ رڇ کي ڪنهن ٻٺڙي جو مڙهه مليو. هر هڪ چوي ته ’هيءُ
شڪار منهنجو !‘ آخر اچي پاڻ ۾ وڙهيا، ۽ هڪ ٻئي کي
هڻي رتوڇاڻ ڪري وڌائون-ايتري قدر جو ٻئي اڌ مئا ٿي
ساڻا ٿي ڪري پيا، ۽ ايتري به سگهه ڪانه رهين،
جوشڪار وچ ۾ پيو رهيو، ۽ ٻنهي مان ڪنهن به اٿي ان
کي هٿ ڪونه لاتو!ايتري ۾ ڪٿان ڪو لومڙ اچي
لانگهائو ٿيو، سو هنن کي ائين بيحال ڏسي، پنهنجي
ڄمت هلي ويو: ٻنهي جي وچ مان شڪار کي کڻي وٺيو ٿو
ڀڄي، ۽ هي ويچارا ٻئي اٿڻ کان لاچار-ڏسندي رهجي
ويا! تڏهن چيائون: - ڪهڙا نه نڀاڳا چئباسون!
هروڀرو هڪ ٻئي ۾ وڙهي خوار ٿياسون، سگهه کپائيون ۽
وريو به ڪي ڪين- کاڄ وچان ئي کڻي ويو لومـڙ!“
نصيحت:- اجائي زور آزمائي به نه ڪجي. وڙهڻ مان مورڳو جان جي به
هلاکي، ته مال جو به ڇيهو. مفت جي مال تي معتبري
ڪرڻ وارا اڄڪلهه دنيا ۾ گهڻا آهن؛ پر جيڪڏهن
پنهنجي ضرورت کان واڌو مال تي ٻين جو به حق کڻي
مڃجي، ته ايتري خون خرابي ۽ خواري هوند ڪانه ٿئي،
۽ نڪي لومڙ جهڙا ’چون مٿان مور‘ وارا ٽياڪڙ اچي
’پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي‘، وچان گهوٻي هڻي وڃن.
(191) آکاڻي ڏيڏر ۽ لومڙ جي
هڪڙي ڏيڏر کي ڪنهن ڏينهن اچي ريچڪ کنيو، سو ڏاڍو آڪرو ٿي، ٽپ
ڏيئي تلاءَ کان ٻاهر نڪري آيو، ۽ ڪنڌيءَ تي هڪڙيءَ
ڊٻ مٿان ڪانڊيري جي وڻ جي پاڇولي ۾ ويهي، وٺي ’ٽان
ٽان‘ ڪرڻ لڳو. ان تي گهڻيئي مرون جهنگ مان نڪري
آيا. پوءِ ڏيڏر ڏاڍو ڦونڊ ۾ ڀرجي، سڀني کي چوڻ لڳو
ته ”ڀائرو، آءٌ تازو پاتال مان حڪمت جو وڏو امتحان
ڏيئي آيو آهيان؛ تمام قابل ۽ ڏاهو ويڄ آهيان؛ ڪهڙي
به اگهائي هجي ته آءٌ جهٽ پٽ ڇڏائيندس!“ ڏيڏر صاحب
اهڙي ته زوردار تقرير ڪئي، جو سڀني مرن هن جي ڏاهپ
تي واهه واهه ڪئي؛ ۽ جيڪي ٻُڌائون، تنهن مٿي
ويساهه رکي، ڏاڍا سرها ٿيا. نيٺ هڪڙي لومڙ کان
رهيو نه ٿيو، سو ڏمرجي پڇڻ لڳس ته ”اڙي حڪيم صاحب!
هيڏي ساري پوري جيا بيان ڪري وئين سا ته ٺهي، پر
تنهنجا پنهنجا حال اجهي اهي آهن. جو تنهنجون
ڄاڙيون لڀن ڪون، تنهنجو منهن ڏُٻرو ۽ ڦڪو؛ تنهنجا
لڱ سڀئي ڊٻڙ ڊٻڙ ۽ ٽِڪ ٽِڪا ٿيا پيا آهن: پوءِ
جڏهن تو وٽ پاڻ لاءِ ڪو علاج ڪونهي، ته ٻين جا ڏک
مٽائڻ ڪيئن پُڄندءِ!“ تڏهن ڏيڏر ڏاڍو لڄي ٿيو ۽
گُد ڏيئي وري وڃي تلاءَ ۾ پيو.
نصيحت:- هيءَ آکاڻي اڄوڪي زماني جي لچن ليڊرن جي حال تي لڳي ٿي،
جيڪي قوم ۽ ملڪ جا سڀئي ڏک منٽن ۾ دور ڪرڻ جون
وڏيون دعوائون ڪندا آهن، ۽ تقرير ڪرڻ مهل ائين
پيا ڄاڻبا جو ڄڻ ڏاڍا ڏاها ۽ اڪابر آهن، ۽ قوم جي
ڏک ۾ ڏٻرا ٿي ويا آهن، ۽ هاڻ ڄاڻ ٿا سڀني مصيبتن
کان ڇوٽڪارو ڏين! پر انهن جي اصل حقيقت کي جاچجي
ته ”پاڻ نه پلي ڏوجهان متيان ڏيوي“ وانگر، پاڻ به
ساڳئي مرض ۾ ورتل هوندا: يعني ذاتي شهرت ۽ دٻدٻي
لاءِ رُکو رعب پيا ڄمائيندا- باقي رڳي ڏيڏر واري
ٽان ٽان، چي : ”آءٌ حڪيم حاذق!“
(192) آکاڻي گهيٽي ۽ بگهڙ جي
هڪڙو گهيٽو ڇانگ کان منجهي پيو، تنهن جي پٺيان ڪو بگهڙ اچي لڳو.
گهيٽو ويچارو ساهه بچائڻ لاءِ گهڻو ئي ڀڳو، پر
آخر ٿڪجي پيو: جڏهن ڏٺائين ته هاڻ بچڻ جي ڪا آس
ڪانه آهي، تڏهن رمز رچي، بگهڙ ڏانهن مُڙي، ڏاڍيءَ
نماڻائيءَ ۽ خوشامد سان چيائينس ته ”اي بگهڙ
سائين، آءٌ مڃان ٿو ته آءٌ تنهنجي گهور آهيان، تون
هاڻ ڀلي مون کي کاءُ: پر جڏهن ته منهنجي ڄمار باقي
ٿورڙي پاڇي آهي، ان ڪري ڪا گهڙي کِلڻ ٽِلڻ ڇڏينم
ته مهرباني “. بگهڙ چيو ته آءٌ ان تي نچان!“ بگهڙ
چيو ”بيشڪ!“ پوءِ بگهڙ وات سان سُر ڪڍي مرلي وڃائڻ
لڳو ته ان جي ۽ بگهڙ اوناڙ ٻڌي گهڻائي ڪتا ڊوڙي
آيا. ڪُتن جو اچڻ ۽ بگهڙ جو پُڇ پائي وٺي ڀڄڻ!
گهيٽو به پوءِ نچندي نچندي ڀڄي ويو.
نصيحت:- موقعي مان فائدو وٺڻ کپي. ڪهڙي به ڏکي ويل اچي سهڙي، ته
حوصلو هارڻ بدران، آخر دم تائين به ان کي منهن ڏيڻ
لاءِ تيار رهجي- جيئن گهيٽي کي سندس حوصلي ۽ حاضر
دماغيءَ بچائي ورتو، ٻيو ته، بگهڙ وانگي، پنهنجي
اصل مقصد کان هٽي، فضول موج مستيءَ ۾ مگن ٿي وڃڻ-
سو به بيوقوفن جو ڪم آهي. ان طرح من جي مراد ته
ڪانه ماڻبي، پر اٽلو انهيءَ ويسلائيءَ مان خطري جو
به امڪان نڪري پوندو آهي. حريف جو چاپلوسيءَ تي
وڌيڪ چست ٿيڻ کپي.
(193) آکاڻي سمنڊ ۽ ندين جي
هڪ ڀيري سڀئي ننڍيون وڏيون ننديون، ميڙ ڪري، سمنڊ وٽ آيون، ۽ ان
کي ڏوراپو ڏيئي چوڻ لڳيون ته ”ڙي سمنڊ! اسين جو
ڪيترو سارو مٺو پاڻي ڪٺو ڪري، تو ۾ هٿيو آڻي
وجهون، پوءِ تون ان کي کارو ۽ اڻ جوڳو ڪريو ڇڏين،
سو ڇو؟“ سمنڊ ڏٺو ته هي نديون آهن نادان، سو رڳو
ايترو چيائين ته ”ڀائي، هاڻ جيڪڏهن اوهان کي
منهنجي اها ڳالهه نٿي وڻي، ته هن کان پوءِ کڻي مون
۾ پنهنجو پاڻي نه وجهو؛ ۽ مهرباني ڪري آئيندي مون
کان پري رهجو!“
نصيحت:- جيڪي ماڻهو هن عالم اسباب دنيا ۾ رهندي به، اهو نٿا
ويچاري سگهن ته هتي هر ڪنهن جي حياتي هڪ ٻئي جي
مدار تي هلي ٿي، ۽ هرڪو فرد پنهنيجءَ جاءِ تي جدا
حيثيت رکندي به، ڄڻ سموري سنسار سان واسطيدار آهي،
۽ سڀڪو جيِو پنهنجي جياپي لاءِ، ڪنهن نه ڪنهن طرح
ٻئي جو محتاج آهي: ۽ اهي ماڻهو، پنهنجي اڻ
ڄاڻائيءَ کان، حقيقتن جو انڪار ڪندا آهن، ته اهڙن
کي سندن حال تي ڇڏي ڏيڻ کان سواءِ، ٻيو ڪو چارو
ڪونه آهي.
(194) آکاڻي جهنگلي سوئر ۽ لوڪڙ جي
هڪڙي جهنگلي سوئر، پنهنجي سڱن کي وڻ تي گسائي تکو پئي ڪيو.
ايتري ۾ هڪڙو لوڪڙ اچي لانگهائو ٿيو، تنهن پڇيس ته
”تون هي ڇا ٿو ڪرين؟ هن وقت ته نڪي آهي ڪتو، نه ڪو
شڪاري، ۽ نڪي ٻيو ڪو دشمن ويجهو آهي. پوءِ ان ڪم
لاءِ هن وقت ڪهڙو ڪارڻ آهي؟“
سوئر وراڻيو ته ”ڀائو لوڪڙ، تون چوين ٿو سو سچ، پر جيڪو جوکو
اڃا پوءِ ايندم، تنهن لاءِ هنيئر ئي تياري ڪري ٿو
ڇڏيان: پوءِ ان وقت هيءُ ڪم ڪرڻ ڌارا ٻئي ڪم ۾
رڀندس.“
نصيحت:- اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه ڇڏجي. جيڪو ڪم پس پيش ڪرڻو پوندو،
اهو هاڻ ئي ڪجي، ته ان ويل وري ٻيءَ هاج لاءِ هٿ
واندو رهي.
(195) آکاڻي بگهڙ ۽ ريڍارن جي
هڪڙي بگهڙ ڪنهن ڀونگيءَ ۾ ليئو پاتو، ته ڏسي جو ان ۾ ڇهه ست ڄڻا
ريڍار ميڙ ڪريو ويٺا آهن، ۽ انهن جي وچ ۾ هڪڙي پڪل
رڍ ٻئي آئي، ۽ اهي سڀ ان جو گوشت مزي سان پيا
کائين. تڏهن بگهڙ ويچاريو ته ”ٻيلي، جيڪڏهن اها
ساڳي رڍ آءٌ کان ها، ۽ پوءِ اهي ماڻهو مون کي
جهلين ها، ته جيڪر هوند آءٌ هنن کي بڇڙو ڄاڻان ها؛
ان ڪري مون کي ريڍارن جي هن ڪم تي ارهو نه ٿيڻ
جڳائي“.
نصيحت:- جيڪو ڪم پاڻ لاءِ بڇڙو نه ڄاڻجي، ان لاءِ ٻين تي به
بهتان نه مڙهجي.
(196) آکاڻي گڏهه ۽ ڪڪڙ ۽ شينهن جي
هڪڙو گڏهه ۽ هڪڙو ڪڪڙ، ٻئي گڏ رهندا هئا، هڪ ڏينهن ڪو بکايل
شينهن اچي اتان لنگهيو، ۽ ڏٺائين ته، ’گڏهه ڪو
مارو بيٺو آهي، سو ڇو نه هن کي کائي ڇڏجي!‘ اهو پر
پئي پچايائين، ته انتفاق سان ڪڪڙ ان مهل ڏني ٻانگ.
ماڻهو چوندا آهن ته شينهن ڪڪڙ جي ٻانگ کان ارهو
ٿيندو آهي. شينهن ڪڪڙ جي ٻانگ ٻڌي ٽٺو ۽پويان پير
ڪري موٽڻ لڳو. گڏهه ته ڀلا گڏهه- ڀانيائين ته ”هي
شينهن جو ڪڪڙ جهڙي خسيس پکيءَ کان پيوونءُ وڃي، سو
آئون جو هيڏي هستي آهيان، تنهن اڳيان انجي ڪهڙي
مجال ٿيندي !“ ۽ وٺيو ٿو رونشو ٻڌي شينهن جي پويان
پوي،ا ڳيان شينهن پئي ڀڳو ويو، ته پويان گڏهه
سراڙو پائي وڃي ويجهو ٿيس، ايتري ۾ شينهن به مڙيو
پوئتي ۽ هڪڙي ئي چنبي سان گڏهه جا آنڊا گجيون ڪڍي
وڌائين.
نصحيت: هر ڪنهن ڪم ۽ ڪلام لاءِ جدا حالت ۽ جدا موقعو ٿيندو آهي.
جيئن فارسيءَ واري چيو آهي؛”هر سخن موقع و هر نقطه
مقامي دارد“. ٺل تي کل ڪڏهن به نه ڪجي، اجائي آڪڙ
۽ پڏاو مان سدائين ڇهيو ٿو رسي.
(197) آکاڻي ڪوئي ۽ نور جي
هڪڙو ننڍڙو بکايل ۽ ڏٻرو ڪئو، گهڻي ڪشالي ۽ محنت سان هڪڙي کنڊ
سان ڀريل دکي ءَ ۾ گهڙيو ويو ۽ اتي کائي کائي
ايترو ته اچي ڍائو ۽ مواڙ ٿيو، جو واري ساڳيءَ واٽ
کان نڪرڻ گهريائين ته پنهنجي ٿلهيائي سبب نڪري نه
پئي سگهيو. ايتري ۾ هڪڙو نور، جنهن پري کان هن
ننڍڙي ڪئي جي ڪشالي تي بيٺي پاڻ وندرايو، تنهن
واڪو ڪري چيس ته ”اڙي نادان جِيو، ٻڌ! تنهنجي نڪرڻ
لاءِ فقط اهو ئي رستو آهي، جو جهڙو اڳي هن دکيءَ ۾
گهڙڻ ويل تون ڏٻرو ۽ سنهون هئين، تهڙو جي وري
ٿيندين ته پوءِ هوند ٻار نڪرندين، نه ته ائي ئي
مري کپي ويندين!“
(198) آکاڻي ڇيتي ۽ لومڙ جي
هڪڙو چيتو ۽ لومڙ، پاڻ ۾ اچي وڙهيا ته ٻنهي مان ڪير سهڻو آهي،
چيتي پنهنجي لڱن جا چيٽ ڏيکاري چيو ته ”مون جهڙو
سهڻي بت وارو جڳ جهان به ڪون لڀندو!“ تنهن تي لومڙ
وراڻيس ته ”اي سهڻا سائين، گُڻ وارو هِينون،
چٽڪمري لڱن کان گهڻو چڱو آهي!“
نصيحت: صورت کان سيرت وڌيڪ آهي.
(199) آکاڻي بگهڙ ۽ شينهن جي
هڪڙي بگهڙ ڪنهن ڌڻ مان هڪڙي رڍ جهلي هئي، سا کڻيوپنهنجي ٻِر
ڏانهن پئي ويو ته واٽ تي هڪڙو شينهن ڦري آيس، ۽
اها رڍ هن کان ڇنائي ورتائين، انهي تي بگهڙ رڙ ڪري
چيس ته ”اڙي پٽيا، هيءَ ته وڏي بيحيائي چئبي، جو
شڪار منهنجو ۽ کڻي وڃين تون!“
انهي تي شينهن اتر ڏنس ته ” اها رڍ جا مون توکان کسي آهي، سا
تو کي وري ڪنهن ريڍار پنهنجودوست ڄاڻي بخشش ڪري
ڏني هئي ڇا؟ شڪار مڙيئي شڪار آهي؛ تو ريڊار کان
ڦريو، مون تو کان ان ۾ وري ڪهڙي بيحائي آهي!“
نصحيت: ٻئي تي فتوا ڪڍڻ ويل، پنهنجا ڪرتوت به ڏسجن، هڪڙي
برائيءَ کان پاڻ لاءِ چڱو ڄاڻي ۽ ان کي وري ٻئي جي
ملامت لاءِ دليل بنائڻ، سان به وڏي ڪمزوري ۽ زرو
آوري اهي.”جيڪو ڏاڍو سو گابو“ جڳ جو ته اهوئي
دستور آهي، هيڻن ۽ ڏاڍن جي جنگ اڃا جاري آهي ڏسجي
ته ڪڏهن ٿا زور آوريءَ جا زور ٽٽن ۽ ڪڏهن ٿو اهو
جهنگلي مرِن وارو شڪار جو دستور بدلجي.!
(200) آکاڻي ڪتن ۽ کلن جي
ڪن بُکايل ڪُتن ڏٺو ته ڪنهن نئين جي تري ۾ ڳچ جيتريون تازيون
کلون پيون آهي، پوءِ ڪتن گهڻيئي واجهه وڌا، پر کلن
تائين پڄي ڪين سگهيا. تڏهن پاڻ ۾ ٻول ڪيائون ته
”هن شڪار لڀن لاءِ، اسين نئن جو سمورو پاڻي پي
ڇڏينداسون!“پوءِ سڀني پاڻي پيئڻ شروع ڪيو؛ پر کلن
تائين پهچڻ کان اڳ ۾ ئي سڀئي ڪتا پاڻي پي پي آڦرجي
پيا، ۽ مري ويا.
نصيحت: اڻ ٿيڻي ڳالهه لاءِ شرط ٻڌڻ جائي آهي.
(201) آکاڻي واٽهرو ۽ ڦوڙاٽيءَ جي
ڪي واٽهڙو دريا جو ڪپ ڏيئي پئي لنگهيا ته پري کان وچ-سير ۾
هڪڙي ڦوڙاٽي ترندي پئي آئي، تنهن تي وڃي اک پين،
سڀني ڄاتو ته ڪووڏو جهاز پيو اچي، تنهن لاءِ ترسي
بيهي رهيا. جڏهن اها ڦوڙاٽي ٿورو اوريان آئي، تڏهن
ڀانيائون ته اهو جهاز ڪونه آهي،پر ڪا وڏي ٻيڙي
آهي، نيٺ جڏهن اها ڦوڙاٽي تمام ويجهو اچي ڪپ ته
اڇلجي پئي، تڏهن پروڙيائون ته اهو نڪو هو جهاز نڪا
ٻيڙي!
نصيحت: جيڪا ڳالهه ٿيڻي هوندي آهي، ان کان اڳ ئي ماڻهو ان جو
نتيجو ۽ مطلب پنهنجي پنهنجي ليکي ڪڍندا آهن پر اهو
ضرور ڪونهي ته جيڪو فيصلو رڳي اندازي تي ڪڍجي،سو
ڪو سورهن آنا سچ بيهندو، جيسين سموريون حالتون
سامهون نه اچن،تيستائين حقيقت جو پتو ڪڍڻ، ڪڏهن
ڪڌهن بنهه ڏکيو ٿي پوندو آهي. ڪيترائي ماڻهو اچڻ
واريءَ مصيبت جي اڳ ۾ ئي اون ڪري، طرح طرح جا
ڀوائتا روپ پنهنجي سر گهڙي، ڏاڍا ششدر ۽ پريشان ٿي
پوندا آهن ۽ گهٻرائجي هينئون هاري ويهندا آهن پر
ان لاءِ کپي ته مصيبت کي اڳي اچڻ ڏجي ۽ ان لاءِ
تيار رهجي-متان رڳو دور جو دلبو هجي.
(202) آکاڻي ڪانوءَ ۽ لومڙيءَ جي
هڪڙي ڪانوَ کي ڪو لولو هٿ لڳي ويو، سو اڏري وڃي هڪڙي وڻ تي
ويٺو، اڃا مزي سان کائڻ جا سانباهه پئي ڪيائين ته،
ايتري ۾ هڪڙي لومڙي اچي اتان لانگهائو ٿي ۽ پري
کان جو ڪانوَ کي لولو چهنب ۾ ڏٺائين،سو وات اچي
پاڻي ٿيس، ۽ دل ۾ ڀائڻ لڳي ته ڪانو کان اهو
سڻڀولولو ته ڪنهن به طرح کپي! پوءِ ڊڪ پائي اچي وڻ
هيٺ بيٺي ۽ ڏاڍي چاپلوسيءَ واري ڳالهاوء سان ڪانو
جي سهڻائيءَ جي ساراهه ڪرڻ لڳي ۽ آکڻ لڳي ته ”اي
مڙني پکين جا موچارا ڪانگ! تنهنجا کنڀ ته ڪهڙا نه
لسا ۽ چلڪڻا آهن، وري جو اٿئي ڳچيءَ ۾ اڇي پٽي،
تنهن ته تنهنجي سونهن تنهائي چوڻي ڪري ڇڏي آهي!
تنهنجو پڇ ته ڪهڙو نه شاندار آهي! توته سڄو ئي
سهڻو آهين، پر مون تنهنجو ڳالهائڻ اڃا ڪو نه ٻڌو
آهي. ضرور جهڙو ڏسڻ ۾ سهڻو آهين تهڙو ئي تنهنجو
ٻولڻ به موچارو هوندو. ڪهڙو نه چڱو ٿئي، جو منهنجي
اها سڪ پوري ڪري، ڪي پنهنجي سريلي آواز ۾ ڳائي
ٻڌائين“
ڪانو پنهنجي اهڙي ساراهه ٻڌي ڏاڍو سرهو ٿيو، ۽ هنج مان موڳو ٿي
ڀائيائين ته متان لومڙي منهنجي ڳائڻ بابت ڪو سنسو
دل ۾ رکي ان ڪري هن کي پنهنجي ڪلا ضرور ڏيکارڻ
پکي، سو جهڙو وات کولي ڪيائين ”ڪان! ڪان!“ تهڙو
لولووڃي پٽ تي پيس ۽ لومڙي ان کي جهٽ پٽ جهٽي
هوائي ٿي وئي.
نصيحت: ڪانو گهڻو سياڻو، پر لومڙي جي ذات به ڪا گهٽ ته ڪانهي!
ڏاڍي کي ڏاڍو پهچي. اڄڪلهه دنيا ۾ خوشامند ۽
چاپلوسي ايڏي ته وڌي وئي آهي جو هر ڪو ميرامير
توڙي وزير وڏيرو- ڪيڏو به کڻي پاڻ پڏائيندو هج ۽
ڀلي ڪيترو به سياڻو پيو سمجهيو هجي ته به اهو جيڪو
ڪم نياءَ ۽ انصاف سان گهريس ته پٽيءَ ڪين ڪندو، پر
سندس خوشامدڙيا وري سندس صفتن کي پڏائي ايڏو وٺي
چوٽ چاڙهيندا، جواهي پوءِ پاڻ کي سچ پچ ”ميان
ملوڪ“ ڄاڻي ريت ڪريت کان ڪري ويندا، دنيا ۾ گهڻن
جو خانو خراب، ۽ هزارن جي حق تلفي اجها ائين ٿئي
ٿي!
ٻيءَ طرح، چاپلوسيءَ تي ريجهڻ مان جيڪي نقصان ٿا ملن، تنهن لاءِ
ڪانگ جي بيوقوفيءَ مان سبق وٺڻ کپي- جيئن سنڌيءَ ۾
چوڻي آهي:”چَٽ ڏيئي چريو ڪيائونس“
(203) آکاڻي ٺاٺاري ۽ سندس ڪتي جي
هڪڙي ٺاٺاري وٽ هڪڙو ننڍڙوڪتو هو. جڏهن ٺاٺارو ڪم پيو ڪندو هو
ته مترڪن جي ”ٺاٺا“ جي وڏي آواز هوندي به ڪتو موج
سان اکيون پوري ستون پيو هوندو هو، پر جنهن ويل هو
ڪم روڪي، ويهي ماني کائيندو هو ته ٺهه پهه ڪتو به
ٽپ ڏئي اتي ويهي رهندو هو، تڏهن ٺاٺاري هڪڙي هڏي
ڪتي کي اڇلي ڏني ۽ چيائينس ته ”اي ڪم چور! سنداڻ
جي ٺڪاون تي ته ننڍون پيو ڪرين، پر منهنجي وات جي
پهرئين چٻڪي تي تنهنجو آرام ڦٽيو پوي!“
نصيحت:
-مطلبي ماڻهوءَ مان ڪوڳڻ ڪين ٿيندو آهي. اهڙن جي دوستي به اجائي آهي، جيڪي
پنهنجي ڪنهن سڄڻ جي ڪم سان ته ڌڪا دلچسپي ڪانه رکن
۽ نڪو ان کي ڪنهن وقت تي هٿي ڏين، مگر ان مان جيڪا
پنهنجي غرض هوندي اٿن، ان جي پوري ڪرڻ لاءِ هردم
هڪيا ۽ چست بنيا وتن. اهڙن جي پاراڻيءَ لاءِ هڪڙي
سنڌي شاعر شڪايت ڪئي آهي ته ”ڪنهن جو نه ڪنهن سان
مطلب، مطلب سان آهي، مطلب، مطلب جي آهي دنيا، مطلب
جا يار آهن!“
(204) آکاڻي ٽن ڪاسبين جي
هڪڙي شهر کي ڪنهن ڌارئين بادشاهه جي ڪاهه جو کُٽڪو ٿيو؛ سو ان
لاءِ مڙني رهواسين جي مجلس ميڙيائون، ته شهر کي
چوڌاري عالم پناهه ٺاهي، گهيري جو خوف گهٽائجي.
هڪڙي رازي پنهنجي مت ڏيکاري ته ”سرن جهڙي ٻي ڪا شي
هن ڪم لاءِ ڪارائتي ڪانهي“؛ هڪڙي واڍي وري اها رٿ
ڏني ته ”ڪاٺ جو ڪم سڀني کان پختو ٿيندو آهي“؛ تڏهن
هڪڙي موچيءَ اٿي چيو ته ”ٻيلي اوهين وڻي سو ڪريو،
پر هن جڳ ۾ چمڙي جهڙي مضبوط ۽ ڪارائتي شي ٻي ڪابه
ڪانه اَٿوَ!“
نصيحت:- هر ڪنهن ماڻهوءَ جو پنهنجو پنهنجو خيال ۽ پنهنجي پنهنجي
پسند آهي. جنهن کي جهڙو علم۽ تجربو هوندو، ۽ جيتري
ان جي سوچ سمجهه جي لياقت هوندي، اوتري ئي ان جا
ويچار وڌيڪ اوچا ۽ ڪمائتا هوندا. سڀ ڪو پنهنجي
تجربي اڳيان، ٻئي جي ڳالهه کي تڇ پيو ڄاڻندو آهي.
ان لاءِ فارسيءَ واري چيو آهي:
’فڪر هر ڪَس بهمت او است.‘
ان ڪري، جڳائي ته ”رڳو پنهنجي نه هلجي، پر ٻئي جي به ٻڌجي؛ فقط
پرائي مت تي نه لڳجي، پر پنهنجو عقل به هلائجي“.
(205) آکاڻي وهنجندڙ ڇوڪر جي
هڪڙو ڇوڪر ڪنهن واهه ۾ وهنتو ٿي، ۽ پنهنجي اونهائيءَ کان اڳتي
وڃي، وڏي پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ لڳو. تڏهن، هڪڙي واٽهڙوءَ
کي ڏسي واڪا ڪيائين ته ”اچي مون کي بچاءِ!“ اهو
واٽهڙو اتان ئي بيهي، ڇوڪر کي ٻاهر ڪڍڻ بدران، کيس
سندس چريائيءَ تي نصيحت ڪرڻ لڳو. تنهن تي ڇوڪر رڙ
ڪري چيس: ”اي سائين، پهرين مون کي بچاءِ، پوءِ مون
کي سمجهايو“
نصيحت:- زباني همدردي ته هرڪو ڪري سگهي ٿو، پر اوکيءَ ۾ اوڄ ڏيڻ
ڏکيو آهي. چوڻ کان ڪرڻ وڌيڪ آهي-جيئن فارسيءَ واري
چيو آهي: ”گفتن و ڪردن فرق دارد“. نصيحت به اها
ڪهڙي، جنهن تي عمل ڪرڻ جو موقعو ئي ڪونه اچي! جتي
عمل جو موقعو هجي، اتي هدايتن جون هڙون کولڻ
ناداني آهي.
(206) آکاڻي ڪڙميءَ ۽ ڪتن جي
ڪنهن ٿڌي ملڪ ۾، هڪڙي ڪڙميءَ جي گهر جي چوڌاري، سخت سياري سبب،
برف ڄمي ويئي؛ ان ڪري پنهنجي واسطي کاڌو خوراڪ وٺي
اچڻ لاءِ بازار وڃي ڪونه ٿي سگهيو. جڏهن رهيل کاڌو
کپي ويو، ته ڪڙمي پنهنجي رڍن کي کائڻ لڳو. سڀ رڍون
پوريون ٿي ويون، پر سيارو ڪونه ٽٽو، تڏهن ڪڙمي
پنهنجون هڙئي ٻڪريون به ڪهي کائي ويو، پر سيارو
اڃا ڪونه ويو، ۽ نڪا برف ڳري، آخر پنهنجي بکئي پيٽ
کي پرچائڻ لاءِ ڪڙميءَ پنهنجي هر جا ڏاند به ڪڙا
ڪيا، ۽ ڍڳن کي به واري سان کائي کپائي ڇڏيائين.
ڪڙميءَ جي ڪتن جو اهو حال ڏٺو، سو پاڻ ۾ چيائون ته
”ٻيلي، سيارو ته اڃا به الائي ڪيستائين هلي! هاڻ
هن ڀيڻيءَ تان هڪدم ڀڄڻ کپي: ڇاڪاڻ ته جڏهن اسان
جو ڌڻي پنهنجي ڪمائيندڙ ڍڳن تان به ڪين ٽريو، تڏهن
هاڻ ان ۾ ڪهڙو ڀولو، جي کڻي ان کان پوءِ هو سڀاڻي
اسان کي به نه ڇڏي!“
نصيحت:- ٻرنديءَ باهه کان ڀڄي پاسو ڪجي. جڏهن پاڙي واري جو گهر
ٻرندو هجي، ته پنهنجو گهر سنڀالڻ جو ويلو ٿئي ٿو.
دورانديشِ، گهڻي نقصان کان بچائي ٿي.
(207) آکاڻي شڪاريءَ ۽ ٻيلاريءَ جي
هڪڙو شڪاري، شينهن جي شڪار لاءِ ٻيلي ڏانهن پئي ويو، ته واٽ تي
هڪڙو ٻيلاري گڏيس ان کان پڇيائين ته ”ڀائو، تو
ڪنهن شينهن جو ڪو پيرو ڏٺو آهي؟ ۽ ان جي ڏر جي ڪا
سُڌ هجيئي ته ٻڌائينم.“
ٻيلاريءَ چيو: ”هائو، تون جيڪڏهن مون سان گڏجي هلين، ته آءٌ تو
کي خود شينهن هلي ڏيکاريندس!“ اهو ٻڌي ان شڪاريءَ
جو منهن لهي ويو، ۽ ڀَو کان ڏڪڻ ۽ بڙ بڙائڻ لڳو؛
چيائين ته ”اوهان جي ٻاجهه کپي-باقي مون کي ته رڳو
شينهن جو پيرو ٿي کپيو، نه خود شينهن، هاڻ اوهين
تڪيلف نه ڪريو!“
نصيحت:- پري کان گِيدي به وريام؛ جڏهن خطرو ويجهو ٿو اچي، تڏهن
سورهيائيءَ جي پرک به ڪونه ڀريندا آهن-جيئن سنڌيءَ
جي چوڻي آهي: ”ڀونڪندڙ ڪُتو چڪ ڪونه هڻندو آهي“
جيڪو پيرا پيو پُڇائي، تنهن به شينهن کي شڪار ڪيو!
(208) آکاڻي باندر ۽ مهاڻي جي
هڪڙي باندر ڪنهن وڏي وڻ تي ويٺو هو. پريان ڪنهن مهاڻي بيٺي ڄار
وڌي. باندر چتائي پئي نهاريو، ۽ مهاڻي جو ڪم ۾
نگاهه پئي رکي، ته ڪيئن ٿو هو ڄار وجهي. جڏهن
مهاڻو ڄار پاڻيءَ ۾ پکيڙي، کاڌو کائڻ لاءِ هليو
ويو، ته باندر لُوهه پائي وڻ تان هيٺ لهي آيو ۽
چيائين ته ’اها مهاڻي واري راند آءٌ به ڪري ڏسان!‘
سو ڄار کي هٿ ۾ جهلي وٺي ڪڏڻ لڳو؛ پر ان ۾ ڦاسي
پيو، ۽ اهڙو ته اچي سوڙهو ٿيو، جو گهڻيءَ مٿا ڪُٽ
سان به نڪري ڪين سگهيو. تڏهن چوڻ لڳو ته ”اها
منهنجي پنهنجي ڀُل آهي، جنهن جي هيءَ جوڳي سزا ملي
اٿم؛ ڇو ته جڏهن آءٌ پاڻ مڇين مارڻ ۾ سياڻو آهيان،
تڏهن اهڙين وٿن ۾ هٿ وجهڻ جو ڪهڙو ڪم!“
نصيحت:- جنهن ڳالهه سان پنهنجو ڪو غرض واسطو نه هجي، ۽ جنهن جي
ڪرڻ مان ڪو مطلب ۽ مقصد ڪونه سرندو هجي، ته پوءِ
هروڀرو، رونشو ڪري، اهڙي کٽراڳ ۾ پوڻ هرگز نه
جڳائي.
(209) آکاڻي بگهڙ جي، جنهن رڍ ڪيو ويس
هڪڙي بگهڙ اهو خيال ڪيو ته ’جيڪڏهن ڪنهن طرح رڍن سان گڏ گذارجي،
ته گذران خوب ٿيندو!‘ سو انهيءَ ارادي سان، ڇا
ڪيائين جو رڍ جو ويس ڌاري، ڌڻ سان گڏجي ويو. پوءِ
اهو بگهڙ اهڙيءَ ڇانگ سان گڏ چَرندو رهيو، جو
ريڍار کي به پروڙ ڪانه پئي ته ڪو بهگڙ به رڍن سان
گڏيو وتي. آخر رات ٿي، ته بگهڙ به رڍن سان گڏ واڙي
۾ پورجي ويو. اتفاق سان، ريڍار کي کائڻ لاءِ ڪا رڍ
کپي آئي، سو واڙي ۾ آيو؛ ۽ ڀل کان بگهڙ کي رڍ ڄاڻي
رونسي وڌائين. ان طرح بگهڙ حياتي وڃائي.
نصيحت:- هٻڇ جي هاج خراب. اهڙو گذر ئي گهوريو، جنهن ۾ حياتيءَ
جو ڀروسو نه بيهي. پنهنجي سک ۽ آسائش لاءِ ڀلي
رٿائون ڪجن، ۽ بهتر کان بهتر حالت جا وسيلا
ويچارين، پر ان لاءِ اهڙو ڍونگ يا فريب نه هلجي،
جنهن مان مورڳو پوئتي پئجي. ڄاڻي ٻجهي حريف يا
دشمن جي گهر وڃي ان کي بُل ڏيڻ سا ته سراسر ناداني
آهي. سنڌيءَ ۾ هن آکاڻيءَ لاءِ چوندا آهن ته ”بگهڙ
کي کُٽي کڻي، ته ريڍارن جا پاڙا پڇائي!“
(210) آکاڻي ٻليءَ ۽ جنڙيءَ جي
ڪا هڪڙي شوقين ٻلي، ڪنهن جوان تي عاشق ٿي پيئي، پوءِ ان جوان جي
معشوق ٿيڻ لاءِ، ڪنهن جنڙيءَ کي عرض ڪيائين ته
”منهنجي شڪل ڪنواريءَ تي رحم اچي ويو، ۽ سندس آس
پوري ڪرڻ لاءِ، ان کي پنهنجي هنر سان ٻليءَ مان
سُنهاري، خوبصورت ڪنواري ڇوڪري ڪري ڇڏيائين. آخر
اهو نوجوان هن خوبصورت ڪنواري ڇوڪريءَ تي موهت ٿي
پيو، ۽ کيس وواهه ڪري گهر وٺي آيو. جڏهن گهوٽ
ڪنوار پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ ٿي ويٺا، ته ان مهل ساڳيءَ
جنڙيءَ کي خيال آيو ته ’ڏسان ته هن نئينءَ نينگر
جو هن روپ ۾ اچڻ سان سڀاءُ به ڦريو آهي، يا نه؟‘
سو ڄاڻڻ لاءِ، پاڻ هڪڙي ننڍڙيءَ ڪُئيءَ جي شڪل
مٽائي، ان ٻليءَ-ڪنوار جي اڳيان اچي ٽپڻ لڳي. تڏهن
هن ڪنوار-ٻليءَ، پنهنجي نئينءَ ڏسا کي ڀلجي، هڪدم
پنهنجي هنڌ تان جوهه وجهي اچي ڪُئيءَ کي جهٽ هڻي
جهلي ورتو؛ ۽ اڃا کائڻ لاءِ تيار ٿي، ته جنڙيءَ
وري به هنر جي هوائي هلائي، ان کي ساڳي ٻلي بنائي
ڇڏيو-۽ پوءِ پاڻ گم ٿي ويئي.
نصيحت:- طبيعت ۾ جيڪو سڀاءُ رچيل هوندو آهي، اهو پوءِ ڪنهن به
ظاهري روپ ٻهروپ سان نٿو بدلجي.
(211) آکاڻي وزير ۽ نقاش جي
هڪڙي وزير کي اچي خيال ٿيو ته ’ڏسان ته ماڻهو پرپٺ منهنجي لاءِ
ڇا ٿا سمجهن‘. پوءِ انهيءَ ڳالهه جي خبر وٺڻ لاءِ،
وزير، واٽهوڙءَ جو ويس ڌاري، بازار ۾ نڪتو. هڪڙي
نقاش جي دڪان وٽان اچي لنگهيو، جتي گهڻيون ئي
مورتيون رکيون هيون- تن ۾ سندس پنهنجي مورت به پيل
هئي. پهرين بادشاهه جي مورت تي هٿ رکي، نقاش کان
ان جو ملهه پڇيائين. نقاش چيو ، ”ٻه رپيا“. وزير
مرڪيو، ۽ وري راڻيءَ جي مورت ڏانهن اشارو ڪري
پڇيائين ته ’هن جو گهڻو ملهه آهي؟“ نقاش چيو: ”چار
رپيا“. وزير پوءِ پنهنجيءَ مورت وٽ بيهي پڇيس ته
”ڀلا هن مورت لاءِ ڇا وٺندين؟“ وزير پاڻ دل ۾
ڀانيو ته ’منهنجيءَ هن مورت لاءِ نقاش ضرور ڏهوڻو
مُلهه طلبيندو: ڇاڪاڻ ته بادشاهه جي سڄي راڄ جو
ڪاروبار هلائڻ وارو آءٌ آهيان؛ جئن ڪريان، تيئن
منهنجو وس؛ سموري ڏيتي ليتي توڙي فوج سپاهه منهنجي
هٿ ۾ آهي!‘ پر نقاش جواب ڏنس ته ”سائين، جيڪڏهن
تون بادشاهه ۽ راڻيءَ جي مورتن جو ناڻُ مون کي
ڏيندين ته اها وڏي وزير جي مورت آءٌ توکي ري ناڻي
رُنگ ۾ ڏيئي ڇڏيندس!“
نصيحت:- دنيا ظاهر تي هلي ٿي، ۽ ڪنهن جو قدر پڻ ان پر ليکي ٿي.
(212) آکاڻي ڪڙميءَ ۽ شينهن جي
هڪڙو شينهن ڪنهن ڪڙميءَ جي واڙي ۾ گهڙي ويو. ڪڙميءَ، ان کي
جهلڻ جي خيال کان، سَٽَ ڏيئي واڙي جو دروازو بند
ڪري ڇڏيو. شينهن جڏهن ڏٺو ته هتان نڪرڻ جو وس
ڪونهي؛ تڏهن واڙي ۾ جيڪي رڍون پوريل هوين، تن تي
ڪاهيائين، پوءِ وري اچي ڍڳن تي وريو، ۽ هڪ ٻئي
پٺيان زيان ڪرڻ لڳو. ڪڙميءَ کي اچي سر سان لڳي، ته
’جنهن مال بچائڻ لاءِ شينهن کي مارڻ ٿي گهريم، سو
ته شينهن ائين ئي وڃي ٿو ڀيل ڪندو!‘ پوءِ دروازو
کوليائين، ۽ شينهن به وجهه ڏسي ڀڄي ويو.
ڪڙميءَ جي زال اهو لقاءُ بيٺي ڏٺو. ۽ جڏهن مال جي زيان کان کيس
ڏکويل ڏٺائين، تڏهن چيائين ته ”جيڪي ٿيو آهي، سو
ٿيڻ کپندو هو: ڇو ته جڏهن اهڙي مرونءَ کي پري کان
ڏٺئي ٿي، ته تڏهن توکي ان کان بروقت پري رهڻ گهربو
هو. پوءِ اهڙي مرونءَ کي مورڳو پاڻ وٽ ٻَڌي ويهارڻ
جو ڪهڙو ڪارڻ هو؟“
نصيحت:- ويريءَ کي پهريندي ئي پڙپڻ جو وجهه نه ڏيڻ کپي. چور کي
ڊيڄاري ڀڄائڻ، ان جي جهلي رکڻ کان چڱو آهي.
(213) آکاڻي ڪڙميءَ ۽ درياءَ جي
هڪڙي ڪڙميءَ ڏٺو ته هڪڙي ٻيڙي، ماڻهن سان ڀريل، درياهه جي لهرين
۾ هيٺ مٿي ٿيندي وڃي، تڏهن چيائين ته ”اي درياهه،
تون ته ڪو وڏو بيرحيم آهين! جيڪي ماڻهو تو ۾ چڙهن
ٿا،تون انهن کي ٻوڙيو ڇڏين!“
درياهه جوش ۾ اچي وراڻي ڏنس ته ”اوڀالو نه ڏينم! هن ڪلور لاءِ
آءٌ قصوروار ڪونه آهيان، پر هوا آهي، جيڪا مون کي
به سک سانت سان رهڻ نٿي ڏئي. جڏهن طوفان نه هجي،
ته ان وير تون مون تي چڙهي ڏس ته آءٌ توکي ڪو به
خوف خطر ڪونه هوندو.“
نصيحت:- دنيا ۾ جتي جتي ڪا معمولي بي انصافي به ٿئي ٿي، ته اها
پنهنجي پٺيان هڪڙو وڏو سلسلو رکي ٿي. ڪو به ماڻهو،
ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ تي ظلم تيستائين نٿو ڪري،
جيستائين کيس ان لاءِ ڪو سبب نه هجي، يا ٻي ڪا
کانئس زور طاقت هن کي ائين ڪرڻ لاءِ مجبور نه ڪري.
چور چوري ڪري ٿو، پيٽ کان مجبور ٿي. واپاري وڏو
نفعو وڍي ٿو ڪامورن جي رشوت، ۽ سرڪاري محصولن جي
پورائيءَ لاءِ ان طرح، هڪڙو شخص ٻئي تي، ٻيو ٽئين
تي، جيڪا ڪجهه بي انصافي جي ڪارروائي4 هلي ٿو، ان
جي پٺيان ڪا ٻي زور طاقت ضرور هوندي آهي، جيڪا هن
کان ائين ڪرائي ٿي. سمنڊ ٻوڙي ٿو، ته طوفان جي
ڪري: تهڙيءَ طرح دنيا جي وهنوار ۾ به، درجي بدرجي،
هڪ ٻئي کان زور طاقتون آهن. پوءِ جڏهن اسين ڪابه
بي انصافي ٿيندي ڏسون، ته فقط ڪڙميءَ وانگر انهيءَ
ظاهري ڏيک تي ڏورايپا نه ٺاهيون، پر سوچڻ کپي ته
حقيقت ۾ اها سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي زور واري ظالم طاقت
آهي، جيڪا ان سلسلي کي قائم پيئي رکي.
(214) آکاڻي پيءُ ۽ سند ٻن ڌيئرن جي
هڪڙي ماڻهوءَ کي ٻه ڌيئر هيون؛ انهن مان هڪڙي ڌيءَ باغائيءَ کي،
۽ ٻي ڪنڀر کي پرڻائي ڏنائين. گهڻن ٿورن ڏينهن کان
پوءِ، اهو ماڻهو پنهنجين ڌيئن جي ملڻ لاءِ ويو.
پهرين باغائيءَ وٽ ويو، ۽ پنهنجي ڌيءَ کان چڱڀلائي
پڇيائين. ان ڌيءَ چيس ته ”آءٌ هتي بلڪل سکي آهيان؛
جيڪي گهران ٿي، سو لهان ٿي؛ پر هڪڙيءَ دعا جي
گهرجي آهي، جو اسان جي باغ جي وڻن لاءِ، اهڙو ڪو
زوردار مينهن وسي، جو اهي سڀ ساوا ۽ ثمر وارا ٿي
پون، جيئن اسين وڌيڪ آسودا گذاريون!“
اهو ماڻهو پوءِ ڪنڀر جي ملڻ لاءِ ويو، ۽ اتي پنهنجيءَ ڌيءَ کان
خيرخيريت پڇيائين. ڌيڻس وراڻيو ته ”بابا سائين،
ٻيو ته مڙئي خير آهي؛ پر اوهين مائٽ آهيو، سو اهڙي
ڪا دعا ڪريوم جو سدائين ڏينهن تتل هجي، ۽ اهڙي سٺي
اُس بيٺي هجي، جنهن ۾ اسان جا ٿانو جهٽ سُڪندا
وڃن، ۽ اسين خوب ڪمائي ڪريون!“
پيءُ چيو: ”واهه واهه! هڪڙي ڌيءَ سدائين اُس ٿي گهري، ته ٻي وري
ٻارهوئي مينهن پئي طلبي- هاڻ آءٌ ڪنهن لاءِ ڪهڙي
دعا گهران؟“
نصيحت:- دنيا ۾ هر ڪنهن جيوَ جون پنهنجون پنهنجون گهرجون ٿين
ٿيون، ۽ ان لاءِ سندس آرزو ۽ امنگ به الڳ الڳ آهن.
پوءِ ڪڏهن ان جي مرضيءَ جي خلاف ڪا ڳالهه ٿئي ٿي،
يا پنهنجي مطلب مطابق سندس مراد نٿي مليس، ته ان
لاءِ هو سدائين ائين پيو چاهيندو اهي آهي ته ”هئن
ٿيڻ کپي؛ هونئن نه ٿئي ته چڱو؛ يا هيءَ ڳالهه هن
طرح ڇو ٿئي“، وغيره. پر ائين غلط آهي: ڇو ته جيڪا
ڳالهه اسان مان ڪنهن هڪ کي نٿي آئڙي، سا بنهه ممڪن
آهي. ته ٻئي ڪنهن لاءِ ڀلي هجي؛ ۽ جيڪا ڳالهه اسين
ٿيڻ گهرون ٿا، اها متان ٻئي انسان ڀاءُ لاءِ هوند
نقصانڪار ٿي پوي. ان ڪري، پنهنجي من جون سڌون سارڻ
مهل ٻيءَ جڳت جو به نفعو نقصان ڌيان ۾ رکڻ کپي، ۽
پڻ پنهنجي ڀلي گهرڻ وقت، ٻين جي خير جو گهورو ٿجي.
ٻي حالت ”خود غرضيءَ“ جي آهي، جنهن لاءِ ڪابه
ساراهه ڪانهي.
(215) آکاڻي عقاب ۽ ٽنڊڻ جي
هڪڙو عقاب پکي، ڪنهن سَهي کي مارڻ لاءِ اچي ان جي پٺيان پيو.
سهو پنهنجي جان بچائڻ لاءِ هڪڙي ٽنڊڻ جي گهر ۾
ويهي ويو، ۽ ان کي ليلائي چيائين ته ”مون کي ظالم
عقاب کان پناهه ڏين، ته ڌڻي تنهنجو ڀلو ڪندو.“
ٽنڊڻ کي سهي جي حالت تي ڏاڍو ترس پيو، سو سهي جي
ڳالهه کڻي عقاب وٽ آيو، ۽ ڌڻي جو واسطو وجهي
چيائين ته ”سهو اچي مون وٽ سام پيو آهي؛ هاڻي آءٌ
وچ ۾ پوان ٿو، ۽ تون منهنجي ننڍائيءَ جو ڌيان ڪري
پنهنجي ضد تان هٽي وڃ، ۽ سهي ويچاري کي نه مار!“
پر عقاب اچي ضد ٻڌو ته ”هيءُ سهو وري منهنجي هٿان
ڪيئن بچي ويندو!“ سو ڏمرجي، پنهنجيءَ کنڀڙاٽيءَ
سان ٽنڊڻ کي پري هٽائي، سهي کي ٻاهر گهلي، انهيءَ
وير ماري ڇڏيائين. جڏهن عقاب اهو ڪڪرم ڪري اڏاڻُ،
ته ٽندڻ به ان جي پٺيان لڳي پيو، ۽ جتي عقاب جو
آکيرو هو، اهو وڃي ڏٺائين. پوءِ وجهه وٺي، ٽنڊڻ
انهيءَ عقاب جي آکيري ۾ وڃي، جيڪي آنا پيل هئا،
تن کي هڪڙو هڪڙو ڪري، ٿيڙي، ٻاهر اڇلائي ڇڏيا، آنا
ته سمورا وڻ تان ڪرڻ ڪري ڀڄي چڪنا چور ٿي پيا.
عقاب آيو ته ڏاڍو ڏمريو؛ جي، ”ڪنهن کي اهڙي مجال
ٿي، جو منهنجا آنا هيئن ڀڃي ڇڏي!“ پوءِ ڇا ڪيائين
جو ٻئي ڀيري آنا لاٿائين، ته ان وقت اڳي کان به
گهڻو مٿاهينءَ ٽاريءَ تي آکيرو جوڙيائين، ٽنڊڻ ان
ڀيري اتي به ڀڄي ويو، ۽ اڳي وانگي سڀ آنا ٽوڙي
ڦوڙي ڇڏيائين. تڏهن عقاب کي اها حيراني ٿي ته
’هاڻي ڇا ڪريان!‘ پوءِ گهڻُ سوچي؛ عقاب هڪڙي ويجهي
پير وٽ اڏامي ويو، ۽ پنهنجي آنن جي ڀور ان جي پاند
۾ وجهي، چيائينس ته ”اي اڙين جا آڌارا، هيءَ امانت
آءٌ تو کي ٿو ارپيان؛ ڪرم ڪري ان جي سنڀال اوهين
ڪريو.“ ائين چئي، عقاب اڏامي ويو. ايتري ۾ هڪدم
ٽنڊڻ اتي اچي سهڙيو، ۽ هڪڙو مٽيءَ جو چاڻُ جوڙي،
پير جي پاند ۾ ڪيرائي وڌائين. پيِر اهو چاڻو
اڇلائڻ لاءِ جهڙو مٿي اٿيو، ته آنن جو خيال ڀلجي
ويس، ۽ اهي پلاند مان پٽ تي ڪري، پرزا پرزا ٿي
ويا. پير امانت جي زيان کان وسوڙجي افسوس پئي ڪيو،
ته ٽنڊڻ ان جي اڳيان اچي ٻڌايس ته ”اهو ڪم مون
عقاب کي سيکت ڏيڻ ۽ ان کان وير وٺن لاءِ ڪيو آهي،
ڇاڪاڻ ته هن هڪڙي سهي سان ناحق ڪيو هو ۽ منهنجي
سام کي ماريو هئائين، ۽ پڻ سائينءَ جي نالي کي ڪين
مڃيو هئائين!“
جڏهن عقاب واري آيو، ته پيِر چيس ته ”ٽنڊڻ تي ناحق ٿيو آهي، ۽
اهو واجبي سبب کان دانهن ٿو ڪري“؛ پر عقاب پنهنجي
هٺ تان هيٺ نه لٿو. تڏهن پير به عقاب جو پاسو
وٺي، ٽنڊڻ کي عقاب کي پرچائڻ جي مت ڏني-پر ٽنڊڻ
اهو فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪيو. تڏهن پير دعا گهري
ته ”جيسين ٽنڊڻ نظر نه اچي، تيسين ان وچ ۾ عقاب جي
آنن ڏيڻ جو ويلو لنگهي وڃي!“
نصيحت:- هن هڪڙيءَ آکاڻيءَ ۾ ڪيترا نُڪتا آهن:؛ پر مُک ڳالهيون
اهي آهن، جو هڪڙو ته جڏهن ڪو ستايل اچي سام پوي،
ته پوءِ جڏهن هڪ ڀيري ان کي مظلوم ڄاڻي پناهه ڏجي
ٿي، ته پوءِ پڇاڙيءَ توڻي ان جي حمايت تي قائم
رهجي، ۽ ڪهڙي به زبردست طاقت سان مقابلو ڪرڻو پوي،
ته ڇاڪاڻ جو هو ظالم آهي، ان ڪري ان جو، مقابلو
ڪندو اچجي-جيئن ٽنڊڻ ڪيو. ٻيو، ته جيڪو ظلم ڪري
ٿو، ۽ وري ان تي پڇاڙيءَ توڻي قائم رهي ٿو، ته ان
کي اهو ڄاڻي ڇڏڻ کپي ته ڪنهن تي ايڏو ظلم ڪرڻ
کانپوءِ به، جو ان کي بنهه ماري ڇڏجي، حق جا
حمايتي، ڪڏهن نه ڪڏهن، ڪنهن نه ڪنهن طرح سان، ان
جو بدلو ضرور چڪائيندا. ٿورو ٿورو سهي، پر عيوض
ضرور ڀرڻو پوندو-جيئن عقاب سان ٿيو. ٽيون، ته
انصاف ڪيترو به چڱو، پر هن دنيا ۾ جيڪي نياءُ ڪندڙ
ٿين ٿا، تن کان شان ۽ شوڪت وارا ۽ وڌيڪ طاقت ۽ زور
وارا، اهو انصاف خريد ڪري سگهن ٿا- جيئن پير به
پڇاڙيءَ ۾ عقاب جو پاسو ورتو؛ جيتُڻي اهو ڄاتائين
ٿي ته ٽنڊڻ سان ناحق آهي.
(216) آکاڻي گهوڙي ۽ بيمار گڏهه جي
هڪڙي ماڻهوءَ وٽ هڪڙو گهوڙو ۽ هڪڙو گڏهه هو. گهوڙي تي پنهنجين
ٻنين تي وڃڻ لاءِ چڙهي ويندو هو، ۽ گڏهه تي بار
ڍوئيندو هو. هڪڙي ڏينهن گڏهه اچي بيمار ٿيو، سو
گهوڙي کي منٿ ڪري چيائين ته ”جيڪڏهن منهنجي بار
منجهان ٿورو حصو تون کڻائينم، ته وڏي مهرباني؛
ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن تون مون کي هن ڏکيائيءَ ۾ مدد
ڪندين ته آءُ بچي پودنس، ۽ نه ته بنه مري ويندس!“
گهوڙي تمام رکاِءَ سان جواب ڏنس ته ”هل ڙي هل! پنهنجي پيڙا ٿو
مون تي وجهين! ماٺ ڪري پنهنجو رستو وٺي هل!“
گڏهه ته سور سهي، ماٺ ڪري هلندو رهيو؛ پر بار جي گهڻائيءَ کان
نيٺ ايترو ته ٿڪجي پيو، جو ڪجهه واٽ هلي ڪِري پيو
۽ مري ويو. پوءِ ڌڻيءَ اهو گڏهه وارو سمورو بار
کڻي گهوڙي تي وڌو. تڏهن گهوڙي پڇتائي چيو ته ”هي
هي! منهنجي مَٺگهرائيءَ کان ويچارو گڏهه به مري
ويو؛ ۽ هونئن جو ان جو ٿورو بار کڻان ها، سو هاڻي
سمورو مون کي ڍوئڻو پيو پوي- ۽ ستم ته اهو، جو
انهيءَ گڏهه جو مڙهه به مون تي پيو لڏجي!“
نصيحت:- مَٺگهرائيءَ جو بدلو برو آهي. جيڪي پوءِ پيش اچي، ان
لاءِ اڳ ۾ سوچڻ سان ڀلائي ٿئي ٿي.
(217) آکاڻي بازيگر ۽ ڳوٺاڻي جي
هڪڙي هوند واري وڏيري پنهنجي پاڙيوارن کي ڪنهن تماشي ڏيکارڻ
لاءِ ڪوٺ ڏني ته ”جيڪو نئين نموني جو تماشو ڪري
ڏيکريندو، ان کي آءٌ چڱو انعام ڏيندس.“
انهيءَ اعلان تي اوسي پاسي جا گهڻا ئي ڏاها ماڻهو، انعام لهڻ
لاءِ، اچي وڏيري وٽ ميڙ ٿيا. انهن مان هڪڙي مشهور
بازيگر ڄاڻايو ته ”مون وٽ اهڙو نئون تماشو آهي،
جيڪو اڃا ڪنهن ڪونه ڏٺو هوندو.“ انهيءَ تي سڄو راڄ
اچي اهو نئون تماشو ڏسڻ لاءِ گڏ ٿيو. پوءِ اهو
بازيگر پڙ ۾ آيو. ان وقت هن جي هٿ ۾ ڪابه وٿ ڪانه
هئي. سڀئي ڏسڻ وارا ماٺ ۾ رهيا، ته ’ڏسون ڇا ٿو
ٿئي؟‘ اوچتو ئي ان بازيگر پنهنجو منهن پنهنجي
ڪڙتي جي ڳچيءَ ۾ وجهي، اهڙي ته ڪوڪ ڪئي، جو مڙني
ماڻهن ائين ڄاتو ته سچ پچ ڪو ننڍڙو سوئر ويٺو
ٻولي! ماڻهن پوءِ هن جو جهاڙو ورتو، ته متان هن جي
ڪپڙن ۾ ڪو سوئر جو ٻچڙو نه لڪل هجي؛ پر ڏسڻ ۾ ڪي
ڪين آين. تڏهن هن جي ڏاهپ تي جهجهي جس چيائونجس.
ڏسندڙن مان هڪڙي ماڻهوءَ اها روداد ڏسي پڙهو ڏنو ته ”سڀاڻي آءٌ
ان کان به وڌ بازي ڏيکاريندس.“
ٻئي ڏينهن اڳي کان به گهڻو ميڙ ڪٺو ٿيو. سڀئي ماڻهو اڳئين
بازيگر جي راند کان ڏاڍا سرها ٿيا هئا، سو هن
ڳوٺاڻي تي کلڻ لڳا ته ”هي وري ڪهڙي بازي ڪندو!“
پوءِ پهريائين اڳئين بازيگر اڳي وانگي ڪوڪ ڪري ڏيکاري-تنهن تي
سڀئي ماڻهو ”واهه واهه“ ڪرڻ لڳا، ۽ ان کي پڏائڻ
لڳا. ان کان پوءِ ڳوٺاڻي بازيگر ، جنهن جي قميص ۾
سچ پچ ننڍڙو سوئر لڪل هو، انهيءَ جهاڙو ڏيڻ جي
بهاني سان، سوئر جي ڪن کي مروٽو ڏيئي ڪُوڪ ڪئي.
اها ڪُوڪ جتوڻي سچي پچي سوئر ڪئي هئي، پر سڀئي
ماڻهو جو اڳئين بازيگر کان متاثر ٿي ويا هئا، سو
ڪوڙ ڪرڻ لڳا، ته ”جهڙي لات اڳئين بازيگر ڪئي هئي،
تهڙي ڳوٺاڻي ڪانه ڪئي-۽ ڳوٺاڻي جي ڪوڪ سوئر وانگي
ڪانه هئي!“ پوءِ سڀني راڄ وارن ڳوٺاڻي تي چٿرون
ڪيون، ۽ ڦٽڪار ڪري هڪليائونس ٿي، ته ڳوٺاڻي انهيءَ
دم پنهنجي قميص مان سوئر جو ننڍڙو ٻچڙو ڪڍي کڻي
ٻاهر ڪيو، ۽ چوڻ لڳو ته ”ڀائرو، واهه اوهان جو
انصاف! اوهين ڪهڙيءَ ريت پاڻ کي نياءَ وارا ٿا
چئو، جڏهن اوهان کي سچي پچي سوئر جي ڪُوڪ جي پرک
ئي ڪانهي!“
نصيحت:- ماڻهو هڪ دفعو ڪنهن کان متاثر ٿي ويندا آهن، ته پوءِ ان
جي ڪوڙ ڪپت تي ويساهه ڄاڻندا آهن؛ ۽ ان جي مقابلي
۾ ڪو کڻي سچي ڳالهه ڪري، ته به ڀائيندا ته ’اسان
جو سائين سدائين سچو، باقي مڙيئي ڪوڙا!‘ جيڪا
ڳالهه حواس تي حاوي ٿي وڃي ٿي، ان تي ماڻهو آخر
تائين ڳنڍ ٻڌيو ايندا. دنيا ۾ اثر رسوخ وارن ماڻهن
جي جيڪا ايڏي هلندي پڄندي آهي، سا انهيءَ انصاف
سان. |